سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:4 

اميگريشن

هر ملڪ ۾ اميگريشن کاتو ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن جو رڪارڊ رکي ٿو ته ڪهڙا ٻاهر ويا ۽ ڪهڙا ملڪ اندر گهڙيا ۽ ڪٿي رهيل آهن. هر ملڪ مان وڃڻ وقت يا اچڻ وقت اميگريشن کاتي جو هڪ ڪارڊ- ايمبارڪيشن/ڊسئمبارڪيشن ڪارڊ- ڀري کين ڏيڻو پوندو آهي. جنهن بعد هو پاسپورٽ تي Exit ملڪ کان ”ٻاهر“ وڃڻ يا Enter – ”اندر“ گهڙڻ جو ٺپو هڻي ڏيندا آهن.

ذاتي چڪاس

جهاز تي وڌندڙ هاءِ جئڪنگ جي حادثن ڪري اڄڪلهه هر مسافر جي اليڪٽرانڪ مشين (اسڪئنر) ذريعي چڪاس ٿئي ٿي، ان پڪ ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو پستول، خنجر، بم يا لوهي هٿيار ته نه آهي. مسافر سان گڏ سندس بريف ڪيس يا ٿيلهي جي به چڪاس ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه جون اليڪٽرانڪ مشينون تمام جلد ڪم اڪلايو ڇڏين ۽ جيڪي ڪجهه بئگ ۾ يا ماڻهوءَ وٽ لوهي سامان آهي ان جو فوٽو اچيو وڃي. نه ته شروع ۾ جيڪي مشينون هونديون هيون، اهي چقمقي طاقت تي الارم وڄائينديون هيون، ان ۾ ڪافي دقت ٿيندي هئي. مثال طور: ماڻهو مشين مان لنگهيو ته مشين الارام وڄايو. خبر پئي ته هن وٽ پسٽل يا خنجر ته نه آهي، پر سندس صدريءَ جا ٻيڙا ڪنهن ڌاتوءَ جا ٺهيل آهن، ان ڪري مشين الارم پئي ڏئي يا غريب جي ڪڇي جو ٻيڙو ٽٽل آهي سو ڪانٽو هنيو پيو هلي. عورتن جي باڊين ۾ لوهي ڪڙا هجڻ ڪري اڪثر الارم وڄندو هو- يا آءِ. يو. ڊي ڪري.

انتظار گاهه

مٿئين چڪاس بعد مسافر انتظار گاهه (لائونج) ۾ اچي ويهندا آهن. جهاز جي اڏام کان ڏهه پنڌرهن منٽ اڳ لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسافر جهاز ۾ چڙهن. ڪڏهن جهاز پري بيٺل هوندو آهي ته ان هوائي جهاز جي ڪمپنيءَ وارا مسافرن کي بس ۾ چاڙهي جهاز تائين وٺي ايندا آهن.

هوائي جهاز

جهاز جي ڏاڪڻ وٽ مسافرن کان سندن بورڊنگ ڪارڊ وٺي، کين مقرر جاين تي ايئرهوسٽسون يا اسٽيورڊ ويهاريندا آهن. پوءِ جهاز جي مٿي اڏامڻ مهل سيٽ ۾ لڳل پٽو چيلهه سان ٻڌڻ ۽ سگريٽ نه ڇڪڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيئن ئي جهاز مٿي اڏامڻ واي ليول تي پهچندو آهي ته بيلٽ کولڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ اعلان ڪيو ويندو آهي. جهاز جي لهڻ وقت پڻ اهو عمل ورجايو ويندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز هلندي ڪنهن اهڙي حصي Air-Pocket ۾ به اچي ويندو آهي، جتي ساهه کڻڻ لاءِ هوا جي کوٽ هوندي آهي. ان لاءِ ايئر هوسٽس توهان کي چڙهڻ مهل ئي ٻڌائيندي ته جي اهڙي حالت درپيش اچي ته توهان جي سيٽن مٿان رٻڙ جا ٻوٿاڙا هيٺ لڙڪايا ويندا جيئن اهي نڪ ۽ وات تي رکي جهاز ۾ رکيل آڪسيجن استعمال ڪري سگهو.

ڪڏهن ڪڏهن جهاز سمنڊ جي مٿان لڳاتار هلندو آهي، جيئن سنگاپور کان منيلا تائين سڄو وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان هلندو آهي. اهڙن موقعن تي ايئرهوسٽس مسافرن کي سمجهائي ڇڏيندي آهي ته جي خدانخواسته حادثو ٿئي ته سيٽن هيٺان رٻڙ جون لائف جئڪيٽون (صدريون) ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏجن جيئن ٻڏڻ بدران سمنڊ جي مٿان تري سگهجي. ان رٻڙ جي جرسيءَ ۾ هوا ڀرڻ لاءِ ان جي هيٺان ڌاڳو ٻڌل هوندو آهي ان کي سٽ ڏيڻ سان اها هوا سان ڀرجي ويندي آهي.

جهاز ۾ اڏام جي وقت موجب مسافرن کي چانهه يا ماني کارائي وڃي ٿي. جي رات جي وقت وڏي اڏام اٺن ڏهن ڪلاڪن جي آهي ته فلم شو به ڏيکاريووڃي ٿو، ۽ جي ڪو ڏسڻ نه چاهي ته پنهنجي سيٽ کي پٺيان لاڙي سمهي رهي يا بتي ٻاري ڪتاب/اخبار ويهي پڙهي.

هر جهاز جي باٿ روم ۾ ڪاڪوس ۽ هٿ منهن ڌوئڻ جي بندوبست کان علاوه مردن لاءِ شيو جو سامان يا اليڪٽرڪ شيور لاءِ سئچ، صابڻ، يوڊي ڪولون ۽ هٿ اگهڻ لاءِ پنا ۽ ٽشو پيپر ٿين ۽ عورتن لاءِ سينيٽري ٽئال- ڪوٽيڪس، ٽئمپيڪس وغيره پڻ.

ڪيترن جهازن ۾ سيٽن جي مٿان وهاڻا ۽ بلاڪيٽ رکيل ٿين، جيئن ڪنهن کي سيءُ لڳي يا ننڊ اچي ته مٿان بلاڪيٽ يا وهاڻو کڻي استعمال ڪري.

(نوٽ:اڄڪلهه پاڪستانين لاءِ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور وڃڻ لاءِ پڻ ويزا اڳواٽ وٺڻ ضروري ڪئي وئي آهي.) ‌‍

ڪولمبو کان ڪولالمپور

 

ڪولمبو کان سنگاپور ايندي جهاز ۾ ٻن ڄڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ ته سنگاپور جو ڇوڪرو علي ۽ ٻيو انڊونيشيا جو عامر ڪاسمير.

علي ڪراچيءَ کان ئي اسان سان گڏ چڙهيو هو. تيرهن چوڏهن سالن جو مس ٿيندو. بمبئيءَ ۾ ٻيا مسافر لهي ويا پر هي اسان سان ئي جهاز ۾ ويٺو رهيو. ڪولمبو جهاز پهتو ته اتي به ڪجهه لٿا ۽ ٻيا چڙهيا. هي ڪولمبو ايئرپورٽ تي به اڪيلو ڦري رهيو هو. ڪولمبو کان سنگاپور ايندي وقت اتفاق سان هن جي سيٽ منهنجي ڀر ۾ هئي سو جهاز ۾ لنچ بعد کانئس خبر چار ورتم ته اڪيلو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين. پاڻ ٻڌايائين ته هو هر سال هنن ڏينهن ۾ جڏهن سنگاپور ۾ اسڪول کان موڪلون ٿينديون آهن ته ڪراچيءَ پنهنجي چاچي وٽ ويندو آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ واپاري آهي ۽ بندر روڊ تي جناح جي مزار جي سامهون ڪرسچن سوسائٽيءَ ۾ رهي ٿو. پاڻ آغا خاني کوجا آهن. سندس پيءُ سالن کان سنگاپور ۾ رهي ٿو، اتي جو پاسپورٽ ۽ شهريت اٿس. دراصل سندس ڏاڏا، پڙڏاڏا بمبئيءَ جا رهاڪو هئا ۽ واپار خاطر ڪي سائوٿ آفريڪا ۾ وڃي رهيا ته ڪي پاڪستان ۾ ۽ ڪي سنگاپور ملائيشيا ۾. جيڪي جتي آهن اهي اتي جون زبانون ڳالهائين، پر گهر ۾ ڪڇي يا گجراتي ڳالهين.

کوجا واپاري ڪميونٽي سان تعلق رکن ٿا ۽ بوهرين وانگر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملندا-خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ ۾، يا هندي وڏي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي. کوجن جون ٻه ڌريون آهن: هڪ آغا خاني (اسماعيلي) ۽ ٻي اثنا عشري. اسان جي ملڪ ۾- خاص ڪري سنڌ جي شهرن: حيدرآباد، ڪراچي، تلهار، سکر، بدين پاسي تمام گهڻا کوجا رهن ٿا- جن نه فقط واپار ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، پر تعليم ۽ هنرن ۾ پڻ. اسان مان ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته کوجا ڪير آهن؟ اثنا عشري کوجي ۽ اسماعيلي کوجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

حضورﷺ جن کان پوءِ خلافت جي دور ۾ جڏهن مصري باغين حضرت عثمان رضه کي شهيد ڪري وڌو ته حضرت علي خليفو مقرر ٿيو. امير معاويه رضه ۽ حضرت علي رضه جي وچ ۾ قصاصِ عثمان رضه جي ڳالهه تي جنگ ٿي ته هڪ جماعت حضرت علي رضه جي لشڪر کان ڌار ٿي ويئي. هيءَ جماعت تاريخ ۾ خوارج جي نالي سان مشهور ٿي جيڪي عام ٻوليءَ ۾ خارجي سڏجڻ لڳا. جيڪي ماڻهو حضرت علي رضه جي پاسي وڙهندا رهيا اهي شيعانِ علي رضه سڏيا ويا. ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هي شيعان به اثنا عشري ۽ اسماعيلي ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويا. اثنا عشري حضرت جو عقيدو آهي ته حضرت علي رضه رسول اڪرمﷺ جو وصي ۽ بلافصل خليفو آهي ۽ حضور جن کان پوءِ مسلمانن جو برحق امام آهي ۽ جئين ته زمانو امام کان سواءِ خالي نٿو رهي سگهي، ان ڪري حضرت عليءَ کان پوءِ امامت سندن اولاد ۾ ڦرندي ٻارهين امام مهدي رضه تائين پهتي، جيڪو امامِ زمان آهي- يعني هلندڙ زماني جو امام آهي. پاڻ هڪ غار ۾ روپوش ٿي ويا آهن ۽ قيامت ويجهي اچڻ تي امام مهدي وري ظاهر ٿيندو.

اثنا عشري جي ٻارهين امامن جا نالا هي آهي: حضرت علي، حسن، حسين،زين العابدين، محمد باقر، جعفر صادق، موسيٰ ڪاظم، علي الرضا، محمد تقي، علي نقي، حسن عسڪري ۽ ٻارهون امام-مهدي- آخرالزمان.

ان جي برعڪس اسماعيلي حضرت جعفر صادق تائين ڇهن امامن جا قاعل آهن، پر هو ستين امام موسيٰ قاظم کي نه پر امام جعفر صادق جي ٻئي پٽ اسماعيل کي مڃين ٿا ۽ ان کان ئي امامت جو سلسلو اڳتي وڌائين ٿا. اهڙي ريت پرنس آغا ڪريم اسماعيلي امامن جي ان سلسلي جو اوڻونجاهون حاضر امام آهي.

جهاز ۾ منهنجي ٻي ڳالهه ٻولهه انڊونيشيا جي عامري ڪاسمير نالي هڪ نوجوان سان ٿي. ڪولمبو ايئرپورٽ تي اسان جي فلائيٽ جو نمبر 322 هو. ان کان اڳ 422 نمبر واري اڏام کي ڪولمبو کان سريلنڪا جي ٻئي ڪنهن شهر ڏي وڃڻو هو. جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا اعلان ٿيو هوندو:

”ايئرلنڪا جي اڏام نمبر 422 وڃڻ واري آهي، مسافرن کي آخري دفعو اعلان ٿو ڪجي ته هو جهاز ۾ اچي چڙهن.“ هر دفعي اعلان بعد اهو ورجايو پئي ويو ته ان سلسلي ۾ هاڻ وري اعلان نه ڪنداسين ۽ جي ڪو مسافر رهجي ويو ته اها ان جي ذميواري آهي.

آصف چيو ته ڪمال آهي. هر دفعي اهو چئي ته آخري اطلاع آهي وري اعلان نه ڪنداسين، ان کان پوءِ به وري ساڳيو ساڳيو اعلان پيو ٿئي. اهڙي صورت ۾ ان دڙڪي جو ڪهڙو اثر. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ان جهاز جو ڪو به مسافر ايئرپورٽ تي موجود هوندو ته وڌ ۾ وڌ ٻيو دفعو ٻڌڻ تي اچي جهاز ۾ چڙهندو، جو هن جو پنهنجو به نقصان آهي، ۽ هيڏانهن اسان جو جهاز ساڍي اٺين بجي وڃڻو هو ان کي نو اچي ٿيا آهن، پر ڪو اطلاع به ڪو نه ٿا ڪن.

آصف کي چيم ته ترس ته ”واءُ سواءُ“ لهي اچان ته نصير اعجاز ڇا ٿو چوي. ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ۽ امن امان آهي يا اڏام جو وقت بدلائي ڇڏيو اٿن. ايئر لنڪا جي عاج جي ٺهيل اڇي ڪائونٽر پويان ڪاري سنهالي گرائونڊ هاسٽس ٻڌايو ته ان اڏام جا ماڻهو ته ڪڏهوڪو لائونج ۾ پهچي ويا آهن. اسان به ٿيلهو ۽ بريف ڪيس ڍوئي تکا تکا آياسين. رستي تي پنهنجي ۽ سامان جي چڪاس ڪرائيسين ۽ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ورتوسين. لائونج ۾ ڏسون ته مسافرن جي ڊگهي قطار لڳي پيئي آهي. ٿيلها ۽ ٿونا هڻي اسان به اچي اهڙي هنڌ تي بيٺاسين، جتان پڪ هئي ته مصر وارو حال ٿيو ته به اسان تائين لڳل قطار کي جهاز ۾  جاءِ ملي ويندي ۽ اسان جو اڄ ئي پهچڻ به ضروي هو. ڇو جو هي جهاز هٿن مان وڃڻ تي هڪ ته سنگاپور ۾ بيٺل ٽئين جهاز تي پهچي نه سگهبو ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي آيل اسان جا ڌڻي سائين موٽي ويندا ۽ اسان پهرين ڏينهن ئي پرديس ۾ دربدر ٿي وينداسين. ڪيڏانهن سامان کي ڍوئينداسين ۽ ڪيڏانهن رهڻ لاءِ گهر پڇائينداسين. گهمڻ ته آيا ڪو نه هئاسين جو پنهنجي خرچ تي ٽئڪسيون ۽ مزور ڪيون ۽ هوٽل جو خرچ ڀريون- جيتوڻيڪ اڳتي هلي ائين ئي ٿيو- سنگاپور وارو جهاز به دير سان پهچڻ ڪري نڪري ويو ۽ ڪوالالمپور ۾ جيڪي اڀرا سڀرا اسان جا آڌر ڀاءَ لاءِ آيل هئا سي به روانا ٿي چڪا هئا.

ڪولمبو ايئرپورٽ تي لڳل ان قطار مان ڀر ۾ بيٺل نوجوان کان پڇيم ته هيءَ قطار سنگاپور ڏي ويندڙ جهاز جي مسافرن جي ئي آهي نه؟ همراهه ڪو اسان کان به وڌيڪ ڪاوڙيو هو، سو منهنجي پڇڻ تي پاڻ شروع ٿي ويو: ”هي سريلنڪا جا ماڻهو ته ڏسو، نه هي پتو، نه هو پتو، بيٺي بيٺي به اڌ ڪلاڪ ٿي ويو آهي.“

مون به ٽيڪو ڏياريومانس: ”ها ڏس ته سهي هن ٻي اڏام 422 لاءِ ته ذري ذري پيا اعلان ڪن، پر پنهنجي اڏام بابت ڪا خبر نه نٿا ٻڌائين. اسان ته ڪلاڪ ڏيڍ کان ايئرپورٽ ٻاهران پاڻي پي پيشاب پئي ڪيو ۽ پيشاب ڪري پاڻي پئي پيتو. چڱو جو هينئر پڇيوسين نه ته ذري گهٽ جهاز هليو وڃي ها.“

کلي چيائين: ”هڪ ته سريلنڪا ۾ اها مصيبت آهي ته هتان سندن قومي جهازران ڪمپنيءَ ۾ ئي اڏامڻو پوي ٿو. نه ته آئون ”گرودا“ (انڊونيشيا جي ايئرلائين) ۾ ئي سفر ڪريان ها.“

مٿي تي ڪاري ٽوپي پيئي هيس. پڇيومانس: ”ملئي آهين يا انڊونيشي؟“

”انڊونيشي آهيان، هتي ڪولمبو ۾ پنهنجي ملڪ جي سفير جو پرائيويٽ سيڪريٽري آهيان. هينئر ٽن ڏينهن لاءِ جڪارتا پيو وڃان.“

۽ پوءِ جيسين جهاز ۾ چڙهون تيسين وقت گذارڻ لاءِ خبرون ڪندا رهياسين. ايشيا جي ملڪن ۾ اهي مزا آهن ته ڄاڻ سڃاڻ هجي يا نه پيو پڇ. پيو ڳالهاءِ، ڪو دل ۾ ئي نه ڪندو. ويندي ٻئي جي اخبار کڻي ويهي پڙهه ته به مڙيئي خير آهي ۽ هي جوان ته ڪجهه وڌيڪ ئي خوش مزاج ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو پئي لڳو.

پڇيومانس: ”جڪارتا موڪلن تي پيو وڃين؟“

”نه بابا. موڪلن تي ڪٿي. ڪم. ڪم. ڪم. ڏينهن رات ڪمن ۾ بزي آهيان. هڪ ٻيٽ تي ڪجهه پرابلم آهي. ان جي دوري تي پيو وڃان، جو هتي جو وزيراعظم اوڏانهن ٽوئر تي وڃڻو آهي. توهان ڪريو خبر؟!“

مون کيس اڃا پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته جهاز ۾ هلي ويهڻ لاءِ اعلان ٿيو. چيومانس ته خبرون پوءِ جهاز ۾ ڪنداسين. هل ته ڀڄي هلي جاءِ ولاريون. جهاز ۾ پهچي آصف چيو: ”جنهن سان ڳالهائي رهيو هئين. اهو همراهه پاڪستاني ته نه هو؟“

”نه. ڪاري ٽوپي قوالن واري مٿي تي ڏسي ڀليو آهين ڇا؟“

”ها.“ آصف وراڻيو.

”درويش اها ٽوپي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي قومي لباس ۾ شامل آهي ۽ ماڻهو عام پائين. پاڻ به ملائيشيا ۾ ڪجهه سال رهنداسين ته اهڙا قوال ٿي پونداسين. موڪلن ۾ اهڙيون ڪاريون ٽوپيون ۽ گوڏيون (سرونگ) پائي هٿ ۾ دهلڙيون کڻي پنهنجي وطن موٽنداسين.“

جهاز اڏامڻ بعد ڪجهه دير آرام ڪري کيس ڳولڻ لاءِ اٿيس. هي جهاز پهرين جهاز کان وڏو هو ۽ ٽي چار سئو کن ماڻهو ويٺل هيس. پاڻ مون کي پري کان ئي ڏسي ورتائين ۽ رڙ ڪري سڏيائين. سندس ڀر ۾ خالي سيٽ ته هئي ڪا نه سو جهاز جي پڇ ۾ ڪاڪوسن وٽ بيهي خبرون ڪيونسين. مون کيس ملائيشيا اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ڪولمبو ۽ جڪارتا گهمڻ لاءِ دعوت ڏنائين. هڪ ٻئي کي ائڊريسن جا ڪارڊ ڏناسين. سندس ڪارڊ تي ڪولمبو (سريلنڪا) جي ائڊريس هئي. ٻئي پاسي پين سان جڪارتا جي ائڊريس لکيائين. سندس نالو عامري ڪاسمير هو. جڪارتا جي اسپيلنگ ڊچ نموني- Djakarta لکڻ بدران انگريزي اسٽائيل ۾ Jakarta لکيائين.

جيئن هندستان، سلون، سنگارپور تي انگريزن جو راڄ هو. تيئن انڊونيشيا ۾ به ڪافي وقت ڊچن جي حڪومت رهي. ان ڪري اِتي ڊچ زبان ائين عام آهي جيئن پاڻ وٽ انگريزي، ڊچ زمان ۾ ”ڊ“ جي اچار لاءِ DJ لکيو وڃي ٿو ۽ پيش جي اچار لاءِ EO (ٻه اکر) لکيا وڃن ٿا. ڪجهه وقت اڳ تائين انڊونيشيا ۾ نالن جون اسپيلون ڊچ نموني سان لکيون وينديون هيون ۽ J بدران DJ ۽ U بدران EO لکيو ويو ٿي. مرحوم سڪارنو آزاد حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڊچ نموني سان نه لکيو وڃي، جيتوڻيڪ پاڻ نالو لکڻ مهل انگريزي نموني سان Sukarno لکندو هو، پر پنهنجي نالي جي صحيح ڪرڻ مهل پراڻي ڊچ نموني جي اسپيلن  Seokarno لکندو هو.

انڊونيشيا کي آزاد ٿئي چوويهه سال کن اچي ٿيا آهن، جن ۾ فقط ٻه ئي صدر ٿيا آهن: هڪ سڪارنو ۽ ٻيو سهارتو- جيڪو اڃا هلندو اچي. سهارتو (Seoharto) جي نالي ۾ به س تي پيش اچڻ ڪري S کان پوءِ Eo ٿو اچي. پر پاڻ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي صحيح ۾ سٺو نالو لکڻ بدران فقط S/Harto – ”ايس“ لکي پوءِ ”هارتو“ لکي ٿو.

سڪارنو تان هڪ ڳالهه ياد آئي ته انڊونيشيا جي مرحوم صدر- ڊاڪٽر سڪارنو، جيڪو دوائن وارو ڊاڪٽر نه پر آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ ۾ پي. ايڇ. ڊي هو، جو ننڍڙو ۽ فقط هڪڙو ئي نالو – ”سڪارنو” هو- ٻيو اڳيان پويان ڪجهه به نه. جيتوڻيڪ ڪن ڪن هنڌن تي احمد (Ahmed يا  Achmed) سڪارنو پڙهڻ ۾ اچي ٿو.

ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي هڪ اخباري ايڊيٽر پنهنجي نمائندي کي انڊونيشيا موڪليو ته وڃي سڪارنو جو انٽرويو وٺي اچ. هن انٽرويو وٺي جڪارتا مان ئي روانو ڪيو ته ايڊيٽر وٽان تار مليس ته سڪارنو جو سڄو نالو ته معلوم ڪري لک. جتي ڪٿي رڳو سڪارنو، سڪارنو لکيو اٿئي. سڪارنو سان گڏ ٻيو به ته ڪرسچن نالو هوندس (جيئن پاڻ وٽ نالي سان گڏ علي، احمد، محمد، ڪريم، ستار ٿئي: علي شير، غلام محمد، عبدالستار وغيره) تار پهچڻ تي ٿڪل نمائندي – جنهن کي پاڻ ئي خبر نه هئي ته سڪارنو جو سٺو نالو ڇا آهي، تنهن بيزاريءَ مان لکي موڪليس ته ”احمد سڪارنو“ ئي هلائي ڇڏ.

بس سائين اخبار ۾ ته مضمون احمد سڪارنو نالي هلي ويو. ان بعد ٻيا به ڪيترائي اهو ئي لکندا رهيا. جيتوڻيڪ سڪارنو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ان غلطيءَ بابت ذري ذري لکيو آهي: ”منهنجو نالو فقط سڪارنو آهي- ۽ اڳيان پويان ٻيو ڪجهه ناهي. ڪنهن بيوقوف اخباري ايڊيٽر هڪ دفعو منهنجي نالي اڳيان احمد لکيو هو، پر آئون فقط سڪارنو آهيان. اسان جي ملڪ ۽ ماحول ۾ فقط هڪڙو نالو هجڻ عام آهي ۽ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي......“

سڪارنو جي آتم ڪهاڻيءَ جي ان ڪتاب ڇپجڻ بعد به سندس نالي جي غلطي ٿيندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته علمي ڪتابن ۾ پڻ. گذريل سال آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پريس طرفان انڊونيشي ملٽري سياست تي هڪ تحقيقاتي ڪتاب The Road to Power ڇپيو آهي ان ۾ به سڪارنو جو نالو صدر احمد سڪارنو لکيل آهي.

ٻڌو اٿم ته سڪارنو جي ڌيءَ ان پهرين اخبار جي ايڊيٽر ٿي هاڻ ڪيس ڪيو آهي ته هن سندس پيءُ جو غلط نالو ڇو مشهور ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ ئي ايئرلنڪا آفيس وارن کي چيوسين ته سنگاپور پهچڻ بعد جيڪو پهريون جهاز ڪوالالمپور وڃي ان ۾ اسان کي موڪليو وڃي. هنن ٻڌايو ته چئين بجي ملائيشيا ايئر سسٽم MAS وارن جو جهاز سنگاپور کان ڇٽندو ۽ سوا پنجين بجي ڌاري ڪوالالمپور پهچي ويندو. اسان کي اهو پروگرام وڻيو ۽ ڪوالالمپور پنهنجن همراهن کي ان حساب سان اطلاع ڪري ڇڏيوسين ته ٻيلي فلاڻي ڏينهن سوا پنجين ڌاري هڪيا تڪيا ڪوالالمپور جس سمباگ ايئرپوٽ تي اسان کي وٺڻ لاءِ پهچي وڃجو، ۽ اهو نياپو ملڻ تي هنن پڪ جي تار به ڪئي: ”اسان جو ماڻهو ملاڪا شهر کان ڪوالالمپور وٺڻ لاءِ پهچي ويندو. رات جي رهڻ جو بندوبست اتي جي هوٽل فاروما ۾ ڪيو اٿئون. جتي رات ٽِڪي ٻئي ڏينهن همراهه سان ملاڪا هليا اچجو.“

اسان جي ڌيان ۾ اهو هو ته فقط ”موهن جو دڙو، ايڪسپريس ۽ مهراڻ ايڪسپريس ئي وقت تي نٿيون پهچن. پر هاڻ جو اسان کي ايئرلنڪا جي جهاز چئين بدران ساڍي چئين پهچايو ته ڏاڍو افسوس ٿيو. جيتوڻيڪ ملائيشيا ويندڙ جهاز اڃا ٽيڪ- آف نه ڪيو هو. MAS وارن چيو ته جهاز ۾ ڊوڙي وڃي چڙهو. پر ايترو وقت ناهي جو توهان جو سامان آيل جهاز جي ڍير مان ڳولي ڪڍي ٻئي جهاز ۾ ڦٽو ڪريون. سو سامان ٻئي ڪنهن جهاز ۾ موڪلينداسين ۽ جي توهان چاهيو ته ٻئي جهاز ۾ هليا وڃو. هن جهاز جي پچر ڇڏيو.

”ٻيو جهاز ڪهڙو ۽ ڪڏهن ويندو؟“ اسان پڇين.

”ٻيو جهاز سنگاپور انٽرنيشنل ايئر لائنز SIA جو ساڍي پنجين وڃڻو آهي ۽ اسان توهان کي ان ۾ موڪلي ڇڏينداسين.“

ٿوري دير اڳ جو اسان ڳالهائي به تکو تکو رهيا هئاسين ۽ هلي به تکو تکو رهيا هئاسين، هاڻ اهڙا ڍرا ٿي پياسين ڄڻ اسان جي آخري منزل ئي سنگاپور هجي. آصف ويو سو بسڪٽن ۽ کاڄن جا پڙا وٺي آيو، تيسين آئون سنگاپور ايئرپورٽ جي مفت جي فونن تان پنهنجن سنگارپور ۾ رهندڙ دوستن، ڪئپٽن ظهور عالم، ڪئپٽن مکڙي، شهاب الدين وغيره کي ٻڌائڻ لڳس ته بابا هاڻ منهنجو ڏس سمنڊ کان نه پر ڪنارن کان پڇجو. ڪئپٽن ظهور مونکان هڪ سال جونيئر ۽ چيف انجنيئر شهاب منهنجو چٽگانگ ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ ڪئپٽن مکڙي منهنجو ٽيچر هو. هاڻ اهي سڀ سنگاپور ۾ نوڪري ڪن ٿا.

سنگارپور ايئرپورٽ يا سڄو سنگاپور جو شهر جيڪو اڄ کان پنڌرنهن سال کن اڳ (1968 ڌاري) ڪجهه به نه ٿو- ڪراچيءَ جي کارا در، موسي لين يا ڪنهن ٻيءَ مهاڻن جي بستيءَ جهڙو هو. جنهن جي بندرگاهه جي ٻاهران رکيل ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي ملبارين يا بنگالين کان چانهه وٺي پئندا هئاسين- جيڪي گاڏيءَ تي سڄو رڌ پچاءَ جو سامان رکي هلندا هئا. سڄي شهر ۾ ڏسڻ جهڙيون وڌ ۾ وڌ انگريزن جي زماني جون فقط ٻه چار گوٿڪ نموني جون عمارتون هيون (جن مان اڄ به پوسٽ آفيس موجود آهي)، ٻيو مڙوئي خير ۽ سڄي شهر ۾ رئفل اسڪوائر ٿورو گهڻو چڱيرڙو علائقو سمجهيو ويندو هو (جيڪو هاڻ ته سائين بلي بلي آهي). گذريل پندرهن سالن ۾ سنگاپور جيو چپو چپو، عمارت عمارت اسان جي اکين اڳيان ڊهندي ۽ ٺهندي رهي آهي. اڄ سنگاپور جهڙو سهڻو، صاف سٿرو ۽ هر سهولت سان پر شهر دنيا ۾ نه هوندو. رڳو ايئرپورٽ کي ڏسي تعجب ٿو لڳي ته اهڙو ڪشادو، ايئر ڪنڊيشنڊ، ڪمپيوٽرائيزڊ، غاليچن سان ڍڪيل فرش وارو صاف سٿرو ايئرپورٽ ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ به نه هوندو.

ايئرپورٽ جي دڪانن تان پاڪيٽ سائيز ريڊيو ۽ عطر وٺڻ ٿي چاهيم، پر اسان جهازي ماڻهو سنگاپور جي تنجم پگار، عرب اسٽريٽ ۽ هاءِ اسٽريٽ جي سنڌي هندن ۽ تامل مسلمانن جي دڪانن تان سستي خريداري ڪرڻ جا عادي، هن چيني دڪان جي ڳرين قيمتن واريون شيون وٺي نه سگهياسين- جيتوڻيڪ اڃا ته اهي هن ڊيوٽي فري اگهه تي پئي وڪيون. هڪ چينيءَ نيٺ چڙي چيو توهان جا پاڪستاني ته هتان جام شيون وٺي ويندا آهن. توهان ڇو نٿا وٺو؟!

کلي چيومانس ته هنن کي واپس ڪراچيءَ  وڃڻو هوندو آهي، سو آخري وقت تي تڙتڪڙ ۾ هتان وٺي ويندا هوندا. اسان کي ته رهڻو ئي هتي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org