سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :9

 (148)

هيج مان هل هوت ڏي ڇڏ هور[1] هول

وهه وندر 2 ۾ ڪيم وِرچي ڏي وڙول 3

من 4 طلب شيئا سڻي جي ڪي طلب

جَدَ 5 وَ جَدَ آهي لڌو منجهه ڦول ڳول

وَ 6 هُوَ مَعڪُمُ ساڻ تو سڀ جاءِ ۾

آهه منجهه اَنفُسَ 7 ٻهر پؤ ڪيم رول

نحن 8 اَقرب سنڌ بند کان اوڏڙو

پوءِ م ڏوري ڏور تون منجهه ڏک ڏول

ماراَيتُ 9 الشَّيء اِلا اللهُ فيـﮧ

قَبَلـﮧ 10 ڇڏ بعده ڇڏ اڳّ پول

ڪُلُ 11 شَيء شَيء سڀ ۾ ٿيو ثبوت

ڏس ڪماهي 12 منجهه ڏسڻ سڀ ٿوڪ ٽول

نانـﮧ ڪو موجود ٻيو مقصود گل

منجهه صفت ۽ ذات ريءَ حق لاهه ڀول

(149)

ٿي طلب ۾ چست طالب ٿي مَ چِلِههُ [2]

سامهون وڃ  سَٽَ2ڪري سَرڙاٽ3 راٽُ سِلُّهه

ڪين اُڇلي نير کي ڏاڍو سنئون

سينڱ توڻي هوئي سچي جي آهي ڦِلهه4

ڇڏ تعلق5 ڀروسا سڀ ڇڙت6 ٿي

آهي دنيا گپ گارو ڳِرڻِ 7 ڳلَهه

سامهي رک سير تي مڪري مَ لاڙِ

هيڏي هوڏي چڙهه مليڙا لسَّ لِلهه8

گل ٽڙئو کُليو ڪري تئن بوءِ باس

جئن پوي ٿي ماٽ 9 تنهنتي ساٽ 10 وِلَّهه 11

(150)

وهٽ جنهن تي ناهه لازم چڙهڻ ٻيلهه1     

آهه تا انتي مصيبت ظلم ٽيلهه

چوڳ وجهئو ٿا پکي ڦاهي وٺن

ڏش شڪاري ڪئن ٿا پُر2  ڪن پنهنجا ٿيلهه

ڪئن ٽڪي هڪ جاءِ جمعيتي ڪري

جنهن کي کينهي جئن اچن هر طرف ٺيلهه 3

ٿا ٿين سوڙها سپاهي سڀ اُتي

جت وڃيو سردار ڪن مانڊاڻ ميلهه

ڇُڙت سونها ٿا وڃن سٽيو سگها

پوءِ4 پون منزل ڪنا اَڻ ڄاڻ ليلهه5

گل چُونڊڻ سهکا نه آهن گل ادا

جي ڇنن تن کي لڳن ڪنڊن جا سيلهه

(151)

ٿا پون ڦاهي ۾ ڦاسيو چوڳ تي کَڙهَيَل1 چلهه2

ٿين ٿا سوگها پنجوڙن ۾ مرون نر ماد ٻلهه3

نين ٿا ڪوٺيو ڪنين کي قرب مان ڪارون ڪيو

ڪي وڃڻ سان ٿيڙا واصل ويئي ڪني جي چَڙهه چلهه 4

اکر هڪ جهڙا لکڻ ۾ پلّ پلّهه ڪيا ڌار هي

لام سنهڙو پل گهڙيءَ جا ٿيا ٿلهي سين قوم پلهه

پيٽ بکيو وقت جنهن ڍايا وتن اڱرا سڀئي

ٿيا بکيا تنهن وير ٿيا جنهن وقت ڀرجي پيٽ ڏلهه

حال هٿ ڪيو هوش وارن سڀ ڇڏي ايندو ويو

وقت وٺ قابو ڪري گل ڪٿ سڀا اڄ ڪاٿي ڪلهه

(152)

ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهنجو ڪرم

ته رهجي تنهنجي لطف سان سڀ ڀرم[3]

عيبن آهي مونکي اُگهاڙو ڪيو

ڍڪين تون ته ڍڪجي اُگهاڙن شرم

وڃايم مڙيوئي حال احوال مفت

پنهنجو ڄام ڄاڻي ٻجهي ڄم2 ڄرم3

عمر ويئي ڏوهن ۽ پاپن ۾ سڀ

رهيو ڪو نه پاڇي ڌڻيءَ ري ڌرم

موليٰ مهر سان معاف ڪر سڀ گناه

مدائن4 جو مونکي ٿو ماري مرم

هڻي گل انهي شرم ڪيو شرمندو

وهائي اکين مان ٿو پاڻي گرم

 (153)

هل هوش رک هلڻ ۾ کڻ ڌيان ساڻ دم

ڪر تات رب جي ڇڏ سڀ ڪرت ڪار ڪم

دم جو اچي وڃي ٿو اي تنهنجو خرچ آهه

خرچي م ٿيءُ خوش تون پوءِ ڏس متان ڪرين غم

هن هاج ۾ پيو هن هارئا مَ ٿئي هلاڪ

ڇا تنهن جي عمر آهي ڇا تنهنجو آهه ڄم

ڏس ڪٿ آهي سليمان[4] مرسل سندس به تخت

ڪيڏانهن ويو سڪندر2 ۽ فيلقوس3 جم4

ويا سڀ نبيّ مرسل توڻي اولو5 العزم

ڏس تارهئو آهي ڪٿ بيبي حوا ۽ آدم

ساٿي ويا ڇڏي سڀ توکي رهايو ننڊ

ڇڏ ننڊ وڃ پئي تن وٺ راهه رند تي رم 6

ٿي ڇُڙت ڇوهه مان ڇُلُ وهه ڪيم ڪرم فرصت

گل گوش رک سخن کي غافل مَ ڳهر ۾ ڳم

(154)

آهي سِرُّ ذاتي الف لام[5] ميم

خزانو صفاتي الف لام ميم

احد اَلَفُ مُلُڪُ و مَلڪُ ميم لام

وجود صفاتي الف لام ميم

اَچي راز احمد جي اُت ڪيو ظهور

پهري پوش ڀاتي الف لام ميم

ڳجهارت ڏني وحي قرآن ۾

چئي لفظ واتي الف لام ميم

کليو باغ معنيٰ ۽ صورت ۾ خوب

گل مقطعاتي الف لام ميم

آهي گل هڪو حوف پن پن جدا

ٽڙئل ڏينهن راتي الف لام ميم

(155)

آءُ دلبر دوست تا گڏجي ڪريون ڪي ڳالهيون

ڳالهيون سي جي الم ساڻ ساهه سانڀي[6] پاليون

اکيون تنهنجي ديد لي دائم سَيُمنڊَ جان سڪ ڀريون

وِير2 ڀرئي پٽ پسائن آلڙڻ3 ۾ آليون

ويڻ ويچارا وِڪُوڻڻ4 واهه ماکي کير کنڊ

محب موڙا تنهنجا ماڻا مِلڪ منهنجيون ماليون

چشم پلٿي باز تنهنجا، هَٿِ کنيو ڀالا ڀوُن

چوُر ٿا ڪن چت چرين جا چست چايو چاليون 5

نيو جهپي 6 جهڙپي هنيون گل جو تنهنجي مک لعل گل

دل نيئيي دلبر لٽي لائي لبن کي لاليون

(156)

صبر ڏي يا رب منهنجا ڏي مونکي توفيق1 تون

چؤطرف حرص2 و هوائن3 ويڙهي وٺتو آهه مون

جيڪي ويو گذري سو ويو جيڪي آهه ٿيندو گذر

سالڪن4 سمجهي چيو اي آهه دنيا ڏينهن ڏون

پاڻ مهٽيو پاڻ مهٽين تيل ڪيو سرمان وجهي

ڪم نه ايندءِ اي ادا اي جا ڪرين ٿو ٽوُن ۽ ڦون5

انگ ازلي6 آهه قادر ٿو پري ۽ نا ٽري

جي ڪري ڪو هونءَ هوُن توڻي ڪري ڪو هيئن هوُن

گل ته چيتو7 جاءِ ڪر سڀ ۾ تون چيٺي ڏس چڱيان8

ٻولي ٻي سڻ نانهه ڪا سڀڪو ٿو ٻولي تونهين تون

(157)

پنڃڻو منجهه نار[7] ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

طنبور منجهه تار ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

حاجي منجهه عرفات چئي لبيڪ2 ۽ سعدي3 کي

گبُر منجهه گرنار ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

مفتي ۽ قاضي پڙهن ٿا وعظ وجهّن ڊپ ڊاءُ

شيخ ثوري4 پار ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

هوش وارو هوش سان منجهه عشق حق جي ٿيو فنا

پَٽ هڻيو دستار5 ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

پاڻي ثابت پاڻ ڪيو منجهه بحر ٿو موجون ڪري

ڄيرو ڄڀّي لار6 ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

خاڪ منجهه فڪرت7 هڄي ويئي ماٺ ٿي تنهنکي نصيت

واؤ منجهه وڻڪار ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

گل ٿيو منجهه باغ پنهجي حسن ۾ مخمور لعل

ڀوري8 منجهه بازار ٻولي تونهين تونهين تونهين تون

(158)

طالب ادا اُٿ ڳول حق آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

تنهنجو آهي توڪول [8] حق آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

ڇڏ شرڪُ شڪُ جو توکي پيو، منجهه پاڻ ٿو ڳولين ٻيو

ڇڏ وسوا2 پوءِ ڦول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

تون اصل ڏس تا ڇا هئين ڪنهن نا ٻڌين ڪنهن نا سئين

ڇڏ ڪوڙ چؤ سچ ٻول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

توکان آهي ويجهو توکي جو پيو آهي تنهنجي پُکي3

ناحق مَ پنهنجو رول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

گل وزن واڌو ڪيم ڪَر، کوٽو په نا رک هوش سر

پورو برابر تول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

(159)

از ڀريا سڄڻ کڻي ٻئي نيڻ

ڏس رحم سان وجهه م ٽهڙيون1  ٽيڻ2

مَحو محبت ڪيا مڙيئي مائٽ

سڪ تنهنجي وساريا سڀ سيڻ3

نه وڻي ماءُ پيءُ مٺن مستن

نا ڀِرن4 ڀاڳ ساڻ ڀائي ڀيڻ

ڦِٺ چڱي تنهنجي واه شابس کان

واه تنهن کان وڻن گهڻو ٿا ويڻ

دوست تو ٻاجهه سور ٿئڙا ساڙ

وِکُ5 ٿيا وهه ولهن کي خوشيون کيڻ

ساڻ گل آهه گڏ ڪنڊو لوڙا

مَندَ6 ماکيءَ جي ساڻ گڏيا ميڻ

 (160)

دل هڻي ڪي ٻهل[9] ٻارا تنهنجي ٻاڻ 2

رات ڏينهن تَنَ ۾ تنهنينجي تانگهه تاڻ

آهيان عيبن ڀريو، ڪرتن3 ڪچو

رحم ڪر مون تي سڃاڻي پنهنجو پاڻ

ڪوجهو4 جي ڪوڙو آهيان تو لڙ5 لڳو

لڄ6 ڀريا لالن مَ مونکي لاءِ لاڻ7

جي اٽو آڻين ٿا ڪم کاڄ ۾

ٿا ڪتب لائين ڇاڻيو تـﮧ ۽ ڇاڻ

منڃ کي سٽيو ڪٽيو انوڙيون وٽيو

ٿا ڀڃيو جوڙن رسا ۽ واجهه ڏاڻ

ٿا وجهن گهوڙن تي هنّان ٺاهيو

پوءِ اُٺن تي پاکڙا جوڙيو پلاڻ

جت وهن اُٺ جاءِ، تنهنکي چون جهوڪ

جت ٻَجهن گهوڙا ُنهي کي چون ٺاڻ

جت بيهن گهوڙا گهڻا ڪُڙهه ان کي چون

جت رڍن ٻڪرين جا ڌڻ اُنکي وٿاڻ

مينهون ڳويون جت چريو سهڙن اچيو

جاءِ، اُنکي ڀاڳيا ڪوٺين ڀاڻ

پاٽيون چوٿائيون ٽويا ڀريو

ڪٿ چون ٿا ماپ ڪاٿي اُنکي ماڻ

گل آهي هڪ گل ٻيا ڦل سو هزار

سڀڪو پنهنجي نانءُ ٽڙي پنهنجي ٽاڻ8

(161)

خوب ناهي پوک کي پاڙان پٽڻ

ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ

جوار جي مٺ تي ڪتي اڀري شُرو

ڪڻڪ کي ڪتيءَ اندر گهُرجي ڇٽڻ

جت ٻڙو هڪڙو زياده ٿو جڙي

سٽ نيئي پنهنجو اُتي گهرجي مٽڻ

ٿانءَ کي کاڌي پڄاڻان ٿبو سُنَتَ

ساڻ اَشهد [10]  ساڻئي چيٺي چٽڻ

جي پوي ڀرجي ڪپو گيـﮧ تيل سان

سُرت2 سان گهُرجي سگهو اُڻ کي ڏٽڻ3

نانـﮧ سڀ سودي ۾ کٽيو ۽ ڇيهو

ڪٿ آهي هارڻ ڪٿي آهي کٽڻ

جنهن کي سريو جيڪي دنيا دين مان

آهه سهڻو سينڌ ساڃيءَ ۾ وٽڻ4

پنهجي مٽ مائٽ ڀرائي ڀاءُ کي

لوڙهه5 تي بيهي جُنبي جوڙي لٽڻ

جن کي پورو ٿو پگهار پلي پئي

ڪفر ٿيو اُن لاءِ پوءِ ڪم ۾ ڪَٽَڻ6

راند ۾ ڇوڪر ابا هوشيار ٿي

آهه مڙسي کينهون ڏوران جهٽڻ

سامهون صف جنگ مڙسن جي گهڙي

پوءِ نه لازم گل دري پٺ تي هٽڻ


7- ڪمن 8- سڀني صفتن ۾ هڪجهڙو 9- مٿاهون درجو 10- گهڙڻ 11- شاهدي ڪيل 12- حاصر ٿيڻ 13- ڏسڻ

(148) 1- خيال 2- ووڙ پڇا ڳاڇا 3- ڳولا 4- جنهن طلب ڪئي ٽول جي 5- ڪوشش وٺندو ته لهندو 6- هو خدا اوهان سان گڏ آهي 7- وجود ۾ 8- اسين زور ويجها آهيون 9- جو ٽول ڏسان ٿو ان ۾ خدا آهي 10- اڳ 11- سڀڪو ٽول 12- جئن ته اهو آهي 13- شيء

13- شئي

(149) 1- سست 2- جلدي 3- تکو 4- گهٽ چاڙهه واري 5- لاڳاپا 6- آزاد 7- ڌاڻ 8- ڊڄي 9- ملڪ 10- سنهو مينهن 11- ٿڌ

(150) 1- جوڙ   2- ڀرين 3- ٿڏا

4- پٺ تي 5- ليلهر

(151) 1- پوڙها 2-جوان 3- ٻٺڙا 4- عمر

(152) لڄ پت

2- خاندان 3- درجو 4- گناهن

(183) 1- حضرت سليمان 2-3-4- بادشاهن جا نالا 5- وڏا

6- هل

(154) الف لام ميم اهي اکر قرآن شريف جي ٻي سورت بقر جي اول ۾ آهن، جن کي مقطعاتي اکر چوندا آهن.  اهڙا مقطعاتي اکر قرآن شريف جي ٻين سورتن ۾ به آهن. انهن اکرن جي معنيٰ جناب حضرت محمد رسول صلي الله عليـﮧ وسلم جن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معلوم نه آهي. عالم چون ٿا ته انهن اکرن جو تفسير باقي سڄي سورت ۾ آهي.

(155) 1- لڪائي  2- پاڻي جو چڙهه 3- پاڻي سان ڀرڻ 4- ڪؤڙا 5- رمزون 6- ڦري

(156) 1- ماٺ 2- لالچ 3- لوڀ 4- رستو سڃاڻندڙ فقير 5- آڪڙ 6- اصل جو

7- خيال 8- چڱيون

(157) 1- شيخ صفيعان ثوري رحمة الله عليه وڏو خائف ۽ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. خدا جي خوف ۾ سدائين پيو رئندو هو. هڪ ڀيري حج ٿي ويو واٽ تي هڪ بدوي، چيس ته پوءِ اهڙا گناه ڇو ٿو ڪرين، جو هيئن روئي ٻين کي به خفي ٿو ڪرين. بزرگ جواب ڏنس ته ادا مون گناهه ته ڪونه ڪيو آهي، پر رڳو گناه جو خيال به دل تي ڪونه آيو اٿم، پر خدا جي خوف کان ڊڄان ٿو، جو منهنجو مرشد جنهن چاليهه ورهه ماڻهن کي فيض ڏنو ۽ ٻه ورهه ڪعبة الله جي خدمت ڪئي، سو پڇاڙيءَ ۾ ڪافر ٿي مئو. ان حال کان ڊڄان ٿو، پڇاڙي منهنجي به الاجي ڪئن ٿيندي؟

1- تند 2- حاضر آهيان 3- تنهنجي مدد ٿو ڪيان  4- نالو هڪ عالم بزرگ جو 5- پڳ  6- ساهه جي نبض

7- انتظار 8- بلبل

(158) 1- وٽ 2- اجايا خيال  3- ڀاڱي

(159) 1- غصو  2- گهور

3- ويجها عزيز 4- گڏجن 5- زهر 6- لعاب

(160) 1- وڏا ڦٽ 2- پيچ يا محبت 3- ڪم 4- بڇڙو يا گنهگار 5- پٺيءَ 6- لڄ رکندڙ 7- ڪس

8- وڏائي

 (161) 1- ڏسڻي آڱر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org