سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:3 

ڪولمبو کان سنگاپور واري اڏام ۾ ته سلون جا ڪيترائي اهڙا غريب پورهيت چڙهيا، جيڪي بافتي جي ڌوتل گوڏ ۽ ڇنل چمپل ۾ هئا، جيڪي پڪ سنگاپور يا جڪارتا ۾ پورهئي مزدوريءَ لاءِ وڃي رهيا هئا. هو ڪيترائي دفعا هروڀرو چانهه پاڻي ۽ شراب جي گهر گهر ڪري رهيا هئا. پر مجال آهي جو ڪنهن من موهڻي ايئر هوسٽس انهن جي خدمتگاريءَ ۾ بڇان محسوس ڪئي يا منهن کي موڙو ڏنو هجي. هرگز نه.

ڪولمبو مان نڪرڻ وقت اسٽيوورڊ کي هڪ رسالو آڻڻ لاءِ چيو هوم. هن کان ڪو وسري ويو. اڌ رستي تي وري ايئرهوسٽس کي ياد ڏياريم تنهن به نه آندو. شايد وسري ويس يا ماني کارائڻ ۾ مشغول ٿي ويئي. ٿوري دير بعد اها لنگهي ته چيومانس هڪ رسالي لاءِ ڪيترا دفعا چئجي. توهان جي ڪمپنيءَ کي ان بابت شڪايت جو خط لکڻ کپي ته نه اسٽيوورڊ ٿو ٻڌي ۽ نه ايئر هوسٽس. منهنجو اهو چوڻ يڪدم نه فقط پاڻ معافي ورتائين، پر ان اسٽيوورڊ کي به وٺي آئي ته هن کان به ڳالهه وسري ويئي، دل ۾ نه ڪجو ۽ يڪدم رسالن جو ڍير اچي اڳيان رکيائين. آصف جنهن اهو لقاءُ پئي ڏٺو تنهن چيو پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه سٺو آهي، پر اڃا اها خدمتگاري ۽ ڪرنسي نه آهي. ڪنهن سفارشي ايئر هوسٽس کي ائين دڙڪو ته ڏيئي ڏس. سامهون کتو کڻي جواب نه ڏيندي، پر منهن جو موڙو ڏيئي اکين ئي اکين ۾ اهو چوندي ته وڃي ڪاهه جيڪا ڪاهڻي اٿئي. منهنجو ڪو نالو ته وٺي ڏسي. آئون فلاڻي يا فلاڻي جي مائٽياڻي/لاڏلي آهيان. هن آڱوٺي جي پرواهه اٿم.

خاص ڪري اسان جو غريب مزدور  ۽ پورهيت طبقو جنهن سان اسان جي هوائي ڪمپنيءَ جون انگلينڊ، گلف ۽ عرب ملڪن ڏي ويندڙ اڏامون ٽٻ هونديون آهن. انهن سان اسان جي جهازن جي ڪئبن واري عملي جو برتاءُ ايترو ته غلط ۽ بي عزتيءَ وارو هوندو آهي جو افسوس ٿو ٿئي. ان بابت ڪيترن مسافرن جا ڏکويل بيان جنگ اخبار جي هفتيوار صفحي بالادي ۾، ايڊيٽر ڏي خط، ڪوثر نيازيءَ جي ڪالم مشاهدي ۾ ۽ اخبار جهان ۾ وقت به وقت ايندا رهن ٿا. کاڌي خوراڪ ۾ پڻ اسان جي هوائي ڪمپني بدنام ٿي  رهي آهي. خبر ناهي ڪهڙا انٽرنيشنل پئسينجر ڌپيل نمڪو ۽ ٿلهي کل وارا سمبوسا ٿا کائين جوSnacks ۾ سئيز رول، ڊونٽ، هئمبرگر ۽ سئنڊوچ بدران اهي شروع ڪيا ويا آهن. هڪ مسافر جيڪو پنج ڏهه هزار رپيا ڀري توهان سان چار پنج ڪلاڪ گذاري ٿو، ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهين رپئي کن جي ته ڪا سٺي شيءَ کارايو جو هو هميشه ياد رکي.

گهر کان هوائي اڏي

۽

هوائي جهاز تائين

هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مسافر لاءِ هيٺيون شيون لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جن سان هن جو واسطو ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان وٺي، سفر پوري ڪرڻ تائين پوي ٿو. مثال طور:ويزا، پاسپورٽ، اسٽيٽ بئنڪ طرفان پي- ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج (پرڏيهي ناڻي) کڻڻ جو اجازت نامو، اميگريشن، بورڊنگ ڪارڊ، وغيره وغيره.

پاسپورٽ

سڀ کان اول ولايت (ڌارئين ملڪ) وڃڻ لاءِ پاسپورٽ ضروري آهي جيڪو پاسپورٽ آفيس ۾ فارم ڀري (ان سان گڏ مقرر ٿي، سڃاڻپ جو ڪارڊ ۽ مئٽرڪ جو اصلي سرٽيفڪيٽ وغيره ڏيکاري) ٺهرائي سگهجي ٿو. پاسپورٽ عام طرح هفتي ٻن ۾ ٺهيو وڃي. پر جي جلد گهرجي ته ڪجهه وڌيڪ في ڏيڻ سان هڪ ڏينهن ۾ به تيار ٿي ملي سگهي ٿو. بهرحال ان بابت وقت بوقت قاعدا قانون بدلجندا رهن ٿا.

ٽريول ايجنٽ

ٻاهر وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ يا هوائي ڪمپنيءَ جي آفيس مان سنئي سنڌي وٺجي يا ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان. ٽريول ايجنٽ کان وٺڻ ۾ اها سهوليت آهي ته هو توهان جي ضرورت کي سمجهي صحيح روٽ ۽ جهازران ڪمپنيءَ جي چونڊ بابت صلاح ڏئي سگهندو. مثال طور ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هر هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ ساڳي آهي. هاڻ جي توهان مشغول ماڻهو آهيو ۽ ڪوالالمپور جلد پهچڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هو توهان کي KLM، پي. آءِ. اي يا ڪنهن اهڙي ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ ڏيندو جنهن جو جهاز سڌو اتي وڃي ڇڏي يا وڌ ۾ وڌ ڪنهن هڪ هنڌ رستي تي ڪلاڪ اڌ لاءِ ترسي- مثال طور بمبئي ۾، سنگاپور ۾ يا جيئن پي. آءِ. اي جو جهاز ڪلاڪ کن لاءِ ڪولمبو ۾ ترسي ٿو، پر جي توهان جلدي ۾ نه آهيو، ويتر پهريون دفعو پيا چڙهو ۽ گهمڻ ڦرڻ جي موڊ ۾ آهيو- ۽ وقت جو ڪو فقر نه اٿانو ته پوءِ هو توهان جي شوق ۽ ضرورت کي ڏسي، ان موجب هو اوهان کي، ڪنهن ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز رستي ڪوالالمپور وڃڻ جي صلاح ڏيندو. مثال طور ايئر انڊيا جو هوائي جهاز به ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور وڃي ٿو پر اهو رستي تي بمبئي ۽ مدراس ۾ گهڻي دير ترسي ٿو- بلڪ مدراس ۾ رات هوٽل ۾ ٽڪڻي پوي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن ايئر انڊيا جي ٻئي جهاز ۾ چڙهڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿائي ايئر جو هوائي جهاز ڪراچيءَ مان مسافر کڻي پهرين بئنڪاڪ ۾ اچيو ڇڏي. جتي ڀلي توهان ڏينهن اڌ چڪر ڏئي پوءِ ساڳي ڀاڙي اندر ٻئي ڏينهن ٿائي ايئر جي ٻئي هوائي جهاز ۾ ڪوالالمپور هليا وڃو. يا ايئر لنڪا- جنهن جي ٽڪيٽ اسان کي مليل هئي- اهو به ساڳي ڀاڙي تي ڪوالالمپور پهچائي ٿو. پر رستي تي بمبئي، ڪولمبو ۽ سنگاپور مان گهمائي- ڇهن ڪلاڪن جو سفر ويهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو.

ڪي ڪي ايئروفلوٽ (روسي هوائي ڪمپني) جهڙيون هوائي ڪمپنيون آهن، جن جا هوائي جهاز ڪي ايل. ايم (KLM)، ايس.اي.ايس جا ميمبر نه هجڻ ڪري ڀاڙو ٻين کان گهٽ وٺن ٿا. ۽ ڪراچيءَ کان ايئروفلوٽ هر ڇنڇر ڏينهن سڌو ڪوالالمپور پهچي ٿو. ڪي هوائي ڪمپنيون ايئرلنڪا جهڙيون-جيڪي ايتريون مشهور نه آهن. غريب ملڪن جون آهن، هاڻي شروع ٿيون آهن، انهن جو ڀاڙو جيتوڻيڪ ٻين جيترو آهي، پر اهي ٽريول ايجنٽ کي هر ٽڪيٽ وڪڻڻ تي ٻين کان گهڻي ڪميشن(نفعو) ڏين ٿيون- ۽ جي توهان سمارٽ آهيو ته ان نفعي مان ٽريول ايجنٽ کان حصو وٺي سگهو ٿا.

سامان جي تور

هر هوائي مسافر فقط ويهه ڪلو سامان کڻي سگهي ٿو. ان ۾ ان سامان جي تور شامل نه ڪئي ويندي آهي، جيڪو مسافر هٿ ۾ کڻي پاڻ سان ويهندو آهي- مثال طور بريف ڪيس، اوورڪوٽ، ڪئميرا، هڪ ٻه ڪتاب وغيره. ويهن  ڪلو کان مٿي سامان جو منزل مطابق ڀاڙو چڪايو ويندو آهي. ڪي ڪي ايئرلنڪا جهڙيون هوائي ڪمپنيون ڪڏهن ڪڏهن توهان جي ڪجهه وڌيڪ سامان کڻڻ تي اکيون پوري ڇڏينديون آهن، نه ته اصولي طرح ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور تائين هر وڌيڪ کنيل ڪلو سامان جا نوي رپيا کن ڀاڙو ٿئي ٿو.

پي ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج

ٽڪيٽ وٺڻ بعد ٻاهر وڃڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان اجازت وٺڻي پوندي آهي- چاهي فارين ايڪسچينج جي ضرورت هجي يا نه. ان لاءِ هڪ فارم ڀرڻو پوندو آهي جيڪوP2 (پي-ٽو) فارم سڏجي ٿو. ان ۾ نالو، ائڊريس ۽ ڪنهن ٻاهران توهان جي مائٽ ٽڪيٽ موڪلي آهي ته ان جو نالو پتو ۽ توهان سان مائٽي وغيره لکڻي پوي ٿي. ۽ فارين ايڪسچينج لاءِ هڪ ٻيو فارم ڀرڻو پوندو آهي. اهو فارم ۽ پي ٽو فارم اسٽيٽ بئنڪ کان ملندو آهي ۽ انهن کي ئي ڀري پاسپورٽ سان گڏ هڪ ڏينهن صبح جو ڏبو ته شام جو منظور ڪري ڏيندا آهن- يا کڻي ٻئي ڏينهن ڏين. پاسپورٽ جي آخري صفحي تي پڻ اهڙيءَ اجازت جو ٺپو هڻي ڏيندا آهن ته ٻاهر وڃي پيو ۽ هيترا پيسا (ڊالر) کڻي سگهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ فقط ٽيهن ڊالرن جي اجازت ملندي هئي، پر هاڻي هر مسافر کي هڪ هزار ڊالرن جي اجازت ڏين ٿا-بشرطيڪ هو گذريل ٻن سالن اندر ٻاهر وڃڻ لاءِ پئسا وٺي نه چڪو هجي.

پي ٽي فارم جو ٻڌجي پيو ته هاڻي شايد اهو بند ڪيو وڃي جيئن ٻاهر ويندڙن کي سهوليت رهي.

غير ملڪي ناڻو

اسٽيٽ بئنڪ کان پاس ٿيل فارين ايڪسچينج وارو فارم مقرر بئنڪن تان (هڪ ته ميٽروپول هوٽل ڪراچي وٽ يو بي ايل بئنڪ آهي، ڪلفٽن وٽ نئشنل بئنڪ آهي- يا ٻي ڪنهن بئنڪ تان) مٽائي سگهجي ٿو. هزار آمريڪي ڊالر اڄڪلهه ساڍن تيرهن هزار رپيا کن  جا ملن ٿا. بئنڪ وارا پاڪستاني پئسا ۽ فارم وٺي ڊالر ڏيندا آهن ۽ توهان جي ٽڪيٽ تي بئنڪ جو ٺپو هڻي ناڻي جو مقدار لکندا آهن.

ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ

اسان جي ملڪ ۾ ڪالرا، ٽائيفائيڊ جهڙين بيمارين جا جراثيم آهن ۽ ڪيترا ملڪ: انگلينڊ، آمريڪا، جپان جهڙا- جن ۾ اهي بيماريون مور نه آهن ۽ هنن انهن بيمارين جا جراثيم اتي ختم ڪري ڇڏيا آهن، سي اهو هرگز نٿا چاهين ته ڪو ڌارئين ملڪ جو ماڻهو سندن ملڪ ۾ اهي جراثيم کڻي اچي. ان جي روڪٿام لاءِ ضروري ڪيو ويو آهي ته انهن بيماري خلاف هر مسافر پنهنجي ملڪ مان سيون هڻائي پوءِ اوڏانهن وڃي.

ان کان علاوه ڪي اهڙا ملڪ آهن- خاص ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا جتي Yellow Fever زهريلي بخار، جهڙيون خطرناڪ بيماريون آهن جن کان بچڻ لاءِ مسافر کي گهرجي ته پنهنجو ملڪ ڇڏي اوڏانهن وڃڻ کان اڳ بچاءَ جون سيون هڻائي وڃي، جيئن کيس پرديس ۾ ڪا بيماري نه لڳي. هونءَ به ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي تيسين نه ڇڏيندا جيسين پنهنجي صحت لاءِ اهي سيون هڻائي حفاظتي قدم نه کڻو.

ان سلسلي ۾ ڪوڙو صحت جو سرٽيفڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ويهه ٽيهه رپيا ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيئي اهي سيون واقعي هڻائي ڇڏجن. ڇو جو ڪوڙي سرٽيفڪيٽ ڪري ايئرپورٽ تي توهان کي ڇڏي ته ڏيندا پر خدانخواسته پرديس ۾ سچ پچ ڪا خوفناڪ بيماري لڳي وڃي ته گهمڻ ڦرڻ هڪ طرف ويو ۽ خرچ پکو ٻئي طرف.

هيلٿ سرٽيفڪيٽ، پي ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج جو سمورو ڪم اهو ٽريول ايجنٽ سولائيءَ سان ڪرائي سگهندو، جنهن کان ٽڪيٽ ورتي ويئي آهي.

ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ٽريول ايجنٽ بنا سئين هڻڻ جي مسافرن کي ڏهين رپين ۾ هيلٿ سرٽيفڪيٽ وڪڻي ڏيندا آهن. اها چڱي ڳالهه ناهي ۽ ان مان مسافر کي ڇيهو رسي سگهي ٿو، جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته پوءِ پرديس ۾ بيمار ٿيڻ تي پاڻ به پريشان ته ٻين لاءِ به مصيبت. جپان، آمريڪا، فرانس، سئيزرلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ جي خبر پوي ته توهان مليريا، مدي جي تپ، ڪالرا يا ان قسم جي  وچڙندڙ بيماريءَ جا جراثيم پاڻ سان کنيو پيا هلو ته واويلا مچي وڃي. ڪوبه سمجهو ماڻهو اهو نه چاهيندو  ته ٿوريءَ ڪوتاهيءَ ڪري سندس ۽ سندس ملڪ جي پرديس ۾ بي عزتي ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مڇر آمريڪا ۽ جپان ۾ به آهن، پر مليريا جو جراثيم جيئن ته اتي ڪنهن جي به رت ۾ ناهي، ان ڪري انهن ملڪن ۾ مليريا بنهه ناهي.

ڪي ملڪ آهن جن جو معيار ذري گهٽ ساڳيو آهي، اتي هيلٿ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. جيئن اسان پاڪستانين لاءِ سريلنڪا، ملائيشيا، سنگاپور، هندستان جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ هيلٿ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي.

ويزا

ويزا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ٽڪن جو اجازت نامون آهي، جيڪي اهو ڌاريون ملڪ يا ان جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ سڀني ملڪن جا سفارتخانا اسلام آباد ۾ آهن، جتي انهن جو سفير رهي ٿو. باقي ڪن ڪن ملڪن جا قونصل خانا ڪراچيءَ ۾ آهن.

ڪن ڪن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا نه هوندي آهي. ڪن ملڪن جي ويزا هڪڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ وٺڻ ضروري هوندي آهي ته ٻين لاءِ نه. ڪن ملڪن جي ويزا انهن ملڪن جي هوائي اڏي تي پهچي وٺي سگهجي ٿي.

ويزائن جا به قسم آهن. ڪا ٽوئرسٽ ويزا سڏبي آهي جيڪا ڏهه، پنڌرهن يا مهيني جي هوندي آهي، ته اوترا ڏينهن ان ملڪ ۾ رڳو گهمڻ ڦرڻ لاءِ رهي سگهجي ٿو. ان ويزا تي ڪابه نوڪري، ڌنڌو يا پورهيو نٿو ڪري سگهجي. جيئن هتي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ وغيره ۾ آهي. جپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط ٽن يا چئن ڏينهن لاءِ ملندي آهي سا به صرف ٽن ويجهن شهرن لاءِ. هڪ ٽرانزٽ ويزا ٿيندي آهي. جيئن افغانستان ڏي پاڻيءَ جي جهاز رستي ايندڙ مسافر ڪراچيءَ ۾ لهي پاڪستان کان وٺندا آهن. ان ويزا ذريعي هو ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي لهي ۽ باءِ روڊ سڄو پاڪستان لتاڙي افغانستان پهچندا آهن. اها ٽرانزٽ ويزا يعني لنگهه جي ويزا ٿي.

ڪنهن ملڪ ۾ سال يا ڇهه مهينا رهي، پورهئي يا نوڪري ڪرڻ جي ويزا الڳ ٿئي، جنهن کي Working Visa سڏجي ٿو يا عرب ملڪن ۾ ان کي اڪامون سڏين.

اهو ويزا جو چڪر ان ڪري رکيو ويو آهي جيئن ڪو مسافر ڌارئين ملڪ ۾ ترسي نه پوي. مثال طور: ڪويت، بحرين،دبئي،سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ اسان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو ته چاهيندا ته پورهئي لاءِ هميشه لاءِ رهڻ ڏنو وڃي ته سٺو. ان ڪري اسان جهڙن لاءِ اتي وڃڻ لاءِ ويزا- اجازت جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت انگلينڊ، آمريڪا، فرانس، جرمني جهڙا ملڪ- جن جي ماڻهن لاءِ اتي ئي سک آهي انهن جو ڪويت، بحرين، دبئي جهڙن ملڪن ۾ هميشه لاءِ ٽِڪي پوڻ مشڪل آهي. ان ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي ته ڀلي بنا ويزا جي اچن وڃن. بهرحال هي سڀ ملڪ جي معاشي حالتن تي مدار رکي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهبو هو، پر هاڻ اتي به اسان کي ويزا وٺڻي پوي ٿي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي اسان جو ملڪ به دنيا جي نقشي تي امير ترين ٿي وڃي- ماڻهو ته محنتي ۽ ذهين اڳهين آهن- ڪوتيل يا سون جهڙيون ڌاتو نڪري اچي ته نمونو ئي ٻيو ٿي وڃي. آخرڪار ڪويت،سنگاپور، دبئي جهڙا ملڪ  ته اسان کان به غريب هئا ۽ فقط ويهه ٽيهه سال اڳ تائين مهاڻن جا ننڍڙا ڳوٺ هئا- جن ۾ سج لٿي کان پوءِ ڏيا ٽمڪندا هئا.

بهرحال اسان لاءِ ايترو آهي جو ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، بنگلاديش، ٿائلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ بنا ويز جي وڃي سگهون ٿا ۽ ويزا  ان ملڪ جي ايئرپورٽ تان وٺي سگهون ٿا جيئن اسان ملائيشيا بنا هيلٿ سرٽيفڪيٽ ۽ ويزا جي آياسين ۽ ايئرپورٽ تي اچي پندرهن ڏينهن جي ويزا ورتيسين. اها ختم ٿيڻ تي وري ٽن مهينن جي ورتيسين ۽ هاڻ جيئن ته هتي رهي نوڪري ڪرڻي آهي ان ڪري ان لاءِ ٽي سال ٽڪڻ جي اجازت ملي اٿئون.

ڪو به مسافر ٻاهر ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ کان  اڳ پنهنجي ٽريول ايجنٽ يا غير ملڪي معلومات رکندڙ کان اهو ضروري معلوم ڪري ڇڏي ته جن ملڪن ۾ هو وڃي رهيو آهي. انهن مان ڪهڙن ۾ هن کي ويزا جي ضرورت پوندي ۽ ڪهڙن جي ويزا کيس انهن ملڪ جي ايئرپورٽ تي ئي ملي ويندي ۽ ڪهڙن ملڪن جي ويزا جي صفا ضرورت نه اٿس، جيئن ڌارئين ملڪ ۾ پهچي پريشاني نه ٿئي. هونئن اهي ماڻهو جيڪي هوائي جهازن يا پاڻيءَ وارن جهازن تي ڪم ڪن ٿا. انهن لاءِ ويزا جو مسئلو ناهي. ويندي پاسپورٽ جي به ضروت ناهي. هو پنهنجي C.D.C (نليءَ) تي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃي سگهن ٿا- بشرطيڪ سندن اهو سفر نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هجي، يا پنهنجي جهاز جي ڊيوٽيءَ چڙهڻ جي باري ۾ هجي.

اڏام جي ڪنفرميشن (خاطري)

جهاز جي اڏام کان ڏينهن ٻه اڳ هوائي جهاز ڪمپنيءَ کان روبرو يا فون تي پنهنجي ٽڪيٽ ۽ اڏام جي خاطري ڪري ڇڏجي ته واقعي توهان جي ٽڪيٽ ان اڏام لاءِ ڪارگر آهي ۽ توهان جو نالو ان اُڏام لاءِ خاطري سان رکيو ويو آهي. ڪي ڪمپنيون ٽڪيٽ تي ڪنفرميشن (پڪ) جو ٺپو به هڻي ڏينديون آهن، جيئن ثبوت رهي. هوائي جهاز ڪمپني يا ٽريول ايجنٽ پاڻ به ٽڪيٽ وڪڻڻ مهل کان سندس ائڊريس يا فون نمبر وٺي ڇڏيندو آهي  ته متان ڪنهن سبب ڪري اڏام ڪئنسل ٿئي يا منجهس ڪا تبديلي اچي ته مسافر اطلاع ڪري سگهي.

ايئرپورٽ

جهاز جي اڏام کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳواٽ ايئرپورٽ تي پهچڻ کپي، جيئن سامان جو وزن ڪرائجي، جهاز ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺجي، اميگريشن جو ڪارڊ ڀرجي، پنهنجي چڪاس ڪرائجي ۽ پاسپورٽ تي ٺپو وغيره هڻائجي.

ايئرپورٽ ڪنهن به جهازران ڪمپنيءَ جي ملڪيت نه هوندو آهي ۽ نه ان لاءِ جوابدار آهي. جيئن اسان وٽ ايئرپورٽ جي تڪليف (پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ يا ويهڻ لاءِ ڪرسي نه هجڻ) لاءِ اڪثر پي. آءِ. اي – هوائي ڪمپنيءَ کي گاريون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ جيتوڻيڪ هوائي ڪمپني ۽ هوائي اڏو ٻئي سرڪاري آهن، پر مختلف کاتي ۾ آهن. هوائي اڏي - اي ڊي اي (ايئرپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي) ۾ اچي ٿو ان ڪري هوائي اڏي جي صفائي، سونهن ۽ سهوليت لاءِ A.D.A کاتو جوابدار آهي، جيڪو هوائي اڏي جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هر ٻاهر ويندڙ مسافر کان سئو رپيا اوڳاڙي ٿو. (مختلف ملڪن ۾ مختلف في آهي). باقي هوائي جهاز ۾ ماني سٺي ناهي، ويهڻ جي ڪرسي سٺي ناهي، وقت تي اڏام نٿي ٿئي ته ان لاءِ هوائي ڪمپني پي. آءِ. اي- يا جنهن ڪمپنيءَ جو جهاز آهي- اها جوابدار آهي.

هوائي اڏي تي پهچڻ مهل پاڻ سان ڪجهه پئسا رکجن جيئن سئو رپيا في مسافر جي حساب سان ايئرپورٽ ٽيڪس يا وڌيڪ وزن کڻڻ جو ڀاڙو ڏئي سگهجي ۽ اڳيان لائونج ۾ چانهه ٿڌو پيئڻ يا فون ڪرڻ جو بل ڀري سگهجي. ايئرپورٽ ٽيڪس پڻ بدلجندو رهي ٿو.

لگيج ٽئگ

ايئرپورٽ ۾ اندر پهچڻ جنهن هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ هجي ان جي ڪائونٽر تي پنهنجو ڳرو سامان بئگون، هڙون وغيره جمع ڪرائجن. پاڻ سان رڳو ڳچيءَ جو ننڍو ٿيلهو يا بريف ڪيس رکجي، جنهن ۾ پاسپورٽ، ڪاغذ پٽ، ڏاڙهيءَ جو سامان، دوائون يا ٻيو اهڙو اهم ۽ ترت استعمال ۾ ايندڙ سامان هجي، ان جي تور نه ڪئي ويندي آهي. ڪي سياڻا وري ان ٿيلهي يا بريف ڪيس ۾ استري، ٽائيپ رائيٽر يا ٻي ڪا اهڙي ڳري وزن واري چيز وجهي پاڻ سان کڻي هلندا آهن. جيئن جهجهي وزن جي وڌيڪ ڀاڙي کان بچي سگهجي.

هوائي ڪمپنيءَ جو عملو پيتيون ۽ وڏو سامان توري ننگن جيترا ڪارڊ ڏيندو آهي. جن ڪارڊن جا اڌ اڌ سامان سان ٻڌا ويندا آهن. نمبر ٻنهي اڌن تي ساڳيا هوندا آهن جيئن توهان پنهنجي سامان جي، منزل تي پهچي گهر ڪري سگهو. انهن ڪارڊن کي لگيج ٽئگ سڏجي ٿو. اهو ٽئگ پاڻ سان قابو رکڻ کپي، جيئن منزل تي پهچي سامان نه ملي ته ان وڃايل پيتيءَ جو ٽئگ ڏيکارڻ تي هوائي ڪمپني وڃايل سامان جي ڳولا- ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ رقم ادا ڪري سگهي.

هونءَ احتياطن مسافرکي کپي ته پنهنجي هر هڪ پيتيءَ ۽ هڙ جي مٿان ڪنهن مارڪر پين سان نالو ۽ ائڊريس لکي ڇڏي. يا ڪنهن پني تي لکي ٻاهران چنبڙائي ڇڏي. ان کان علاوه هڪ پنو (نالي ۽ ائڊريس جو) پيتيءَ جي اندر به وجهي ڇڏي جو ڪڏهن ڪڏهن اڌ ٽئگ ۽ توهان جو ائڊريس وارو چنبڙيل پنو ڦاٽيو پيو. ان صورت ۾ اهو گم ٿيل سامان دنيا جي مختلف هوائي اڏن تي رلندو رهي ٿو. اڄڪلهه جتي ڪٿي ڪمپيوٽر سسٽم آهي ۽ گم ٿيل سامان جو ڪمپيوٽر ذريعي سڀني اهم هوائي اڏن تي اطلاع ڪيو وڃي ٿو ۽ هو پيتيءَ جي ٻاهران يا اندران مسافر جو نالو ڳولي اهو سامان گهربل هنڌ تي چوويهن ڪلاڪن اندر پڄايو ڇڏين.

جيڪڏهن اڏام ڊئريڪٽ آهي- مثال طور: ڪراچي کان لنڊن تائين ساڳي هوائي جهاز ۾ ته پوءِ سامان گم ٿيڻ جا گهٽ امڪان آهن. پر جي مختلف اڏامون آهن جيئن ته هڪ اڏام آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ کان مسافر چڙهيا ۽ مصر جي هوائي اڏي قاهره ۾ سڀ لٿا. اتي ڪن مسافرن کي ڪي. ايل. ايم جهاز ذريعي ڪوپنهيگن وڄڻو آهي، ڪن کي لفٿنسا هوائي جهاز رستي- جيڪو ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اچڻو آهي- فرئنڪفرٽ (جرمني) وڄڻو آهي، ڪن کي ٿائي ايئر لائين ذريعي پئرس وڃڻو آهي. باقي چند مسافر اهڙا آهن جن کي ساڳئي جهاز ۾ اڳتي لنڊن وڃڻو آهي. ان ردوبدل ۾ هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ مزدور ڪڏهن ڪڏهن سامان کي غلط هوائي جهازن ۾ چاڙهي ڇڏيندا آهن، ويتر جي ٽئگ يا چنبڙيل ائڊريس وارو پنو ڦاٽي پيو آهي ته پوءِ غلطيءَ جا گهڻا امڪان ٿيو پون. ان ڪري ضروري آهي ته بئگ جي اندر پڻ هڪ ائڊريس رکجي جيئن اڳتي هلي ڳولا ۾ هوائي اڏن کي سهوليت ٿئي.

بورڊنگ ڪارڊ

جهاز ۾ ويهڻ جو ڪارڊ جنهن تي سيٽ نمبر به ٿئي، ان کي بورڊنگ ڪارڊ سڏجي ٿو. ايئرلائين ڪمپنيءَ وارا سامان وٺڻ بعد توهان جي ٽڪيٽ جو مٿيون ڪوپن ڦاڙي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيندا آهن. جهاز ۾ ويهڻ لاءِ گهڻو ڪري ٽي ٽي سيٽون ٿين. هڪ دريءَ واري، ٻي وچين ۽ ٽين پاسي واري. جي دريءَ کان ويهي جهاز جي لهڻ چڙهڻ وقت نظارو ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ دريءَ واري سيٽ بهتر آهي. باقي جيڪڏهن ذري ذري باٿ روم لاءِ اٿ ويهه ڪرڻ ٿا چاهيو ته ٻين جي سک ڦٽائڻ بجاءِ پاسي واري سيٽ وٺي ويهجي. هوائي ڪمپني ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ وارا چپڙي ڪري وچئينءَ سيٽ تي ويهي رهندا آهن.

اڄڪلهه هر جهاز ۾ سگريٽ پيئندڙن کي ڌار- گهڻو ڪري پٺين سيٽن تي ويهارين ٿا.  بورڊنگ ڪارڊ تي توهان جو سيٽ نمبر هئڻ وقت توهان کان اهو ضرور پڇندا ته سگريٽ ڇڪيو ٿا يا نه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org