سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :5

(66)

مانڊيءَ محبت جي هنيومن تي منڊي ڪو منهنجي مَنڊُ

ڏک ڏرل[1] ۾ بت ٿو ڦري جيئن منجهه هٿي چؤطرف جَنڊُ

ساٿي سنگت ۾ ٿيءُ سجاڳ منزل ۾ پنهنجي ڀانءِ 2 ماڳ 3

ڇڏ ننڊ ٿيو آرس اڀاڳ هڻندو سوارو 4 ساٿ گهنڊ

منجهه بحر ترهو چست ٺاهه سيڻـﮧ چڱي جي ساڻ آه

ٻيڙي نه آهي واه واه لهرن جو آهي سام 5 سنڊ 6

چيتو چڱو آهي رکڻ سڀڪنهن وڻي سڦرو7 لکڻ

وک واٽ کان ڦيري ۾ کڻ حاڪم وجهن ٽيپ ڏَنڊُ

اَکيون هُئن تان عيد هوءِ اکين بنا هيءَ هاءِ هوءِ

انڌن کي ڇا اُڀري جي توءِ منجهه ڏينهن سج منجهه رات چنڊ

ڪنکي محبت مست ڪيو ساقي شراب پلئي پيو

ميء جي خمار اَلهٽ 8 نئو ڪن پئو پناري مِهت 9 ونڊ 10

جيڪين نصيب جنهن سندو سو ٿو کڻي پنهنجو بندو

توفيق جي قابو ڪندو گل جي ڦري ٿي ڀان 11 ڀنڊ

(67)

مينهن محبت جو منڊي بيٺو جنهينجي مَنَ تي مانڊَ

ڪيو ڇمر اکيون وسائن چؤطرف ٿيون ڇانٽ 1 ڇانڊَ

آه پيو اکيون اندر جي عاشقن کي سورَ سرٽُ2

ٿا هڻن ٻاهر اُنهي کي وره جا وانٽا ۽ وانڊ4

سور جا سونڊا5 کُتيون منجهه پير هٿ اُنجي لڳا

پوک پڄرڻ جي مان گڏ ڪيائون ڏکن جا ڏاٽ 6 ڏانڊ 7

پرت جا ٻوٽا پٽي مُڙهيون8 محبت جون ٻڌي

ڇانڊيو ڇاقيو ٿا چورا پوءِ ڀرن ڦڪڙن9 جي ڦانڊَ

درد جا داڻا ڪريو گڏ دوستن سين ٿا ونڊين

ٿيا کٽِي خوش گل کُلي ڇا اُنکي ڄاڻن لُر لانڊ 10

(68)

ٿا وڃن ڇوه مان ڇُلئو ڇڙ[2] ڇُنڊ

بار ۾ ٿا ڇڄن ٿلها 2 بڙ بُنڊَ

رنج ۾ ويا رُلي رنڊئل رهجي

راه تي ٿيا روان رسيدا 3 رُنڊ 4

ٿا پچن سال 5 وقت جنهن ميوا

ٿا پون ٽُٽيو ڏار مان سڀ ڏنڊ 6

جنکي دل ۾ ڌڻيءَ جو آهي خوف

وره ۾ پيا ڳرن ڇڏيو ڦَرَ ڦُنڊَ 7

عاشقن کي سدا جهڄڻ جهوري

معشوقن جي منهن ۾ گهورون گهُنڊَ

ٿا جهلن عاشقن کان جي معشوق

تنکي ڏنگين نانگ سپ لَسَ 8 لُنڊَ

وه کُلي گل اڳيان حبيبن جي

جانبن وٽ نٿي جڳائي جهُنڊَ

(69)

درد دلبر جي وڌا عاشقن جي ويڌ وَڍَ

ٿا وڄن پڙ ۾ پٽئن جي لاءِ اِن ماتام ڊَڍَ

جنهجن هنئيءَ، دل تنهن ڳهي، دل سان  نه ٻئي ڪنهن هنڌ رجهي1

جي ڪري ڪو قرب ڪوڙين ڳالهيون ڳڻ ڳچ 2 ڳنڍ3

جي لڳا تنهنجي پلئي سي پرن پنهنجا پاڻ کي

ڇا پري اوري وتن سي پار پنهنجا پنهنجي ڪڍ4

دين دنيا ۾ وسيلو ناه منهنجو تو بنا

هت به دلبر تو دلاسي هت به آڌر تنهنجي ڏَڍَ

تون آهين محبوب گل آءٌ تنهنجو ٿيو پينام گل

گل گڏيو گُلُ پاڻ سان سڀڪو ڇڪي ٿو پنهنجي اَڍ 5

(70)

من ۾ جنهنجي مچ محبت جا ٻرن هر روز ڊالڊ[3]

نينهن ٿيو نيران اُن لئي وره ووءِ ووءِ ٿيو ورانڍ! 2

عيش عشرت عيد ٿيو اندره اُنکي سور سک

خوش وتن منجهه ذوق شادي ٿا ڏين سڀڪنهن کي ڪانڍ 3

سور وارنکي سڏيو سوڙا 4 ڪريو سڪ کي وٽين

ڪن ڇنا ڇانو ٿا ڇانئون ۽ اڏيو لانڍيون لانڍَ

جي هجن پورا اُڻڻ لئي پاڻ ۾ ڪوري ته پڻ

لئي وڌائڻ ڪرت ڪم جي ٿا وهارن آڻيو وانڍ5

جي ڳنڍيون ڏيو ڳهن جون ڳانديا ڳچيءَ ۾ ڪيو وجهن

گل ڳچي پؤ اُنجي تاڪن گڏ توکي سين ڳُهڃ ڳانڍَ

(71)

سُٽَ وجهي واڌو وڏي ڪر پنهنجي واڍ[4]

تڙ ڪٿي تانگها ڪٿي آهين ڪاڍ2

گاه جت سائو جهجهو هوئي بي ڊپو

اُت جميعت سان پنهنجو نيئي وهٽ پاڍ3

جت آهي رَکَ ويء يا ڪو چور چرٽ

ٿا هڻن ڌڻ مال کي ريءَ ڏوه ڏاڍ4

پاڻ ڏاڍي سان م ٿي منجهه جنگ جيس5

جي ٿينده پوئي پيو هٿن سان پاڻ اَڍ6

گل پوي ڪومائجو منجهه تاب7 توَ

ٿو ٽڙي جئن جئن پوي ٿي تنهنتي ٽاڍ8

(72)

درد تنهنجي عاشقن جي دل ڪبي دلبر اڌَ اڌَ

اڌ اڌن تي ڌريو پڻ ٿا سڙن منجهه سڪ سڌ

منجهه پچڻ کامڻ سدا سنرا سکئا سي سور ۾

ڏکَ ڏوري مان ڏکين کي آه آئي لاڌ 1 لڌ

جئن وَهائن نار نيڻن جا ٿين ساوا سلا

پوءِ سڙن ٿا سوڪ سڪ جي ۾ جي ڪن ڪا ڇوڙ ٻڌ

ميل ڪن ميٺاج گڏجي کير ٿي ۽ کنڊ جئن

چانورن جي چاه ڪيو چسٽن رجهن جئن منجهه رڌ

گل رجهي جي ٿيا مٺا سالم وريا گـﮧ ميٺ ٿي

پوءِ وجهو پاٽن ۾ کاڌي لاءِ ٿا ڪن اُنجي وڌ

(73)

نفَس ڀڙوا ڇو ڀليو[5] ڪاهيو پوين منجهه اونڌ2 انڌ

ياد گيري رب جي ڇڏيو پٽين ٿو ڪوڙ ڌنڌَ

لاءِ لذت3 جن جي ڀڃيو امر4 نا فرمان ٿئين

سي سُڀان5 ٿيندا سڀيئي توڻي شاهد ساڌ سَنڌ

وڇ صفا پاڻيءَ ۾ وهنجي پاڪ ٿيء، ڍورن طرح

ڪنن ڪنّبن ۾ پئي قابو مَ ڪر سي سنڍ ٻنڌ

هوش وارو سڀڪو پنهنجي هوش تي منجهه چاڙهه گهيڙ

بي سمجهه بي فڪر پوءِ ڪاهيو پونٿا اونڌ6 ڪنڌ

 آه دنيا گهر فنا جو ٿيا فنا رهندڙ سندس

سڀ ڇڏي بنگلا براقون ماڙيون محلات هنڌ

گل ادا رک ڌيان دلجو پُر7 پريان جي پير تي

اَڄ به اوڏانهن ڪاهه سمجهي پوءِ به جيڏانهن تنهنجا پنڌ

(74)

وڻ مَ پٽ هڻ ڪڍي منجهان وڻ اوڌ[6]

ڪن سنوان سَوتَيون 2 ڌڙا 3 ڪن دوڌ 4

علم اُبتي اکر پروڙڻ ڏک

سبتي پڻ نٿا پروڙن ڪوڌ 5

مڙس سانگي سنگهار سالم سوڌَ

مار6 واريو ڏين وراهيو ڏوڌ

تئن پون پيش ٿا اچيو عاشق

جئن ڌڪن دوست لاڏ مان منجهه لوڌ

تئن پوي اَنُ ٻهر ڪک ڪَڏَ7 کان

جئن لتاڙينِ ڳاه کي گل ڳوڌ8

(75)

بخت جي هوئي سنئون اَگَلا به اوڏ1

اُن ۾ پڻ سي خاص جي لاکي جي لوڏ

صبر سان موتي ٿئي سپ ۾ ڦڙو

مالُکوَ بي مالُکا پاڻي تي ڪوڏ

ٿا تنوارين منجهه طلب ماڻهو مرون

ڇا چتون منجهه باغ ڇا منجهه روه روڏ2

عشق حق جي ۾ ٿين جويون مڙس

جذب ۾ جوانمرد پوڙها مڙس ڀوڏَ3

گل ڇنو سو پيو ڳچي ڳنڍيو رهيو

ٿيو ڪُماڻل آب هيڻن ناه هوڏ

(76)

هِت به دلبر تو اجهي آءٌ هيٺ هُت پڻ تنهنجي اَڏَ[7]

توه تنهنجي تنهنجي تڪيي تنهنجي آڌر تنهنجي مَڏَ 2

سام تنهنجي سُک سڀيئي پَرَن تنهجي پُر پرين

جن وڌي لاهي مٿان پنهنجي مٿي تو پنهنجي لَڏَ

گنج تنهنجي مان نوازئا شاد ٿئڙا شڪر سين

سڀ انڌا ٽُنڊا منڊا ٻوڙا پُڇا بدڪار ڏَڏَ

هيج تنهنجي ۾ هڄي ويا هانوَ مشتاقن سندا

سنڌ سورن ساڙيا گوندر ڀڳا سڀ گُڏ هَڏَ

قرب ذاتي جن کي ڪيو فاني صِفاتُن سڀ ڪنان

توڙي او او او ٿيا اي اي ڪريو ڪن ڪوڪ سَڏَ

گل فنا ٿي پاڻ کان تا ٿئي تنهنجو پاڻي ڀلاب

پاڻ ثابت ڪر م پنهنجو ڳار پنهنجا ڪک ڪَڏَ4

(77)

وڃ سنئون ڏس سمهون م ڪرڪا آڏَ

ڏس تهڙو اَڳَ ڏانهن تهڙو پاڏ1

اَڳ به سينگار پول پڻ تهڙو

منهن ڍڪيو ڪيم ڪر اُگهاڙي ٻاڏَ

ٿڙ تازو سدا طلب حق جو

آه دنيا ڦٽل پراڻي ڀاڏ2

وَسَ چرئو ٿا ٿين سُکئا سانگي

مال تنجا ڪرين ٽاڙون3 ٽاڏ4

ڀاڳيون ڀاڻ تي ڀُڻن سَرَهيون

هيڪ ٻي سان ڪرين لـُڏيو لاڏ

گل کليا گل باغ ۾ سرها

گل ڇنيو سونگهه گل مَ پٽ ڪک ڪاڏ

(78)

دل کي منهنجي درد تنهنجي جي دوا آهي لذيذ

سُونهن سوڳنڌ وعدي تنهنجي جي وفا[8] آهي لذيذ

ٻئن جي ميٺاج محبت قرب کان مونکي گهڻو

تنهنجي بي قربيءَ ۽ محنت جي جفا2 آهي لذيذ

وصل قربت جمع صحبت سڀ ڪنان آهي مٺي

فرق ڦوڙائي وڇوڙي ۾ رضا3 آهي لذيذ

منجهه انڌاري ڌنڌ دنيا جي ڌنڌن ۽ دوستن

دل ۾ حق جي شوق اوجر جي صفا آهي لذيذ

عاشقن کي منجهه طلب حق جي سکن عيشن ڪنان

رنج راڙو روڄ ماتم ۽ بلا آهي لذيذ

ٿي بقا اثبات ۾ هر ڪنهن جي دل شادان ٿئي

گل جي دل کي امر سڀ ۾ ٿي فنا آهي لذيذ

(79)

اڄ آيو يار کان مون کي ڪاغذ

دوست دلدار کان مون کي ڪاغذ

پرت سان پوشئل[9] پنو پاٺئل2

يار جي پار کان مونکي ڪاغذ

مُهر مائل مُراسلي منڊئل

محب منٺار کان مونکي ڪاغذ

آڻي قاصد ڏنو قريبن جي

تاني تڪرار کان مونکي ڪاغذ

ساه سانڀي3 رکي سلامت ۾

يار اغيار کان مونکي ڪاغذ

پار پيغام کان وڻي اڪثر

فاش4 اظهار کان مونکي ڪاغذ

عهد انجام کان آهي واڌو

قول اقرار کان مونکي ڪاغذ

ٿو سُهائي 5 سرير ۾ گل جئن

جوڙ جنسار کان مونکي ڪاغذ

(80)

آه سڀ تي حڪم تنهنجو نافذ[10]

ڀون ۽ اُڀ تي حڪم تنهنجو نافذ

جن انسان ۽ ملائڪ تي

ڳوڀ ڳُڀَ تي حڪم تنهنجو نافذ

ڦوٽِ ڄَمَ سانڀ ۾ ڦُڙي ٻِج جي

پٺ ڀڀ تي حڪم تنهنجو نافذ

منجهه عرب ۽ عجم دڳو 2 تنهنجو

پوءِ پورڀ3 تي حڪم تنهنجو نافذ

ٿو لڀي ٽول ڀال تنهنجي سان

ٿئو الڀ تي حڪم تنهنجي نافذ

واسري 4 واو وس مٿي قادر

کهُٽَ نِرڀَ تي حڪم تنهنجو نافذ

منجهه ڪمائڻ کُلَڻَ ۾ گل جي آه

گاه ڊڀ تي حڪم تنهنجو نافذ

(81)

آئي رت سانوڻ سندي مينهن وسي ڪئڙا ملار

ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرها ٿيا سانگي سنگهار

گاه ساوا سبز ٿيا هر سو1 ڀريا پاڻن تراه2

پهريا پوٺن وٺي چؤطرف پنهنجا ڌڻ ڌرار

سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا ٻهر نڪتا سانگ تي

ڳئون وٺي ڳنوار پنهنجون مينهون ميڙي مهار

ذوق شاديون ٿيون ولهرن ۾ وڏا ڪيا وس وَسُنِ

سِر3 ڀِٽن چاڙهي اڏي ويٺا پکا پنهنجا پنهوار

هڪ طرف گاجيون ۽ گوڙيون ٻي طرف کوڻيون کنون

مينهن ٽاٽا4 ڪيو ٽمن باهيون ٻرن چوڏس هزار

خوش ٿيون سرهيون سنگهاريون پٽ ڦڙن سينگار ڪيو

لويون لاکيون لال سر تي ڳچيءَ پويو پايو هلو

ڪيا منڊل برسات برسي گل ٽڙئا پوٺن مٿي

زعفران وسنبل و نرگس کلئا کٽڻهار

(82)

آءُ ته اوريون ويهي اندر جي اور [11]

هوت گڏجي لهن هنئين تان هور2

ڪراچي دوست دل اندر ديرو

من3 مٿي مانَ سان اچي ٽِلُ مور

ساز سان ٻئي مٿي کڻي ٻانهون

ٽل هنئين تي چڙهي موچاري ٽور

پائي پيرن ۾ گهنگهرو نورا

ڇِم ڇِڊدم ڇم ڇنن ڪري گهڻگهُور

عشق تنهنجي اندر ۾ ڪيو آزار

بره ڀوري ڀڃي ڪيو بت ڀور

ديد پنهنجو ڏيکار گل کي گل

ڪر ڪرم ساڻ گل جي ڪا گل ڪور4

(83)

چؤ ڪير قائل[12] قول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

پوءِ ڇا ٿو ٻولي ٻول2 ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڪنهنکي طلب ٿي ڪنهنجي آه، پوءِ چؤ وڃايو آه ڇا

پوءِ ڪير پيو آهي ڳول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڇا لاءِ ٿي سسئي هلاڪ ڇا هو پنهون ڇا تِنهنجو ٿاڪ3

ڇولي وڌي ڪنهن ڇول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ميهر ۾ سهڻيءَ ڇا ڏٺو ڇا کير هو ڪنهنجو اِٺو4

جهوري وڌي جنهن جهول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

رانجهو ته ٻيلي5 ٿا چون سائين ۽ ٻيليءَ ڇا لڳن

پوءِ هير ڇو پئي رول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ليلا ڇوڙائي سير جٿ، مجنون کان رت ويو ڏس ته ڪٿ

مونکي وڌو ان ڏول6 ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

جو پاڪ هو سڀ ڊول کان هر شيءِ ۽ هر ٽول کان

سو ڪئن آيو سڀ ٽول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڪئن ٻج هو ڪئن ٿيو نهال7 ڪئن سو وٺي ڦر ٿيو ڪمال

گل پيو آهي ان ڦول ۾ سالڪ سچا ڏيمون خبر

(84)

مُلان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀرو[13] کي پاڙهه

ڪرينس تاپ تؤ جي ڪري روڄ راڙهه

ڪري جو پڪو ترت پنهنجو سبق

ڏي موڪل م اُنکي ٻين ساڻ ڪاڙهه 2

دنيادار سان ڪر مَ دَورِي گريب

جي هوءِ هوش وارو ته مسڪين چاڙهه

چڱي ۽ مٺي يار جو رک سنڌو

ڏمر ۾ ڪتي جئن ڏَنگي3 ڪيم ڏاڙهه

آرائين ۾ ڇِنُ گلَ ۾ بلبل کي ڇيڙ

ڇنين جي ته ڇوڪر ڇنين ڪرم ٽاڙهه4

(85)

ڇوڙ مڪڙي1 بيهه م وٺ رَس جوان رڙههُ

هير جي ساڄي2 لڳي کڻ جلد سِڙَههُ

ٿي سنگت صحبت ۾ ماکيءَ جئن مٺو

منجهه ڪڇڻ ڪنهن سان کٽو ٿي ڪيم ٽِڙههُ

جي هجي ناڻو ته وڃ بازار ۾

ڏي اول ملهه پوءِ وڻيئي جيڪي سو ڳِڙههُ

هنجي چئي هنجي ڪوڏائي ٿي مَ خوش

منجهه هئڻ ڀرجي مٿي ڳڙ وانگي ٺِڙههُ

گل ڳچي پؤ ڪيم هِنَ هُنَ سان م جهيڙ

وڙهه م ڪنهن سان نفس پنهنجي ساڻ وڙِههُ

(86)

ٻول ۾ سي ٻَڌا جنهين ڪي ٻَڙهه[14]

سوز سڪ ۾ پيا سنوان ٿي سڙهه

مؤت موتوا2 جي ماري ڪئڙا مات

ٿا ورائن ٻيا اُنهين جا مڙهه

پَهر ۾ ٻانڍ پيا سڪا پٽ تي

منجهه اندر ڇول ڪيو وهي ڇر ڇڙهه3

هاڙَ آکاڙ چيٽ ڪتي ۾

مينهن هنجن جا ٿا وسائن هڙهه4

پرت تنجا اڏيا پکا منجهه پٽ

لنؤ ٻڌا چؤطرف لنگهائي لڙهه5

عاشقن آڻ ۾ کٽئو الله

عاقلن ڄاڻ ۾ وڃائي ڄڙهه6

باه ۾ نفيءَ جي جلائي جهنگ

گل اثبات ۾ اڏيا نيئي ڳڙهه7

(87)

جي وڃائين پير پيري پوءِ ڦري چؤطرف آڙِ 1

ٿيء م ڳانڍڙُ ساڻ چورن وجهه مَ پنهنجي پيٽ ڀاڙِ

پوک جي هئي شهر جي ڀر ۾ ته هاري هوش رک

ڀيل تي ٿيءُ ڪيم بڇڙو وِجهه وڏي چؤطرف واڙِ

جاسين آهي سائي ڪاٺي وڻ ۾ قبرن جي مٿي

وڍ ۾ تنهنکي جي سُڪي پوءِ نيئي وڍي منجهه باه ساڙ

چيٺ دَرزي چيت 2 سان رک گرهه 3 ثابت وِرڇ وِرٿَ

سُرت سين ساري سنڀاري پوءِ ڪپڙ کي چير ڦاڙ

قصد جنهن ڪم جو ڪرين توڻي هجين خود هوشور

ڀيٽ ٻي سان مصلحت پوءِ پٺي نيت پنهنجي ناڙَ 4

جي هجي مسڪين هاري سُڻ مُجيري نامدار

سڀ م ني اُنجو کٽيو ڪي اُنکي ڏي ڪي پنهنجو پاڙ 5

گل آهي مشهور هر جا باغ سڀ بستان ۾

جي پڇين ڪشمير قابل جي سري جي سنڌ لاڙ


 (66) 1- غم 2- خبردار 3- جاءِ 4- جلد 5- پناه 6- اوزار 7- سٺو 8- هوش کان ٻاهر 9- مسجد 10- خيرات جي ماني 11- ذات، جي آکاڻيون کڻي ڳائيندا آهن

(67) 1- جهڙ  2- ڦڙيون

3- ڪک 4- سوٽون 5- ڪنڊا 6- ڏار 7- ڏانڊيون 8- ويڙهيون  9- ڦڪ
 10- بد افعالا

(68) 1- هلڪڙا، آزاد 2- ڦاٿل 3- پهتل 4- رهيل 5- پورا 6- ڏانڊيون 7- فخر

8- سڀني

(69) 1- ريجهي 2- ٽڪر 3- ڳنڍڻ 4- پٺيان 5- نک يا اصل

(70) 1- ڏاڍا 2- وڏا 3- ڪوٺ

4- گڏ ڪيو 5- مزدوريءَ تي اڻڻ جو ڪم ڪندڙ ماڻهو

(71) 1- رسو 2- اونها 3- چرڻ ۽ ٻڌ 4- ڏاڍائي سان 5- جهڙو 6- علاج ڪر
 7- گرمي 8- ماڪ

(72) 1- لذت

(73) 1- ڀلجيو 2- انڌائي 3- راضپي 4- حڪم 5- روز قيامت 6- اونڌي ڪنڌ 7- هل

  (74) 1- ٽاري 2- سنوت 3- رستا 4- ڌڙا 5- بيعقل 6- هر هر 7- ڪڏن 8- ڍڳا

(75) 1- ويجها 2- پکي 3- جهور

  (76) 1- آسري 2- ٽيڪ  3- ڪنڊا

(77) 1- پڇڙي

2- ڦٽل ڪڙيو 3- مستي ۾ ڊوڙڻ 4- ٽپ

(78) 1- پورائي 2- تڪليف 3- مرضي

(79) 1- ڍڪيل 2- ويڙهيل 3- سنڀالي 4- ظاهر 5- وڻي

(80) 1- چاري ڪيل  2- حڪم 3- طرف

(81) 1- سڀ پاسي 2- تلاءُ

3- تي 4- آواز

(82) 1- حال 2- فڪر 3- دل

4- گلڪاري

(83) 1- چوندڙ 2- ڳالهه 3- رهڻ جي جاءِ 4- ڇاجو 5- نوڪر 6- حيراني
 7- خوش

  (84) 1- ٻارڙو 2- وهار 3- چڪ هڻي  4- ڀڄڻ

(85) 1- ٻيڙي  2- سولي

  (86) 1- محبت جا مچ  2- پاڻ ماريو 3- ڪڙو 4- ڏاڍا 5- لڙها 6- عمر 7- ڪوٽ

(87) 1- نهار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org