سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:8 

مون سمجهيو ته ان نئينءَ بستيءَ ۾ سڀ ڏکڻ هندستان جا تامل هندو هوندا، جيئن پاڻ وٽ گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته نين ڪالونين ۾ ڪٿي رڳو کوجا رهيا پيا هوندا ته ڪٿي پنجابي سوداگر، ڪٿي سنڌي سرڪاري آفيسر ته ڪٿي ڪوئيٽا ۽ زيارت جا بلوچ، ڪٿي بنگالي ته ڪٿي سوات جا پٺاڻ، پر گونا راجا جي نئين ٺهندڙ گهر جي سامهون بنگالي فئملي رهيل هئي. ڀر ۾ هڪ پاسي چيني فئملي هئي ته ٻئي پاسي فلپيني. پوءِ ٽي گهر کن پڪا تامل نادو مسلمانن جا هئا، جو سندن در ٻاهران بسم الله جي ڀرت جو فريم ٽنگيل هو. ان بعد هڪ ٻه گهر ملئين جو هو، جو در جي ٻاهران بوٽ، چئمپل ۽ سئنڊل لٿل هئا. گهٽيءَ ۾ هڪ ٻيو گهر به چيني ماڻهن جو هو، جنهن جي ٻاهران ”شينهن-ديوتا، جو بت رکي. چار ماڻهو نغارا وڄائي رهيا هئا. لنگهندڙ پوڙها چيني سندن چندي جي پيتيءَ ۾ خيرات طور سڪا وجهي لنگهي ٿي ويا. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ٻه چار هندو تامل يا گجراتين جا به گهر هئا. جو انهن اڳيان جيڪي زالون بيٺيون هيون تن جي نرڙ تي ڳاڙهو تلڪ هو ۽ سينڌ ۾ سينڌرو- تنهن جي معنيٰ هنن جو هندو ڌرم سان واسطو آهي ۽ انهن ۾ ڪي صفا ڪاريون هيون جيڪي ڏکڻ هندستان جي صوبي ”تامل نادو“ سان واسطو رکنديون هونديون ۽ ٻيون جيڪي هنن وانگر ڪاريون ڪوجهيون نه هيون، پر ڪڻڪ رنگيون ۽ پيلاڻ پاسي مايل هيون سي گجراتي يا مرهٽي لڳيون ٿي.

اسان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن جي هجرت ڏکڻ طرف گهڻي ٿي آهي. ڪشمير ۽ سرحد جا پنجاب ڏي آيا هوندا، پنجاب جا جيترو هيٺ اتر سنڌ جي شهرن: جيڪب آباد، سکر، روهڙي، خيرپور وغيره جا هيٺين سنڌ جي شهرن:حيدرآباد، نوابشاهه، ڪراچيءَ ۾ گهڻا آيا هوندا. اهڙي طرح هندستان ۾ به ڪشمير شملي پاسي جا دهلي لکنو پاسي آيا هوندا. ۽ اتي جا ماڻهو مٿي ڪشمير ڏي وڃڻ بدران وڌيڪ هيٺ ڏکڻ هندستان جي شهرن: مدراس، بمبئي وغيره ڏي وڌيا هوندا، جيتوڻيڪ مٿي اتر ۾ پنجاب ۽ ڪشمير تمام سهڻو آهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ پڻ ٿيو آهي. اهو ئي وهڪرو ندين جو به آهي. يعني اتر کان ڏکڻ طرف. ۽ ماڻهن جي چرپر ان اسٽائيل ۾ نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر سڄيءَ ايشيا ۾ صدين کان ائين رهي آهي. ان جدول هيٺ وچ ايشيا جي روسي شهرن، بخارا سمرقند کان ماڻهو لڏي افغانستان، سرحد ۽ ڪشمير ڏي ايندا رهيا ۽ اتان پوءِ پنجاب، سنڌ يا ڏکڻ هندستان ڏي. ڪيترا برزگ دين عالم اديب ان قدرتي لڏ پلاڻ هيٺ اسان تائين پهتا. جيئن قلندر لعل شهباز يا مرزا قليچ بيگ- جنهن جا وڏا روس کان هيٺ اسان ڏي آيا. ۽ وري هيٺ جيڪي ننڍي کنڊ جي آخري صوبن: ڪيرالا، تامل نادو وغيره جا هئا- سي مٿي اچڻ بدران، سمنڊ ٽپي اڃا به هيٺ سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان وڃي نڪتا. ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سمنڊ پار لڏ پلاڻ ۾ انگريزن جو به وڏو هٿ هو جوهنن کي آفريڪا ۽ ايشيا جي بيٺڪي ۽ ٻيٽن لاءِ محنتي، سڌريل، پورهيت ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو کتا ٿي، جيڪي هنن جا ڪلارڪي (منشيگيري) ڪمن کان وٺي رستا ۽ ريل جا پٽ وڇائڻ جهڙا ڏکيا ۽ دڪانداريءَ جهڙا حرفتي ڪم ڪري سگهن.

هڪ دفعي پنهنجي ڪليگ چيف انجنيئر ببر کي چيم ته يار هي ڏکڻ هندستان جا تامل، ٻين پاڙيسري صوبن جي ماڻهن يعني مهاراشٽرين، گجراتين، بهارين، سنڌين، پنجابين، گجراتين، پٺاڻن وغيره کان رنگ ۾ ته ڪارا آهن پر شڪل ۾ به صفا سادا ۽ ڪوجها آهن. ڍ

کلي وراڻيائين:”پر دراصل اهي ئي ماڻهو هندستان جا اصل رهواسي آهن. پاڻ ته سڀ مٿان اتراهن ڏيهن کان آياسين، پوءِ ڪي سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ ته ڪي ويجهڙائيءَ ۾، محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾. ڪي ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾، ته ڪي غورين ۽ غزنوين جي ڏيهن ۾. ڪي ته عيسوي سن کان به گهڻو اڳ آيا. ۽ پوءِ جيئن مٿان ماڻهو ايندا ويا ته اصلي ماڻهو ڏکڻ ڏي ڌڪبا رهيا. هاڻ اصلي هندستان ڏسڻا آهن ته ڪجهه ڏکڻ هندستان ۾ ملندا ته ڪجهه سريلنڪا، ملائيشيا، سنگارپور ۽ فجيءَ جهڙن ٻيٽن تي. هيڏيءَ ترقيءَ جي باوجود به هي ويچارا اڃا تائين اهي هيٺين ڪلاس جا گهٽ ۽ ڏکيا پورهيا ڪن ٿا. جيئن پاڻ ۾ به موچڪو، ڪاڪوس ميڙڻ جو ڪم ۽ گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ پوک جو ڪم هي ڪن ٿا.“

پوءِ ببر ٻڌايو ته هتي ملائيشيا پاسي عام ماڻهو انڊين کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڇو جو هي اصلي انڊين رهاڪو هتي گهڻو ڪري هيٺاهان ۽ نيچ پورهيا ڪن ٿا. ان ڪري ماڻهو اهوئي سمجهن ٿا ته انڊين معنيٰ نيچ ۽ ڪارا.

”اها ٻي ڳالهه آهي،“ ببر وڌيڪ ٻڌايو، ”ته پاڻ پنجابين، سنڌين، گجراتين، اترپرديش وارن جو رنگ ۽ قدبت ڏکڻ هندستانين کان وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ڪيترائي هتي جا ملئي ۽ چيني سمجهن ٿا ته اسان ڪو ٻئي ملڪ جا آهيون. ڪالهه هتي ملئي دڪاندار پڇيو ته آئون ڪٿي جو آهيان. چيومنس ته انڊيا جو.چوي ته اهو ناممڪن آهي. انڊين ته ڪارا ۽ ڪوجها آهن. تون کليل رنگ جو ۽ قداور آهين. تنهن تي سمجهايو مانس ته توهان جن کي انڊين سمجهو ٿا، اهي ماڻهو سڄي دنيا جي نمائندگي نٿا ڪن، پر هندستان جي فقط هڪ ٽڪري- ڏکڻ هسندستان- بلڪ ڏکڻ هندستان جي به آخري پڇڙيءَ وارن صوبن جا رهاڪو آهن. ڪشمير، سرحد يا پنجاب پاسي جا ته اسان کان به ڊگها، موچارا ۽ کليل رنگ جا آهن.“

اها واقعي حقيقت آهي ته ڪيترائي ملئي ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا. ته فقط ايترو پر هنن لاءِ تامل زبان ئي انڊين آهن ۽ ٻئي نمبر تي هندي جنهن جون فلمون هفتي ۾ ٻه دفعا کن ملائيشيا جي ٽي ويءَ تي ڏيکاريون وڃن ٿيون. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مهيني ۾ ڏهه کن ملئي فلمون ڏيکارين، ڏهه کن چيني ۽ ڏهه کن انڊين ۽ ويهارو کن انگريزي. انهن ڏهه انڊين فلمن ۾ ڇهه تامل هونديون ۽ چار کن هندي. ڪڏهن ڪڏهن انهن چئن هندي فلمن مان به هڪ پنجابي يا پاڪستاني اڙدو فلم هوندي آهي.

اسان جا هتي جا ملئي دوست، اسان جي انڊين ڪيلگ: ڪئپٽن نندڪر، ڪئپٽن هرداس ۽ چيف انجنيئر ببر جن کي چوندا آهن ته توهان ڪهڙا انڊين آهيو جو تامل فلمون نٿا ڏسو، جن کي سڄي ملاڪا جا انڊين ڏسن ٿا.

پوءِ ملئي دوستن کي سمجهائڻو پوندو آهي ته اهي فلمون انڊين ضرور آهن، پر هندستان جي فقط هڪ ننڍڙي حصي- ڏکڻ هندستان سان تعلق رکن ٿيون- جتي جا ماڻهو اتفاق سان توهان وٽ ئي گهڻا آهن.

ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل ڳالهائيندڙن بعد هندي يا اڙدو به ٻئي نمبر تي نه آهن- جيتوڻيڪ هندي فلمن جي وي. سي. آر ڪري خوب ريل پيل آهي، پر تامل بعد ٻئي نمبر تي انڊيا جون:تيلگو، مارواڙي، مليالم، ملباري، ڪاناڊا زبانون ڳالهائيندڙ گهڻا آهن- جيڪي پڻ ڏکڻ هندستان جا رهاڪو آهن. هيڏانهن ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا ڇانئيا پيا آهن. سک، پنجابي، پٺاڻ پاڪستاني، دهلوي، لکنوي، ڪشميري، ميرپوري به آهن. پر تمام ٿورا- اٽي ۾ لوڻ برابر، ننڍي کنڊ جا اهي ماڻهو وري گلف جي رياستن ۽ انگلينڊ، جرمني پاسي جام ملندا. انهن جو رخ انگلينڊ، آمريڪا ۽ عربستان پاسي گهڻو آهي. ڏکڻ هندستانين جو سالن کان سنگارپور ملائيشيا ڏي آهي. ان ڪري انگريزن به سهوليت خاطر سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ کي مدراس پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو هو- جهڙيءَ ريت سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان 1935ع تائين ملائي حڪومت هلائي.

بهرحال اهو سڄو احوال لکڻ مان اها مراد آهي ته هتي ملائيشيا (توڙي سنگاپور ۾- جيڪو پڻ 1965ع تائين ملائيشيا جو حصو هو) ۾ مختلف مذهب، زبانن ۽ رسمن رواجن جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ امن امان ۽ سڪون ۾ رهن ٿا.

ملائيشيا ۾ مندر ۽ ٽڪاڻا

آثار قديمه جي کاتي کي مختلف هنڌن تي کوٽاين مان ملايا جي سرزمين تي ڇهه هزار سال اڳ تائين انسان جي موجودگيءَ جا ثبوت مليا آهن. پر صحيح معنيٰ ۾ توارخيدانن کي سربستو احوال عيسوي سن کان ٻه سئو سال اڳ کان وٺي جو آهي، جڏهن گهمندڙ ڦرندڙ انڊين هتان اچي نڪتا هئا ۽ آهستي آهستي انهن جو نمبر وڌندو ويو- هيءَ سڪندر اعظم جي وفات کان به پوءِ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي (چين ۾ انهن ڏينهن ۾ ”جن“ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ هاڻ Han گهراڻو شروع ٿيو هو.) روم ۾ انهن ڏينهن ۾ (يعني 202 قبل مسيح) زاما Zama جي لڙائي هلي رهي هئي. ان واقعي کان ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ جوليس سيزر جو قتل (60 قبل مسيح) ۾ ٿيو هو.“

مٿيون ڳالهيون لکڻ مان منهنجو مطلب آهي ته هن ڌرتيءَ جي تختي تي، ٻين هنڌن تي دنيا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي هئي، پر ملايا ۾ ان جي ڀيٽ ۾ اڃا شروع جا ڏينهن هئا ۽ جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي آدمشماري به ڪا خطرناڪ حد تائين نه پهتي هئي، پر هتي ملائشيا ۾ ته انهن جي مقابلي ۾ آدمشاري تمام  گهٽ ۽ نه برابر هئي. ڏٺو وڃي ته ٻين جي مقابلي ۾ اها اڃا تائين گهٽ آهي، هتي ماڻهن جي رهائش گهڻي دير بعد ٿيڻ جو هڪ اهو به سبب اهي ته هي سڄو ملڪ گهاٽن ٻيلن جي صورت ۾ هو۽ هتي جي جانورن ۽ زهريلن جيت جڻن ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري وڌو هو ويندي چاليهه پنجاهه سال اڳ تائين به هتي رهڻ جون اهي سهوليتون نه هيون جهڙيون اسان وٽ يا يورپ ۾ هزار کن سال اڳ تائين هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ڏهاڪو سالن اندر عرب ملڪن وانگر ملائيشيا کي به تيل، ڌاتوءَ ۽ رٻڙ مان ايڏو ته پئسو ملڻ شروع ٿي ويو آهي، جو ڏسندي ئي ڏسندي ترقيءَ جي راهه ۾ چڱن ڀلن ملڪن کان به گوءِ کڻي ويو آهي.

هڪ دفعي ڳالهين ڪندي ڪئپٽن نندڪر کي چيو ته يار ڏکڻ هندستاني جيڪر ملائيشيا بدران انڊيا ۾ هجن ها ته سندن ڀائرن وانگر ڏکيا ڏينهن گذارين ها. پر هاڻ هتي ملائيشيا ۾ سندن مزا آهن. هتي جا شهري ٿيو ويٺا آهن. ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ پاڻ به اوترائي ڀاڱي ڀائيوار آهن جيترو چيني يا ٻيا.

”پر اهو سوچجي.“ ڪئپٽن نندڪر چيو، ”ته جڏهن هو انڊيا کان هتي ملايا ۾ آيا ته ان وقت ملايا ۾ ڪهڙيون ته ڏکيون حالتون هيون. نه رهڻ سک جهڙو نه کائڻ پيئڻ! مڇر ۽ مليريا، نانگ بلائون ۽ ڀٽون، زهريلا جيت ۽ گدلو پاڻي- ۽ ٻيا ڪيترا اهنج جن ڪري گهر گهر ۾ موت عام هوندو هو. اهوته اتفاق سان ڏسندي ئي ڏسندي رٻڙ، پام آئل ۽ پيٽرول ملڻ ڪري هي ملڪ امير ٿي ويو- يا هن صديءَ جي شروعات کان جهازن جي آمدرفت ملاڪا نار ۾ وڌڻ ڪري هتي جي ماڻهن جي ڏکئي زندگيءَ ۾ ڦيرو آيو، نه ته ڏٺو وڃي ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجا ملڪ ته صدين کان سکيا ستابا هئا ۽ جڏهن پاڻ سکيا ستابا هئاسين ته هي ويچارا ڏکڻ هندستان جا رهاڪو پنهنجو وطن ڇڏي هتي هليا آيا. ان ڪري جو سندن پنهنجي وطن- ننڍي کنڊ ۾ سک هوندي به هنن غريبن لاءِ سک نه هو. ان ڪري هنن هي پرديس جا وڻ اچي وسايا، نه ته وطن ڪير ٿو ڇڏڻ چاهي. پر ڏکن پٺيان سک ٻين شهرين وانگر کين به نصيب ٿيندا وڃن.“

ان تان هڪ ٻي ڳالهه ياد ٿي اچي. ويجهڙائيءَ ۾ اسان جو هڪ دوست ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن جو ڪلاس ميٽ- ڪموڊور اشفاق بيگ ڪويت ۾ جڏهن ٽي سال رهي آيو ته ڳالهين ڪندي چيائين:”يار ڪويت جي گرمي ڇا ته عذاب آهي. آهي ته سنڌ ۾ به گرمي پر درياءَ هجڻ ڪري جتي ڪٿي وڻرا ۽ ڇانورو ته آهي ۽ رات جو ته ٺار ٿئي ٿو. پر ڪويت جي لڳاتار ظالم موسم ماڻهوءَ کي پچايو رکي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هينئر ڪويت امير ملڪ ٿي پيو آهي، ان ڪري هر آفيس، هر گهر، هر بس ۽ دڪان ايئرڪنڊيشنڊ آهي ۽ ٻاهر جي گرم موسم جو احساس به نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ٻاهر بيهي گرمي محسوس ڪري سوچيندو آهيان ته ڇا ته هتي جي گرمي آهي. هتي جي عربن اها گرمي ڪيتريون ئي صديون صبر سان برداشت ڪئي ۽ هاڻ شايد کين صبر جو مٺو ڦل ڏيڻ لاءِ رب پاڪ هنن تي اهڙي طرح ٻاجهه ڪئي آهي جو سندن پيرن هيٺان تيل جا درياءَ جاري ڪري ڇڏيا اٿس، ته ڀلي هي موج ڪن جن جي وڏن ڪيتريون ئي صديون ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو.“

سو هتي ملائيشيا ۾ مولا ائين مهر ڪئي آهي ۽ هاڻ هتي جي اصلي ملئي باشندن (ملايو) سان گڏ ڏکڻ هندستان کان لڏي آيل غريب تاملن جا به عيش ٿي ويا آهن، جو هن ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ سندن به اوترو ئي حصو آهي جو آخر هو به هتي جا رهاڪو ۽ شهر واسي ٿيا. هاڻ ته سائين ڪنهن به تامل يا ملباريءَ کان کڻي پڇ ته بابا واپس پنهنجي اصلي وطن ڀارت ڏي ويندين، ته پهرين گهوري ائين ڏسندو ڄڻ توهان گار ڏنس ۽ پوءِ ڪنڌ ۽ وات سان ڪا دير نهڪار ڪندو رهندو.

هي ڪنهن زماني ۾ انڊيا کان لڏي آيل همراهه فقط انڊين فلمون ڏسي فخر محسوس ڪن ٿا ته هي اميتاڀ، راکي، راجيش، ششي ۽ سنيتا پاٽل جون فلمون سندن اباڻي يا ڏاڏاڻي ڏيهه جون آهن- ۽ انڊيا سان فقط ايترو ئي وجهه واسطو رکڻ پسند ڪن ٿا، وڌيڪ ذرو به نه. هو واپس انڊيا وڃڻ کان هاڻ هتي رهڻ ۽ هتي مرڻ پسند ڪن ٿا.

هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏکڻ هندستاني ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيم:”تون اصل ڪٿي جو آهين؟“

”آئون انڊين نسل جو آهيان جو منهنجا ابا ڏاڏا ڏکڻ هندستان جي ڳوٺ کان هتي آيا هئا.“ هن وراڻيو.

”ڀلا تون هتي خوش آهين يا واپس انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندين؟“

ڪا دير جواب نه ڏنائين، ته وري پڇيومانس ته آيا هو انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندو.

ٿوري دير ٻي سوچي وراڻيائين:”نه“.

”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيامانس پر هو جواب ڏيئي نه سگهيو. شايد پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏيئي نه سگهيو. آخر ٻڌايائين ته هو هتي وڌيڪ خوش آهي.

”ڪهڙين ڳالهين ڪري خوش آهين؟“ مون پڇيومانس، مون کي به وقت گذارڻو هو، جيسين منزل اچي عيد ميلادالنبي جو ڏينهن هو. ڪوالالمپور جي رستن تي جلوس لنگهڻ ڪري ٽرئفڪ جام ٿيل هئي ۽ ٽيڪسي آهستي آهستي هلي. غريب ٽئڪسي ڊرائيور مرڪندي، پنهنجي عقل موجب سبب ٻڌايا:

”هڪ ته هتي مينهن ٿو پوي. انڊيا ۾ گرميءَ ۾ ڪير رهندو. هتي جي ڪنهن ڏينهن گرمي ٿئي به ٿي ته ٿوري دير بعد ۾ مينهن شروع ٿيو وڃي ۽ مزو اچيو وڃي. ٻي ڳالهه ته انڊيا ۾ نوڪريون ڪٿي آهن؟ هتي ٽئڪسي هلايان ٿو، مالڪ کي مسواڙ ڏيڻ بعد به پنجويهه ٽيهه ڊالر بچن ٿا. جي ٽئڪسي هلائي نه سگهان ها ته به ٺلهي هٿين رڳو مزوري ڪريان يا پرايون ڪارون ڌوئان ته به روزانو ڏهه پندرهن ڊالر ڪمائي سگهان ٿو. يا گاهه ڪٽڻ جي مشين وٺي روزانو ستن اٺن گهر جي آڳنڌن جوگاهه ڪٽيان ته به ويهه ڊالر روز ٿي وڃن. ٻي ڳالهه ته آئون ته پڙهي نه سگهيس، پر هتي منهنجا ٻار مفت ۾ بهتر نموني جي پڙهائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جو STPM (انٽر) تائين داخلا ۽ ڪتاب مفت آهن. ان بعد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اسڪالرون آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻار پڙهي ڪا سرڪاري نوڪري درزڪو، واڍڪو ڌنڌو، يا بيڪري هلائڻ جهڙو ڪم ڪري سگهن ٿا.“

سندس نالو سرديش ڪمار هو. مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو پر سندس مادري زبان ڪاناڊا هئي- جيڪا پڻ مليالم، تامل، تيلگو جيان ڏکڻ هندستان جي هڪ مشهور زبان آهي.

سرديش ڪمار جهڙن جي وڏن جو ملائيشيا ۾ اچڻ سئو سال کن اڳ ٿيو. اهو ڪو وڏو عرصو ناهي. انڊيا- ننڍي کنڊ کان ملائيشيا ڏي ماڻهن جي چرپر ان کان به پراڻي ۽ اڳ کان هلندڙ هئي. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ملايا ڏي رخ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٻه سئو سال کان اڳ شروع ڪيو. نه فقط ملائيشيا ڏي پر ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ملڪن:برما، ٿائلينڊ، ڪمپوچيا وغيره ڏي پڻ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رسم رواج تڏهن کان اثر انداز ٿي ويو هو.

چيو وڃي ٿو ته انڊي ملايا ۾ پهرين ڪيداح رياست ۾ پهتا هئا. ڇو جو تن ڏينهن ۾ سمنڊ رستي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ خليج بنگال وارو سمنڊ ٽپڻ بعد ڪيداح رياست جو ئي الهندو ڪنارو ۽ جابلو حصو نظر اچي ٿو. وهمي انڊين لاءِ ڪيداح جبل جي چوٽيءَ روحاني ڪشش پيدا ڪئي. هنن پڪ ان هنڌ کي ديوتائن جوگهر سمجهيو هوندو. ڪيداح پيدا جبل جي قدمن ۾ سنگائي مربوڪ ڪيچل (ننڍي مربوڪ ندي) وهي ٿي. اتي اڄ به هڪ قديمي هندو مندر جا نشان کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن.

ائين مندر ته ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن. ڪي ته ويجهڙائيءَ ۾ - سئو سوا سئو سال کن اڳ جا ٺهيل آهن. ڪي تمام قديمي هلندا اچن. نه فقط هندن جا مندر پر سکن جا گوردوارا پڻ ملائيشيا ۾ تمام گهڻا آهن. تازو ڪالهه ملاڪا جي مشهور روڊ- جالان ”منشي عبدالله“ وٽ ٺهيل سکن جو پنج هزار وال کن وڏو گوردوارو ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي هڪ نوجوان چيلي گروديو سنگهه ٻڌايو ته سڄو ملائيشيا:ڪيداح کان وٺي جوهور تائين گوردوارن سان ڀريل آهي.

بهرحال ملائيشيا توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڄ به هندن جي تهذيب ۽ تمدن جي هلڪي يا چٽي جهلڪ هر ملڪ جي مقامي رسم رواج مان ضرور ملي ٿي. 

 

ملاڪا دي مڊوي- هائوس،

ملاڪا ۾ اسلام جي آمد

چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اڳ هتي ملائيشيا جي اڀرندي ڪناري تي ٽيهه کان ننڍڙيون رياستون جنم وٺي چڪيون هيون. انهن رياستن مان هڪ تن سن (Tun Sun) نالي پڻ هئي، جنهن ۾ ٽينءَ صديءَ ۾ پنج سئو کان به مٿي هندو واپاري ۽ ٻاوا رهيا ٿي. هي اهو دور هو جڏهن هندستان ۾ گپتا سلطنت شروع ٿي هئي ۽ چندر گپتا پهريون، تخت تي ويٺو هو.

چي- هتو (ڳاڙهي ڌرتي) وارو علائقو، جنهن کي ملئي زبان ۾ تاناح ميراح ٿو سڏجي، ڇهين صدي عيسوي سن ۾ ڪيلنتان يا ترينگالو نديءَ وٽ قائم ٿيو هو. سڀ کان وڌيڪ اهم انڊين رياستن مان لانڪا سوڪا (Lankasuka) هئي جنهن جو راڄ ۽ دٻدٻو اڄڪلهه جي ٿائلينڊ (ٿٻيٽ) تائين پکڙيل هو.

اڄڪلهه جي رياست ڪيداح، ڪنهن زماني ۾ ڪالاح سڏبي هئي. جنهن جو ذڪر عرب جهازين نائينءَ کان چوڏهين صديءَ تائين ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته اها رياست ان زماني ۾ ٿائيلينڊ (سيام) ۾ هئي. تنهن زماني جون اهي ننڍيون ننڍيون رياستون جيتوڻيڪ هاڻ ختم ٿي ويون آهن. ته به انهن جا ڪجهه ڪجهه سياسي اثر اڄ جي ماڊرن ملئي رياستن تي نظر اچن ٿا. جيئن ملائيشيا جا ملئي سڀ مسلمان آهن. پر سياست جيان سندن مذهب تي به پراڻي دور جي انڊين جي رسم رواج جا اثر صاف نمايان آهن. جيئن هندو هٿ ٻڌي کيڪاريندا آهن، تيئن هتي جا مسلمان پنهنجي رياست جي راجا يا ملڪ جي بادشاهه اڳيان هٿ ٻڌي جهڪي کيڪارين. شروع جي ڏينهن ۾ ٽي ويءَ تي ملئي مسلمان کي ائين هٿ ٻڌي جهڪندو ڏسي عجيب لڳندو هو ته ائين ته هندو ملندا آهن. پر دراصل هيءَ هنن جي هڪ رسم آهي، جئين اسان وٽ به ڪيتريون ئي هندو ڌرم جون رسمون رواج ۽ ساٺ سوڻ هلندا اچن- خاص ڪري ڳوٺن جي مرڻي پرڻي،مڱڻي، ٻڪيءَ جي رسمن رواجن ۾. ڪيتريون اهڙيون رسمون رواج آهن جن کي اسان ته محسوس نٿا ڪريون، پر ڌاريان ڪن ٿا. جيئن قبرن تي پڙ چاڙهڻ، درگاهن ۽ قبرن جي چائنٺن کي چمڻ ۽ سجدو ڪرڻ، جهنڊن ۽ تابوتن اڳيان هٿ ٻڌڻ ۽ خاڪ کائڻ وغيره جن لاءِ اسان ننڍي کنڊ جا مسلمان کڻي ڇا به صفائي پيش ڪريون، پر سعودي عرب جا ماڻهو اسان جي انهن ڳالهين تان تعجب کائين ٿا ۽ ان کي غير اسلامي سمجهن ٿا. ان ۾ ڏٺو وڃي ته حقيقت به آهي ته اهو هڪ شرڪ جو ڪم آهي.

بهرحال هن پاسي- ملائيشيا ۾ ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن ۾ به اهڙي طرح ڪلچر جو ڪيترين ئي ڳالهين تي اثر آهي. ويندي ڪيترا ملئي زبان جا لفظ هندي، سنسڪرت، تامل ۽ ٻين انڊين زبانن مان نڪتل آهن. جيئن ملئي زبان ۾ ماستر (ٽيچر) کي گرو سڏين، مڙس کي سوامي، زال کي استري، وزيراعظم کي پرڌان منتري، جنت کي سرگا، دوزخ کي نوگا وغيره.

انڊين تهذيب ۽ تمدن جو اثر ملئي عمارت سازيءَ ۾ پڻ نظر ايندو. ڪيترين پراڻين مسجدن جو نمونو هندو مندرن جهڙو يا چيني پگوڊائن جهڙو آهي. چيف انجنيئر ببر ته ڪيتريون ئي هتي جون پراڻيون مسجدون ڏيکاريون هونديون جن جي بيهڪ گجرات (هندستان) جي ڪيترن ئي مندرن سان ملي ٿي. ڪي ڪي مسجدون عمارت سازيءَ ۾ قديم چيني عمارتن سان به ملن ٿيون، جو چينين جو به هن ملڪ تي صدين کان اثر هلندو اچي. اسلام ته هتي گهڻو گهڻو پوءِ آيو. نه ته هتي هندو ڌرم هو يا ٻڌ ڌرم ۽ ڪجهه عيسائيت- جيئن پاڻ وٽ محمد بن قاسم کان اڳ، گلگت کان سلهٽ تائين ۽ نصرپور کان جوڌپور تائين هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org