سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:6 

ملائيشيا هڪ ڊگري کان ست ڊگريون ويرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ۽ 100 ڊگرين کان 119 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ Longitude تي آهي. ملائيشيا جا پاڙيسري يا ويجها ملڪ آهن: اتر ۾ ٿائيلينڊ- جيڪو ملائيشيا جي بارڊر سان ڳنڍيو پيو آهي. ڏکڻ ۾ سنگاپور جو ننڍڙو ٻيٽ جيڪو سنهي رستي (Cause-Way) ذريعي ملائيشيا سان خشڪي رستي ڳنڍيل  آهي. ملاڪا نار جي اولهه ۾ انڊونيشيا جي وچ ۾ چار سئو ميل ڏکڻ چيني سمنڊ جا آهن. (پاڪستان ۽ بنگلاديش-اڳوڻي ايسٽ پاڪستان جي وچ ۾ هزار ميلن جو ويڇو هو ۽ سمنڊ بدران زمين- هندستان جو ملڪ هو.) بهرحال پاڪستان کان علاوه هي ٻيو ملڪ آهي جنهن جو هڪ حصو ٻئي کان چڱي فاصلي تي آهي. اولهه ملائيشيا (جنهن ۾ ڪوالالمپور جو شهر به اچي ٿو) اوڀر ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) کان وڌيڪ سڌريل، وڌيڪ امير، وڌيڪ ترقي يافته آهي. اڄڪلهه جي حڪومت گذريل چند سالن ۾ ٻنهي کي ملائڻ ۽ برابر ڪرڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪري رهي آهي. هونءَ اها ڳالهه آهي ته ٻنهي حصن ۾ ساڳيو مذهب، ساڳي زبان ۽ ساڳي ملئي قوم رهي ٿي ۽ گذريل چند سالن ۾ صباح ۽ سرواڪ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، رستا، ڪارخانا وغيره ڌڙاڌڙ کلندا وڃن. ملڪ ۾ پئسو آهي. ايمانداري آهي، سچائي آهي- جيڪا اڄ جي دور ۾ تيل ۽ رٻڙ کان به وڌيڪ اهم آهي.

سڄي ملائيشيا جي پکيڙ سوا لک چورس ميل کن ٿيندي ۽ آدمشاري فقط يارهن ملين! اها آدشماري تمام گهٽ آهي ۽ ملائيشيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. سڄي ملائيشيا جيترو آدم ته فقط ڪراچيءَ شهر ۾ اسان وٽ رهي ٿو. ڪراچيءَ جي اڄڪلهه آدمشماري پڻ يارهن ملين آهي. (سڄي پاڪستان جي پکيڙ ٽي لک کن چورس ميل آهي ۽ آدمشماري ستر ملين کن.)

پکيڙ ۾ ملائيشِا جو الهندو حصو ايڪونجاهه هزار چورس ميل آهي ۽ اوڀر ملائيشيا جي هڪ رياست ايراضيءَ ۾ اوڀر ملائيشيا اولهه کان ڏيڍوڻو وڏو آهي، پر آدمشماري بنهه گهٽ اٿس. اڄڪلهه تيل نڪرڻ ڪري ملائيشيا ٻين ايشيائي ملڪن کان امير ملڪ نه ٿيو آهي. پر اڳ ۾ به امير هو، جنهن جو هڪ وڏو سبب آدمشماري جي ٿورائي آهي. ذرا سوچيو  ته پاڪستان يا هندستان جي آدمشماري ان حساب سان ڪيتري ته گهڻي آهي. بمبئي يا ڪلڪتي جهڙي هڪ هڪ شهر ۾ ته ٻه ٻه- بلڪ اڍائي ملائيشيائون اچي وڃن.

ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿيو وڃي ته عوام گهٽ آهي. چٽگانگ، ڪلڪتو،پيڪنگ، شنگهائي، حيدرآباد جهڙا وڏا شهر ته پري، پر ٽنڊوآدم، چيچه وطني، شهدادپور، سئمڪانگ، ڀوپال، بريلي، فيني، سلهٽ جهڙن ننڍن شهرن يا ان کان به ننڍن ڳوٺن ۾ به وڃبو ته صبح جي وقت پڻ رستن، هوٽلن، چونڪن، مارڪيٽن اڳيان ڪئين واندا مرد ۽ ٻار نظر ايندا. جيتوڻيڪ صبح جو ته اسڪول، آفيس ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪري ماڻهو نه برابر هئڻ کپن. هيڏانهن ملائيشيا م صبح توڙي شام ڪنهن به رستي يا ڳوٺ مان لنگهه ته بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان به ايترا ماڻهن ۽ ٻارن جا ميڙ نظر نه ايندا. بقول اسن جي هڪ هندستاني چيف انجنيئر مسٽر ببر جي ته ملائيشيا جي اڄ به اسان جيتري آدمشماري ٿي پوي ته ٻن سالن اندر گوڏن ڀر وڃي ڦهڪو ڪري. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ به ڀليون زمينون  کاڻيون آهن. ماڻهو به هنرمند، ڪاريگر ۽ پورهيت آهن پر هڪ هڪ ماڻهوءَ پٺيان ايترا پيٽ آهن جو هر هڪ جي حصي ۾ ايترو گهٽ ٿو اچي جو ان مان زندگيءَ جون آسائشون ته پري، رڳو ضرورتون به پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. اسان جي يار چيف انجنيئر کي گهڻي آدمشماريءَ واري ڳالهه هرگز نه وڻندي آهي، جنهن سبب ڪري- سندس خيال موجب- اسان جا ملڪ غريب ٿيندا وڃن. هر وقت ليڪچر ڏيندو ته گهڻا ٻار پيدا ڪري ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ بدران هڪ يا ٻه ٻار ڄڻي، انهن کي سٺي تعليم ڏجي، صحتمند بڻائجي- ته سڄو ملڪ ڏسندي ئي ڏسندي خوشحال ٿي وڃي.

هڪ ڏينهن چوڻ لڳو: ”پنهنجي ملڪ ۾ نه ڊيموڪريسي ٿي هلي ۽ نه ڊڪٽيٽر شپ. وڃجي سو وڃجي ڪيڏانهن. دنيا چئي ٿي ائٽم بم نه ٺاهيو. آئون ته دعا پيو ڪريان ته پاڪستان به ائٽم بم جلد ٺاهي. هڪ بم جي ضرورت اسان کي به آهي جو هندستان جي آدمشماري توهان کان به وڌي ويئي آهي. ڀلي ان بم جو شڪار آئون. ريتا (سندس زال)، مامتا ۽ گئورف (ڌي پٽ) به ٿين.“

ملائيشيا جون رياستون صباح ۽ سرواڪ جنهن وڏي ٻيٽ تي آهن ان جو نالو بورنيو آهي. يعني ان بورنيو ٻيٽ جو اتر وارو حصو صباح ۽ سرواڪ آهي ۽ ڏکڻ وارو حصو- ڏکڻ بورنيو ”ڪليمنٽ“ سڏجي ٿو، جيڪو انڊونيشيا جوحصو آهي. سرواڪ ٻيٽ جي اندر هڪ ننڍڙي سلطنت ”برونائي“ نالي آهي جيڪا ملائيشيا کان سياسي طرح الڳ آهي.

ملايا کي انگريزن کان 1963ع ۾ خودمختياري ملي. ان وقت ملائيشيا ۾ ملايا (اڄڪلهه جي اولهه ملائيشيا)، سنگاپور، سرواڪ ۽ صباح اچي ٿي ويا. پوءِ آگسٽ 1965ع ۾ سنگاپور رياست الڳ ملڪ وڃي ٺاهيو.

ويسٽ (اولهه) ملائسيا ۾ يارنهن رياستون (صوبا) آهن ۽ايسٽ (اوڀر) ملائشيا ۾ ٻه- صباح ۽ سرواڪ هر هڪ رياست جا الڳ الڳ سلطان آهن جن مان هڪ ڄڻو سڄي ملائيشيا جو پنجن سالن لاءِ حاڪم (بادشاهه) چونڊيو ويندو آهي- جنهن کي يانگ دي- پرتئان اگانگYang Di-Pertuan Agong سڏجي ٿو.

اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن/صوبن جا نالا هن ريت آهن:اتر ۾ ٿائلينڊ جي بارڊر سان چار صوبا مليل آهن. هڪڙو ”پيريلس“، ٻيو ”ڪيداح“ – جنهن جو مسٽر تنڪو عبدالرحمان- اڳوڻو پرائيم منسٽر رهاڪو آهي. ٽيون ”پيراڪ“ جنهن جي گاديءَ جو هنڌ مشهور شهر ”ايپوح“ آهي ۽ چوٿون ”ڪيلانتان“- جنهن جي گاديءَ جو هنڌ- ”ڪوٽابارو“ پڻ مشهور تاريخي شهر آهي. ملئي زبان ۾ ڪوٽ (قلعي) کي ”ڪوٽا“ سڏجي ٿو ۽ ”بارو“ معنيٰ نئون. انهن چئن صوبن بعد پوءِ آهي پنجون صوبو ”پينانگ“، سندس گاديءَ جو هنڌ ”جارج ٽائون“ آهي ۽ پينانگ شهر وارو ملائيشيا جو تمام وڏو بندر گاهه ۽ سنگاپور وانگر ڊيوٽي فري شهر ۽ جهازين لاءِ دلپسند جڳهه آهي.

پينانگ صوبي بعد ڇهون صوبو ”پهانگ“ آهي. پهانگ پکيڙ ۾ سڀن کان وڏو صوبو آهي. پهانگ جي مٿان ستون صوبو ”ترينگانو“ آهي جيڪو مهاڻن جي ڳوٺن ۽ هٿ جي هنرن کان مشهور آهي ۽ پهانگ صوبي جي هيٺين پاسي اٺون صوبو ”سيلانگر“ آهي- جنهن ۾ ڪوالالپور شهر ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو نه فقط هن صوبي سيلانگر جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پر سڄي ملڪ ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هوائي اڏو پڻ آهي. ڪوالالپور بندرگاهه ته نه آهي، پر پورٽ ڪلانگ جو بندرگاهه کانئس فقط ويهه ميل کن پري آهي.

ويسٽ ملائيشيا جو نائون صوبو ”نينگري سيمبلان“ آهي، جنهن جي هيٺان ڏهون صوبو ”ملاڪا “ آهي، جيڪو پينانگ کان وڏو آهي. باقي ٻين سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو صوبو آهي. سندس پکيڙ ساڍا ڇهه سئو کن چورس ميل ٿيندي. ملاڪا صوبي جو ملاڪا شهر ملائيشيا جي جهونن شهرن مان آهي، جتي اڄ به عربن جون ٺهيل مسجدون ۽ پورچو گيزن ۽ ڊچن جا ٺهيل ڳاڙهي رنگ جا قلعا ۽ ڪليسا گهر موجود آهن. هتي جي اها جهوني مسجد جتي هتي جو بادشاهه اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو هو، اها پڻ ٽنگڪيرا روڊ تي موجود آهي.

ان بعد يارهون ۽ ويسٽ ملائيشيا جو هيٺون پڇڙيءَ وارو صوبو ”جوهور“ آهي، جنهن بعد سنگاپور جو ٻيٽ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ بعد منهوڙو ٻيٽ ۽ جيئن ڪراچيءَ سان منهوڙو ٻيٽ ماڙي پور واري رستي ذريعي ڳنڍيل آهي. تئين سنگاپور جو ٻيٽ (جيڪو ملاڪا رياست جيڏو مس ٿيندو) جوهور صوبي سان سنهي رستي Cause- Way ذريعي ڳنڍيل آهي. جوهور صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ”جوهوربارو“ آهي جيڪو پڻ ملائيشيا جو تمام مشهور ۽ ماڊرن شهر آهي.

گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي

 ڇاپ واريون بشرٽون

ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪيترائي دفعا سوچيم ته آيا ملائيشيا وڃڻ کپي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن. ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي آفيس ۽ هڪ ئي هنڌ رهڻ کپي يا وري جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي کڻي ملڪ ملڪ گهمندو وتجي. ڪئپٽن بشير وسطڙو ۽ ڪئپٽن عالم شيخ جن جو جهاز ٽن مهينن بعد آمريڪا ۽ يورپ کان سامان کڻي ڪراچيءَ آيو هو۽ ٻن ڏينهن ۾ اهو سمورو سامان لاهي وري مسافريءَ تي روانو ٿيڻو هو. تن سور روئيندي چيو. ”اڄڪلهه جهاز هلائڻ کان ته بهتر آهي ته ماڻهو بس جو ڊرائيور وڃي ٿئي- گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ جي ڏاکڙن کان بچيل رهندو. چار پنج سال اڳ تائين سمنڊ جي نوڪريءَ وارو مزو وري شايد موٽي نه اچي.“

گهڻو اڳ تائين دنيا جا بندرگاهه ايترا ننڍا ۽ پراڻي زماني جا هئا، جو هڪ ئي وقت سڀ جهاز بيهي نٿي سگهيا. ڪراچي، چٽگانگ، بمبئي جهڙن بندرگاهن ۾ ته جهاز بيهارڻ جي جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ مهينو مهينو به انتظار ڪرڻو پوندو هو. جنهن ۾ جهاز جي مالڪ ۽ سامان جي واپارين جو ته نقصان ٿيندو هو، پر اسان جهازين لاءِ ڄڻ موڪل ٿي ويندي هئي، نائجيريا، سعودي عرب، چين ۽ اتر ڪوريا جي بندرگاهن ۾ ته ٻه ٻه مهينا به انتظار ڪيو هوندوسين، ۽ پوءِ جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ اندر ايندو هو ته سامان لاهڻ جو تڪڙو بندوبست نه هوندو هو ۽ ڊيرڪن (جهاز جي ڪرينن) ذريعي آهستي آهستي ڪري لاهيو ويندو هو. پر هاڻ هڪ ته بندرگاهه سڀ وڏا ۽ اهڙا ماڊرن ٿيندا وڃن جو جهاز پهچڻ کان اڳ جاءِ به تيار ته سامان لاهڻ وارا مزدور ۽ مشينون به تيار ۽ جهاز ۾ کليل سامان يعني کوکن ۽ ڳئڙين جي صورت ۾ رکڻ بدران وڏن ڪنٽينرن ۾ رکيو وڃي ٿو، جن کي لاهڻ وقت ڏينهن ۽ مهينن بدران ڪلاڪن جا فيصلا ٿيو وڃن. اهو جهاز جيڪو جدي، دمام، ڪراچي، ڪولمبو وغيره ۾ ٻه ٻه مهينا بيهندو هو. اهو ٻن ڏينهن ۾ آجو ٿيو وڃي ۽ ويچارا جهازي نئين مسافريءَ لاءِ وري سمنڊ جهاڳڻ شروع ڪريو ڏين.

سو اهڙين حالتن ۾ سمنڊ جي نوڪريءَ کان ڪناري جي نوڪري- سان به ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان بهتر لڳي ٿي.

ٽي. وي اسٽيسن تي سلطان صديقيءَ کي چيم: ”ملائيشيا وڃڻ مان ٻيو ڪو فائدو هجي يا نه، پر هڪ پازِيٽو فائدو ضرور ٿيندو ته ڪيترن سالن کان ٽرڙن رنگن ۽ ٽرڙين ڊيزائينن جون رکيل قميصون جيڪي هتي پائي نه سگهيو آهيان، سي اتي پائي ڏاڍو پيو ٺهندس ۽ اتي جي ماڻهن مان ئي هڪ پيو لڳندس.“

آپا سلطانا- جيڪا ورلڊ ورڪنگ وومين آرگنائيزيشن جي عهديدار پڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا چڱا دورا ڪري چڪي آهي سان يڪدم چرچو سمجهي کلڻ لڳي.

”خبراٿانو.“ مون کيس ٻڌايو، ”انٽرويو کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سوچيم پئي ته انٽرويو مهل ڪهڙا ڪپڙا پائجن. سوٽ پائجي يا فقط ٽاءِ قميص، رڳو شلوار قميص پائي انٽرويو لاءِ وڃجي يا اهڙن موقعن تي جئڪٽ به پائي وڃجي. آهي ته گرمي جو سوٽ وڌيڪ مناسب ٿو لڳي. ۽ جي سوٽ، ته ان تي ڪهڙي ٽاءِ ٻڌجي. انهيءَ سوچ ۾ جيڪي ڪپڙا استري نه ٿيل هئا اهي به استري ڪرائي ورتم. اتفاق سان انٽرويو وارا ٽئي همراهه انٽرويو کان هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ملي ويا. ڏسان کڻي ته ٽئي ڄڻا فري اسٽائيل ۾ نيلين پيلين بشرٽن ۾ عام ماڻهن وانگر هلي رهيا هئا. سندن بشرٽن جا نه فقط نيلا پيلا رنگ هئا پر هڪ جي بشرٽ تي ته عجيب بي ڊولا گدرا ۽ ڇانهيون ٺهيل هيون. پوءِ يڪدم خيال آيو ته هن ملڪ جا ماڻهو ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ هوائي ٻيٽ، سنگارپور، فجي، انڊونيشيا، سريلنڪا جيان مست ملنگ آهن- جتي هر قسم ۽ هر رنگ جو ڪپڙو ملي ٿو- يعني جيڪي به غريباڻا ڪپڙا توهان وٽ آهن. اهو فئشن سمجهو. ننڍن ڪالرن سان قميص پايو يا وڏن سان. پتلون ننڍين پانچن واري پايو يا بيل باٽم ٽائيپ، ٽائي لڳايو يا اسڪارف ٻڌو. ٽوپلو پايو يا سکن وارو پٽڪو. گوڏ پائي هلو يا چڍي- سڀ ڪار آهي. سڀ چلتا هي وارو حساب آهي. هر ماڻهو هر وقت مست مگن نظر ايندو.“

ڪجهه  عرصو ٿائلينڊ، سنگاپور، جپان تي رهي رهي اسان تي به انهن ملڪن جو رنگ چڙهي ويو هو ۽ تکن رنگ ۽ وڏن گلن يا مورتين واريون قميصون پائڻ لڳا هئاسين.

پر پوءِ ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهڻ تي خبر پيئي ته هتي سائين ٻيو ڪو قاعدو قانون سخت هجي يا نه پر فئشن جو قانون زور آهي، جنهن تي غريب غربو به سختيءَ سان عمل ڪري ٿو ۽ جتي ڪالر جو چند ملي ميٽر ننڍو يا وڏو هئڻ به برداشت نٿو ڪيو وڃي. اتي منهنجو اهڙي قسم جون قيمصون پائي هلڻ ائين هو ڄڻ مسلمان جومندر ۾ گهڙڻ، بهرحال بئنڪاڪ، پينانگ ۽ سنگاپور جي هوا جلد ئي دماغ مان ڪڍي، اهي قميصون ٺپي رکي ڇڏيم.

پر سائين هتي ملائيشيا ۾ مهيني کن اندر ئي اهو احساس ٿيو ته هتي ته اڃا به اهي بوتيڪ جون قميصون پيون هلن بلڪ آفيس يا ڪنهن جلسي يا شاديءَ مراديءَ ۾ گهڻي عزت ۽ لئه انهن جي آهي جيڪي اهي اجرڪن جهڙيون قيمصون پائي ٿا اچن.

پهريون ئي هتي وڏو فنڪشن ٿيو ته وزير، وڏا ماڻهو، آفيسر، سياستدان ۽ ليڊر انهن بوتيڪ جي نيلن پيلين ۽ گلن وارين قميصن ۾ هئا ۽ آصف ۽ آئون ٻه ڄڻا هئاسين جيڪي سوٽن ۾ خوار ٿي رهيا هئاسين.

ٻه چار اسان جا پاڪستاني دوست جيڪي مدت کان ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا شپنگ ڪارپوريشن ۾ آهن اهي به ان دعوت ۾ گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي گلن واريون بشرٽون پائي مڪاني ماڻهن سان رلي ملي آرام سان ائين پئي هليا ڄڻ هو به هنن مان ئي هجن ۽ اسان ککا وکا پئي ٿياسين.

آصف کي پاسيرو ڪري چيو ته پاڻ پاڪستان کان اجايو سوٽ سئيٽر ۽ ڪوٽ گهلياسون. هڪ ته هتي سڄو سال سيءَ ٿيندو ئي ڪونهي. ٻيو آفيسن ۽ دعوتن ۾ به پائڻ جو رواج ڪونهي جو کڻي پائي چوڙجن. هاڻ نمبر ون ته ڪا ٿانو وڪڻندڙ مائي نظر اچنئي ته ٻڌائجانءِ ته اهي سوٽ ڪوٽ ڏئي کانئس ٽام چينيءَ جون ٿالهيون ۽ مخبا وٺون. نمبر ٽو ته سڀاڻي ئي هل ته في الحال هڪ ٻه باتڪ جون بشرٽون وٺي اچون. هتي ته پوڙها جهور به اهي پايو پيا هلن. پاڻ جي پاتي ته پاڻ به انهن جي وچ ۾. باقي ڪراچيءَ جڏهن هلون ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ ته اهي گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون هتي ئي ڇڏي هلون.

هتان هُتان جون خبرون

شام جو پنجين بجي آصف مون وٽ آيو ته ڇا پروگرام آهي؟ هتي ملاڪا ۾ آصف جو گهر منهنجي ڀر ۾ آهي، سو هر وقت هڪ ٻئي کان حال احوال وٺندا آهيون، يا ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندا آهيون ته به گهڻو ڪري گڏ گڏ. آصف کي چيم ته اڄ ڪو خاص پروگرام ته ناهي. اٺين بجي ڌاري ملئي پروگرام ”پشپاورنا“ ٽي. وي تي اچڻو آهي اهو ضرور ٽيپ ڪندس. تيسين ٿوري دير ڪئپٽن مخدوم يا ڪئپٽن پوريءَ وٽان ٿي اچجي.

ڪئپٽن احمد حسين مخدوم درٻيلي ڳوٺ جو پاڪستاني آهي ۽ سنڌ جي مهشور شخصيت مخدوم عبدالواليءَ جو وڏو پٽ آهي. مخدوم عبدالواليءَ جي ان عظمت کان ڪو دشمن به انڪار نٿو ڪري سگهي ته جڏهن ابن ڏاڏن جي پيري مريدءَ جي پڳ کيس سونپي ويئي ته هن انڪار ڪندي چيو هو: ”آئون پير ٿي پاڻ جهڙن انسانن کان ڏن وٺي پيٽ ڀرڻ کان ڪو پورهيو ڪري حق حلال جي ڪمائي کائڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهان ٿو.“ پيري مريديءَ جي پاور ۽ بانور کان ٻيو ڪو واقف هجي يا نه پر هڪ سنڌي ڄاڻي ٿو ته اِها اهڙي لٺ آهي جنهن کي مٿا ئي مٿا آهن ۽ هڪ اهڙو پاور جنهن ۾ انسان بي تاج بادشاهه ٿيو وڃي. ان کي ٺڪرائي ڇڏڻ هڪ اهڙو مثال آهي جو هند سنڌ ۾ گهٽ ٿو ملي. پاڻ تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪري ڪري ٿورو پگهار مان پورت ڪرڻ جو مثال قائم ڪيائين.

ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر تائين مون سان گڏ هو. ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ- بنگلاديش (تڏهن ڪو اڀرندو پاڪستان) ۾ به گڏ پڙهياسين. آصف غيور چيف انجنيئر به ان ئي سال آدمجي سائنس ڪاليج مان انٽر ڪري مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ چونڊجي آيو هو. سو ٽنهي جي تڏهن کان واقفيت هجڻ ڪري هتي ملائيشيا ۾ هڪ ٻئي سان گهڻي انڊر اسٽيڊنگ اٿئون.

تعليم بعد مخدوم تمام ٿورو وقت پاڪستان جي نئشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ اسان سان گڏ جهازن تي رهيو. 73-1972ع ڌاري ملايا، سنگاپور، ڪويت، ايران جهڙن ڪيترن ئي ملڪن کي اچي شوق ٿيو ته پنهنجي پنهنجي شپنگ ڪمپني- جهازران ڪمپني کولجي. اسان جي ڀر واري ملڪ سريلنڪا (تن ڏينهن ۾ اڃا سلون سڏبو هو) پڻ ٻه ٽي پاڻيءَ جا جهاز: لنڪا راڻي، لنڪا ديوي، لنڪا ساوتري وغيره وٺي پنهنجي سلون شپنگ ڪارپوريشن کولي، جهاز هلائڻ يا ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ کين ماڻهو نه هئا،سو جيسين سندن ڇوڪرا جهاز هلائڻ جي تعليم ۽ سکيا وٺن تيسين سڄو ڪم پاڪستان جي جهازران ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو. جنهن پنهنجو ڪجهه عملو سلون بدلي ڪيو. ڪئپٽن مخدوم پڻ اوڏانهن ويو. تن ڏينهن ۾ هو اڃا ٿرڊ آفيسر هو- يعني ڪئپٽن کان ٽي رئنڪو هيٺ. ڪجهه سال سريلنڪا جا جهاز هلائي پوءِ وري پاڪستان آيو ۽ ٻن ٽن پاڪستاني جهازن تي هو مون سان گڏ هن ملڪ ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ ساڳي جهاز تي آيو. هڪ جهاز کي عرصي لاءِ اوڀر يورپ جي ملڪن، رومانيا، بلغاريا، يوگوسلاويا ۽ پولنڊ وٺي وياسين. ان بعد هو پاڪستاني جهازران ڪمپنيءَ مان استعيفيٰ ڏيئي ڪجهه عرصو يونان، لائبيريا، ايران ۽ سنگاپور وارن جهاز هلائيندڙ رهيو. وچ وچ ۾ سي-ٽائيم (Sea-Time) پورو ٿيڻ تي انگلينڊ ۾ پنهنجا سامونڊي امتحان ڏيئي پروموشن و‎ٺندي وٺندي وڃي ڪئپٽن ٿيو. ان بعد وري سنگاپور جا جهاز هلائڻ لڳو. شادي به هڪ مسلمان سنگاپوري ڇوڪريءَ سان اتان ڪيائين-جنهن جي ماءُ ملئي آهي ۽ پيءُ ڪيئي سال اڳ ننڍي هوندي ئي پنجاب کان سنگاپور اچي گذربسر ڪيو. پاڻ ملئي ۽ انگريزي ڳالهائين. شاديءَ بعد مخدوم بنگلاديش جو جهاز بنگلار مان پڻ هلايو، جو انهن ڏينهن ۾ بنگلاديش وارن نئون نئون ورتو هو، پر کين ڪئپٽن نه پئي مليو. اسان جي بنگالي ڪلاس ميٽ: ڪئپٽن هلال جي انهن ڏينهن ۾ مخدوم سان سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ملاقات ٿي. هو بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جو تڏهن انچارج هو ۽ ڪئپٽن جي ڳولا ۾ هو. هن مخدوم کي اهو جهاز هلائڻ لاءِ راضي ڪري ان ئي ڏينهن کيس هوائي اڏي تان ٽوڪيو ويندڙ هوائي جهاز ۾ چاڙهي آيو ته جيئن هو اتي بيٺل سندن پاڻِي واري جهاز ’بنگلار مان‘ جي وڃي ڪمانڊ وٺي. مخدوم ڇهه مهينا ان جهاز تي پورا ڪري نه فقط ان جهاز هلائڻ کان پر سمنڊ جي نوڪريءَ کان ٿڪجي في الحال موڪل تي لٿو.

ڪئپٽن مخدوم جا ٻه اڻ کٽڻدڙ شوق آهن. هڪ کائڻ پيئڻ جو ۽ ٻيو ڪچهريءَ جو. آفيس ۾ ڇهه ست ڪلاڪ گڏ هونداسين ته به پيو چوندو ته يارو شام جو گهر اچجو ته خبرون چارون ڪنداسين. آصف کي چئي مون کي چوندو ۽ مون کي چئي آصف کي منٿون ڪندو. منو! ماني ڌاني اڄ مون وٽ ته اچي کاءُ،. ڀلا چانهه اچي پيءُ. پڪوڙا به کارايانءِ. ۽ پوءِ پاڻ اچي يا اسين هن وٽ وڃون، ڳالهه ڇُري ۽ گدري واري ٿيندي آهي. يعني ڦاسي اسان ويندا آهيون- جو مخدوم جي ڪچهري کٽڻ جي نه هوندي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن گس پنڌ تي ڪار ۾ ملندو ته به چوندو:”منو ويهه ته ڀر واري شهر مسجد-تاناج مان ڀاڄي ۽ گيهه وٺي اچون ۽ ملئي ڪواب به کائي اچون.“

”نه يار دير ٿي ويندي.“ آئون بهانو ڏيندو آهيانس.

”ڪمال ٿو ڪرين. هي پندرهن ڪلوميٽر به ڪو پنڌ آهي. وينداسين ۽ اينداسين. سمجهه ته سکر کان خيرپور پيا هلون. يا شاهه پنجي کان ميهڙ.“

۽ پوءِ اتي پهچي سائين مخدوم ڪو ائين موٽي! ڪار ۾ هلندي ڪچهري، ته دڪانن تي خريداري ڪندي به ڪچهري. پوءِ جڏهن موٽڻ جو نالو کڻ ته چوندو:’ترس ته ڪوڪ پي ٿا هلون.‘ ۽ پوءِ ڪوڪ پيئڻ معنيٰ منٽ کن بيٺي بيٺي ڪچهري، ۽ پوءِ ڪار ۾ ويهي ڪار اسٽارٽ نه ڪندو. چاٻي هڻي ٿوري دير وري ڪچهريءَ بعد گيئر چئنج ڪري ڪلچ تان پير کڻندو آهي.

آصف پهرين چوندو هو: ”يار تون اجايو ڪئپٽن مخدوم سان ملڻ کان لهرائين ٿو. هو ويچارو ڪيترو حب سان دعوتون ٿو ڏئي.“

”اهو ته آئون به مڃيان ٿو، پر ڇا ڪريان مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهيون ٻڌڻ يا ڪرڻ همت ناهي.“

آصف پهرين ڏينهن ته ڪجهه نه ڪڇيو، پر پوءِ مون کي چيائين: ”ها يار هاڻ ته آئون به ٿڪجيو پوان.“

چيومانس:”ڏٺئه نه. مون کي ته پهريائين ئي پڪ هئي. هتي ڪو ڪئپٽن بشير وسطڙو يا ڪو ٻيو مچر (ڳوٺ) جو وسطڙو اچي منهن  ڏيئي سگهي ٿو، باقي پنهنجي جاءِ ناهي.“

”ڇو ڀلا؟“ آصف پڇيو.

”ڇو! خبر نه اٿئي؟! اهو ته هن کان ٻه رتيون وڌيڪ آهي. بشير وسطڙو جي ڪچهريءَ لاءِ مشهور آهي ته فجر واري گاڏيءَ ۾ وڃڻو هجي ته بشير کي ويهاري ڇڏجي. سڄي رات خبرون چارون، ٻٽاڪ سٽاڪ، ڀوڳ چرچا ويٺو ڪندو. نه پاڻ سمهي ۽ نه ٻئي کي سمهڻ ڏي جو گاڏي ڇٽي سگهي.“

”ڀلا احمد حسين مخدوم جو ڀاءُ خالد جيڪو ميٺارام هاسٽل ۾ ڪنهن زماني ۾ ملندو هو؟“ آصف پڇيو.

”اهو به ائين. پورٽ قاسم ۾ اڄڪلهه ڊائريڪٽر آهي، جتي سندس ٻيا ڪاليجي يار: عبدالرزاق ٻگهيو، اقبال ترڪ ۽ ارشاد شيخ وارا سڄو ڏينهن گڏ اٿس پر ان هوندي به روز شام جو گلشن اقبال مان هلي، اقبال ترڪ وٽ ڪچهريءَ لاءِ ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ ايندو. آئون ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ئي چوندو هوس ته اتر سنڌ وارا همراهه ڪچهريءَ جا مڙس ماڻهو آهن. خبر ناهي ته ائين واقعي آهي يا نه، پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪي اسان جا سڃاڻو هم ڪاليجي هئا، سي سڀ ائين هئا: شوڪت جماڻي ڏسو- هيڏي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ رڌل هوندي به ڪچهريءَ لاءِ هر وقت تيار. ڪنڊياري جو نول راءِ اوڏ، خيرپور جو نجم قاضي، لاڙڪاڻي جو اختر عباسي ۽ علي رضا ميمڻ، دادو پاسي جو غلام محمد سومرو،لياقت جتوئي يا هادي بخش جتوئي- هڪ هڪ ٻئي کان وڌ ۽ چرچن ۾ ساڻن ڪو به نه پڄي.“

آصف چيو: ”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ڪجي. مخدوم وٽ هلجي يا ڪئپٽن پوريءَ وٽ؟“

”منهنجي خيال ۾ هلو ته ڀلا مخدوم وٽان ٿي اچون جو ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، هن جي گهر نه هليا آهيون. ڪٿي دل ۾ نه ڪري ته پاڻ صفا اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. پوءِ جي سوير ئي موٽي سگهياسين ته ڪئپٽن پوريءَ وٽ به کڻي ليئو پائينداسين.“

ڪئپٽن پوري هندستان کان آيل آهي. پاڻ سڄي اسٽاف ۾ وڏي عمر جو آهي. اٽڪل پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ  ٿيندو ۽ پراڻو جهازي آهي. هندستان جي جهازن کان علاوه ٻين ملڪن جي ڪمپنين ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي. گذريل ڏهن سالن کان انڊيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ ڊپٽي ڪمانڊنٽ (وائيس پرنسپال) جي عهدي تي هو. ايشيا ۾ منهنجي خيال ۾ بمبئي (هندستان) جي هيءَ مئرين اڪيڊمي پهرين اڪيڊمي آهي، جيڪا اڄ کان اڌ صديءَ کن اڳ انگريزن ٺاهي هئي. هيءَ اڪيڊمي پهرين ڊفرن نالي هڪ جهاز تي هئي ۽ ڊفرن جي نالي سان سڏي ويئي ٿي. اهو جهاز بمبئيءَ جي ڀرسان سمنڊ ۾ بيهاريل هو ۽ ان تي انجنيئرنگ ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽ جهاز راني ۽ جهاز سازيءَ جي تعليم ۽ تربيت وٺندا هئا. اسان جي مرچنٽ نيوي يا پاڪستان نيويءَ جا پراڻا فوجي گهڻي ڀاڱي هتي جا ئي گرئجوئيٽ آهن. 1963ع ۾ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ اسان کي جيڪي به پروفيسر پڙهائيندا هئا، ڪموڊور آصف علوي، ڪئپٽن انصاري، ڪئپٽن شاهه وغيره- سڀ ڊفرن جا ئي هئا. اهو ڊفرن جهاز بيٺي بيٺي آخر ايترو پراڻو ٿي ويو جو ڪجهه سال اڳ هندستان سرڪار ان کي ڀڃرائي هڪ ٻيو جهاز راجيندرا نالي اڪيڊمي طور رکيو آهي ۽ هاڻ اها اڪيڊمي ڊفرن بدران راجيندرا جي نالي سان سڏجي ٿي.

اسان، وچان فٽ بال گرائونڊ لتاڙي، ڪئڊٽ هاسٽل ۽ ٻارن جي باغيچي وٽان ڦري مخدوم جي گهر پهتاسين. پاڻ باتڪ (ڇُر) جي بشرٽ ۽ چڍيءَ ۾ گهر اڳيان پوکيل ڪٺل، انب ۽ زيتون جي وڻن کي پاڻي ڏئي رهيو هو. اسان کي ڊرائينگ روم ۾ ٽي ويءَ اڳيان ويهاري ڀاڄائيءَ کي هڪل ڪيائين ته فرسٽ ڪلاس چانهه تيار ڪري. کيس چانهه ۾ دال چيني ۽ الائچي وجهڻ لاءِ به چيائين. احمد کي چيم انهن مالن واري خوشبودار چانهه پيئڻ جو مزو سنڌ ۾ آهي يا يورپ ۾. هتي ملائيشيا، انڊونيشيا يا سريلنڪا جي ٻيٽ تي اهڙي چانهه پيئڻ جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن چوڌاري وايو منڊل لونگ ۽ دال چينيءَ جي سڳنڌ سان واسيو پيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org