سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:10 

بهرحال هن نئين دور ۾ ملاڪا کي صاف سٿرو رکڻ ۽ وڌائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي پئي وڃي. ۽ ٽورسٽ/ سياحن جي اچڻ ۽ سندن سار سنڀال لهڻ لاءِ حڪومت ڏينهون ڏينهن وڏا بندوبست ڪندي رهي ٿي. گهمڻ يا واپار سانگي آيل پرديسين جي رهائش لاءِ گهڻ ماڙ هوٽلون ٺهي رهيون آهن. رامادا اِن، مرلين هوٽل، ملاڪا اسٽريٽ اِن، ملاڪا وليج ريسٽورنٽ، ائڊمرل هوٽل کان علاوه سستيون هوٽلون پڻ ڪيتريون ئي آهن: ڪٿي هوٽل، جالان بنداهارا تي فيڊرل هوٽل ۽ وئلينٽ هوٽل، جالان مني عبدالله تي ملاڪا هوٽل، پئلس هوٽل، ريگل هوٽل ۽ وسما هوٽل، جالان بنگارايا ته مئجسٽڪ هوٽل ۽ انگ فوڪ هوٽل، سينتوسا هوٽل، شاهه بيچ هوٽل ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون. جيتوڻيڪ ملاڪا شهر روهڙيءَ کان به ننڍو آهي ۽ آدمشماريءَ ۾ ته اڃا به گهٽ آهي.

انهن هوٽلن کان علاوه نوان رستا، نوان باغ ۽ پارڪ پڻ ٺهي ويا آهن. نواڻ سان گڏ پراڻي تواريخ کي به ساڳي اهميت ڏني پيئي وڃي. ملاڪا جي پراڻي ”پکي گهر“ ۾ نه فقط پراڻا ۽ اهم پکي ۽ جانور ملندا (مثال طور:دريائي گهوڙو جيڪو سڄي دنيا ۾ فقط هن پکي گهر ۾ آهي يا ”اورنگ هتان“ – اهو گوريلو جيڪو بلڪل ماڻهوءَ سان ملي ٿو)، پر وڻ ۽ ٻوٽا پڻ آهن. پراڻين مسجدن، مندرن، گودوارن، پگوڊائن ۽ چينين جي عبادت گهرن جو نه فقط هتي جي حڪومت، پر رهاڪو پڻ وڏو خيال رکن ٿا- چاهي سندن مذهب ۽ زبان ڪهڙي به هجي.

تواريخ کي جيئرو جاڳندو رکڻ لاءِ نه فقط عمارتن کي برقرار رکيو ويو آهي پر سندن نالا به اهي ئي قائم آهن. پورچوگالين جو علائقو اڄ به پورچوگيز سيٽلمنيٽ سڏجي ٿو. جنهن ۾ سئو سيڪڙو گورالسبني جيڪي پورچوگيز ته کڻي نظر نه ايندا جو اهي پورچوگال ئي هليا ويا، پر ”ڪرنٽا، - اڌ پورچوگيز اڌ ملئي. انڊين، انڊونيشي يا چيني ضرور ملندا. جيڪي پنهنجيون پورچوگالي ريتون ۽ رسمون ۽ رواج اڄ به آزاد نموني سان برقرار رکندا اچن. ڪيترا ته ملئيءَ سان گڏ پورچوگالي زبان ۾ ڳالهائين ٿا. پنهنجا گيت، گانا، ناچ نمونا ڪن ٿا. هينئر تازو اسان جي اڪيڊميءَ ۾ ECC (يورپين ڪامن مارڪيٽ) وارن جو سيمينار ٿيو. آخري ڏينهن تي ملائيشيا جي مختلف ڪلچرل ٽولن پنهنجا پروگرام پيش ڪيا. هڪ ٽولو پورچوگيز بئنڊ ۽ ڊانسرن جو به هو. اڇي کير جهڙي رنگ کان وٺي ڪڻڪ رنگ وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين اهڙا ته پورچوگالي ناچ پيش ڪيا جو لڳو ٿي ته ملاڪا رياست لسين (پورچوگال) جي ڪنهن ڪنڊ واري ٿيٽر ۾ ويٺا آهيون.

”ملايا ۾ هندستان واري

ايسٽ انڊيا ڪمپني“

سترهين صديءَ جي آخري پنجاهه سالن ۾ ڪيترائي منانگڪابو قبيلن جا ماڻهو سماترا ٻيٽ کان ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن ۾ اچي رهيا، جتي آدمشماري تمام گهٽ هئي. هنن ماڻهن ۾ اها رسم هئي ته هر شيءِ- ملڪيت کان رعب تاب سندن عورتن جي هٿن ۾ هو. بادشاهه چونڊڻ جي رسم اڄ به هنن جي دور کان ملائيشيا ۾ هلندي اچي. جن ملايا کي ارڙهين صديءَ ۾ نون رياستن (نينگگتري سيمبيلان) ۾ ورهايو- نينگري معنيٰ رياستون. سيمبيلان معنيٰ نَوَ.

آهستي آهستي ڊچن اهو محسوس ڪيو ته ملاڪا ۾ هاڻ اهو کڙ تيل نه رهيو آهي. ملاڪا پٺيان اجايو هاڻ وقت وڃائڻ بدران سماترا، جاوا ۽ مسالي کان مشهور ٻين اهڙين ٻيٽن ڏي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپي. کين ڪمزور ڏسي اوڀر جي ٻيٽن سيليس وغيره کان بوگي نالي هڪ سلجهيل قوم دلچسپي وٺڻ لڳي. جوهور ۽ سلينگر جي ترقي انهيءَ قوم جي ڪري چئي وڃي ٿي. 1784ع ڌاري ملاڪا سندس مڪمل قبضي ۾ آيو. ان کان اڳ بوگي قوم جي سردار راجا حاجيءَ 1770ع ۾ پيراق ۽ ڪيداق ۽ ڪيداح کي فتح ڪري ورتو هو. هونءَ بوگي قوم جو واپار ۽ اچ وڃ ته ملايا ۾ گهڻي عرصي کان هئي ۽ 1700عيسوي سن کان وٺي سلينگر رياست جو ته سلطان به هنن مان ئي ٿيندو هو. (سلينگر اها رياست آهي جنهن ۾ ڪوالالپور آهي) ڊچن جو رعب ۽ ملاڪا تي قبضو نه فقط بوگين جي ڪري ختم ٿي ويو. پر انگريزن جي اچڻ ڪري پڻ ڊچن تي اثر ٿيو.

1786ع ۾ انگريزن چين ۾ مال جي وڪري لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي پينانگ ٻيٽ خريد ڪيو ۽ 1795ع ۾ حملو ڪري ملاڪا فتح ڪيو. 1819ع ۾ سر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس سنگاپور ٻيٽ تي بيٺڪ ٺاهي ۽ ملاڪا نار جي ٽي اهم بندر ۽ شهر:پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور 1867ع ڌاري مڪمل طور، انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويا. سنگاپور هڪ آزاد ٻِيٽ/ بندرگاهه جي حيثيت ۾ ايڏي ترقي ڪئي جو دنيا جي ڪيترن پراڻن شهرن کان گهڻو اڳيان نڪري ويو.

1869ع ۾ جڏهن سئيز ڪئنال کليو ته يورپي ماڻهن جي اچ وڃ ڪري ايِشيا جي ٻين ملڪن سان گڏ سنگاپور جهڙا هنڌ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان واقف ٿيڻ لڳا. اوڻهين صديءَ جي اڌ کان پوءِ ملائيشيا ۾ چينين جي اچ وڃ به هيڪاندي وڌي ويئي- خاص ڪري ملائيشيا ۾ ٽين، قلعي (Tin) جي کاڻين لڀڻ کان پوءِ.

ان وقت کان اڄ تائين ملئي ۽ چيني ماڻهن جو دلي طرح پاڻ ۾ ڪو گهڻو ٺاهه ناهي جو ٻنهي ۾ مذهبي، رسمي ۽ تهذيبي ويڇا تمام گهڻا آهن. ايڏو اچي تڪرار پيدا ٿيو، جو انگريز وچ ۾ ٽپي پيا. ان چڪر ۾ ڪجهه نينگري سيمبيلان، سلينگر ۽ پهانگ تي پنهنجو اثر ڄمائي ورتو ۽ انهن چئن رياستن کي 1896ع ۾ گڏي فيڊريشن ٺاهيائون ۽ ڪوالالمپور کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيائون. ملائيشي جون باقي جيڪي رياستون هيون تن جا سلطان پڻ انگريزن کي طاقتور ۽ ”سمجهو“ مڃڻ لڳا، پر ساڻن گڏجڻ کان پري رهيا. انڊيا ۽ ٻين زبردست ملڪن وانگر انگريزن هتي ملائيشيا ۾ به مقامي ماڻهن جي ڪن ڳالهين ۾ هٿ چراند بلڪل نه ڪئي. مثال طور: سلطانن کي سلطان ٿي رهڻ ڏنو جيئن خيرپور رياست، حيدرآباد دکن ۽ ٻين هنڌن تي انگريزن ڪيو. مسلمانن يا ٻين کي پنهنجي مذهب جي آزادي ڏني ۽ فرينچن ۽ پورچو گالين وانگر انگريزن پنهنجي تهذيب ۽ رسم رواج زبردستي هڪدم ٿاڦڻ بدران هتي جي مڪاني ماڻهن جي زندگيءَ جو ساڳيو طور طريقو رهڻ ڏنو- جيئن انڊيا، نائيجيريا، ڪينيا- يا ويندي اڄڪلهه هانگ ڪانگ يا برونائيءَ ۾ نمونو رکيو اچڻ.

انهن ڏينهن ۾ ترينگانو، ڪيلنتان ۽ ڪيداح رياستون سيام (ٿائلينڊ) جي اثر هيٺ هيون. انهن کي 1902ع ۽ 1909ع جي وچ ۾ انگريزن پنهنجو ڪري ورتو ۽ جوهور رياست به 1914ع ۾ انگريزن کي پنهنجو ”صلاحڪار“ قبول ڪيو.

ملايا جي سڌرڻ ۾ انگريزن جو حصو

انگريزن جي سرپرستيءَ ڪري ملايا ۾ معاشي ۽ سماجي انقلاب آيو. گڏيل هندستان، ڪينيا ۽ سلون وانگر هتي به انگريزن يڪدم آمدرفت ڏانهن ڌيان ڏنو. هنن مختلف شهرن ۽ اهم هنڌن کان سنگاپور، پوٽ ڪلانگ (پورٽ سويٽ نام)، پينانگ (بٽروٿ) تائين اهڙا ته پڪا رستا ٺاهيا جيڪي سخت مينهن ۾ به خراب نه ٿين. ٽين جي کاڻين کان وٺي شهرن ۽ بندرگاهن تائين ريل جا پٽا وڇايا ويا ۽ پينانگ کان سريمبان ۽ سنگاپور تائين پهرين ريلوي لائين 1924ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ اڄ تائين انهن ئي پٽن تان ريل گاڏي هلندي رهي ٿي، فرق فقط اهو آهي ته ڪوئلن ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ بدران اڄ جي انجڻ ڊيزل تي هلي ٿي ۽ مسافر ايئرڪنڊيشن گاڏن جي نرم ڪوچن تي ويهي وي. سي. آر تي فلمون ڏسن ٿا يا درين جي ٽنٽيڊ شيشن مان ٻاهر جو دلڪش نظارو ڪن ٿا- پر ريل جا پٽا ۽ گيج اها ساڳي آهي. رستا ۽ راهون ساڳيا آهن- جيڪي اڄ کان پورا سٺ سال کن اڳ انگريز انجنيئرن جي نظرداريءَ ۾ چيني ۽ تامل مزدورن کان ملايا ملڪ جا جهنگل، ٻيلا ۽ ٽڪريون ٽڪرائي ٺاهيا ويا هئا. اڄ جي مسافر کي هڳيل گاڏيءَ ۾ ويهي جوان جوهوربارو ۽ سهڻي سنگاپور جو نظارو ڪندي اهو وسريو ٿو وڃي ته هنن رستن تي، هنن پٿرن تي، هنن ريلوي اسٽيشن ۽ سگنلن جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جو پگهر جذب ٿيل آهي، جن پنهنجي ڏيهه جي ڏکي معاشي حالت ۽ مجبورين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ گهر ٻار ڇڏي هتي پرديس جي گرمين، گهاٽن ٻيلن، مينهوڳي ۽ رت پئندڙ مڇرن جي منهن ۾ ڌارين جي حڪم هيٺ اچي پورهيو ڪيو، جيئن سندن ايندڙ ٽهيون- جيڪي اڄ خوش نظر اچي  رهيون آهن سي- سک جو ساهه کڻي سگهن.

بهرحال انگريزن پنهنجن ٻين قبضي هيٺ آيل ملڪن وانگر هتي به ريل رستا خوب ٺاهيا. پوءِ في الحال پهرين ان ۾ کڻي سندن ئي مطلب ۽ غرض موجود هو. ملائيشيا ۾ رٻڙ جي بهتر پوک ۾ پڻ انگريزن جووڏو هٿ آهي جن رٻڙ جي وڻن جي پهرين کيپ 1870ع ۾ سلون کان گهرائي هتي پوکڻ جو تجربو ڪيو، جيڪو بنهه ڪامياب نه ويو. پوءِ وري ٻيو دفعو 1890ع ۾ ان. ي. رڊلي (سنگاپور جي بوٽانيڪل باغ جي ڊائريڪٽر) رٻڙ جي چڪين جي ٻي کيپ گهرائي آزمائش ڪئي ۽ ڪامياب ويو. برٽش حڪومت ملايا جا گهاٽا ٻيلا وڍرائي رٻڙ پوکڻ ڪارڻ زمين تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي مالي مدد ڏني، رٻڙ جي پوک جيئن جيئن تيار ٿيندي ويئي، تيئن تيئن ڪم وارن جي ضرورت وڌڻ لڳي. ان ڪم لاءِ سڀ کان صحيح ماڻهو- ڏکڻ هندستان جا غريب تامل ۽ مليالم اچي ملايا ۾ رهڻ لڳا. ٽين جي کاڻين ڪري چيني ماڻهن جا ڪٽڪ ته ڪڏهن کان ملايا ۾ ديرو ڄمائي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح ملايا ۾ مڪس قسم جي زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو گڏ ٿي ويا.

”ملايا تي جپان جو قبضو“ – ”ملايا ۽

سنگاپور جوگڏجڻ ۽ ڌار ٿيڻ“

ستين ڊسمبر 1941ع ۾ جپانين پرل هاربر تي حملو ڪيو ۽ ڏهين ڊسمبر تي فلپائين کي پنهنجي حوالي ڪري آمريڪن جو پئسفڪ سمنڊ مان بڻ بنياد ختم ڪري ڇڏيو- گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه عرصي لاءِ. انهيءَ وچ ۾ اٺين ڊسمبر تي جپانين ملايا کي فتح ڪري ورتو ۽ هيٺ ڏکڻ ڏي- يعني سنگاپور ڏي وڌڻ لڳا. جي انگريزن جي وڏي فوج هئي. جتان انگريز سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا تي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا. سنگاپور جي شڪست انگريزن لاءِ ڳاٽي ڀڳي هار هئي. انگريزن جو سنگاپور تي جيتوڻيڪ مضبوط هٿ هو پر جپانين ستر ڏينهن ۾ سنگاپور فتح ڪري ورتو.

ٽن ڏينهن اندر جپانين جي هوائي فوج انگريزن جا ”پرنس اف ويلس“ جهڙا جنگي بحري جهاز نابود ڪري ڇڏيا ۽ برطانوي هوائي جهازن کان پڻ آسمان خالي ڪري ڇڏيو. جپاني جنرل ياما شيتا جي فوجين انگريز جنرل برسيوال ۽ سندس انگريز، هندستاني، ملئي ۽ آسٽريلوي فوج کي هيٺاهون ڪري ڇڏيو. پنڌرهين فيبروري 1943ع تي سنگاپور تي جپانين جو مڪمل قبضو هو. جپانين جا پنڌرهن هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ برطانيه ۽ ڪامن ويلٿ جا ڏيڍ لک کان به مٿي سپاهي چٽ ٿي ويا.

1942ع کان 1945ع تائين جپانين جو ملايا تي قبضو رهيو. انهيءَ دوران جپانين هتي جي اصلي باشندن- ملايو اورئنگ (ملئي ماڻهن) سان مڙيئي سٺو برتاءُ ڪيو. کين جوابداريءَ واريون نوڪريون به ڏنيون. باقي چينين سان گهڻو ظالماڻو برتاءُ ڪيائيون. جنگ جي ميدان ۾ انگريزن سان گڏ جيڪي هندستاني ٻانهن ٻيلي هئا يا ملايا ۾ موجود هئا تن کي هشي ڏنائون ته انگريزن کان پنهنجو پاڻ ۽ ملڪ (هندستان) آزاد ڪرائي وٺو.

هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد حالتون ٻيون ٿي ويون. جپانين کي جتان ڪٿان هٿ ڪڍڻا پيا. ملايا ۾ به جپانين کي هاڻ ڪمزور ڏسي انگريزن هڪ دفعو وري شينهن ٿي ويا، جيتوڻيڪ ان ٻي وڏي جنگ کان پوءِ ننڍي کنڊ (هندستان) جي ماڻهن کين پوءِ هرگز وٺ نه ڏنو ۽ سال ٻن کان پوءِ 1947ع ۾ کين ٽپڙ کڻائي آزادي ورتائون، پر ملايا کي انگريزن ايترو جهٽ نٿي ڇڏڻ چاهيو. هو نئين سنئينءَ وري حڪومت ڪرڻ جي موڊ ۾ هئا ۽ حڪومت جو انتظام هلائڻ لاءِ ملايا جون سڀ رياستون/ صوبا ڳنڍي هڪ ڪيائون. اها ڳالهه ملئي ماڻهن کي بنهه نه وڻي جو هڪ ته هنن جي هر رياست جو پنهنجو سلطان (سردار) هو ۽ ٻيو ته انگريزن لاءِ کڻي ملايا جا ماڻهو جپانين سان به وڙهيا- پر جن لاءِ مياس سي ڪانڌي ڪين ٿا، وانگر آزاد ڪرڻ ته ٺهيو ماڳهين ٺهي ٺڪي انگريز ملايا کي قبضي ۾ رکڻ، حڪومت ڪرڻ ۽ گهر (انگلينڊ) جا خرچ ملايا مان پورا ڪرڻ جو سوچڻ لڳا.

ان دور ۾ هتي جي ماڻهن ۾ زبردست سياسي سجاڳي پيدا ٿي ۽ داتو آن بن جعفر 1942ع ۾ يونائيٽيڊ ملئي نئشنل آرگنائيزيشن UMNO- سياسي جماعت ٺاهي. جيڪا عوام سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳي. 1948ع ۾ ملئي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي MCPپڻ وجود ۾ آئي، جيڪا پڻ کلئي عام مرديڪا (آزادي) خاطر انگريزن سان مهاڏو ڏيڻ لڳي. جڏهن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ سجاڳي هڪدم وڌي وئي ته برطانيه 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي آزادي ڏيئي ڇڏي.

1963ع ۾ سنگاپور، سراواڪ ۽ صباح رياستن ملايا سان گڏجي هڪ آزاد فيڊريشن ٺاهي. پر ٻن سالن بعد 1965ع ۾ سنگاپور وري ڌار ٿي رهڻ لڳو. باقي صباح ۽ سراواڪ ۽ ملايا گڏجي هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. صباح ۽ سراواڪ رياستون انڊونيشي ٻيٽ بورنيو جي اتراهين حصي تي آهن. (جنهن جو هڪ ننڍڙو حصو برونئي پڻ آهي) باقي ملائيشيا جون ملايا واريون يارهن رياستون ٿائلينڊ جي بارڊر کان شروع ٿين ٿيون ۽ هيٺ سنگارپور جي ٻيٽ تائين وڃيو پهچن.

”بفر اسٽيٽ يا ڊفر اسٽيٽ“

هندستان ۾ سک ڌار ملڪ- خالصتان ٺاهڻ جي سلسلي ۾ جيڪو گوڙ فساد ڪري رهيا آهن، ان جون خبرون هتي ملائيشيا ۾ به هر وقت اينديون رهن ٿيون- خاص ڪري ٽي ويءَ تان.

هتي ملائشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪافي سک رهن ٿا. جن جا ابا ڏاڏا سالن کان هتي ٽڪيل آهن. گهڻو ڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هنن جا وڏا هتي پورهئي ڪارڻ آيا هئا. سنگارپور ۾ ته لفٽ- مئن، هوٽل جو بئرو يا ٽئڪسي ڊرائيور گهڻو ڪري سک نظر ايندو. پر هتي ملائيشيا ۾ پڙهيل ڳڙهيل سک به ڪافي آهن. ڪيترائي جج، مئجسٽريٽ، وڪيل، ڊاڪٽر آهن، جن بابت اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو. خاص ڪري ڪو پوڙهو سک گذاري ويندو آهي ته ان جي ڪانڌپي جي مانيءَ جو اطلاع اخبار ۾ سندس فوٽي سان گڏ ڏنو ويندو آهي ته ”پينانگ يا ڪوالالمپور جي فلاني گوردواري ۾ شام جو فلاڻي وقت ڀوڄ آهي.“ ان سان گڏ وفات ڪندڙ جي پٽ، ڌيئن، ناٺين، نهن، پوٽن، ڏهٽن جي وڏي لسٽ پڻ هوندي آهي ته مرحوم پٺيان ڪهڙو اولاد ڇڏيو ۽ اهي ملائيشيا ۾ ڪهڙي نوڪري يا ڌنڌي سان لڳل آهن. ٽي. ويءَ جون خبرون ٻڌائڻ وارو پڻ هڪ سک آهي ۽ ٻين ملئي پروگرامن ۾ پڻ سک نظر اچن ٿا. هتي رهڻ ڪري هو ملئي لس ئي لس ڳالهائين. پنجابي پڻ ڳالهائين ٿا. پر سندن ننڍي ٽهي مادري زبان ايترو ڳالهائي جيترو ملئي.

هونءَ هتي ڪنهن به سک کان پڇيو ته ڪير آهين ته هو اهو نه چوندو ته هندستاني آهيان پر چوندو ته پنجابي آهيان. ملاڪا شهر جي هڪ مشهور چيني ڊپارٽمنٽل اسٽور لئن فئاٽ ۾ جتي سڀ چيني ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون اتي سنهري منهن ۽ سانوري رنگ جي هڪ ڇوڪريءَ کان پڇيم. ”آر يو ائن انڊين”“

وراڻيائين: ”نو ائم اي پنجابي.“

۽ هي جا ملئي رهاڪو به اڪثر چوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه انڊين آهن، پاڪستاني آهن، پنجابي آهن. يعني هندو سنڌي، هندو يا مسلم تامل، گجراتي ۽ ملباري وغيره هندستاني (انڊين) سڏائيندا، پر سک، ڪڏهن به انڊين نه چوائيندو. انگلينڊ ٽي. ويءَ جو مشهور پروگرام Mind Your Language – جيڪو پاڪستان ۾ به اچي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ پيا ڏيکارين- ان ۾ به ٻيا ته سڀ پنهنجي قوميت ملڪ سان وابستگي ٿا ڏيکارين پر سک- رنجيت سنگهه کان جڏهن قوميت پڇي ٿي وڃي ته پنجابي ٻڌائي ٿو.

سک جيتوڻيڪ آدمشماريءَ جي حساب سان ڪي گهڻا نه آهن، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي نموني، مذهب، ڏاڙهي ۽ پٽڪي، عادتن ۽ هلت چلت ڪري هو جتي ڪٿي نمايان ۽ الڳ ٿلڳ لڳن ٿا. هو هندستان جي سڄي آدمشماريءَ جو ٻه سيڪڙو مس ٿيندا. پر پنهنجو هڪ پختو گروپ / ٽولو ٺاهين ٿا. هندستان ۾ ٻين اقليتن (مسلمانن، ڪرسچنن، پارسين) وانگر سک ٽڙيل پکڙيل نه آهن پر سندن آدمشماريءَ جو وڏو حصو (پنجاسي سيڪڙو) هڪڙي ئي هنڌ هندستان ۽ پاڪستان جي بارڊر واري صوبي اوڀر پنجاب ۾ ڳهت ٿيل آهي.

هندستان ۾ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ سک سڀ کان اڳتي آهن. فوج ۾ پڻ سکن جو ڏهون حصو آهي ۽ تعداد جي حساب سان سرڪاري نوڪرين ۾ به تمام وڏو حصو اٿن. هندستان جي سڀني اقليتن مان سڀ کان گهڻو سکن کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جو خيال آهي ۽ فطرتاً ڪجهه تکي طبيعت جا هجڻ ڪري، ٿوري ٽيڪر تي به جوش ۾ اچيو وڃن. ان ڪري هندستاني حڪومت جي انتظاميا به هنن کان ڪن هڻي ٿي. ڏسندي ئي ڏسندي چند سالن کان سکن جي هڪ ٽولي خالصتان نالي هڪ الڳ حڪومت هلائڻ جي مهم شروع ڪري ڏني آهي. جيتوڻيڪ اڃان ان مهم ڪو گهڻو زور نه ورتو آهي، پر اندر ۾ ڪافي شر رکي ٿي، جنهن کان هندستان جي حڪومت گهڻو فڪرمند آهي.

گرونانڪ سکن جو پهريون اڳواڻ ۽ مذهبي رهنما هو جنهن سک ڌرم شروع ڪيو. پاڻ 1469ع ۾ ڄائو هو ۽ 1539ع ۾ گذاري ويو. شروع شروع ۾ سک تمام امن پسند ۽ سانتيڪي طبيعت جا هئا. پر پوءِ گرو گوبند سنگهه- جيڪو ڏهون ۽ آخري گرو ٿي گذريو آهي، تنهن کين جنگي برادريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. گرو گوبند سنگهه 1677ع ۾ ڄائو هو ۽ 1708ع ۾ گذاري ويو. 1699ع ۾ گرو گوبند سنگهه سکن کي خالصن جو لقب ڏنو- معنيٰ ”خالص نج“ اڄ به سنڌ ۾ سکن کي گهڻو ڪري خالصو سڏين. ان بعد گردوارن (سکن جي مندرن) ۾ هر پوڄا پاٺ بعد اها دعا ڳائي وڃڻ لڳي ته: ”راج ڪريگا خالصا“ – (خالصو ئي راڄ ڪندو.)

دراصل سکن پنجاب تي فقط پنجاهه سال (1849ع تائين ئي) راڄ مس ڪيو، ته انگريزن اچي قبضو ڪيو ۽ پنجاب کي به هندستان جو هڪ صوبو/ پرڳڻو بنائي ڇڏيو. ان کان پوءِ راڄ ڪرڻ جي شوق جي دعا فقط اميد تائين ۽ مذهبي ساٺ سوڻ/ رسم رواج تائين هلندي اچي.

1947ع ۾ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ هندستان پاڪستان ٿيو ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ سکن جي اڌ کن آدمشماري ۽ ڪجهه مذهبي ادارا پاڪستان ۾ پڻ اچي ويا. جهڙوڪ حسن ابدال وارو گوردوارو- جتي اڄ به زيارت لاءِ هندستان کان سک هر سال اچن ٿا. خون خرابين بعد پاڪستان ۾ بچيل سک اوڀر پنجاب ڪڍيا ويا ۽ اوڀر پنجاب جا مسلمان پاڪستان اماڻيا ويا. ان بعد زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سکن محسوس ڪيو ته هو پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ تمام گهڻائيءَ (مئجارٽي) ۾ آهن.

زبان جي بنياد تي سکن پنجابي ڳالهائيندڙن لاءِ الڳ صوبي جي گهر ڪئي ۽ 1966ع ۾ پنجاب صوبو الڳ ڪيو ويو، جنهن ۾ سکن جو پنجونجاهه سيڪڙو ٿيو ٿي ۽ هندن جو پنجيتاليهه سيڪڙو ۽ ان کان پوءِ ذري گهٽ سمورو ٽائيم پنجاب جي چيف منسٽري سک جي ئي هٿ ۾ رهي. سکن جي نامحرومي ۽ ڏکن جي احساس کي هندستان جون سياسي جماعتون بنيادي طرح فقط سياسي پروپئگنڊا طور ئي استعمال ڪنديون اچن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org