سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :4

(53)

وڃ سنئون سِڌ[1] رک سَنوت م سوُچَ 2

حَق ڏي حقُ وٺ م ڪر چَبَ چوُچَ 3

هنڌ جئن هيٺ بي ڊپا ڏاڍا

ڊپ وارا گهڻو مٿاهين اُوچَ 4

ننڍڙا ڪيم ڏس وڏن جا ٻار

سڀ وڏا آهين ننڍن جي پوچ5

ماٺ آهي ملوڪ موچاري

لاءِ دنيا جي منجهه طَلب لُڇَ لوچ 6

نور جي جاءِ گل ٺلهو آنڊو

پيٽ اَن سان م ڀر، ڪرئو گهُچَ گهوُچَ 7

(54)

سنوت1 جي ڪر سڀن کي سچ مان آڇ2

م لڙ لڙ ڪر، پٽي ور ونگ تري واڇَ

سخن کي ٻول سهڻو سرت مان سال3

ڪچو ڳالهائي ڪنهنکي ڪيم ڪي ڦاڇ4

اول کي رک اڳي آخر ۾ گڏ ساڻ

سنڀالي اڳُ سرتيا5 پُر مٿي پاڇ6

ڏسئو سي عيب گهوڙي جا ڳنهندڙ

سپاهي ٿا وٺن پورا مٿي ڪاڇ7

دُبن ۾ ٿا وٺن گل ڪنگ گوُجوُن

رهن تت هنج، ڀريا چڇ8 جت چاڇ9

(55)

هل ڪتي کي م ڏي اُنهي کي ڇڇَ[2]

نه وڻي ڳالهه جا لڳي ٿي بُڇَ2

ڌيان سان سڻ خبر هڪو ڀيرو

ڪي آهي چڱي تَکارڻ3 پُڇَ

آه لازم جتي پڇڻ ٻولڻ

جت وڻي ماٺ اُت نه گهرجي ڪُڇَ4

صبر خاصو مٿي رضا5 رب جي

منجهه طلب نات لوچ6 گهرجي لُڇَ

ڪين پاهون7 وري پئي پٺيان

گل جنهنکي آه منهن ۾ ڏاڙهي مڇ

(56)

گهاتوُ[3] اُٿي گهڙُ گهوُرَ 2 ۾ ساري سڀئي کڻ ساڻ رَڇَ 3

سيسار واڳو ٿا سُڄن اڳيان وڏا وينگار4 مڇ

سندرو ڇنڊي گهڙ سير ۾ تدبير5 ڇڏ تقدير6 ۾

رک هوش هِت هِت هير ۾ ٿا وهن ڀريا چاڇ ڇَڇ

خوش ڪيم ٿي ٺڳ7 ٺاه ۾ سنڊ8 ساڙ پؤ اوڙاه9 ۾

وڃ ٿي فنا في الله مَ ايءَ آه سڀ تانگهارَ10 اڇ

هڻ ڏي ٽُٻي پؤ پاڻ ۾، ڇڏ ڀؤ ۾ پؤ تون پاڻ ۾

ڇڏ ڄاڻ 11 پوءِ ڏ س ڄاڻ ۾ تنهنجو آهي منجهه تنهنجي ڪڇ

هوءِ جي پچائن پاڻ کي ميءِ جئن چِڪائن پاڻ کي

رنگ ۾ لڪائن پاڻکي پيو پاڻ ٻئن ڪن بڇ12

گل چؤ ٿيو آهين ورق ڳر تان ٿئين پاڻي نڌڪ 13

پوءِ جمع ٿي سڀ لاه شڪ، لنو لا جي لاهي لوڙا لڇ

(57)

سڀ کون واڌو آهي دلبر تنهنجي سارَهَ تنهنجي مَدحَ1

ڇٽ مٿي سڀني جي سرور تنهنجي ساره تنهنجي مَدحَ

آه منجهه توريت2 ۽ انجيل3 ۽ زبور4 ۾

اي اکين جا ٺار اوجر5 تنهنجي ساره تنهنجي مدح

تنهنجي ساره ۾ خدا فرقان سارو ڪيو نزول6

منجهه فتحا7، نجم8، ڪوثر9 تنهنجي ساره تنهنجي مدح

ڇا جي طـــٰحـﮧ 10، ڇا جي يـــٰسين، ڇا مزمل 11 سور ۾

والضحيٰ 13 والليل 14 اڪثر تنهنجي ساره تنهنجي مدح

حرف صورت ۽ حقيقت ذات مڙن ۾ ٿي جمع

منجهه شهادت 15 نورانور تنهنجي ساره تنهنجي مدح

توتي حَقَ صلوات 16 چئي توتي ملائڪ ٿا چون

منجهه دنيا منجهه ڏينهن محشر تنهنجي ساره تنهنجي مدح

آه عاصن 17 کي شفاعت لئي وڏو ڀر ڀروسو 18

ٿنڀ ٿوڻي اولو آڌر تنهنجي ساره تنهنجي مدح

گل تنهنجي ذات جو پينون ۽ صورت جو گدا

آه اُن لئي گنج 19، گوهر 20 تنهنجي ساره تنهنجي مدح

(58)

ڪر خدا کي ياد وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح[4]

ياد ۾ ٿيءُ شاد وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح

ٻڌ ٻئي ٻانهون اڳيان سائين جي منجهه سنجهي صبوح

تا رسين تون داد 2 وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح

ٿي جبل توفيق جو، ڪک پن جئن منجهه واچ جهڪ

وڃ م تون برباد 3 وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح

حرص ۾ وجهه ڪيم منهن، هٿ هاج کان جهل، حق طلب

ٿا ٿئين آزاد وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح

گل چويئي ٿو گُلُ 4 ڪري شطرنج بازي نفس سان

ٿي مَ موڳي مادِ 5 وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح

(59)

مونکي هنيو هورن [5] هڻي ڪوڏي ڀري ساقي 2 قدح 3

کانئي وڌو کؤرن 4 کڻي ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

دل روح پيا ڪنهن دور 5 ۾ گم ٿي ويا ڪنهن گهور 6 ۾

تنجي ڇڄي پيئي تڻي7 ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

جيُ جسم پيو آزار ۾ سورن سندي سنگسار ۾

ڪا جا لڳي اک جي اَڻي 8 ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

سڀڪو وتي سنرو 9 سکن مونکي ڪيو انرو 10 ڏکن

اِيءَ ڳاهه واحد کي وڻي ڪو ڏي پري ساقي قدح

وحدت وڌو ور اوچتو، چيتو ٿيو ڇرجي ڇتو

دل ۾ رهيو هڪڙو ڌڻي ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

مکريءَ مان کليو خوب گل اُن مان ٿيو پيدا اصل

گل پيو وڃي پٽ تي ڇڻي ڪوڏي ڀري ساقي قدح

(60)

تنهنجون اکيون آهين سدا رنگ لعل سرخ 1

چپ ماکيان ملوڪ مٺا رنگ لعل سرخ

تنهنجا اندام2 ڄڻ گل لالا ۽ گل گلاب

مينديءَ سين هٿ پير رتا رنگ لعل سرخ

تنهنجي ڪلهن ۾ بوڇڻ رنگين ماڃ 3 تي

سڀ پليء ڌڙيون هيٺ مٿا رنگ لعل سرخ

لونگي ذري ڪنار ڪمر تي، ڪلاه 4 سر

پٽ ۽ ذريءَ جا تنهن ۾ پٽا رنگ لعل سرخ

ڇا پيرهن ۽ انگرکو سٿڻ ۽ جتي

محبوب تنهنجا مڙيئي لٽا 5 رنگ لعل سرخ

(61)

دل درد ۾ پيئي جي ڌڳي[6] ته به ٿو وتين تون يار شوخ2

جيء جان جهوريءَ ۾ جهڳي3 ته به ٿو وتين تون يار شوخ

ارواح4 عشاقن5 سندا، من مان مشتاقن سندا

ٺوڳي نيا ٺڳ تو ٺڳي ته به ٿو وتين تون يار شوخ

صدقي اچي ڪئا سر سچن منجهه پرت تنهنجي پيا پچن

پوءِ نا ڀڳا ڪنهنجي ڀڳي6 ته به ٿو وتين تون يار شوخ

تَنَ کي وڌم تڪبير هاڻ صدقي ڪيم سر ساه ساڻ

ارواح اَلستون7 اڳي ته به ٿو وتين تون يار شوخ

پَن پَنُ جي  ٿي ڦاريون ڇڄّي ڇڏي ٿُڙَ ٽاريون

گل پؤچي پيو اَهنجي سڳي9  ته به ٿو وتين تون يار شوخ

(62)

سڻ سمجهه رک دل جي چتا[7] دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ 2

پڇ ڳاڇ اِيءَ ويڌن 3 ڪٿا 4 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

روحي 5 سري 6 اخفي 7 خفي 8 ٿئو نفس ساڻ عنصر 9 نفي

منجهه قلب ڪامل مقتدا 10 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل چونٿا نقطو آهي هڪ دُر 11 ناسفتو 12 آهي

سڀ حرف ٿيا اُن ۾ بجا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل ۾ خدا ديرو ڪيو احمد محمد لوڪ ٻيو

سڀڪو صفت پنهنجي جدا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل آه لوح محفوظ حق تنهن ۾ نڪي ٻيا شرڪ شڪ

اُنجا ڪيا مون تجربا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جاءِ رب العالمين 13 دل ۾ رهيو روح الامين 14

دل آهه ڪعبي جي بنا 15 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جاءِ حڪمت ڪي حڪيم مايو 16 منجهس علم العليم 17

ڇا اَول، و ڇا انتها18 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

چيو شان دل جي ۾ خدا لا يسعني 19 ارض و سما

منجهه قلب مومن منهنجي جا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جا جدا دلدار کان سوڙي وهي ساڪار 20  کان

ٿي موڪري جنهن ۾ خدا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل ماڳ 21 رب جليل 22 جو دل باغ حسن جميل 23 جو

تنهن ۾ لکين گل ڦل ٽڙئا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

(63)

تنهنجو آهيان پير پازي[8] آءٌ پيو تنهنجي پلاند2

رات ڏينهن دک درد دل ۾ وره تنهنجي کان نه واند

مونکان ٿيا سڀ ڏوهه ڪوجها 3 ڪِرت 4 ڪم  اَهنجي حضور

توکان تحمل بار برداري ۽ شفقت رحم کاند5

سڀ هدايت6 آڇ سچ توفيق ۽ تحقيق جي

آن ڪنان مونکي مڙيئي سکو غفلت ننڊ واند

عقل منهنجي عشق تي، غالب ٿيو دل تي نفس

تون ڇٽائين تان ڇٽان نه ته دل هڻي ڪي نفس باند 7

تنهنجي همت رحم رحمت چاڙهيا گهوڙن مٿي

عشق جي جي ڪيرئا پٽ تي هڻي ڏوهن جي ڏاند8

آه گل جي دل ۾ تنهنجو ميٺ محبت جو سدا

جيئن لئو پاڻي مٺائي کنڊ منجهه ڪاني ڪماند

(64)

دل ۾ دلبر جو جنهين کي آه درد

سا سدا دل گرم حق سين ٿئي نه سرد 1

طالب الدنيا2 ٿيو کدڙو خراب

طالب الموليٰ3 مذڪر مڙس مرد

آه جامع غوث ذات صفات کي

جو مجرد4 ذات ڏي سومرد فرد5

نور حق جو آه رنگ بي رنگ ۾

ڇا اڇو ڪارو ڳاڙهو سبز زرد

ٿيو صفت هڪ ذات هڪ ۽ وصف ۾

ڪونر6 گل ٻولي ڪهين ۾ ڪنـﮧ ۾ ورد

(65)

ٿيءُ وڃي يار بود[9] ۾ نابود

منجهه عدم 2 ٿي وري اچي مؤجود

حرم3 القلب مسجد الله خاص

ڪعبة الله خلق جو مسجود4

آه ٻالهپ ٻيائي وحدت ۾

هو مؤجود حق هو المعبود

ڏسُ ڏسڻ ۾ بصير5 مبصر هيڪ

شاهد لله هُو ه والمشهود6

منجهه ڏسڻ غرض منجهه پسڻ هڪ حق

منجهه طلب تات حق هو المقصود 7

مَحو صوفي کي صَحوَ 8 صافي لاءِ

جن ڏنو سّر سر ڊهيو تن سود

باغ ذاتي جو گل محمد گل

احمد حامد هو المحمود


3- قابو ڪر 4- رستي 5- خيال ڪر 6- پاسو 7- نقصان ۾

(53) 1- سڌائي 2- ويچار 3- اجايو معاملو 4- مٿاهان 5- اولاد 6- آرام نه ڪرڻ 7- ڏلهي ڀرڻ

(54) 1- سچائي 2- صالح

3- سالم 4- فاش، پڌرو 5- خبردار 6- پوئين شئي 7- ماپ 8- ڍورا 9- گهڻي پاڻي وارا

(55) 1- چچڪار يا بڇ 2- بڇڙي 3- تڪرار 4- ڳالهائڻ 5- مرضي 6- ڪوشش 7- پٺتي

(56) 1- مهاڻا 2- سخت وهڪرو 3- ڄار 4- خوفناڪ 5- رٿ 6- خدا جي مرضي
 
7- چالاڪ 8- اوزار 9- اونهو 10- تانگهو 11- عقل 12- چوڻ 13- نه خراب ٿيندڙ

(57) 1- تعريف 2- حضرت موسيٰ تي لٿل 3- حضرت عيسيٰ تي لٿل 5- حضرت دائود تي لٿل 5- صاف ڪندڙ 6- نازل 7 کان 14 تائين قرآن شريف جي سورتن جا نالا

15- شاهد 16- قرآن شريف جي آيت ان الله و ملائڪة ڏي اشارو 17- گنهگار 18- آسرو 19- خزانو 20- موتي

(58) 1- رٿ 2- انصاف، حق 3- ناس

4- وِسائي 5- شهه کاڌل

(59) 1- فڪراتن 2- پياريندڙ 3- پيالو 4- سخت باه 5- خيال 6- پچڻ
7- پردو 8- پيچ 9- خوش 10- پريشان

(60) 1- ڳاڙهيون

2- عضوا 3- مڃٺ جو رڱيل 4- ٽوٻي 5- ڪپڙا

(61) 1- ٻري 2- ڪاوڙيل 3- اڀامي 4- روح 5- عاشق 6- کارڻ 7- الست کان  8- پونجي 9- ڌاڳي

  (62) هن سڄي غزل ۾ دل کي جي جي مرتبا مليل آهن، سي بيان ڪيا آهن ۽ چوي ٿو ته ذات باري، جا آسمان ۽ زمين ۾ ماپي نٿي سگهي سا مؤمن جي دل ۾ ماپي وڃي ٿي.

1- لاڙو 2- ڪشادو 3- حالت 4- ڳالهه 5- روح جو 6- ڳجهو 7- تمام ڳجهو
 8- ڳجهو 9- ڀاڱو 10- پيشوا 11- موتي 12- جو موتي ونڌيل نه هجي
 13- جهان جو پاليندڙ 14- ملڪ جبرئيل 15- بنياد 16- ماپي ويو
 17- ڄاڻندڙ، خدا جو علم 18- پڇاڙي 19- زمين ۽ آسمان منهنجي لاءِ پورا نه آهن 

20- ڪم 21 جڳه 22- وڏو 23- سهڻو

(63) 1- غلام، لنگهو 2- دامنگير 3- بڇڙا 4- ڪم 5- بخشش 6- ساڃاه
 7- قيدي  8- ڍڳي

(64) 1- ٿڌي

2- دنيا جو گهورو 3- ڌڻي جو ڳولائو 4- تارڪ دنيا 5- اڪيلو 6- ڪنول گل جو نالو

(65) 1- هئڻ 2- نه هئڻ 3- پاڪ جاءِ 4- سجدي ڪيل 5- ڏسندڙ 6- شاهدي ڪيل 7- مراد 8- هوشياري جي حالت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org