سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :7

(111)

اڄ آيو يار من ٿيو محظوظ[1]

سڀ لٿو بار من ٿيو محظوظ

پرت مان آئيو پرين پيهي

پر2 ڇڏي پار من ٿيو محظوظ

ساج سينگار سڀ ڪري سُهڻو

جوڙ جنسار من ٿيو محظوظ

ٿو اُڱڻ تي ٽلئو ٽلي جئن مور

کر ٿيو کوار من ٿيو محظوظ

ويو پليندڙ پِٽئل پَٽيس پاڙوُن

ٿيو گرو3 گار4 من ٿيو محظوظ

ٿيا کٿوري ۽ عطر جا هٻڪار

ويو ڪنو مارُ5 من ٿيو محظوظ

وه کليو باغ ۾ گلابي گل

ٿيو گلزار من ٿيو محظوظ

(112)

ٿي ٻري توليء ڏسيو دلدار شمع

سوز ۾ تنهنجي سڙي سردار شمع

تنهنجي ڏک ۾ جان ڄيري ۾ وجهيو

ٿي وهائي پنهنجا نيڻن نار شمع

جئن پوي ٿو تيل نئن تڪڙي ٻري

چؤطرف اُپڙئو[2] مٿي ڪيو لار شمع

پاڻ تنهنتان ٿو ڪري صدقي پتنگ

ٿي ٻري دلبر اڳيان جنهن وار 2 شمع

گل به تنهنجي شوق ۾ تنئن ٿو ڳري

جئن ڳري ٿي تنهنجي سڪ ۾ يار شمع

تنهنجي مجلس ۾ جتي تون تونهين 3 تون

آه اُن مجلس ۾ گل بيڪار شمع

(113)

وجـﮧ1 تنهنجو وجود کي جامع

شان دلبر شهود2 کي جامع

نور بيرنگ رنگ ۾ پڌرو

سڀ نظر ۽ نيود3 کي جامع

حڪم مُلڪ و مَلڪ کي آه محيط 4

عام نابوُد بوُد کي جامع

قرب قابض ڪمال قدرت سين

آه مسلم هنود کي جامع

اوه نِوڙڻ نياز تنهنجي پيش

قيام5 رڪع وسجوُد کي جامع

گل جسو جيءُ ڏيڻ پرين اڳيان

آه سڀ نفع سود6 کي جامع

(114)

عاشقن کي عشق تنهنجو يار مدت [3] دين شرع

پوءِ چڙهڻ منصور جئن سردار ملت دين شرع

خيال خطرن کان ڪري آجي هئڻ حرصن ڪنان

دل ڏيڻ دلبر توکي دلدار ملت دين شرع

سوريون چاڙهڻ کڻڻ سر تي سچايون سِڪّ جون

پوءِ وجهڻ صنعان جيئن زنار2 ملت دين شرع

منجهه جبي حق جي ڪرڻ اِثبات حق شِبلي3 ڪڍي

نينهن ۾ نعرا هڻڻ نروار ملت دين شرع

سر سبحاني سلائي شاه بُسطامي4 جيئن

پَٽِ وجهڻ اظهار ۾ اسرار ملت دين شرع

ميم احمد مان ڪڍي انا5 ۾ ڪرڻ اثبات اَحد

هي آهي سنت سچي سردار ملت دين شرع

مئي پيڻ محبوب سان گڏ ٿانوَ هڪ ۾ هڪ ٿيڻ

اِي موالن جي ملا 6 منهن ڪار ملت دين شرع

گل چُنڊڻ چيدا چڱا ۽ منجهه ڳچيءَ پوئي وجهڻ

گل جي ايءَ عادت ٿي منجهه گلزار ملت دين شرع

 (115)

دل جنهين ۾ ڀُڄي ٿو درد جو داغ

ٿو ڳري گوشت سنڌ بند دماغ

سڪ[4] ۽ صبر 2 سينڱ 3 کي هرگز

ناهه ويجهو ملون 1 مجاور2 زاغ 3

ڪهڙي ساڃاءِ علم جي اُٺ کي

جي ننڍو ٿي وڏو وڌي ٿئي لاغ 4

سج جنهين وقت ٿو شعاع ڪري

ڪين ٻارڻ چڱائي آهي چراغ 5

ويو سيارو وسي بهاري بوند

گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بَرُ باغ

(116)

تنهنجي ڏٺي اي گلبدن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آئي خوشي منجهه جان تن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تنهنجي ڏٺي بت بحر ٿيو منجهه شوق شادي شهر ٿيو

ٿيا ذوق حاصل جان من دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آنجو دلاسو دل ڏنو، دل کي اُنهي سڀ کان ڇنو

ڪا جا ٻڌائين ڳالهه ڪن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آن جي دلاسي خوش ڪئي، دل تان ويا سڀ غم لهي

سرهي سدا اندر جشن[5] دلڙي کلي ٿي باغ باغ

ٿيو منجهه حياتي بت بهار، پوءِ منجهه مماتي من قرار

تنهنجي دلاسي منجهه ڪفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تون جان منهنجي منهنجو تن، تون روح عالم سڀ بدن

منجهه ذوق تنهنجي منجهه دفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آءٌ جزو 2  تون منهنجو ڪل 3، تون باغ آءٌ هڪ تنهنجو گل

توکان ٽڙيو چت جيئن چمن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

(117)

ٿيُ خدا ساڻ، پاڻَ کان فارغ

سڀ هُئڻَ، هوش ڄاڻَ کان فارغ

وڃ وَڃڻ کان، مَ رَکُ وَرَڻ جي سَڌَ

هوءُ سڀ تانگههَ تاڻَ2 کان فارغ

دم قدم ڪر عدم عدم معدوم3

وِههُ ويلي وقت ٽاڻ4 کان فارغ

آءٌ مون تون ڪري مڙيئي محو

ٿي اثر عين آڻَ 5 کان فارغ

لاتذر 6 ڪيم ڇڏ ڪُني ۾ ڪين

ڪر چَٽي هئڻ هاڻَ کان فارغ

”لا“ ڪري7 ”لا“ کي آءُ منجهه اِثبات

اَنُ ڪري، تُههَ ۽ ڇاڻَ کان فارغ

ڏسُ کليل گل محمدي سڀ هنڌ

گل ٿيءُ لاجي لاڻ8 کان فارغ

(118)

سير ڪر سالڪ اندر پنهنجي ڪري سڀ سير صاف

تو ۾ اُڀرن چنڊ تارا تو ۾ اَڀَ ڀون ڪوهه قاف

دُنَ چون ٿا عرش حق جو پادشاهي بارگاهه[6]

اُن مٿي عالم امر جو خلق مڙيئي هيٺ ناف2

دل آهي ڪعبو الاهي جاءِ سجدي صادقن3

ٿا ڦرن حاجي حقيقت جا مئي اُنجي طواف4

قلب آهي سِرُ 5 قرآن سَندَ اَڱرا لفظ حرف

پوش اُنتي پوش پوشن تي جئن مصحف تي غلاف 6

روح آهي راز حق جو نفخ 6 من روحي اصل

راز اُنکي سي رسيا جن پنهنجا سينا ڪيا شگاف 7

آهه ڍڪيل ڳجهّه انساني اندر هر ڪنهن وڳي

جي کڻي گل پوش پوشيل کي ڏسين لاهي لحاف 8

(119)

شوق ڌاران ٽُرڻ ڦِرڻ ٿيو حيف[7]

ذوق ڌاران جيڻ مرڻ ٿيو حيف

منجهه طلب تات تَنُ رکي تازو

واٽ وچ مان وري ورڻ ٿيو حيف

جو پيهي جنڊ ٿو سنهون مئيدو

مُڱَ مٽر اُن مٿي ڏرڻ ٿيو حيف

خرچ گهُرجي جتي ڪرڻ هر چيز

اُت سانڀي 2 رکڻ ڌرڻ ٿيو حيف

دل ڪجي هَٿ مُڙي 3 ڪري منٿ

نفس جي جنگ ۾ ٽرڻ ٿيو حيف

منجهه ٽٻيءَ هٿ اَچي جتي موتي

اُت مٿي تار جي ترڻ  ٿيو حيف

منجهه وصل دوستن جي گل ٿي گل

شمع وانگر جِهڄڻ جُهرڻ ٿيو حيف

(120)

اَڄ يار آيو ڪري ڪرم لطف

مختيار آيو ڪري ڪرم لطف

در درد وران جي دوست پيهي

دلدار آيو ڪري ڪرم لطف

محبوب مٺو منهنجو مون گهر

منٺار آيو ڪري ڪرم لطف

ڏکين جي ڏکن ڪٽڻ جي خاطر[8]

ڏکٽار آيو ڪري ڪرم لطف

جڳپال2 سخي ڏان ڏيندڙ

ڏاتار آيو ڪري ڪرم لطف

جاني جيءَ جيار سڀ ڪري جوڙ

جنسار آيو ڪري ڪرم لطف

سهڻو سڀ ساز ساڄ جي سونهن

سينگار آيو ڪري ڪرم لطف

منجهه باغ گلن جي ديد لائي گل

گلزار آيو ڪري ڪرم لطف

 (121)

ٽپي دل شوق تنهنجي ۾ هنيون هيڻو ڪري رڦرڦ1

کٽي جيئن ٻئي هڻي هٿڙا مٿي ڪپڙي ڪري لڦ لڦ

تنهنجي سورن ۽ سوزن ۾ سدا دل ديڳ جيئن ٽهڪي

اُٻارا 2  ڏئو اُڀامي ٿي محبت کان ڪري ٻڦ ٻڦ

محبت ٻاجهه موليٰ جي مرُون ماروُ 3 مڙيئي يڪسان

جنهنکي لنؤ ناهه لالن جي وتي ليلهو 4 ڪرئو لڦ لڦ

نغارو عشق جو عاشق وڄائڻ خوب سيني تي

لنگهن جيئن نانهه موچارو مٿي دهلن ڪرڻ دڦ دڦ

سورن جي سيلَ 5 تي سِرهَڻُ 6 آهي ڪن سورهن جو ڪم

جيڪي گل درد دوريا 7 دل هڄئو تنجي ڪري هڦ هڦ

(122)

ٿا وڌن ڪين پير پنڌ ۾ داڦ[9]

ٽال ۾ ٺاهه ڪين ڪن هٿ ٿاڦ 2

نَنهنَ جي نَهرڻ جي نوڪ سان نه وڍيا

سي وڌيو ٿين ٿا وڏا ۽ ڏاڦ

جا مٽي آهي ڇور ۽ ڊُس کُس

مينهن وُٺي ۾ ڳرئو ٿئي ٿي راڦ 3

ڪاٺ سنواّن ڏنگا وڍيو واڍا

نار هرلا ڪرين چيريو تاڦ4

جيئن تپي ديگ گل اچي منجهه جوش

ٻهر نڪري اُتي جي گرمي ٻاڦ

(123)

چؤ صفا سچ ڳالهه سڀ ڇڏ ٿاڦ1 ٿِڦَ

ڪوڙ گڏيو کوٽ سان ڪر ڪيم ٿڦ

ڄڀَ مان ڪڍ حرف چيٺي چيت سان

منجهه تڪڙ ڀر ڪيم پنهنجو وات گِڦَ

ڪر نظر کي پير حق جي واٽ ۾

پنڌ ڪر دل سان مَ وِجههُ پيرن ۾ لِڦَ

وڃ وڃڻ ۾ ڇڏ سڀيئي اوريان پريان

پوئيان ڇڏ پٺتي اڳيان مهند صِڦَ

جوڙ ڪر ڪثرت 2 کي وحدت 3 ساڻ هيڪ

ڏس ته ڪيئن جويون ڪرن ڌڙڪن 4 کي دِڦَ 5

واس وٺ گذار جو گل ڳنڌ 6 چڱيان

نڪ کي سڻڪي ڪڍي سڀ ٻهر لِڦَ 7

(124)

آهي امر سڀ ۾ سڀاڳو وفاق [10]

نِگَر 2 نَحس نـڌِيل 3 نڀاڳو نفاق

ملاقات ميلو مٺائي مکڻ

کِلُڻ کيرڻي کاڄُ فاقو 4 فراق 5

محبت ٿي معراج 6 جبرئيل جذب 7

رضا ريجهه رف8 رف پلائون  براق 9

سفر سَڀَ ۾ منزل ۾ مدين مڪو

عرب سو عجم سو سو عابو 10 عِراق

محمد مُلڪ ۾ اَحد اصل ۾

ڪيو ميم سين الف گڏ اتفاق 11

جو ٿُڙُ ٽارَ پَن ڦَرُ سو گلشن ۾ گل

سدا گل کي تنهن گل سندو اشتياق 12

(125)

دل سدا تنهنجي لئي ڦري مشتاق[11]

ڏک ڏولائي ۾ ٿي ڏري مشتاق

امر ٿئي تا وهي اَچي وٽ تو

يا وچان سا وري وري مشتاق

نه ملي ٿي نٿي ٽٽي ٽلڪئل2

ڳالهه ان ۾ ڳرئو ڳري مشتاق

جنهنکي تنهنجي هٿن هنيو مچ ۾

ڪين ٻين جي هٿان ٺري مشتاق

گل جنهين تي نه مهر پئي محبوب

جَکَ 3 جيئي جاڙ 4 مر مري مشتاق

(126)

آهه سڀڪنهن ڪام ۾ خوش شوق ذوق

دين ۽ اسلام ۾ خوش شوق ذوق

منجهه سلام عليڪ مؤمن شاد خوش

هندون هر نام ۾ خوش شوق ذوق

لئي نبين وحي1 راحت روح جي

ڪا ملن الهام 2 ۾ خوش شوق ذوق

مرسلن مقصد ڪلام الله ۾

عارفن اَعلام3 ۾ خوش شوق ذوق

عاشقن اندوه ۽ آزار عيد

عاقلن آرام ۾ خوش شوق ذوق

منجهه کُلڻ خوشبوي پنهنجي شاد گل

بلبن ماتام ۾ خوش شوق ذوق

(127)

ڪڍي ڇڏ ڀول[12] ڀؤ دل کان، آهي هِتِ هُتء هو الحق 2 حق

هو الله  احد3 چؤ دل کان آهي هِت هُت هو الحق حق

قيام رڪوع قعدي ۾ پروڙي احد منجهه سجدي

سڃاڻِي ميم پؤ دل کان آهي هت هت هو الحق حق

X چاليهه اَٺ اَٺ اسي ستر ٻاره چوڏهن سڪان ساري

ڪَڙو هَڻُ لاهه ڪؤ دل کان آهي هت هت هوالحق

+ ابجد هڪ ٻه ٽي وٺ چار نوي ڏهه رکي اڳ پوءِ

سڄو منجهه قاف سؤ دل کان آهي هت هت هو الحق حق

آهي عين اليقين4 عين عمر عثمان علي برحق

لاهي ڏس ڌُنڌ رؤ5 دل کان آهي هت هت هو الحق حق

خضوع 6 خشوع 7 ۾ خالق رکيو اخلاق خوبيءَ جو

خدا جي لاءِ نؤ دل کان آهي هت هت هوالحق حق

ڪُلُوا 8 کائي منجهان حق واشر 9 بوا گڏ جنس مع الجنس

ڪرائج دل کي ڍؤ دل کان آهي هت هت هو الحق حق

مڪر انڪار ميان ملان مٿي مامن10 مولائن جي

ٻڌي پوءِ ٻولَ هؤ دل کان آهي هت هت هوالحق حق

ڪنڊا ڪک ڪرجهه ڪر گڏ گل ڏيئي باهه ڪر ڀيڙا

ٻاري مچ لاهه مؤ 11 دل کان آهي هت هت هو الحق حق


8- ميلاپ 9- شام

(111) 1- نصيب وارو يا خوش 2- پراڻو 3- بڇڙو يا گر لڳل 4- غرق 5- ڪچو چمڙو جنهن ۾ بدبوءِ ٿئي

(112) 1- وڌيو 2- وقت

(113) 1- ذات 2- حاضر ٿيڻ 3- نظارو 4- گهيرو ڪندڙ

5- بيهڻ 6- فائدو

(114) 1- مذهب 2- جڻيو 3- نالو هڪ ولي الله جو

4- شيخ بازيد بسطامي، بسطام جو ويٺل ڪامل مڪمل بزرگ ٿي گذريو آهي. هن به پاڻ کي شيخ شبلي وانگي فنا في الله ڪري ڇڏيو هو.

            نقل آهي ته شيخ ذوالنون مصريءَ جو هڪ مريد شاه بسطامي جي زيارت لاءِ سندس رهڻ واري حجري تي آيو ۽ آواز ڪياءِ. اندران جواب مليس ته ڪير آهين؟ ان عرض ڪيو ته شاه بسطامي جي زيارت لاءِ آيو آهيان. اندران جواب آيو ته ويهن ورهن کان بسطامي کي پيو ڳوليان ته مون کان نه لڌو آهي. اهڙي هئي سندين استغراقي

5- صوفين وٽ مشهور حديث ڏانهن اشارو ”اَنَا اَحَمدُ بِلاَ مَيم“  آءٌ ميم کان سواءِ احمد آهيان 6- آخوند

(115) هن غزل جي ٻئي بيت ۾ شاعر صنعت ڪم آندي آهي ته 1- سڪ کي ملون 2- صبر کي مجاور ۽ سينڱ کي ڪانگ ويجهو نه ويندو. 4- پوڙهو 5- ڏيو.

(116) 1- آرام 2- ڀاڱو 3- سڄو- مجموعو

(117) 1- آزاد تا ڇٽل 2- ڇڪ 3- گم ڪيل 4- مهل

5- هٺ 6- نه ڇڏ 7- نه 8- عيب

(118) 1- شاهي محل 2- دن 3- سچن 4- چوگرد ڦرڻ 5- ڳُجهه 6- مٿيون پوش

7- ڦوڪڻ 8- ڦاٽل

8- ٿلهو ڍڪ

(119) 1- ارمان 2- لڪائي 3- ڪاوڙ ماري

(120) 1- لاءِ 2- جڳ جو پاليندڙ

(121) 1- ڏ ڪي 2- جوش 3- آد مي 4- سست

5- سولي 6- سنڀرڻ 7- چڪر ۾ آندا

(122) 1- وڏا 2- اجايا اجلڻ   3- گپ پٽڙي 4- تختا

(123) 1- اجائي بڪ

2- گهڻائي 3- هيڪڙائي 4- رليون 5- هيٺيون وڇاڻو 6- سونگهه 7- سنگهه

(124) 1- اتفاق 2- بي پيرو 3- خراب 4- بک ڪڍڻ 5- جدائي 6- ڏاڪڻ
7- تخت جنهن تي حضرت جن معراج رات چڙهيا هئا 9- جنهن جانور تي حضرت جن سوار ٿي معراج ويا هئا 10- ڳوٺ جو نالو

11- ڳانڍاپو12- خواهش

(125) 1- عاشق 2- ڏليل 3- اجايو 4- بي مانو

(126) 1- خدا جو پيغام 2- خدا جي طرفان دل تي ڳالهه اچڻ 3- ڄڻ

(127) 1- ڍپ ڊاءُ 2- ڌڻي 3- الله هڪ آهي

X 40 ابدال -8 غوث زمين جا- 8 غوث آسمان جا -80 قطب -70 اوتاد 12 امام -14 معصوم        + 99 اسم ڌڻي پاڪ جا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org