سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :8

(128)

حق[1] سڃاڻي حق کي اي شرڪ2 شَڪَ

تار ۾ تارو تري ري تور3 تَڪَ

پير کي پيري کڻي ڄاڻوُ وڏو

جت هجي ڀون گاهه کرڙو جال جَهڪَ

ڀوميان4 جهاڳين ڏونگر ڏاکڙا

چوٽيون چاڙيون اڙانگيون لاهه لَڪَ5

عشق جنکي آڪرو6 اُڪريا اُڪار

ڏيل کي ٿا ڏين ڏاها ڏور ڏَڪَ7

سامهان سيني ۾ سورهه ٿا جهلين

تيز تيرن يار جا، ريءَ ڍال ڌَڪَ

پوش ۾ پڌرا اُگهاڙا سِرّ ۾

حال محرم جي وتن منجهه ستر ڍڪ

جي لڪل هوئي کٿوري گل ڳجهو

ٿي ڪري ٻاهر اُنهي تي بوءِ بڪ 8

(129)

وڃ وڃڻ ۾ م ڪر چلڻ ۾ چِرِڪُ

راه رب جي مٿي اُٿي ڪي رِڙِهڪُ[2]

ڪر همت هل هنئين سين هوتن ڏي

هِنَ هُن کي ڏسي مَ هارئا هِرِڪ

پنڌ ۾ هل پلڪ سين کڻ ٻئي پير

پرين جي پار پُرُ، مَ ڍولا ڍرڪ 3

وِههُ پري ڪيم، ٿي رڙهي ويجهو

صف صف مان اڳي سِرئو 4 ٿو سِرڪ

چيت سان هل چڱيان مٿي گپ چڪ

هوري هوري، م تاءَ تک ۾ تِرڪ

گل هڪو آه ٻيو سڀوئي غير

ڇڏ ٻئائي م ڪر خدا سين شرڪ

(130)

پوک جنهن پاڻيءَ کي پيتو پوڄ 1 موڪ

ڪين ڪن ساوا سلا اُنجا ٿا سوڪ

منجهه ٿڻن ڦَنڊِنِ جي هٿڙا ڪيم پاءِ

کير لئي سانگي سُوائون ٽِهل ٽوڪِ 2

ڪرم اوڌر جنس ڏيئي کڻ  مَ کَڻُ

وٺ په ها ٿو هاٿ ڏي پڻ رتب 3 روڪ

منجهه چرونءَ جان ٿانو پيءُ پاڻي پَسي

اونڌ ڪنڌ ڪؤنري جي ڏُنڊ نائي م ڏوڪ 4

پيٽ کي پيٽي مَڀرَ دُن نَڪَ ناءِ

کايو ڪک پن ڪيئين جئن ڪيم اوڪ 5

گنج گوهر جي مٿي گل ٿي گداءِ

پاڻيٽ پُنُ پُر 6، ٺلها ٺڪر م ٺوڪ

(131)

آءٌ نه گڏجون پاڻ ۾ ٻئي خوب پائي يار ٻک

خوش ڪريون دل پانهنجيءَ کي جڳ ڀلي پيو ماري جک[3]

ڪين رهّن ٿا جهليا ڪنهنجا جنين دل ويئي هڄي

توڻي متيون ڏين مائٽ مڙيو ميڙا ڪريو لک

جن پيالو عشق جو پيتو ڪيا مخمور2 ميء

ٿيا اُگهاڙا عقل کان عريانُ4 عالم ۾ الک

غرض دنيا جي ڪنان آجا ٿيا اُو رند گهوٽ

ويئي ٻڪيءَ جي ڪاڻ اُنکان ڪان ڪن پرهيز رک

سور آهي سينگار سورئن جو سدا سوريءَ جي سِر

چت جنهينجا چور ٿيا تنکان نه اُڄهي چک مک

باهه جنجي آهي سيني ۾ سدا دونهون دکي

تيئن ڪري شعلا ٻڙڪ 4 جئن جئن وجهي ڪوتن تي ڪک

گل پکي جو ٿيو سدا سورن سندي پڃري ۾ بند

ڪيئن اُڏامي ٻهر سو جنهنجا کسي ويا پر پک

(132)

هل همٿ سين وڌائي واڌو وک

جلد ويرم م لاءِ لالن لِک[4]

چڙهه پتڻ تي وڃي لنگهي پؤ پار

ٿو وهي بحر طرح ڏاڍيءَ تک

مِهر محبت ملاح ڪيا سُرها

وئا سمي جي سهاڳ 2 ۾ سڀ کک 3

رهه مٿي دين، وجهه دنيا کي ڌوڙ

مال تي ڪيم ڏي مٿي جي مِک 4

سڀ سلامي آهين صاحب جا

گل مسلمان ڇا جي هندو سک

(133)

تُهه نَهاري صاف ڪڍ ان، سڀ ڪڍي ڏاکر ۽ ڏاک1

آهه معنيٰ سِرُ صورت ۾ نه مورت دَکَ2 داک

پاڙَهَڻُ منجهه ڀوُن، منهه تي ٻهر پن ٽاريون ڪڍي

ڏس ڪَدُ نجي ڇانو نارنتي تهان وڌ واهه ڊاک

رک سنگت صحبت سنئين سين، ٿيءُ م ڏنگن سان ڏنگو

ڪوڙ تي شاهد ۾ ٿيءُ کڻ ڏي مٿي سچ سَندُ ساک 3

رات جاڳن رنج وارا ٻئا سريو جن سور سور

لوڪ جاڳي لاءِ لالچ ٿي کلي جنهن وير باک

رنگ گل جي سان جُڙي ٿو ڪين ڪين ڪرمز 4 بَقَم 5

توڻي کهنبو آهي سينڌو ڇا مڃٺ گيڙو ۽ لاک

(134)

لوح[5] منهنجي تي لکيو ڪاتب ازل جي تنهنجو انگ

برهه ڪيو بيران2 بت، دل کي لڳو ڪوٻاڻ ٻنگ

ڪو نَظُر راوي ڪناري هير تي رانجهي وِڌو

تخت وسرئس بخت وسرئس ساڙُ ٿيڙس سيال جهنگ

راوَ3 سِرُ سڻ راڳ تي ڪاٽي ڏنو ڪنهن ريجهه تي

چاهه مان ڪنهن جنهن وڄايو چوري چارڻ چاڙهي چنگ

بوبڪر صديق اڪبر پرت کان پاسي نڪيو

پير ٻرکان پانهنجو توڻي هنيو ٿي نانگ ڏنگ

جا سُوا آهي سدا سا ڪيئن مڙي ريءَ لار ڦر

توڻي ميهر ٿو ٻُلهي5 اُنکي وجهي پيرن ۾ ڍنگ

جوداڻون منجهه ڀون ڳري پاڻي پيئي سائو ٿئي

پوءِ بچي ڀَرَ ڀيل6 کان سو ٿو پچائي سال7 سنگ

آهي ڪپڙو جو صفا ڌوتو کٽيءَ کنڀ ۾ وجهي

سو رچي  ٿئي لعل گل جي اُنکي  ڏين هالاري 8 رنگ

(135)

ڪنهن سفر ويا چڙهي سٽاڻي [6] سانگ2

ميڙ مارو وٺي سڀئي ڌڻ ڇانگ3

جَت رهيا ڪين جوءِ ۾ جانب

وڳ4 ورائي رکي اُٺن تي لانگ

ڪيچي ويا ڪيچ کي ڇڏي سسئي

ننڊ ۾ رات کي چڙهي سر چانگ5

باغ مان ويا ڇڏي چتون چيها

سڀ رهيا آهين وهيا ۽ ڪانگ

رات گذري ويئي پرهه ٿي صاف

ننڊ ڇڏ گل ڏني ٻانگي ائين ٻانگ

 (136)

لاهوتي لعل ڪڍيو ٿا وڃن لُنگ

ڪري سامي سناسي پاڻ ۾ سنگ

اُڏاميو ٿا وڃن مڪڙ ملڪ مان

ڇڏيو پنهنجن ٻچن جي ٻاچ 1 ۽ پُنگ 2

بٺيون چاڙهيو ڏين ٿا مڙس مانيون

پلائون ٻوڙ حلوا ڪيو ڍڳڙ ڍنگ

ڪري سؤدو صفا وٺ ٻول پنهنجي

مَ گهُرُ واڌو تهان پوءِ ريڙهه ڪيو رُنگ

ڏين جت ٿا وراهيو ورڇيو ماپ

اُتي وٺجي ڏين جي لپ چُرون چنگ 3

اگهوري عشق جا اوتيو صراحيون 4

پيالا پٽ پيو چاڙهين ٿا دنگ

وڃن ٿا وبر 5 وحدت ۾ وڌيو گل

جريدا 6 جوش کان جولان ڪيو جنگ

(137)

قرب ريءَ قدرت نه اُڄهي سچ جي ڌاران نانگهه سگهه

بيٺ[7] ۾ جي نانهه ناڻو پوي ڪهڙا پار اگهه

بخت معنيٰ هوش آهي بخش حق جي ري منٿ

ڪي ننڍا ٿيا نامور ڏکيا وتن ڪي جال ڏگهه2

ٿانو پختو ٿو جهلي سڀ ٽول کي قابو ڪيو

ڪيئن رهي پاڻي اُنهي ۾ جنهن کي ٿيا چوطرف لنگهه 3

گل وڏو سِرُ آهه عالم علم اُن جو اَنت4 نالـﮧ

ڏس پرين پنهنجو پڌرو تي پَؤ مَ منجهه ٻيلاٽ گگهه 5

(138)

درد ۾ دلدار جي ڏس ڪئن ڪري ٿو ناز رينگهه1

چاهه ۾ چلهجئو چلڻ ۾ اُٺ مٿي ڪئن ٻار چينگهه2

ٿي ٿئي خوش وقت تنهنُ جنهنُ ٿو چڙهي دلبر وهي

لاڏ مان لڏئو لڏي هن پار ۽ هن پار پينگهه

ٿو وڻي سرمون سدا اک ۾ عجيبن جي عجيب

ٿي وڻي واڌُ تنهين کان منهن ۾ محبوبن جي لينگهه 3

جيئن آهي جهڻ ڇاهه گهاٽي، دِڳ دِڳ ڌنورو ڏهي

گرم سائي کاڄ کان پوءِ ٿي ٿڌي جيئن پگ ڦينگهه 4

خيال جنهنجي دل تي خطرا سا خدا سان ڪئن رجهي

ڪئن جهلي گل ڦر اُهو وڻ جنهنکي ويڙهئو آهي گهينگهه 5

 (139)

دوست تنهنجي ديدليء دلکي آهي ڪا تانگهه تنگهه [8]

ٿي نهاري لوڪ ۾ تنهنجا ته سڀ لانگها ۽ لنگهه

ٿيون پڪارن لاءِ تو ڪوهَن ۾ ڪَرڪئو ڪونجڙيون

منجهه پٽن تتر تنوارن منجهه بحر آڙيون ۽ منگهه

جهنگ ۾ ڄانگها هرڻ ڳولين تنهنجون جھائيون

منجهه هوا اُڏريو پکي پنهنجا هڻن چؤطرف ڦنگهه

جي ڪُٺا تنهنجي محبت عشق جي تڪبير سين

سِر ڏيو سَرها ٿين صادق نه ٿا چورين چنگهه2

شوق ۾ تنهنجي ڦلاريا ڦل ٽڙيا گل باغ ۾

سڪ ۾ ساوا ٿيا وڻ ٻَهر آڻي مور3 منگهه

(140)

آهي ننڊ ندوري ۽ آرس اَڀاڳ

سمهڻ سور ساڙو اُٿي يار جاڳ

چوري تند تنبور جي ڪر طلب

ريجهي راءُ ڏيندو لنگها توکي لاڳ

جنهنکي سڪ سيني اندر سوز سل ڪيو

سدا تَنهنجو سُر ٿيو رئڻ تنهنجو راڳ

وڇوڙي جي دل ۾ لڳي جنهن ڇري ڪا

وِرهه ۾ وصل جي وِهو ڏي و ِهاڳ[9]

پوي بوءِ ٻاهر ٿي کامڻ پچڻ جي

توڻي ڪو ڀڃي ٿو اندر دل ۾ داڳ

جاڳي جو ستو دل ڏيئي رب کي

ڀلي سو سمهي گل سنئون جنهن سڀاڳ

(141)

ڪيئن ڪن ڳنڍ ويهه ڌارا ڀڳ

ڪئن وٺن چور جوڻيت ريءَ سڳ 1

جؤءِ ۾ ٿا اچيو ٿين سڀ گڏ

هيڏي هوڏي ڦريو وَلهرا2 وڳ

ٿا شڪاري هڻن چتاير گز

جلد تڪڙا ٻڌيو اَندازا اڳ

ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي

ٿو کڻين پرهه جو تون پيرا پڳ3

ٿا ڦرن محب لاءِ منههُ مشتاق

رهن محبوب لاڏ ۾ ٿا مَڳ4

ڪئن ٿين لپ چرونءَ مٿي چهرا

گل کاڌا جنيس سدائين کڳ5

(142)

مَ ڪَنَ چير جوڳي اُٿي پاءِ جوڳ

بٺي[10] برهه جي ٻار بٺ 2 کانئي ڀوڳ

کلي کاءُ رِهندو3 رزق ربَ جو

ارِهندو اَنڌا ڪيم وجهه پيٽ روڳ

پيو کاءُ ڪر ياد حق ڇڏ رياءِ

ڇڏيو اَن ڇاکي پئين کيرُ دوڳ 4

رَلو راهه وچڙال وک وجهي تکي

پرين جي طرف ڊاٻ 5 ڊڪ پوُر پوڳ 6

اندر جن جي اُستاد ٿيو عشق جو

پڙهڻ علم ايندو ڇڏيو اوڳ 7 توڳ

ڏسي حسن گل جو ٿي بلبل چري

ڏسڻ انکي ٿيو قوت پاڻي ۽ چوڳ

 (143)

ڏسيو توکي دلبر اکيون ٿينِ ڳنڱ [11]

پيو صاف ميء کي وٺن خوب رنڱ

گهوڙي عشق جي تي سدا جي سوار

وتن چست چهرا سي ريءَ ٿاڪ 2 لنڱ

ٻاري درد جي ديگ ڏکئا3 وجهن

وڍيو ڏيل پنهنجا ڪريو تنهن ۾ ڏنڱ4

محبت ۾ موليٰ جي مانجهي ميا 5

فدا جان دل ڪيو اُتارين انڱ

اڳيان دوست جي عجز نوڙت چڱي

سائينءَ سين ڪهڙا گل سياڪا6 ۽ سنڱ

(144)

هل همٿ سين هوت ڏي روءِ ڪيم رنڱ

ڏي م دنيا تي هڏن جي مِک منڱ 1

آهي منجهه ڪاني منائي چاش چرس 2

جي کڻين لاهي مٿان اُن ڇيت ڇنڱ

جي دوا آهي ڪڙي توڻي ڪني

ٿو اچي ڪم ايريو ڏس ڪئن ٿنڱ 3

آهي منجهه صورت حقيقت هيڪ ٿي

جيئن هڏي ۾ مغز کل ۾ آهي سنڱ

ڏس ته ڪيئن ظاهر ۾ ٿيو باطن ڳجهو

منجهه ڪَپڙ ڪئن ويڙهيو اندام 4 لنڱ

ڪر  همٽ  منجهه  تات حق جي ڪر همٿ

مڙس ٿي گل مڙس ٿي گل مڙس ڌنڱ

(145)

بار کي باري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

راند ۾ ساري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

ٿا رکيو ڪسرت[12] اُٺائن منڃريون

منجهه دليءَ واري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

هيڪلي پنهنجي مٿي کاهي رکي

اَن جي هاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

لوڪ جي بهتان ۽ خواريءَ سندي

سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

جهنگ ۾ هئل 2 ۾ وڃائي گل شڪار

پير کي ماري 3 کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

(146)

اي يار دل آرام تون شل هئين سدا اي دوست گل

محبوب گل اندام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنهنجون اکيون گل، زلف گل، منهن گل، آهن رخسار گل

رنگ روپ ۾ گلفام 1 تون شل، هئين سدا اي دوست گل

ٻوٽين ته مکري وات ٿيو اُپٽين ته گل اثبات 2 ٿيو

موهيوسين مونکي ان مان3 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنهنجي هٿن ۾ جام گل مئي تنهن ۾ ٿي گلفام گل

گل ڏي ڀري مون جام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون منجهه صفت گل ذات ۾ منجهه ڏينهن گل تون رات ۾

آغاز 4 ۽  انجام 5 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تو مان رسي گل تازگي خوشبوءِ ۽ دل سازگي

منهنجا سَريا سڀ ڪام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون جسم گل ۽ جان گل آءٌ اسم گل ديوان گل

ٻئي گل ٿيا هڪ نام تون شل هئين سدا اي دوست گل

 (147)

دل تخت حق عرش عُلا[13] جيڪي چوان سو آهه دل

دل نور حق جو پُرضيا 2 جيڪي چوان سو آهه دل

دل ۾ ڪتيون تارا کلن سج چنڊ اُت اڀرن لهن

سج چنڊ کان روشن صفا جيڪي چوان سو آهه دل

دل ابتدا ۾ ذڪر ٿي وچ ۾ فنا ۾ فڪر ٿي

آخر ٿئي ٿي سا بقا جيڪي چوان سو آهه دل

دل ٿي مريد قدير 3 حّيء4 موٽي عليم 5 ڪليم 6 ايء

سڻندڙ ۽ ڏسندڙ اصل کا جيڪي چوان سو آهه دل

اول فنا فعلن7 ۾ ٿي پوءِ منجهه صفت مثلن8 ۾ ٿي

پوءِ ذات ۾ ٿي او فنا جيڪي چوان سو آهه دل

دل کلي ٿو اول ٿئي عروج9 منجهه ذور حقجي ئي وُلُوج 10

پوءِ نيٺ ٿي مشهود11 سا جيڪي چوان سو آهه دل

دل کي ٿو اول ٿئي شهود12 درويت13 ۾ ٿي ثابت وجود

آهي سا گل باغ لقا جيڪي چوان سو آهه دل


4- اکين ڏٺو يقين 5- ٻيائيءَ جو پردو 6- التجا يا نيزاري 7- عاجزي 8- کاڌو کائو 9- پيو 10- رمزن 11- هيٺ

(128) 1- سچ 2- ٻيائي 3- خيال 4- ملڪ جا رهاڪو 5- پيچرا
 6- گهڻو 7- دلاسا

8- شاهدي

(129) 1- هل 2- اجائي سڌ نه ڪر 3- سست ٿي 4- هليو

(130) 1- گهڻو

2- ڏهه 3- ان مهل 4- پي  5- الٽي ڪر 6- ڀريل

(131) 1- واهيات بڪ 2- نشئي 3- ننگا

4- تکا يا وڏا

(132) 1- ٿورو ذرو 2- پيار 3- مڇيءَ جي ڌپ 4- ميڄايو

(133) 1- ڪڏا 2- ڏيک ويک

3- قسم 4- ڪرمزي رنگ 5- وڻ جو نالو

(134) 1- ڦرهي 2- حيران 3- راءِ ڏياج 4- ننڍي 5- سار مان ڦوڪ ڏيڻ
 6- زيان 7- پورو

8- ڳاڙهو

 (135) 1- سخت 2- مسافري 3- ٽولا 4- اٺن جو ٽولو 5- اٺ

(136) 1- آنا 2- ڦٽل ٻچا

3- چونگي 4- گهگهيون 5- پهلوان 6- اڪيلا

(137) 1- هڙ  2- وڏا 3- ٽنگ 4- حد- گهاٽو

(138) 1- آواز 2- رڙڻ

3- سنهو ليڪو 4- تمام پٽڙي 5- بي پاڙي ول يا گهنگهڻو

(139) 1- ڇڪ 2- آواز 3- نوان پن

(140) 1- صبح تاءِ

(141) 1- ثابتي 2- مال ڇڄي ويل

3- پير 4- بي پرواهه 5- گهڻو انداز

(142) 1- کوري 2- ميدان 3- حلال 4- ڌؤرو 5- جانچ 6- سرميدان
 7- موڳو سياڻو

(143) 1- ٿڌيون 2- ٿڪ 3- دره وارا  4- ٽڪرا 5- پهلوان 6- مائٽي

(144) 1- نرين جو گودو 2- لذت 3- اگرو

4- عضوا

(145) 1- ورزش  2- گهاٽو 3- شڪاري

(146) 1- گل جهڙو

2- ظاهر 3- رمز 4- اول 5- آخر

(147) 1- مٿاهون 2- روشني 3- طاقت ور خدا تعاليٰ جو نالو 4- جيئري خدا تعاليٰ جو نالو 5- ڄاڻندڙ- ڌڻي تعاليٰ جو نالو 6- ڳالهائيندڙ   ڌڻيءَ تعاليٰ جو نالو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org