سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:12 

عربي نالن تان ڳالهه ياد آئي ته ڪوالالمپور کان ملاڪا شهر پهچڻ تي هتي جي هڪ هوٽل- ”تريولرس اِن“ ۾ جڏهن ڪمرا بڪ ڪرائي رهيا هئاسين ته رسيپشن تي ٻئي ملئي ڇوڪريون عزيزان ۽ نوريزان مسلمان هيون. اسان کان پڇيائون ته ڪٿي جا آهيو.

”پاڪستان جا.“ وراڻيوسين.

”پاڪستان ۾ ته سڀ مسلمان هوندا؟!“

”ها. هتي ملئي سڀ مسلمان آهن. انڊين ۽ چينين ۾ به ڪجهه مسلمان آهن، باقي هندو، سک، ڪرسچن، ڪنفيوسٽ وغيره.“

هو هڪ ڏورانهين ڏيهه کان ساڳي مذهب جا ماڻهو ڏسي ۽ ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لاءِ اسان کان اسان جي ملڪ ۽ نوڪريءَ جون خبرون پڇڻ لڳيون. جيسين روم بئا، اسان جو سامان ٽئڪسيءَ مان لاهي ٽراليءَ ۾ ڪنهن کي هجائتو ٿيندو ڏسي، کل جهڙي ڳالهه هجي يا نه ڏند ٽيڙي پاسپورٽ نمبر ۽ نالو ورتو. جڏهن اسان کين پنهنجا نالا: الطاف ۽ آصف ٻڌايا ته ٻئي وائڙيون ٿي چوڻ لڳيون: ”You can not be Muslims“ توهان ته مسلمان ٿي نٿا سگهو؟

”اڙي ڇو؟“ اسان ٺهه پهه پڇين.

Because Altaf and Asif are not Muslim name“ ڇو جو الطاف ۽ آصف ڪي مسلمانن جا ته نالا نه آهن.“

پوءِ جڏهن کين سڄا نالا: محمد آصف ۽ الطاف احمد ٻڌايوسين ته رڙ ڪري چوڻ لڳيون.

Then say Like that “ ته پوءِ ائين چئو نه.“

بهرحال ملئي ۾ ٻي ڏورانهين ٻولي عربيءَ جا تمام گهڻا لفظ آهن. جيئن ته سلامت معنيٰ سلامتي ۾، حفاظت ۾، سلامت داتنگ ۽ سلامت جالان ته تمام گهڻا ٻڌبا- يعني ڀلي ڪري آيائو (اچڻ جي سلامتي) ۽ وڃڻ جي سلامتي- معني خدا حافظ، الله کي پرتين. سلام لاءِ السلام عليڪم به چون ته ايرانين ۽ انگريزن وانگر صبح منجهند شام رات جا ڌار ڌار سلام به ڪن. مثال طور: ”سلامت پاگي“ معنيٰ صبح جو سلام، سلامت پيتانگ“ معنيٰ شام جو سلام ان کان علاوه ٻِا به ڪيترائي عربي جا لفظ ملئي زبان ۾ آهن. مثال طور: ڪرسي، عسڪر، (فوجي)، نصيب قصا، Wajib (واجب) معنيٰ ضروري Tadbir(تدبير) معنيٰ بندوبست يا انتظام، صفت، صحت، نصيحت، مسجد، Maaf (ماف) معنيٰ معاف،Mahkamah (ماحڪاماح) معنيٰ ڪورٽ، Kertas (قرطاس) معنيٰ ڪاغذ، خدمت، جواب، Jenis  (جنس)  معنيٰ قسم. موڪل جي درخواست تي هڪ ڪالم هوندو آهي: جنس چُٽي- Jenis Cuti  معنيٰ عرضدار کي ڪهڙي قسم جي موڪل کپي:پگهار سان، بنا پگهار سان، ميڊيڪل..... وغيره. Daftar (دفتر) معنيٰ نوٽ بڪ. ان کان علاوه رجسٽر، عادل، زمين، زمان، ظالم، وقت، وڪيل، زمرد، طبيعت، عزت، وليما، تاريخ، تواريخ، تمر (ڪتل)، تاج، ڪتاب (مذهبي ڪتاب)، بوڪو (عام ڪتاب)، لائق، ڪشمڪش، ڪنجي، قحط، (ڏڪار)، بهادري، عمر (ڄمار)، لغام، عذاب، عوام، اولياءِ، ازل، عظمت، يقين- اهي ۽ ٻيا ڪئين هزارين ملئي لفظ جيڪي عربيءَ تان کنيل آهن. ويندي ڏينهن جا نالا: احد، اثنين، اربعين، خميس، جمعته، سبت وغيره عربيءَ تان کنيل آهن.

مردن جي نالن کان علاوه عورتن جا نالا پڻ گهڻي ڀاڱي عربيءَ تان کنيل آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻين نالن وانگر هي نالا به صحيح عربيءَ بدران ٿورو ڦري ويا آهن، جيئن اسان جي آفيس جي هڪ ٽائپسٽ ڇوڪريءَ جو نالو Puan Siti Zaleha Bte Yakoop  آهي، جيڪو دراصل ضالحا (Zaleha) بدران صالحا هوندو. نالي جي اڳيان لکيل پئان معنيٰ مسز (بيگم) آهي ۽ ڪيترين ڇوڪرين جي نالي ۾ سيتي عام طرح اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن نالي جو واسطو هندي لفظ ستيءَ سان هجي- معنيٰ پاڪ، وفادار وغيره. جيئن پاڻ وٽ مارئي، سورٺ، سسيءَ جهڙا نالا آهن. مٿين نالي ۾ لکيل Bte بنت جو شارٽ فارم آهي.معنيٰ ڌيءَ. هتي بنت ۽ بن (پٽ) لکڻ عام آهي. بنت يا ڪوپ معنيٰ ياڪوپ جي ڌيءَ- دراصل اهو ياڪوپ يعقوب آهي. پر ب جا اکر به ملئي ۾  ڪٿي ڪٿي پ اچارجن. جيئن زينب زنيپ سڏجي. ٻيا ڪجهه نالا هن ريت آهن:فريده بنت حاجي محمد شاهه، ام ڪلثوم، قمرياه، سالمياه، فاطمه، حميده، خاويه، صبارياه (جيڪو پڪ اصل ۾ صابره هوندو). سادياه، ظهاراه (جيڪو ٿي سگهي ٿو ظهرا هجي)، حاجاڻي بصراه، حانياه، روحائداه، سائمان، صوپيا (جيڪو صوفيا هوندو) وغيره وغيره.

ڪن ڪن ڌارين لفظن کي پنهنجائپ جو چوغو پائڻ لاءِ سندن هوبهو لفظي ترجمو ڪيو ويو آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ هندستان ۾ انگريزي لفظن کي هنديءَ ۾ آندو ويو هو. جهڙوڪ: پوسٽ مئن (خط ورهائيندڙ- ٽپالي) کي پتر بکيڙو ۽ ليٽر باڪس کي پتر گهسيڙو وغيره ٺاهيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ملئي لفظ ائين پڻ ٺاهيا ويا آهن. جيئن ريفريجريٽر جو ملئي لفظ Peti- Sejuk (پيتي- سيجوڪ) معنيٰ ٿڌي ڪرڻ جي پيتي يا دٻو. جيئن فارسيءَ ۾ بئالر کي ديگِ بخار (ٻاڦ جي ديگ) سڏيو ٿو وڃي.

بهرحال ان نموني جي ترجمي مان ٻيو ڪو متاثر هجي يا نه. پر اسان جو درٻيلي جو پير- ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ضرور آهي. ڪيترا دفعا مون کي چيو هوندائين:”ڪيڏي نه سٺي ڳالهه آهي، اها. سنڌيءَ ۾ به ڌاريان لفظ ائين ترجمو ڪرڻ کپن.“

ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ايندو آهي ته چوانس درويش تون ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين. جيڪا سنڌي زبان رهي آهي ان جي جيئري رهڻ جي حق ۾ ته پهرين دعا گهر. تون 1962ع ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري ٻاهر ويو آهين ته وري توکي ڪو شايد سنڌ ۾ اچڻ جو موقعو مليو آهي جو چڱيءَ طرح خبر پونئي ته سنڌيءَ تي ڪهڙا ارٽ پيا هلن. ٻين حڪومتن ۾ ته ٺهيو پر عوامي حڪومت ۾ به سنڌيءَ جو ساهه نپوڙيو ويو هو. تون ڌارين لفظن جا سنڌيءَ ۾ لفظ ڳولڻ جا خواب پيو لهين. هتي سنڌيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي به همت افزائي ڪا نه پئي ڪئي وڃي.

”ڪردار Verified ناهي“

ڪو آفيسرن جو جٿو اسانجي ملائيشيا واري اڪيڊمي گهمڻ لاءِ يورپ کان اچي رهيو هو. کين بئنڪاڪ پهچي اتان ٻي اڏام ۾ ڪوالالمپور پهچڻو هو. جتان کين اڪيڊميءَ جي ڪار ۾ باءِ روڊ ملاڪا وٺي اچڻ جو ڪم مون کي سونپيو ويو هو.

اڪيڊميءَ جي اڪائونٽ آفيسر صلاح ڏني ته ائين ڇو نه ڪيو وڃي جو کين بئنڪاڪ کان باءِ روڊ ملاڪا وٺي اچجي. اجايو هو بئنڪاڪ کان ڪوالالمپور تائين وڌيڪ اڏام جو ڀاڙو ۽ وقت وڃائيندا. ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿي چيائين: ”الطاف هينئن ڪر جو سڌو بئنڪاڪ هليو وڃ. رات جو ڏهين تائين پهچي ويندين. رات رهي صبح جو جيئن ئي مهمان ايئرپورٽ تي لهن ته اتان سڌو کين هتي وٺي اچ- ائين ڪرڻ سان تنهنجو ڪو خاص وقت ضايع نه ٿيندو.“

مون لمحي ٻن لاءِ سوچي چيومانس: ”نه يار مون کي ڏي معافي. ڪوالالمپور يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ چئين ته هليو وڃان، باقي بئنڪاڪ جهڙي شهر ۾ وڃي اجايو گلا جو گهانگهرو مفت پنهنجي ڳچيءَ ۾ کڻڻ نٿو چاهيان. سو به فقط هڪ رات لاءِ!- اهو ته ان مثال وانگر ٿيو ته ڪتو به کائجي ڪک به نه ڀرجي.“

”فڪر ڇو ٿو ڪرين. ڪو ڪجهه نه سوچيندو. رهجانءِ به پاڪستان- هائوس ۾. باقي ڇا.“

”پاڪستان هائوس ۾ ڇا، کڻي مسجد ۾ رهي اچان، پر هتي اڪيڊميءَ ۾ ڪهڙو ڪافر مون تي ويساهه ڪندو؟“

”نه نه آئون ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي به ٻڌائي ڇڏيندس ته چيف انجنيئر الطاف بئنڪاڪ ڪنهن بري نيت سان نه پر اهم سرڪاري ڪم سان ويو هو.“ اڪائونٽ آفيسر مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”تون چوندين؟!“ مون کلندي وراڻيومانس، ”تنهنجو ئي ڪردار Verified ناهي. هونءَ نه شڪي ٿين ته ائين ٿين! ۽ هي منهنجا ساٿي جهازي! اهڙا استاد آهن جو سڄو مندر مسجد مٿي تي رکين ته به يقين نه ڪن.“

”ملاڪا ۽ رنگون ۾ پٺاڻ“

ملاڪا جي ”اسٽريٽ اِن“ هوٽل جي سامهون هڪ ڊرائيونگ اسڪول جو ملئي مالڪ مليو، جنهن ٻڌايو ته هو اصل پاڪستان جو مسلمان آهي. پاڻ ۾ رڳو ملئي زبان ئي ڳالهائين ۽ اسان سان انگريزي. ٻڌايائين ته هو پٺاڻ آهي، سندس ڏاڏو پشاور کان گهڻو گهڻو اڳ آيو هو ۽ هڪ ملئي عورت سان شادي ڪري هتي ئي ٽِڪي پيو.

ڪئپٽن مخدوم ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي پٺاڻ آهن، جيڪي اصل پاڪستان جا آهن. ڪيترا ته وڏن عهدن تي آهن، جيئن هتي جو ڊي. آءِ. جي پوليس مسٽر زمان خان آهي. هڪ ٽئڪسي اچي لنگهي. نالو ۽ ائڊريس پڙهي چيائين هي به پڪ پٺاڻ هوندو- نينگري سيمبيلان رياست ۾ رهي ٿو. (هتي هر ٽئڪسي ۽ ڀاڙي جي وئگن تي مالڪ جو نالو ائڊريس لکيل ٿئي. ان ٽئڪسي واري جي نالي پٺيان خان لکيل هو.)

مخدوم کي چيم ته پٺاڻ ايشيا ۾ گلف جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، پر هڪ ڳالهه آهي جو هنن مان مڪاني ماڻهو ڪڏهن به ناخوش نه آهن. هو جتي به رهن ٿا ته اتي جا ٿي رهن ٿا.

اسان جي دوست ڪئپٽن دلدار حسين وراڻيو:”اهو ان ڪري جو پٺاڻ سخت محنتي ايماندار قوم آهي. وڏي ڳالهه ته هو جتي به رهن ٿا ته اتي جي ماڻهن جي مذهب، ٻولي ۽ رسم رواج تان ٺٺولون نٿا ڪن- بلڪ ڪوشش ڪري، هو انهن جي ٻولي سکي اهائي ڳالهائين ٿا.“

چيف انجنيئر عبدالله چيو:”اسان جڏهن ننڍي هوندي بنگلاديش ۾ پڙهندا هئاسين ته رستن تي پٺاڻن کي ڪم ڪندي ڏسندا هئاسين. هو نه سياست ۾ وچڙهندا هئا ۽ نه ڪا ٻي کٽ کٽ، هر وقت پنهنجو منهن پنهنجي مهاڙ هوندي هين. نتيجي ۾ ايڪهتر واري لڙائيءَ ۾ بهارين، پنجابين ۽ ٻين مغربي پاڪستانين تي ته بنگالي چڙ ڪندا رهيا پر بوهرين، کوجن ۽ پٺاڻن جو ڪوشش ڪري نالو نٿي ورتائون ۽ هو اڃا تائين اتي رهيا پيا آهن.“

انڊين چيف انجنيئر ببر کي چيم ته، ”اسان وٽ ته پٺاڻ سڀ مسلمان آهن بلڪ مذهب جي معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا آهن پر جيڪي پٺاڻ انڊين فلمن ۾ وياج ڏيندي ڏيکاريا ويندا آهن، اهي مسلمان آهن يا هندو؟“ ببر ٻڌايو، ”پر ڊريس انهن جي به ساڳي آهي. ساڳيو پٽڪي جو نمونو، ساڳيو وارن جو نمونوو-پٺاڻ سڌي ليڪ ۾ وار ڪٽيل، ساڳي نموني جي صدري ۽ هٿ ۾ ڏنڊو.“

پٺاڻ نه فقط ملائيشيا ۽ بنگلاديش ۾ ملندا، پر ٿائلينڊ ۾ پڻ. جيڪي مسلمان گهراڻا آهن، انهن ۾ ڪيترا ته پٺاڻ آهن- اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ملڪ ۾ رهڻ ڪري هو هڪ سٺي شهريءَ وانگر پاڻ کي ٿائي ٿا سڏائين- جيئن شڪارپور سنڌ ۾ رهندڙ پٺاڻ سنڌي ڳالهائين ٿيا ۽ سنڌي رسم رواج اپنائين ٿا. ٿائلينڊ ۾ رهندڙ پٺاڻ اصل ۾ ڪشمير، سرحد ۽ افغانستان کان پورهئي ۽ واپار ڪارڻ آيا ۽ اتي ئي ترسي پيا.

اڄ به دڪانن. ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ هر قسم جي سوارين هوندي به ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به پٺاڻن کي ٿانون جون هڙون کڻي گهٽيءَ گهٽي ۾ شيون وڪڻبو ڏسبو آهي. اهڙي طرح اڳئين زماني ۾ پٺاڻ مختلف شيون- خاص ڪري سڪو ميوو ۽ ٿانو کڻي نه فقط انڊو پاڪستان ۾ پر بنگال، برما، ٿائلينڊ تائين وڪڻڻ ايندا هئا. هڪ اهڙي ڪابل واري پٺاڻ جي ڪهاڻي نوبل انعام کٽندڙ بنگالي شاعر- رابندر ناٿ ٺاڪور (ٽئگور) پڻ لکي آهي، جيڪو بنگالي ۾ هر سال مقرر موسم ۾ اچي ڪشمش، اخروٽ، نيزا وڪڻندو هو.

ڪوبي (جپان) ۾ هڪ سک سردارجيءَ جو ڪپڙي جو دڪان آهي. هڪ ڏينهن دڪان ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي هڪ وڏي کوکي تي نظر پيئي، جنهن ۾ تاڪين مان بچيل ڪپڙن جا ٽڪر پيل هئا. سردارجيءَ کان پڇيم ته هي ٽڪرا تنهنجي ڪهڙي ڪم اچن؟

چوڻ لڳو:”هي ٽڪر هنن کوکن ۾ ڍير ڪندو ويندو آهيان، پوءِ سياري جي موسم ۾ افغانستان کان پٺاڻ اچن ۽ اهي يڪا خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڃي وڪڻن.“

اسان جي برمي دوست ڪئپٽن فريڊ پيٽر ٻڌايو ته هن کي ياد آهي ته هو جڏهن ننڍو هو ته سندس شهر رنگون (برما) ۾ پڻ هڪ پٺاڻ هر سياري ۾ سڪو ميوو اچي وڪڻندو هو. ڪڏهن پئسا نه هوندا هئا ته اڌار به ڏئي ويندو هو، جيڪي هو ٻئي سال ياد ڪري ان ماڻهوءَ کان وٺي ويندو هو.

پڇيومانس: ”ياد رهندو هوس ته ڪنهن کي ڪيتري اڌار ڏنائين ۽ جي ڪو برمي اهو شهر ڇڏي هليو وڃي ته؟“

”اهوئي ته ڪمال هوندو هو،“ ڪئپٽن فريد پيٽر چيو، جو ٻئي سال ان همراهه کي هو ڳولي اچي لهندو هو- چاهي ڪٿي به هجي. پٺاڻ اوڌر ضرور ڏيندو آهي، پر هو پنهنجا پئسا ڪڏهن به ڪنهن کي معاف نه ڪندو آهي. برميءَ ۾ ته اها چوڻي مشهور آهي ته ”پٺاڻ پنهنجو قرض قبر کان به اچي اوڳاڙيندو آهي“ اسان کي ننڍي هوندي ڏاڏي ڊيڄاري چوندي هئي، ”متان ڪنهن پٺاڻ جا پئسا کاڌا اٿانو، جيڪو ماڻهو پٺاڻ جي اوڌر واپس نه ڪندو پٺاڻ قبر مان ان جا هڏا به ڪڍي انهن کي لٺ سان ماريندو.“

”واقعي پٺاڻ جنهن ماڻهوءَ کي اوڌر ڏيندو آهي ته ان جي شڪل اهڙي ياد ڪري ڇڏيندو آهي جو ڪڏهن به نه وسريس.“ چيف انجنيئر ببر ٻڌايو، ”هڪ ڀيري جڏهن بمبئي جي مئسي گان ڊاڪ ۾ آئون انجنيئر سپرينٽينڊنٽ هوس، هڪ ڏينهن ڏسان ته مکيه دروازي وٽ هڪ پٺاڻ صدري ۽ پٽڪي ۾، اکيون ڦاڙي، هڪ هڪ ماڻهوءَ کي پيو جانچي. پوءِ خبر پيئي ته هو انهن مزدورن کي پيو ڳولهي جن هن کان گذريل سال اوڌر ورتي هئي. سو پٺاڻ جو کلئي دل سان اوڌر ڏئي ٿو ته هو واپس وٺي به ڄاڻي ٿو.“

”مون سي ڏٺا ماءُ....“

پنهنجي ڪليگ- هندستاني چيف اجنيئر ببر کان پڇيم ته آيا مشهور فلمي هيرو راج ببر هن جو مائٽ آهي؟

وراڻيائين:”نه. مائٽ ته ناهي باقي ذات ڀائي ضرور آهي. ٻيا به اسان کان اهو ئي پڇندا آهن. بلڪ اسان جي ذات ”ببر“ هندستان يا هندستان کان ٻاهر مشهور ئي راج ببر جي ڪري ٿي، نه ته گهڻا ته اهو سمجهندا هئا ته اسان جو نالو بابر آهي. ڪڏهن ڪڏهن زال کي چوندو آهيان ته اچ ته راج ببر کي مهربانيءَ جو خط لکون ته هن جي فلمي دنيا ۾ اچڻ سٺي اداڪاري ڪرڻ ڪري اسان جي ذات مشهور ٿي آهي.“

پاڻ سدائين ته بمبئيءَ ۾ سندس گهر پالي هل تي آهي. چيومانس ته اتي ته ڪيترائي فلمي اداڪار رهن ٿا. چوڻ لڳو: ”هائو، رڳو اسان جي بلڊنگ جي سورهن کن فليٽن مان پنجن ڇهن ۾ فلمي دنيا جا ماڻهو:چوپڙا، رتي اگني هوتري، پونم ڌلان، پدمني ڪولهاپوري وغيره رهن. روز ايندي ويندي نظر ايندا آهن.“

مون کيس سنڌي شعر: ”مون سي ڏٺا ماءُ جن پَسيو سپرين کي“ ٻڌائڻ سان گڏ، سسئي پنهونءَ جو قصو ٻڌايو ته ڪيئن آخر ۾ سسئي پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ اهي جهر جهنگ ۽ پيچڙا وٺي وڃي ٿي. جن تان هن کي شڪ آهي ته پنهونءَ کي سندس ڀائر ڪيچ مڪران وٺي ويا هوندا. پر افسوس جو هوءَ پنهنجي محبوب کي ته نه ڏسي سگهي، البت انهن جبل ٽڪرن کي ڏسي به خوش ٿي ٿئي ته هوءَ گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڏسي رهي آهي، جن سندس محبوب کي ويندي ڏٺو.

سو ببر کي چيم ته اسان به هندستان ته وڃي نٿا سگهون جو پنهنجين اکين سان پونم ڌلان، پدمني ڪولهاپوري يا رتي اگني هوتريءَ کي ڏسون، پر گهٽ ۾ گهٽ توکي ڏسي ايترو ته چئي سگهون ٿا ته مون سي ڏٺا ماءُ جن پسيو سپرين کي.

”ماليزا- ڪهڙي عرب لکيو آهي“

هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان زيب سنڌيءَ مون ڏي هتي ملاڪا (ملائيشيا) ڪتاب پارسل ڪيا. سندس خط پارسل کان اڳ پهتو، جنهن ۾ ڪتاب جي پارسل بابت لکيل هو، جيڪي هن چار ڏينهن اڳ By- Air (هوائي ٽپال) رستي مُڪا آهن.

هيڏانهن ڪتابن جو هي پتو نه هو پتو. هفتو کن ٻيو به انتظار ڪرڻ بعد جڏهن آسرو لاهي ويٺس ته ڏسان ته هڪ ڏينهن ٽپالي ڪتابن جو اهو پارسل کنيو پيو اچي. جانچي ڏٺم ته ٽڪليون به صحيح لڳل هيون ته ائڊريس به صحيح ۽ چٽيءَ طرح لکيل هئي. نه فقط انگريزيءَ ۾ پر ڳاڙهيءَ پين سان عربيءَ ۾ پڻ لکيل هئي. پر اهو اندازو لڳايم ته عربي لکڻي زيب جي نه هئي.

پوءِ ياد آيو ته ان ڳاڙهي پين سان ساڳي عرب لکڻي هن کان اڳ به ٻن ٽن خطن تي ڏسي چڪو آهيان، جيڪي لاڙڪاڻي کان نه پر ڪراچي، لاهور، هالا ۽ ٻين هنڌن کان هئا. تنهن جي معنيٰ ته ان پوءِ جي لکيل عربي ائڊريس لاءِ ائين به نٿو چئي سگهجي ته زيب سنڌيءَ جي ڪنهن دوست يا لاڙڪاڻي جي پوسٽ وارن لکي هجي. ٻي ڳالهه ته اسان سنڌيءَ ۾ يا اڙدو ۾  Malaysiaکي ملائيشيا لکون ٿا. ڪو ڪو ورلي ملئيشيا لکندو هجي. پر هي “ماليزيا“- عربي نموني سان ڪهڙي عرب سڳوري لکيو آهي! ٿي سگهي ٿو ڪراچي ايئرپورٽ تي ان ڪم تي ڪو عربي لکڻ وارو ويٺل هجي. پر پوءِ ڀلا سڀني خطن تي ان لکڻيءَ ۾ ائڊريسون ڇو نه آهن.

اهو سوچي رهيو هوس ته ڏسان ته ائڊريس جي پاسي کان ۽ پارسل جي پٺئين پاسي پڻ چٽو ئي چٽو مڪي شريف (سعودي عرب) جي پوسٽ جو ٺپو- انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۾ لڳو پيو آهي.

پوءِ راز فاش ٿيو ته پاڪستان جو ٽپال کاتو ڪڏهن ڪڏهن ڀل ۾ ملاڪا جا خط مڪي موڪليندو رهي ٿو جو انگريزي لفظ ملاڪا  Malacca تمام گهڻو مڪا Mecca سان ملي ٿو. سو خط جدا جدا ڪرڻ وقت ملاڪا جا خط مڪا (سعودي عرب) جي ڳوٿري ۾ بند ٿي السعوديه يا ٻي ڪنهن هوائي جهاز ۾ سعودي عرب روانا ٿي وڃن ٿا. هونءَ به پاڪستان کان گهڻا خط مڪي ڏي ئي لکيا وڃن ٿا ۽ ملائيشيا جو ملاڪا شهر اڄ کان ٻه سئو سال اڳ ته کڻي مشهور شهر هو، پر اڄڪلهه ڪنهن کي ياد ڪنهن کي پاد.

بهرحال مڪي شريف جي پوسٽ آفيس وارن جي مهرباني جو هن وٺ وٺان ۽ مشغولي واري دور ۾ وقت ڪڍي منهنجا ڀليل خط رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائڻ بدران مٿائن عربيءَ ۾ به ائڊريس لکي مون ڏي موڪليندا رهيا آهن- خبر ناهي اڃا ڪيترو عرصو پاڪستاني ٽپالي منهنجا خط مڪي شريف موڪليندا رهندا ۽ مڪي جو ٽپال کاتو انهن خطن جي ”ٽران- شپ – مينٽ“ ملاڪا ڪندو رهندو.

هونءَ ملاڪا شهر جون ٻه اسپيلون آهن. هڪ  Malacca جيڪا انگريزن ۽ ڊچن جي دور کان هلندي اچي ۽ اڃا تائين انگريزيءَ ۾ لکڻ وقت اها استعمال ٿئي ٿي. اسان يا ٻيا هتي رهندڙ ڌاريان اها ئي لکون ۽ ائين ئي اچاريون- يعني ميم تي زبر ڏيئي ملاڪا چئون.

ٻي اسپيلنگ  Melaka آهي، جيڪا هتي جا مڪاني ماڻهو ملئي ڀاشا ۾ لکن ٿا ۽ ميم تي زير ڏيڻ بدران زير ڏيئي مِلاڪا اچارين ٿا. بلڪ آخر ۾ ڪا چوڻ بدران فقط ڪَ چون ٿا.

اهو ان ڪري آهي جو اصل ۾ ملئي زبان عربي نموني سان لکي وئي ٿي. (جنهن کي جوي سڏجي ٿو) ۽ اهو لکڻيءَ جو نمونو ائين هو، جيئن سنڌي، اڙدو، پارسي وغيره جو آهي. ان حساب سان ملاڪا ”ملاڪ“ لکيو ويندو هو ۽ اڄ به ڪيترين پراڻين مسجدن ۽ گهرن جي ٻاهران ملاڪا لکيو ويندو هو اڄ به ڪيترين ئي پراڻين مسجدن ۽ گهرن جي ٻاهران ملاڪا ائين لکيل آهي. پوءِ جڏهن ملئي لکڻي جويءَ مان ڦيرائي رومي (انگريزي نموني) ۾ ڪئي ويئي ته ملاڪ کي Melaka لکيو ويو. يعني اها آخري واري اي ايف نه پر زير آهي. ۽ جي آخر ۾ A  نٿي ڏجي ته Melk ميلڪ ٿي پوندو.

هي اهي مسئلا آهن جيڪي ترڪي ٻوليءَ ۾ به اڃا هلندا اچن، جيڪا پڻ پهرين عربي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، پر هاڻ رومن انگريزي ۾ لکي وڃي ٿي. ساڳي طرح اڙدوءَ کي جيڪڏهن رومن ۾ ڪجي ته شايد ٿي وڃي. پر سنڌيءَ کي جي عربي نموني لکڻ بدران انگريزيءَ ۾ لکبو ته ڪيترائي لفظ صحيح طرح اچاري نه سگهبا. مثال طور: سنڌي لفظ اک کي جي رومن ۾ لکبو ته ٿيندو  Askhi يعني ٻيو نمبر A زبر آهي ۽ آخري I زير طور آهي، پر غير سنڌي ان کي صحيح طرح سمجهي نه سگهندو ۽ پڪ آکي پڙهندو.

ساڳيو حال ملئي جي ٻين لفظن سان به آهي. مثال طور: ڪارڻ (Reason) لفظ جو ملئي لفظ آهي  Sebab جنهن کي آئون سيباب ئي اچاريندو رهيس. پر پوءِ هڪ ملئي دوست دُرستي ڪندي ٻڌايو ته اهو لفظ سيباب نه پر ”سبب“ اچارڻ کپي. چيومانس ته درويش اها ڳالهه ته پهرين ڪرين ها. اهو لفظ ته اسان وٽ به ساڳيو آهي.

هونءَ ملئي ڀاشا کي جوي (عربي نموني) مان ڪڍي رومي (انگريزي اي. بي. سي) واري نموني ۾ آڻڻ ڪري کين فائدا به گهڻا ٿيا آهن- خاص ڪري اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾. بهرحال ان موضوع تي ڪنهن ٻئي هنڌ لکبو. في الحال هتي فقط ڪتابن پهچڻ جي خوشيءَ ۾ لکيو اٿم. جن بابت زيب سنڌيءَ ڪتابن واري پارسل سان گڏ موڪليل خط ۾ پڻ تاڪيد ڪئي آهي ته جيئن ئي ڪتاب ملن ته پهچ جو اطلاع ڪريان، سوسائين ڪتاب هٿيڪا مليا. نه فقط سلامتيءَ سان مليا پر ڀلاري ديس کان ٿيندا آيا. ان ڪري ڪتابن جي پارسل کي پهرين اکين ته رکي چمڻ کان پوءِ منجهائنس امر جليل، نجم عباسي ۽ ليليٰ خالد جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪڍيا اٿم.

اسان کي ڪڏهن ڪڏهن- بلڪ اڪثر ڪو نه ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سنگاپور موڪليو ويندو آهي (ڪي ته هتي ملائيشيا ۾ به ٿين ٿا). پوءِ ڪڏهن ڪو ليڪچر بور هوندو آهي ته اٻاسيون ڏيڻ بدران دل چوندي آهي ته جيڪر اخبار لاءِ مضمون ويهي لکجي، جيئن منهنجي ڀر ۾ ويهندڙ هڪ ملئي دوست ڪئپٽن حليم ويهي خط لکندو آهي. ملئي زبان انگريزيءَ وانگر کاٻي پاسي کان لکڻ ڪري ۽ ساڳي الفابيٽ هجڻ ڪري ليڪچرار توڙي اوسي پاسي وارا اهو سوچيندا آهن ته هو دلچسپ ليڪچر جون اهم Points لکي رهيو آهي. مون هڪ ٻه دفعو سنڌيءَ ۾ لکيو پر شڪ ۾ وجهي ڇڏيو، فقط اهڙن موقعن تي دل چاهيندي آهي ته سنڌي لکڻي رومن نموني جي هجي ته بور ۽ بيڪار تقريرن جو وقت ڪنهن سٺي ڪم ۾ لڳائي سگهجي ها ۽ وقت به سٺو گذري وڃي ها. 

”اهڙي به ڇا جلدي“

ملائيشيا ۾ نوڪريءَ جو اشتهار جڏهن اخبار ۾ آيو ته ٻين همراهن سان گڏ مون به اپلاءِ ڪيو. پگهارته کڻي ڪو خاص نه هو پر نوڪريءَ جي نوعيت ۽ ٻيون سهوليتون منهنجي دل وٽان هيون. اشتهار ۾ هو ته جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي سخت ضرورت آهي- خاص ڪري انهن جي جن کي پڙهائڻ جو تجربو هجي.

مون حساب لڳايو ته اپلاءِ ڪرڻ بعد هفتي ٻن ۾ انٽرويو جو خط يا تار اچي ويندي. انٽرويو بعد اهڙي هفتي ٻن اندر چونڊ جي نتيجي جو ٻڌائيندا ۽ هفتي ٻن بعد گهرائي به وٺندا- يعني ڏيڍ يا ٻن مهينن اندر ملائيشيا ۾ هجبو- يا ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ. ڇاڪاڻ ته اشتهار ۾ صاف صاف هو ته هنن کي اسان جو تڪڙو کپ آهي، سو ان حساب سان نه فقط پاڻ کي ذهني طرح تيار ڪيم. پر ڪم ڪاريون ۽ سامان سڙو به گهڻي حد تائين ٺاهي ڇڏيم- جو هي جهازي نوڪريون اهڙي نوعيت جون هونديون آهن، جن ۾ هر وقت ڀڄ ڀڄان ۽ جلدي هوندي آهي. ڪيترا اهڙا جهازي هوندا جن کي شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي جهاز کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو هوندو. ڪيترا اهڙا هوندا جن جو ڪو ويجهو عزيز فوت ٿي ويو هوندو، پر نوڪريءَ جي ڏکين قاعدن قانونن ڪري ڌاريون ملڪ ڇڏي پنهنجي وطن اچي نه سگهيا هوندا. يا موڪل ملي هوندن ته ملڪ پهچڻ تي وري کين گهرايو ويو هوندو. اهڙين ڳالهين لاءِ جهازي نوڪريءَ ۾ گهڙڻ مهل- بلڪ تعليم دوران ئي آگاهه ۽ تيار ڪيو ويندو آهي.

سو اسان ته ان شڪ ۾ به هئاسين ته متان انٽرويو ئي نه وٺن. ۽ اسان جي ڪاڳر پٽن مان ئي اندازو لڳائي نوڪريءَ لاءِ سڌو گهرائڻ جي تار نه ڪن. ويتر احمد حسين مخدوم سان ته ائين ئي ٿي چڪو هو- جيڪو اسان کان اڳ ان نوڪريءَ تي چڙهيو هو. احمد ٻڌايو: ”مون ته هن نوڪريءَ لاءِ درخواست به ڪا نه ڏني هئي. تن ڏينهن ۾ آئون سنگاپور ۾ موڪل تي هوس ۽ اهو پهه پئي ڪيم ته هاڻ سمنڊ تي رلڻ پنڻ ڇڏي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ رهي نوڪري ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور آيس- Misc (ملائيشين انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) جي آفيس- ته مون کي ڪو Shire Job (ڪناري جي نوڪري) ڏيو.

”هنن چيو: ”شور جاب ته ٺهيو پر جهازن تي به في الحال نوڪري ڪانه آهي. هڪ اسان جو جهاز ڏکڻ آمريڪا جي بندرگاهه سينٽ پئالو ۾ بيٺو آهي. جنهن جي ڪئپٽن جو ڪالهه حادثو ٿي پيو آهي. اسان کي ان جهاز هلائڻ لاءِ ڪئپٽن جي ضرورت آهي. ان تي چڙهڻ لاءِ جي تون چاهين ته هنيئر ئي توکي Fly ڪرايون. پر اها ڳالهه آهي ته جهاز نه ته ڪراچيءَ ويندو نه هيڏانهن ملائيشيا ايندو. سينٽ پئالو کان ڪويت اچ وڃ ڪرڻي پوندي. مهيني جو پگهار ٽي هزار ڊالر ڏينداسون. ان کان علاوه ٻيون سڀ سهوليتون:کاڌو پيتو، دوا درمل وغيره وغيره.“

”مون مايوسيءَ مان چيومان ”ٻيلي ڏاها ٿيو. پئسا نه کپن، شور جاب کپي“ پوءِ اتي واسطيدار عملدار سوچي پڇيو:وراڻيومانس ته هائو، ڪجهه ڪجهه اٿم. هن اتي جو اتي ملاڪا فون ڪري مئري ٽائيم اڪيڊميءَ جي پرنسپال سان ڳالهايو، جنهن کي مون کي بنا انٽرويو وغيره جي نوڪريءَ جي آڇ ڪئي.“

”ٻئي ڏينهن سنگاپور پهچي زال سان صلاح ڪيم ته هل ته ملاڪا شهر هلي رهڻ جي جاءِ ڏسي اچون ته ڪيئن آهي، ائين نه ٿئي جو پوءِ ڦاسي وڃجي. مون وٽ ڪار به نه هئي سو سنگاپور مان ڀاڙي جي ڪار هڪ ڏينهن لاءِ کنيم ۽ ٻه سئو ميلن جو رستو ڪري سنگاپور کان ملاڪا پهتس. مون کي هڪ سنڌي ڪئپٽن دادلاڻيءَ جي جاءِ تي رکي رهيا هئا، جيڪو ٽي سال پورا ڪري هاڻ بمبئي موٽي رهيو هو.

”اڪيڊميءَ پهچي جهڙو ڪار مان لٿس ته پرنسپال وٺي اچي دادلاڻيءَ سان ملايو. هو ان وقت ڪلاس روم ۾ ڪئڊٽن کي شپ – اسٽئبلٽي (Ship-Stability) پڙهائي رهيو هو. پوڙهي دادلاڻيءَ کي خبر پيئي ته آئون به سنڌي آهيان سو وڏو ڀاڪر پائي چيائين: ”سائين اچو اچو. ڀلي ڪري آيائو“ ۽ چاڪ مون کي هٿن ۾ ڏيئي چيائين: ”بابا هنن کي پڙهاءِ“ مون کلي چيومانس، سائين هي ته هن پهاڪي وارو ڪم ٿيو ته ”واٽ ويندي ٻانڀڻ ڦاٿو.“ دادلاڻيءَ ڪجهه دل ۾ ڪيو پر ڳالهه درگذر ڪري چيو: ”نه بابا مون کان هينئر ئي چارج وٺ، مون چيومانس: ”توهان وڏن سان مان ڪهڙو ويهي بحث ڪريان، پر ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي جو هينئر ئي چارج وٺي پڙهائڻ شروع ڪريان. آئون ته اڃا فقط ماڻهو، جاءِ ۽ ماحول ڏسڻ آيو آهيان. منهنجا ٻار سامهون گاڏيءَ ۾ ويٺا انتظار ڪن ۽ گاڏي مسواڙ تي کنيل آهي. اصل مڃي نه، مٿان پرنسپال به اچي ويو، تنهن به چيو: مخدوم ڪئڊٽن جو امتحان ويجهو آهي. سندن تياري مڪمل ڪراءِ. اهڙي طرح پورا ٽي ڏينهن رهي پيس. پوءِ موڪل واري ڏينهن (آچر تي) سنگارپور پرائي ڪار اچي واپس ڪيم جنهن جي مسواڙ اٺ سئو رپيا کن چڙهي وئي هئي.“

بهرحال مخدوم سان اهو اتفاق ٿيو، پر اسان جيڪي پنهنجو پاڻ کي ٻن مهينن اندر ملائيشيا ۾ سمجهي رهيا هئاسين. انهن وٽ نوڪريءَ جو چٺو ته ڇا پر موڪليل درخواستن جي پهچ به نه ملي. ڪيترا همراهه ته وڌيڪ انتظار ڪرڻ ڇڏي مختلف جهازن تي يا ٻين ملڪن ڏي- خاص ڪري عرب ملڪن ڏي نوڪرين تي هليا ويا. باقي جيڪي ڏهاڪو کن ڪراچيءَ ۾ هئاسين تن ٻن ٽن مهينن بعد ڳالهه وساري ڇڏي.

پوري سال بعد هڪ ڏينهن سڀني کي گهر پهچڻ تي تار ملي ته ٻئي هفتي انٽرويو لاءِ ملائيشيا کان همراهه اچي رهيا آهن. هڪ هڪ ڏينهن جي انتظار بعد جڏهن ٻن هفتن ۾ فقط ٻه ڏينهن کن وڃي بچيا ته ٻي تار آئي ته دل ۾ نه ڪيو اسان هفتو کن اڃا به دير سان اينداسين.

آخرڪار ٻئي هفتي بعد اهو سڀاڳو ڏينهن اچي ويو ۽ انٽرويو ٿيو. انٽرويو بعد آصف ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان فقط اسان ٻن کي چونڊيو اٿن، سو اسين ملائيشيا هلڻ جي تياري ڪريون.

”اسان اتي پهچي توهان کي نوڪريءَ جو آفيشل خط ٿا موڪليون“ پرنسپال چيو، ان تي آصف چئي ڏنن ته ائين نه ٿئي جو اسان کي به سال لڳي وڃي. ۽ پوءِ اسان تياري مڪمل ڪري ويٺاسين ۽ پڪ هُئسين ته چئن پنجن ڏينهن اندر خط اچي ويندو. جڏهن پورو هفتو گذري ويو، پر نه ڪنهن ٽپاليءَ خط آندو نه وري ڪانگل کيانتو، ته پنهنجا اڻ چٽا خوف پنهنجي دوست سعيد اختر زيديءَ کي فون تي ٻڌايم. هو چڱو وقت ملائيشيا ۾ رهي چڪو آهي. ٻڌايومانس ته برادر هتي آئون روز الوداعي دعوتون پيو کان پر تنهنجي ملائيشيا کان چونڊ جو لکت ۾ نياپو اڃا نه مليو آهي. ائين ته ناهي ته هنن ارادو بدلائي ڳالهه ختم ڪري ڇڏي آهي.

زيديءَ دلاسو ڏيندي چيو: ائين ٿي نٿو سگهي ملائيشيا جا ماڻهو تمام ڀلا آهن. جيڪي زبان سان چيائون، اهو سندن عمل سمجهڻ کپي. پر منجهن رڳو اها ڪمزوري آهي ته ٿوروSlow- Motion ۾ آهن. هر ڳالهه ڌيرج سان ڪن ٿا. خط لکندي لکندي به وقت لڳندن. بس سمجهه ته ”تڪڙ ڪم شيطان جو“- واري پهاڪي تي ٻيو ڪو عمل ڪري يا نه. پر هي ڪن ٿا.“

واقعي ٿيو به ائين، ڪجهه ٻيا ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد نوڪريءَ جو خط مليو. پوءِ آهستي آهستي ڌيرج سان پهرين آصف وٽ، پوءِ مون وٽ ملائيشيا پهچڻ لاءِ ٽڪيٽون آيون.

ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي جهاز دير سان پهتو، خبر ناهي ته ڪو وٺڻ به آيو هو يا نه، اسان پاڻهي ئي هوٽل ۾ هليا آياسين، جيڪا اسان لاءِ ريزرو ٿيل هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان رسيپشن تي فون ڪري معلوم ڪيوسين ته ڪو اسان جو ڌڻي سائين پهتو. پر جواب هر دفعي ”نه“ ۾. آصف کي چيم ته هاڻ چپڙي ڪري سمهي رهه. ضرور ڪو ته پاڻ کي هتان وٺڻ ايندو، جيڪو هوٽل جو بل به ڀري ملاڪا وٺي هلندو- پاڻ کي ڪهڙي خبر ته ملاڪا پهچي به، پوءِ ڪهڙو رُخ ڪرڻو آهي.

آخر ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن هڪ بجي ڌاري اسان کي وٺڻ وارو ڪلارڪ ۽ ڊرائيور هوٽل ۾ پهتا، جيڪي هڪ ڏينهن اڳ اسان لاءِ نڪتا هئا.

ملاڪا پهچي رهائش لاءِ گهر جون چاٻيون ڏنيون ويون. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ گهر جو پڇيو ويو ته ان ۾ فرنيچر، پاڻي، بجلي سڀ صحيح آهي. ڪجهه بلب فيوز ٿيل هئا، سي چيائون ته ٻيا لڳائي ويا. اسان لاءِ آفيس اڃا تيار نه هئي سو ڪڏهن مخدوم جي آفيس ۾ ته ڪڏهن چيف انجنيئر ببر جي آفيس ۾ ڪوچن تي بالم ٿي ويهندا هئاسين. مخدوم چوڻ لڳو جيسين روز نه چوندائو تيسين آفيس ۾ نه فرنيچر ايندو نه ايئرڪنڊيشنر لڳندانوَ.

آصف چيو: ”ملائيشيا ۾ هر ڳالهه آهستي ٿي ٿئي. هڪ دفعوايمرجنسيءَ ۾ ايرانين جو جهاز ڪيپ ٽائون (ڏکڻ آفريڪا) ۾ وٺي ويس، آئون ڀانيان ته جلدي ڪم جو اڪلاءُ ٿئي ته جهاز کي ٻي منزل ڏي وٺي وڃان، پر ڪيپ ٽائون جي آفيس وارن کي پرواهه ئي نه. ايجنٽ هر وقت چوندو هو:”چيف! هي سائوٿ آفريڪا آهي، هتي هر ڪو آرام سان ٿئي ٿو.“

ڪئپٽن مخدوم ۽ هرداس کلي چيو:”سائوٿ آفريڪا ۾ ڪم آرام سان ٿيندو هجي يا نه، پر هتي ملائيشيا ۾ هر ڪم آرام سان ضرور ٿئي ٿو.“

تنهن تي مون چيو مان ته رنگامٽي جهاز تي مون سان گڏ ڪئپٽن حق نواز هوندو هو، ان هڪ ڏاڍو دلچسپ لطيفو ٻڌايو هو ته: ”اهڙي به ڇا جلدي آهي.“

هن ٻڌايو ته ڪنهن شهر ۾ ڪجهه ماڻهو تمام سست هئا. هر ڪم آرام ۽ آهستي آهستيءَ سان ڪندا هئا. هنن هڪ سست ماڻهن جو ڪلب کوليو، جنهن جوپهريون ئي شرط اهو هو ته جيڪو جلدي ۾ ڪم ڪندو، ان کي ان ڪلب مان ڪڍيو ويندو. هڪ ڏينهن ڪجهه ميمبرن ڪلب جي سيڪريٽريءَ وٽ دانهن آندي ته هنن ڪلب جي هڪ اهم ميمبر کي شهر ۾ تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائيندي ڏٺو آهي.

اهو ٻڌي سيڪريٽريءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ فيصلي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد اهو سوچي اها تاريخ پرتي ڪئي ويئي ته اهڙي به ڇا جلدي آهي. وري فيصلي جي نئين تاريخ آئي ته خبر پيئي ته فيصلا ڪميٽي جا ڪجهه ميمبر ستا پيا آهن، ڪي اچڻ جي موڊ ۾ نه آهن ۽ سڀني اهو چوائي موڪليو ته اهڙي به ڇا جلدي، ٻئي ڪنهن ڏينهن کڻي فيصلو ڪبو.

نيٺ مس مس هڪ ڏينهن سڀ فيصلي لاءِ گڏ ٿيا ۽ ڏوهاريءَ کان تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائي، ڪم ۾ جلدي ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو.

هن وراڻيو:”منهنجو ڏوهه هرگز ناهي جو مون ڪنهن به ڪم ۾ جلدي نه ڪئي آهي. ان ڏينهن ڪار کي بريڪ هڻي بيهاريم ٿي ته پير ڀُل ۾ بريڪ واري پئڊل بدران رفتار (ائڪسيلٽريٽر) واري پئڊل کي وڃي لڳو ۽ مون کي خبر تڏهن پيئي  جڏهن ڪار جي رفتار تکي ٿي ويئي.“

”ته پوءِ ان پئڊل تان يڪدم پير ڇو نه کنيئي؟“ فيصلي واري ڪميٽيءَ جو ميمبر پڇيس.

”بس اهو ئي سوچي ته اهڙي به ڇا جلدي آهي.“

ڪئپٽن حق نواز جو اهو چرچو هتي جي همراهن:مخدوم، ببر، هرداس وغيره ڇا ٻڌو بس پنهنجو پاڻ ۾ جڏهن ڪو ڪم نه ڪرڻو هوندو اٿن، ته ٺهه پهه چوندا آهن:”اهڙي به جا جلدي آهي.“

Bumiputra – بوميپترا“

ملائيشيا ۾ آيل نئين همراهه کي پهرين ئي ٻن ٽن ڏينهن اندر جيڪي چند ملئي لفظ زبان تي چڙهن ٿا. تن مان بوميترا Bumiputra جو اشتهار هر وقت ٽي. وي ۽ ريڊيو تي ٻڌي ٻڌي لفظ بوميپترا ياد ٿيو وڃي- ”بئنڪ بوميپترا، بئنڪ انڊا- بوميپترا بئنڪ، توهان جي بئنڪ،“ ٻيو هتي جي اخبار کڻي اشتهارن جوصفحو ڏس ته نوڪريءَ يا ڪنهن داخلا لاءِ اهو شرط ضرور هوندو- بلڪ پهرين نمبر تي هوندو ته هيءَ آڇ فقط بوميپترا لاءِ ئي آهي.

ملئي لفظ بوميپترا جي معنيٰ آهي، هن ڌرتي (مليشيا جي سرزمين) جا اصل رهاڪو- جنهن لاءِ اڄلڪهه انگريزي لفظ Sons of Soil پڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿي ويو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ چين ۽ هندستاني به صدين کان پنهنجا اصلي ملڪ هندستان ۽ چين ڇڏي رهندا اچن ۽ ملائيشيا جا ئي شهري ۽ پاسپورٽ رکندڙ آهن. پر بوميپترا فقط ملئي سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي اصل کان هتي جا رهاڪو آهن ۽ هن ڌرتيءَ کان علاوه ٻي ڪنهن ملڪ سان لڳل لاڳاپو نه اٿن. جيئن چيني ملائيشيا ۾ رهندي/ ڪمائيندي به پاڻ کي چين، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ سنگاپور سان وابسته ڪري ٿو، جئين تامل ۽ هندي ڳالهائيندڙ هندستان سان پر ملئي ماڻهن جو ٻئي ملڪ سان واسطو ناهي. بوميپترا دراصل ننڍي کنڊ جو لفظ ڀومي- پترا _(ڌرتيءَ جا پٽ)  آهي، جيڪو ٻين ڪيترن هندي سنسڪرت ۽ تامل مليالم زبانن جي لفظن وانگر ملئي زبان ۾ رچي بسي ويو آهي.

هر ملڪ ۾ ڏٺو وڃي ته هن ۾ بين الاقوامي ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن پاڻ تائين محدود رهڻ جو جذبو وڌند وڃي، پوءِ ان کي ڪي صوبائيت ٿا سمجهن ته ڪي قوميت جي تقاضا. سريلنڪا کان وٺي جپان تائين، انگلينڊ کان چين تائين، سعودي عرب کان سئيڊن ناروي تائين هر ملڪ اهوئي چاهي ٿو ته سندس ملڪ جون سهوليتون، دولت، نوڪريون ان ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ئي هجن.

سريلنڪا ۾ سنهالي اصل جا رهاڪو آهن ۽ سنهالي زبان ڳالهائين ٿا. ٻيا ڏکڻ هندستان کان ويجهڙائي ۾ آيل تامل زبان ڳالهائيندڙ هندستاني آهن. تامل کي سريلنڪا ۾ رهي سئو سوا سئو سالن کان اچي ٿيا آهن، سندن شهريت ۽ پاسپورٽ سريلنڪا جو آهي، پر ڏسندي ئي ڏسندي اتي به اها ڳالهه زور وٺندي وڃي ته سريلنڪا فقط سنهالين لاءِ آهي، جيڪي ان ملڪ جا ڀومي پٿرا آهن. سنهالين جو اهو چوڻ آهي ته اسان تاملن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏکئي وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هاڻ هو هر نوڪري ۽ واپار تي وڃن ٿا قبضو ڪندا ۽ اسان کي بيوقوف ۽ سادو سمجهي پٺتي ڇڏيندا وڃن. تامل جيڪي سريلنڪا ۾ هندستان کان انگريزن جي ڏينهن ۾ لڏي آيا. انهن جو وري اهو چوڻ آهي ته اسان پنهنجو ڏيهه ڇڏي هتي اچي محنت ڪئي، مڪاني ماڻهو ته سست، گهٽ ڄاڻو ۽ اڻپڙهيل هئا، اسان جي ڪري ئي ملڪ ترقي ڪئي ۽ هاڻ اسان کي وڏيون نوڪريون ۽ واپار ۾ هتي جا ماڻهو ڏسي ارهو ڇو ٿا ٿين.

ساڳئي طرح آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ پڻ اوچتو ئي اوچتو هن صديءَ ۾ اهو جذبو اڀري پيو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي يوگنڊا، ڪينيا ۽ روڊيشيا جهڙن ملڪن ڌارين (هندستانين ۽ انگريزن) کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. آفريڪا ۽ ايشيا جا ترقي پذير ملڪ ته ڇا جپان جهڙي ترقي يافته ملڪ جو به اهو حال آهي جو هو ڌارئين کي پاڻ وٽ نوڪري ۽ واپار ڪندي نٿو سهي. ڪيترائي ڪورين جيڪي سالن کان جپان جا باشندا ٿي چڪا آهن، انهن کي جپاني اڃا ڌاريون ٿا سمجهن. انگلينڊ ۾ اسان جي ڪن پاڪستانين ۽ هندستانين کي انگلينڊ ۾ رهي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. سندن پٽ پوٽا به انگلينڊ ۾ ڄاوا ۽ وڏا ٿيا آهن، پر اڃا تائين کين انگريز پنهنجو نٿا سمجهن.

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ائين ڇو آهي؟ شايد ان ڪري جو جتي به ڌارين ماڻهن مڪاني ماڻهن جي رسم رواج، ٻولي، مذهب ۽ سڪون سان هٿ چراند ڪئي. يا هنن کي نيچ سمجهيو ۽ ساڻن ملي جلي رهڻ بدران الڳ ٿلڳ رهڻ گهريو، هڪ ملڪ ۾ رهي ڪري به پنهنجو پاڻ کي ٻئي ڪنهن ملڪ سان وابسته رکيو يا پنهنجون ذهني پاڙون ٻئي ڪنهن ڏيهه ۾ مضبوط ڪيون ته هنن کي هميشه ڇيهو ئي رسيو. دل تي هٿ رکيو وڃي ته اسان جي ماڻهن انگلينڊ ۾ رهي ڇا ڇا نه ڪيو هوندو. اسان هر وقت انگريزن جي گلا ۽ کين گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته شرابي آهن، بي غيرت آهن، سوئر ٿا کائين، هڪ ٻئي جي زالن سان ڊانس ٿا ڪن، پاڻيءَ بدران پني سان طهارت ٿا ڪن وغيره وغيره. ۽ اسان هر وقت ان چڪر ۾ هوندا آهيون ته انگلينڊ جو ڀلي گهر، گهٽي گند ٿئي، پر اسان کي پئسو ڪمائي انگلينڊ جي بهتريءَ ۾ لڳائڻ بدران هندستان، پاڪستان يا بنگلاديش کڻي هلڻو آهي. اها ڳالهه اسان لاءِ ته کڻي سٺي آهي. پر مڪاني ماڻهن کي ته خار ٿا لڳن. هو پنج سئو پائونڊن واري نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته مالڪ ان جا وڌائي ڇهه سئو پائونڊ ڪري ڏئي ته توهان وچان ئي چار سئو تي راضي ٿي هن کي بيروزگار بڻايو ڇڏيو- جئين اڄڪلهه غير قانوني طرح پاڪستان ۾ آيل بنگالي اسان جي پٺاڻ، سنڌي، مڪراني مزدور کي بيروزگار بڻائي رهيا آهن.

اهڙي طرح تاملن کي سريلنڪا ۾ رهي سئو سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي پر ڪي ٿورا هوندا جيڪي سريلنڪا جي اصلي باشندن سان ملي جلي رهندا هوندا. انهن جي رسم رواج ۽ ٻڌ ڌرم جي عزت ڪندا هوندا، پنهنجي ڪمائي اتي جي بئنڪن ۾ رکندا هوندا، پنهنجن ٻارن کي ملڪ جي ٻولي پڙهائيندا هوندا. نه ته گهڻي ڀاڱي اڄ به هو مڪاني ماڻهن جون گلائون ڪن ٿا. پاڻ کي اتم ۽ سياڻو سمجهن ٿا. ٺڳيون بليڪ مارڪيٽنگ ۽ سمگلنگ ڪن ٿا، جنهن مان هو پاڻ ته امير ٿيو وڃن پر ملڪ ڪمزدور ٿيندو وڃي. سريلنڪا ۾ رهي سريلنڪا جي ڀلائيءَ جو سوچڻ بدران هنن کي هندستان جو وڌيڪ فڪر رهي ٿو ۽ اڄ به پاڻ تي هندستان جي ليبل هڻي، پنهنجي اهميت ظاهر ڪن ٿا. پوءِ کڻي هندستان ۾ سندن ٽڪي جي به عزت نه هجي.

اها مٿين ڳالهه هڪ سريلنڪا جي باشندي سنهالي ڪلارڪ ٻڌائي، هن پوءِ پنهنجي تامل صاحب لاءِ چيو:”سڄو سڄو ڏينهن ماءِ مدراس ۽ ماءِ بنگلور ويٺو ڪري، پر هجي ها ته اُتي ته سندس ٻين سوٽن، ماساتن وانگر فوٽ پاٿ تي ڇولا رکي ڪيلي جي پن تي وڪڻي ها.“

مليشيا جي آدمشماريءَ ۾ اڌ کن ملئي آهن، چاليهه سيڪڙو چيني ۽ ڏهه سيڪڙو هندستان جا تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ هندو ۽ مسلمان ۽ ڪجهه پنجابي ۽ عرب اصليت جا آهن. چيني ۽ هندستاني (انڊين) سوين سالن کان هتي آباد آهن. پر هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾ توهان ملائيشيا ڪجهه ڏينهن رهو ۽ پوءِ حق جي ڳالهه ڪريو ته ملئي ڪيترا ته سادا، سٻاجها، مهمانواز ۽ جيءَ ۾ جاين ڏيڻ وارا آهن. ۽ ڇا ائين نه آهي ته ڪيترائي چيني ۽ انڊين هتي خوش هوندي به هتي جي اصلي باشندن- ملئي ماڻهن جي گلا ڪن ٿا، وڏون ڪڍن ٿا، سندن مذهب، زبان ۽ رسم رواج کي پنهنجي مقابلي ۾ گهٽ سمجهن ٿا ۽ کين سست ۽ سادو سڏين ٿا.

ٺيڪ آهي هر ملڪ ۽ هر قوم جي ماڻهن ۾ پنهنجون پنهنجون خاميون ۽ اوڻايون پوڻايون آهن پر ان سان گڏ خاصيتون به ته آهن. انهن جو ذڪر ڇو نٿا ڪن. ملئي ماڻهو کڻي چالاڪ نه آهن، پر ڪم ڌيرج سان سانتيڪي نموني سان ڪنٿا. سندن ڇوڪريون ڪجهه مذهب ۽ ڪجهه اخلاقي قدر برقرار رکڻ ڪارڻ چيني ڇوڪرين وانگر اڌ اگهاڙا ڪپڙا پائي پاڻ نٿيون وڻائين- پر اهو به ته ڪو سوچي ته ملئي ڪيترا امن پسند آهن، ڪيترو هنن ۾ صبر ۽ سهپ جو مادو آهي. هو ڦڏي باز يا اٽڪل باز ته مور نه آهن، مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو سندن ملڪ ۾ رهيا پيا آهن ته به هو هر هڪ جو انگل رکيو ويٺا آهن.

اسان جي آفيس جي هڪ ملئي همراهه چيو ته يار ڪمال آهي مون کي ملائيشيا ۾ رهي ٻه سال ٿي ويا آهن، پر افسوس جو ڪنهن ملئيءَ کي هتي جهيڙو ڪندي نه ڏٺو اٿم. هٿن جي مارڪٽ ته ڇا پر زبان سان به وڙهندي نه ڏٺو اٿم.

پاڻ کلي چيائين:”اها اسان ماڻهن جي خاصيت اٿئي ته ڪو اڳرائي ڪري ويندو ته به چپ رهنداسين. جيتوڻيڪ سمجهنداسين سڀ پيا، پر ڪوشش ڪنداسين ته ڳالهه درگذر ٿي وڃي. مثال طور اسان جي گهر سامهون چيني ماڻهو رهن ٿا. هنن پنهنجي گهر ۾ کڻي سوئرن جا ڌڻ پاليا آهن، جن کي ڪُهن به گهر ۾ ئي ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ايڏي گندگي ٿيندي آهي جو هوا جو جهوٽو لڳندي ئي دل ڪچي ٿيندي آهي ۽ اهڙي چڙ لڳندي آهي جو بس، پر پوءِ به ماٺ ۾ ئي رهڻو پوي ٿو. ڀلا ڇا ڪجي؟ ڇا خنجر کڻي وڃي هنن کي هڻان؟ اهو ئي سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ ۾ هر مذهب جو ماڻهو رهي ٿو. اسان کي وڏي دل ڌارڻ کپي.“

پر هر سهپ جي هڪ حد هوندي آهي. مڪاني ملئي ماڻهو ته ڇا پر اسان ڌاريان جهازي به گذريل ڏهه ٻارهن سالن جي اچ وڃ ڪري محسوس ڪري سگهون ٿا ته هتي ملائيشيا ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ واپار وڙي تي هتي جي اصلي رهاڪو- ملئيءَ جو قبضو گهٽبو وڃي ۽ اسان جو چيني ۽ انڊين هر هنڌ ڇانئجي، عرب ۽ اٺ واري تاريخ دهرائيندو وڃي ۽ ملئي ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ هوندي به ويچارو ۽ محروم محسوس ڪري ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو بنگلاديش وانگر هتي به Sons of soils- ”ڀومي پترا“ جي مهم ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وڃي.

ملائيشيا جي موسم- نانگ بلائون-

حسابن ۾ ڪچي آهيان

سنڌ جي جهوني اديب محترم محمد اسماعيل عرساڻي ٿر بابت پنهنجي هڪ ڪتاب ”بدنصيب ٿريءَ“ ۾ لکيو آهي ته هڪ ٿري شاگرد کان جڏهن پڇيم ته سال ۾ مندو گهڻيون آهن ته وراڻيائين:”پنج- اونهارو، سرءُ، سيارو، بهار ۽ وسڪارو.“ ان بعد عرساڻي صاحب ٿر ۾ ميهن جي اهميت بابت لکيو آهي ته ٿري ماڻهوءَ جي زندگي جو مدار مينهن جي ڦڙين تي آهي. مينهن وسڻ سان ٿر، ٿر آهي نه ته جهڙو بر، ان ڪري ٿرين لاءِ پنجين ۽ سڀ ۾ اهم موسم وسڪارو آهي.

شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪو به ٿري کڻي ڪراچيءَ جي ڪاسمو پوليٽن شهر ۾ هجي يا اسلام آباد ۾ آرام جي نوڪري ڪري رهيو هجي، پر کنوڻ جي پهرين کجڪي تي ئي ڪوشش ڪندو ته ٿر ڀڄجي.

ٿر ۾ ته پنج مندون آهن. پر هتي ملائيشيا ۾ ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون؟! جواب آهي: فقط هڪ! هتي ملائيشيا ۾ نه سيارو ٿئي ۽ نه اونهارو. نه بهار ۽ نه وري سرءُ! ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن پوي.

ڌرتيءَ تي سيارو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڌرتيءَ جو مٿيون اڌ گول سج کان ڪجهه مهينن لاءِ پاسيرو ٿيو وڃي. ۽ جڏهن ان اڌ گولي ۾ سيارو هوندو آهي ته باقي اڌ تي اونهارو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو اڌ گولي جو سج ڏي منهن هجڻ ڪري اتي تپش ٿئي ۽ ساڳي وقت سج جي روشني گهڻي دير رهڻ ڪري اوندهه ٿئي ۽ اسان چوندا آهيون ته راتيون وڏيون ٿي ويون آهن. پر ملائيشيا جو ملڪ خط استوا- يعني دنيا جي وچ مان لگهندڙ خيالي ليڪ جي ايترو ته ويجهو آهي جو سڄو سال سج هڪجهڙو ئي رهي ٿو ۽ نه فقط موسم سڄو سال هڪ جهڙي رهي ٿي، پر ڏينهن رات به هڪ جيڏو ٿئي ٿو. سڄي سال ۾ چند منٽن جو ڪو فرق ٿئي ٿو. باقي هتي مينهن ٻارهوئي وسندو رهي ٿو. سو جيڪڏهن ملائيشيا ۾ ڪا مند آهي به ته فقط مينهوڳي- جيڪا سڄو سال هلي ٿي.

ايڏي مينهن جو ٻڌي ٻئي ڪنهن کي تعجب لڳي يا نه، پر عربن، مصرين، سنڌين، راجستانين، آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي رهاڪن، ڏکڻ لبيا ۽ سوڊان جي رهاڪن ۽ ٻين اهڙن کي ضرور ٿيندو هوندو، جيڪي دنيا جو ٿر، صحرا ۽ گوبي جهڙن بيابانن، برپٽن ۽ رڻ پٽن جا رهاڪو آهن.

هتي ملائيشيا ۾ جهڙ ته روز هوندو آهي. سڄي ڏينهن ۾ شايد ڪا اهڙي گهڙي هجي جنهن ۾ آسمان ڪڪرن کان خالي هجي باقي وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪڪر ضرور هوندا آهن، مينهن وچ ۾ ڏينهن ٻه ساهي پٽي وري هفتو ڏيڍ پيو وسندو. پوءِ ڪڏهن لڳاتار ته ڪڏهن رکي رکي وڏ ڦڙو ۽ بوندا باندي. جيئن گذريل سال ڪرسمس جي ڏينهن تي سڄي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي جوهور رياست ۾ لڳاتار ٻاهتر ڪلاڪ مينهن وسندو رهيو.

مينهن جي ڪري هتي چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ رهي ٿي. بقول آصف جي اسان وٽ گاهه پوکڻ به وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ زمين ٺاهڻي پوندي، ڀاڻ وجهڻو پوندو ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوندو- جيڪو پاڻي انسانن کي به پيئڻ لاءِ پورو ناهي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن کي وڻ ٽڻ يا گل ٻوٽا پوکڻ لاءِ ڪا به تڪليف نٿي ڪرڻي پوي. هر شيءِ جلد ڦٽي ٿي ۽ ماڻهن کي رڳو وڌيڪ وڻن يا گاهه کي ڇانگڻ ۽ ڪٽڻ جو سوچڻو پوي ٿو.

اسان وٽ ندين ۾ پاڻي هماليه جبل تان برف ڳرڻ بعد موسم آهر ٿورو يا گهڻو جيڪو اچي ٿو ان کي واهن ۽ شاخن رستي ورهائي ٻنين ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو. درياهه نديون ملائيشيا ۾ به آهن، پر اهي پوک طور نٿيون ڪم ۾ اچن. پر نارن ڪسين طور، هتي جون ننديون نالا ٻين ٻارن ۽ شهرن جو پاڻي کڻي سمنڊ ڏي وهن. يعني هتي جي ٻنين ٻارن/ پوک کي ندين جي پاڻيءَ جي ضرورت ناهي، مينهن جو پاڻي ئي ايترو ٿو ٿئي جو ٻوڙ ٻوڙان لڳيو وڃي ۽ فالتو پاڻي وهي ننڍيون ناليون، پوءِ واهه ۽ پوءِ وڏا درياهه ٺاهيو وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ائين جي سلسلو نه هجي ته مينهن جو پاڻي بيٺل فصل ۽ گهر گهاٽ ٻوڙي رکي. يعني هتي اسان وارو حساب ناهي ته سياري ۾ برف نه ڳرڻ ڪري يڪا ٻه ٽي مهينا درياهه سڪل هوندو ۽ اونهاري ۾ وري ٻه ٽي مهينا ٻوڙ ٻوڙان. پر هتي جي دريائن جي لاهه چاڙهه ۾ ڦيرو مهنين بدران روز اچي. يعني جنهن ڏينهن گهڻو مينهن پيو ته سڀ ننديون سمنڊ ڏي ٽٻ ٿيو پيون وينديون ۽ جي مينهن جهڪو ٿيو ته يڪدم ندين جي ليول لهي وڃي پٽ پوندي آهي.

ملائيشيا ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن، جيڪي ڪسين جون ڪم ڏين ۽ سڄي ملڪ جي مينهن جو پاڻي سمنڊ تائين پهچائين ٿيون. ڪن اهم ندين جا نالا آهن: بارام ندي، ڪيلنتائين ندي، لابوڪ ندي، پاهانگ ندي، پيراڪ ندي، راجانگ ندي، سيگاما نديءَ، وغيره وغيره.

مينهن گهڻي پوڻ ڪري گاهه ٻوٽا وڻ ٽڻ هتي جام آهن. وڻواهه ۽ ٻيلن ڪري انيڪ جيت، پکي، نانگ بلائون ۽ جانور آهن. يورپ ۽ آمريڪا جي ٿڌن ملڪن ۾ برف گهڻي پوڻ ڪري گهٽيون ۽ رستا هلچل جي قابل نه رهندا آهن ۽ هر وقت برف هٽائي ويندي آهي، جيئن صفائي رهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ وري گهڻي مينهن وسڻ ڪري گپ يا مينهن جو پاڻي ته ڪو نه ٿو بيهي. پر ڏسندي ئي ڏسندي گاهه ايڏو ته جلد وڌيو وڃي جو ان مان هلڻ نه فقط ڏکيو پر خطرناڪ ٿيو پوي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته صبح جي وقت ماڪ پوڻ ڪري آلو ٿو رهي ۽ ڪپڙا (پتلون، شلوار يا گوڏ) خراب ٿيو پوي ۽ رات جي وقت وري ان ۾ زهريلا جيت جڻيا- خاص ڪري نانگ بلائن جو خطرو رهي ٿو ۽ ڪيترائي انهن جي ڏنگن/ چڪن جو شڪار ٿين ٿا.

هونءَ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ جانورن ۽ جيتن جڻين ۾ سڀ کان خطرناڪ زهريلا نانگ بلائون آهن. دنيا جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ ايترا ماڻهو نٿا ڏنگجن، جيترا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن:ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين، ڪمپوچيا، برما وغيره ۾. ڊاڪٽري رپورٽن موجب رڳو ملائيشيا ۾ هر سال ڇهه هزار ماڻهو نانگن جي چڪن ڪري اسپتالن ۾ اچن ٿا. (ياد رهي ته سڄي ملائيشيا ۾ آدمشماري ڪراچيءَ جيتري آهي ۽ ان حساب موجب اهو انگ تمام وڏو آهي.)

اڄلڪهه ميڊيڪل جي اڇت مدد ڪري ڪافي ماڻهو چاق چڱا ڀلا ٿيو وڃن. مثال طور: ڪجهه عرصو اڳ اسان جي ڌوٻيءَ جي ماءُ کي جيئن ئي نانگ چڪ هنيو ته هن کي يڪدم ڀر واري اسپتال ۾ کڻائي ويا. چڪ جي نشان مان ڊاڪٽر سمجهي ويو ته هن کي واسينگ (Cobra) نانگ چڪ هنيو آهي. ڊاڪٽر کيس يڪدم ائنٽي وينن  Anti Veninڏنو. اها هڪ اهڙي دوا اهي جيڪا گهوڙي کي ڇهه اٺ مهينا ٿورو ٿورو زهر کائڻ تي هيرائي پوءِ ان جي رت مان ٺاهي وڃي ٿي. جيئن ماتا ۽ ارڙيءَ جي بچاءَ لاءِ جيڪي  ٽڪا هڻبا آهن. انهن جي دوا ڍڳين مان ڪڍي ويندي آهي. نانگ جي چڪ جي علاج لاءِ نانگ جي زهر مان پڻ دوا (Serum) ٺاهي ويندي آهي.

بهرحال هن ڌوٻيءَ جي ماءُ کي اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ ئي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف شروع ٿي ويئي هئي سو ڊاڪٽر ”آرٽييشل- ساهه- کڻڻيءَ ذريعي هن کي ساهه کڻائڻ شروع ڪيو. ٽن ڏينهن بعد هوءَ ان لائق ٿي جو پاڻهي ساهه کڻي سگهي. سندس پير ۽ ڄنگهه هڪ هفتو ٻيو به سڄيل رهي. اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر ته آئي پر ڪجهه ڏينهن بعد هن کي پير ۾ گئنگرين ٿي پيئي، جنهن لاءِ وري کيس اسپتال موٽي وڃڻو پيو ۽ مهينو کن ٻيو به علاج هيٺ هئي. پوءِ وڃي چاق چڱي ڀلي ٿي. پر وري به هيءَ خوشنصيب چئبي جو ترت علاج ٿيڻ ڪري بچي ويئي.

هونءَ ڪو به ملڪ يا علائقو نانگ بلائن کان بچيل ناهي. چاهي جهنگ جهر هجي يا بيابان رڻ پٽ، جابلو علائقو هجي يا سامونڊي. پر دنيا جي هن پاسي ڪجهه گهڻائي نانگ بلائون آهن ۽ انهن ۾ گهڻو حصو خطرناڪ ۽ زهريلن نانگن جو آهي. جيئن مثال طور واسينگ نانگ هتي تمام گهڻو آهي، جنهن کي اسان وٽ جوڳي اڪثر مرلين تي نچائي پئسا ڪمائيندا آهن. ڪي ڪي واسينگ نانگ ته ارڙهن فوٽن جا به ٿين ۽ نانگن جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته واسينگ نانگ سئو کان به مٿي دفعا هڪ ئي وقت ڏنگ هڻي سگهي ٿو. واسينگ نانگ ڪوئا ۽ ڏيڏر کائڻ جا شوقين آهن. ان ڪري اهي گهرن اڳيان ئي ڦرندا نظر اچن ٿا. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جو جيڪڏهن مٿان پير اچيو وڃي ته چڪيو رکن. واسينگن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي زهريلا نانگ گهرن اڳيان- خاص ڪري ڇٻر ۽ گاهه تي ڦرن ٿا، جن جي بچاءَ لاءِ هتي جا ماڻهو اڪثر نصيحت ڪندا آهن ته رات جي وقت وڏو بوٽ ۽ پتلون پائي پوءِ ڇٻر تي هلجي، خاص ڪري گرم ۽ گهميل راتين جو ته وڌيڪ خيال رکجي. پاڻ سان گڏ ٽارچ رکجي ۽ ٿي سگهي ته لڪڻ پڻ کڻي هلجي- جنهن کي پٽ تي هڻڻ جو آواز تي نانگ اڳواٽ پري ڀڄي ويندو. نانگن کي ڪن نه ٿين سو ٻڌي ته نه سگهندو آهي. پر زمين تي لڪڻ هڻڻ سان (يا مرليءَ جي آواز تي) جيڪي زمين يا هوا ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، اهي هن جو جسم محسوس ڪري سگهي ٿو.

ڪنهن به پوري بند يا گاهه ۾ هٿ نه وجهجي. ڪو پٿر يا بند رکيو هجي ته ان تان لانگ ورائي ٽپڻ بدران ان جي مٿان پير رکجي جو ڪڏهن ڪڏهن پٿر جي پويان نانگ لڪي ويهي ٿو. ڪنهن به نانگ ۾ هٿ نه وجهجي، چاهي اهو جيئرو هجي يا مئل. پنهنجي گهر جو گاهه جيئن وڌي ته ڪتري ننڍو ڪرائي ڇڏجي، گند ڪچري جي ڍير يا پراڻي کوهه وٽان لنگهڻ کان پاسو ڪجي جو اهڙن هنڌن تي گهڻو ڪري نانگ ڏيڏرن جي تاڙ ۾ ويٺل هوندا آهن. گهر ۾ جي ڪوئا هجن ته انهن کي مارائي ڇڏجي جو ڪوئا پڻ نانگن لاءِ وڏي ڪشش آهن. جيڪڏهن ڪو نانگ سامهون اچي وڃي ته پريشان ٿي ان کي انڌاڌنڌ ڏنڊا وهائي ڪڍجن. ڪوشش ڪري چپ چاپ بيهي رهجي، ڇو جو چرپر تي نانگن جو ڌيان ڇڪجي ٿو ۽ ماٺ ڪري بيهڻ سان گهڻو ڪري نانگ پاسو ڏيئي ڀڄي وڃي ٿو. گهڻو ڪري نانگ تيسين چڪ نٿو هڻي جيسين ان سان کشٽ نٿي ڪجي. جيڪڏهن ڪو زهريلو نانگ گهر ۾ گهڙي اچي ۽ ان کي هروڀرو مارڻو ئي پوي ته نهايت خبرداريءَ سان لٺ جي هڪ ئي ڌڪ سان سندس منهن چچري رکجي، ڇو جو جيئري نانگ کان ڦٽيل نانگ خطرناڪ ٿئي ٿو. ڪڏهن به تکي شيءِ- ڪهاڙي، ڪات يا ترار جي ڦر سان نانگ کي ڌڪ نه هڻجي جو ائين ڪرڻ سان نانگ فقط ٻه اڌ ٿيو پوي ۽ اڌ نانگ مان به ساڳيو خطرو آهي جيڪو سڄي مان.

گهڻي گاهه مان اهو سو فائدو ضرور آهي ته هتي جانور وهٽ خوش ۽ متارا آهن. سندن پيرن هيٺان هر وقت ۽ هر هنڌ گاهه ئي گاهه موجود آهي. ڪنهن جي گهرا ڳيان ڍڳيون مينهون وڃي چرنديون ته گهر جو مالڪ کين ڍڪ ۾ اماڻڻ بدران خوش ٿيندو ته ڀلي گهڻي کان گهڻو گاهه کائي وڃن. جيئن ايندڙ موڪل جو ڏينهن گاهه ڪٽڻ کان فرست ملي وڃي. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گهر اڳيان ڇٻر پوکڻ ته ناممڪن ڳالهه آهي، پر جي ڪو پئيڻ ۽ وهنجڻ جي حصي مان پاڻي بچائي گاهه سلو پوکي ٿو. ۽ ڪا ڍڳي ان ۾ منهن اچيو وجهي ته پٿر ٺڪاءُ ٿيو وڃينس. ويچاريون گاهه ته ڇا. ڪڙن ڪسارن ٻوٽن ۾ به پيون چڪ هڻن. کين نه وٿاڻ تي ڏاري جو وجهه نه پهر تي ڍءُ! اڪثر سپر هاءِ وي تي اگهاڙن ٽرڪن ۾ نٽهه اُس ۾ اسان جي بي زبان جانورن کي ائين ڍوئيندو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. بک ۽ اڃ ڪري سندن پيٽ پٺيءَ سان لڳل هوندو آهي. پر هتي جي چوپايو شايد ئي ڪو ڏينهن – بلڪ ڪو ڪلاڪ به بک ۾ ڪاٽيو هجي. ان ڪري جنهن ڍور ڏي نظر ڪر ته متارو نظر اچي ٿو.

هتي جي حڪومت ماڻهن جي صحت جو نهايت خيال رکي ٿي. ڪنهن به بيمار يا پوڙهي ڍور کي ڪهي گوشت وڪڻڻ تي سخت چڪاس ۽ سزائون آهن. ٻڪري، ڍڳي يا مينهن جي ذبح ٿيڻ جي عمر مقرر ٿيل آهي. ان عمر تي پهچڻ سان کيس ڪهي سگهجي ٿو. بلڪل ننڍي يا پوڙهي ڍور تي ڪاتي ڦيرائڻ ڏوهه جو ڪم آهي. اسان وٽ مجبوري ڪارڻ ننڍي عمر جون ڍڳيون/ ڍڳا ان ڪري به ذبح نٿا ڪيا وڃن جو کانئن کير ۽ هر ڪاهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. جيسين هر ڪاهڻ يا کير ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تيسين کين ڪهڻ نقصانڪار سمجهيو وڃي ٿو. پر هتي ملائيشيا ۾ پوک جونمونو اهڙو آهي جنهن ۾ نه گهڻي هر جي ضرورت نه ريج جي.

مزيدار ڳالهه اسان جي پاڙيسري همراهه مسٽر گونا راجا ٻڌائي ته هتي جا ملئي مسلمان مينهن يا ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه جو هنن کي تازي کير جي بوءِ پسند ناهي. چانهه ۾ به دٻن جو مٺو Condensed کير وجهن. ٻئي نمبر تي هتي جي آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي. اهي پڻ کير کي هٿ نه لائين. چيومانس. ”حق تي اسان جو کير واري روز پڇندي آهي ته ٻيا پاڪستاني ڪڏهن ايندا؟ کير وڪڻڻ لاءِ هڪ تامل هندو ڇوڪري Jeans جي پتلون ۽ جئڪٽ پائي ايندي آهي.

گونا کلي چيو:ها، هتي ڪو به کير ڪو نه پيئي. آئون هتي آيس ته پهرين پهرين مون هن کي کير لاءِ چيو جو اسين انڊين ته کير پيئون. پوءِ ڪئپٽن مخدوم ۽ ڪئپٽن نندڪر چيو. پوءِ آصف ۽ توهان. سو ظاهر آهي ته سندس کير جيڪو ضايع ٿي ويندو هو تنهن جا هاڻ پئسا پيا ملندس. مخدوم جڏهن آيو ۽ مينهن يا ڍڳي جي تازي کير لاءِ پڇيائين ته مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. مون چيومانس ته يار تون مسلمان آهين. هتي جا ملئي مسلمان ته ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه. کير رڳو اهي هندو ۽ ڪرسچن ٿا پيئن جيڪي اصل هندستان يا يورپ کان لڏي هتي آيل آهن. ته مخدوم وراڻيو:”ڍڳيءَ جو ته ڇا مينهن جو کير ملي ته اڃا به بهتر. اسان وٽ پاڪستان ۾ ته کير پيئڻ جي عادت ننڍي هوندي کان وجهن ۽ کير جي کپت ايتري ته آهي جو کير وارا پورت ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ کير ۾ پاڻي به ملائي وڪڻن.“

گونا کان پڇيم:”پنهنجي کير واري ڇوڪريءَ کي گهڻيون ڍڳيون آهن؟”

چيائين: ”فقط هڪڙي.“

آصف کي چيم ته استاد وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته هاڻ ڪنهن ٻئي کي کير آڻڻ لاءِ چئبو. نه ته کير پورو ڪرڻ لاءِ هيءَ به اهو ئي ڪم ڪندي جيڪو سندس ڀائر ڀينرون اڄڪلهه سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان گجرات مهاراشٽرا، اتر پرديش ۽ بنگال ۾ ڪري رهيا آهن- يعني کير ۾ پاڻي ملائيندي- اڃا به جي ضروري سمجهيائين ته پاڻيءَ ۾ کير ملائيندي.

آصف کلي چيو: ”نه يار، ائين هتي هرگز نه ٿيندو. ان بابت پڪ ڪري چڪو آهيان، کانئس پڇيو هوم ته ”وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته پوءِ تنهنجي هڪڙي ڍڳي ته پوري پئجي نه سگهندي.“ وراڻيو هئائين:”منهنجي ڍڳي ته هينئر به کير ڪا نه ٿي ڏئي.....“

آصف جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي وائڙو ٿي پڇيومانس:”ته پوءِ نينڊو، ائنڪر يار ريڊ ڪائو جو پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائي ٿي ڏئي ڇا؟“

”نه نه، منهنجي ڳالهه ٻڌ. هن ٻڌايو ته رستي تي يا پاڙي اوڙي ۾ کيس جيڪا به ڍڳي نظر اچي ٿي ته ان جو کير ڏهي اچي وڪڻندي آهي، جو هتي ته کير جي ڪنهن کي ضرورت ئي ڪانهي. ۽ پئسا به ڪو کير جي حساب سان ڪو نه ٿي ڏئي، پر سمجهه ته سندس ڏهائيءَ جي محنت ۽ موٽرسائيڪل جي پيٽرول جا آهن، جنهن تي هوءَ چڙهيو ٿي اچي. تڏهن ته چيائين پئي ته جي ٻيا به گهڻا اچي ويا ته پوءِ قرض ڏجو ته کير ڏهڻ واري اليڪٽرڪ مشين وٺان.“

تنهن تي گونا خبردار ڪندي چيو:”متان پئسا اڳواٽ ڏنا اٿانوَ. ليکي چوکي ۾ هونءَ ئي صحيح ناهي. روز جيڪو کير ڏئي اهو لکندا به وڃو. جو مهيني ۾ ٻه چار ڏينهن کير آڻي ڪا نه ٿي، پر مهيني پوري ٿيڻ تي پئسا سڄي مهيني جا ٿي وٺي. اڳئين مهيني جا سورهن ڊالر (ڇهانوي رپيا) وٺڻ آئي ته پڇيومانس سورنهن ڊالر ڪيئن ٿيا. ته چوڻ لڳي:روز هڪ سير کير جا پنجاهه سينٽ ٿيا ۽ اوڻٽيهن ڏينهن جا ٿيا سورهن ڊالر. تنهن تي چيومانس ته پهرين ڳالهه ته پنجاهه کي اوڻٽيهن سان ضرب ڪرڻ سان سورهن ڊالر نه پر ساڍا چوڏهن ڊالر ٿا ٿين ۽ ٻي ڳالهه ته تون هن مهيني فقط پنجويهه ڏينهن آئي هئينءَ- جيڪو آئون روز ڪئلينڊر تي نوٽ ڪندو وڃان، سو ان حساب سان فقط ساڍا ٻارهن ڊالر ٿيا. تنهن تي کلي وراڻيائين: آئون حساب ۾ ڪچي آهيان. اسڪول ۾ به فيل ٿيندي هيس. تنهن تي چيومانس ته اهو ڀلي ٿيندي هئينءَ، پر ايتري ڪا ڪچي نه آهين جو ڪنهن مهيني حساب کڻي گهٽ وٺين؟.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org