سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :12

بهرحال انهن چند اوڻاين جي باوجود مير حسن علي خان ٽالپر جو ڪلام نهايت ئي فصيح ۽ بليغ آهي. سندس هيءُ انمول شاهڪار، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ لازوال زيور آهي، اسان ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جي سرزمين پڻ ايران وانگر هڪ اهڙي شاعر کي جنم ڏنو، جو ”فردوسيءَ“ جي هم پلئه آهي.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)    سيد حسام الدين راشدي: ”مهراڻ جون موجون“، پاڪستان پبليڪيشنس ڪراچي سنڌ، ڇاپو ٻيو، 1964ع، ڏسو مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائيءَ جو مقالو ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“، ص 107.

(2)   ايضا.

(2-الف) ميمڻ غلام نبي: ”سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، 1938ع، ص.

ميان محمد يوسف خدمتگار، مير نصير خان ٽالپر جو خاص ملازم هو. حيدرآباد جي ڀرسان ڦليليءَ وٽ رهندو هو. ”ٽنڊو يوسف“ سندس ٻڌايل آهي. مير صاحب کي باغن پوکرائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ ميان يوسف انهن جون تاريخون لکندو هو. سن 1251هه ۾ مير صاحب ”نصير باغ“ پوکايو، جنهن جي تاريخ ۽ تعريف جو ذڪر ميان صحب مثنويءَ ۾ ڪيو آهي.

(3)   ايضا، ص 3.

(4)   مرزا سلطان حيدر بيگ جي لکڻ موجب مير نصير محمد خان ٽالپر، شهزادي جي تعليم لاءِ قاچاريه درٻار جي ايراني عالم سيد محمد مجهد کي گهرايو هو. (ڏسو مرزا سلطان حيدر بيگ: ”هزهائينيس مير محمد حسن علي خان ٽالپر“، مقالو، ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي، سنڌ، ماهه مارچ 1971ع، ص 17)

(5)    مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي: ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“ مقالو، ص 108.

(6)   سن 1843ع جي انقلاب کان پوءِ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو ڪتبخانو پڻ تباهه ٿي ويو. قيد مان رهائي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪتبخاني کي ٻيهر گڏ ڪرڻ شروع ڪيائون. مير حسن علي خان ٽالپر وٽ پڻ هڪ وڏو اعلى درجي جو ڪتبخانو هو. 1909ع ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مير حاجي نور محمد خان جي وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار هليو ۽ آخرڪار فيصلو مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جي حق ۾ ٿيو. اهڙي طرح اهو شاهي ڪتبخانو به مير حاجي نور محمد خان جي حوالي ٿيو.

(7)   لطف الله بدوي لکي ٿو ته مير نصير محمد خان پوُني ۾ وفات ڪئي، جيڪو صحيح نه آهي. مير نصير محمد خان ڪلڪتي جي ٻاهران ٻين ميرن سان گڏ ”دمدمه“ نالي هڪ ڳو‎ٺ ۾ نظر بند هو. مير نصير محمد خان جي وفات جي تاريخ مرزا عباس علي بيگ هن طرح لکي آهي:

عدد هشت و چار کن تر مزيد،

”قصر جنت نصيب وي گرديد.“ (1249 + 12=1261هه)

(8)   ميمڻ غلام نبي: ”سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“، ص 5.

(9)   مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي: ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“، ص 108.

(10)                     ايضا، ص ايضا.

(11)ايضا، ص 14 -112.

(12)                     بدوي لطف الله، ”تذڪره لطفي“، جلد ٽيون، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، 53 -1952ع، ص 513.

(13)                     ميمڻ غلام نبي، ”سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“، ص 9.

(14)                     مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي، ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“، ص 11 -110

.مرزا گل حسن جو قول آهي ته مير انيس جا منقبت پڙهندو هو، جنهن کان مير صاحب متاثر ٿي، سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. باقي آخوند محمد قاسم ۽ غلام محمد شاهه ”گدا“ سندس عمعصر ۽ هم صحبتي شاعر هئا. مولانا ابوالحسن ”حسن“ لکنوي پڻ سندس حاضريءَ ۾ رهندو هو. مير صاحب هن کان ڪڏهن به پنهنجي شعر جو اصلاح نه ورتو. (ايضا، ص ايضا)

(15)                      ميمڻ غلام نبي: ”سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“، ص 56.

(16)                     ايضاً، ص 2.

(17)                     ايضاً، ص 40، 41.

(18)                     ايضاً، ص 76.

(19)                     ايضاً، ص ايضا.

(20)                    ايضاً، ص 9.

(21)                     ايضاً، ص 86.

ميمڻ محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد ٻيو، آر – ايڇ- احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، 1968ع، ص 90- 289.

(22)                    ميمڻ غلام نبي: ”سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“، ص 11.

(23)                    ايضاً، ص 73.

(24)                    ايضاً، ص 34.

(25)                     ميمڻ محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد ٻيو، ص 93-291.

هاڪڙو دريا

 

(تاريخي ۽ تهذيبي جائزو)             محمد حسين ”ڪاشف“

قديم تهذيب ۽ ثقافت جو جيترو سرمايو سنڌ جي سر زمين تاريخ کي ڏنو آهي، ايترو شايد دنيا جي ٻئي ڪنهن به حصو نه ڏنو هجي. ان جا بنيادي سبب ڪهڙا هئا؟ ڇا ابتدائي انسان جو سلسلو هن خطي کان شروع ٿيو يا دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ هن جنم ورتو؟ يا دنيا جي جدا جدا حصن ۾ ان جي پيدئاش ٿي، انهيءَ بحث جو تعلق انساني ارتقا جي موضوع سان آهي. اسان صرف هن وادي جي انهن علامتن کي ڏسنداسون، جن انساني آبادي جي وڌڻ، ويجهڻ ۽ ان جي ترقي ڪري تهذيب ۽ ثقافت جي منزل تي پهچڻ ۾ هن کي هٿي ڏني. انهيءَ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته دنيا جو هي خطو قدرت جي اڻ کٽ نعمتن سان مالا مال آهي، جن جي ڪري تهذيب ۽ ثقافت جي قدرن هت جنم ورتو ۽ دنيا کي ان سان نوازيو. ثقافت جي انهيءَ اوسر ۾ سڀ کان گهڻو حصو مهراڻ جي موجن کي رهيو آهي. هي پورالي ندي پنهنجي پورن ۾ ڪڏهين هن خطي جي اوڀر کان وهي آهي، ته ڪڏهن ان کان ٿورو اوڀر، هن ننڍن دريائي ڦاٽن جي صورت اختيار ڪئي آهي، ڪنهن وقت هو نيرون ڪوٽ جي اوڀر ۾ هئي ته اڄ وري ان جي اولهه کان روان آهي. تاريخ جي مختلف دورن ۾ سندس وهڪرن جا نالا پڻ جدا جدا رهيا آهن. طبعي لحاظ کان سنڌو ماٿر حصن ۾ ورهايل هوندي به تهذيبي بنيادن تي هڪجهڙائي واري حيثيت رکي ٿي ۽ سڀني حصن ۾ اسان کي ساڳيو شعور نظر اچي ٿو.

سنڌو ماٿر ۾ دريائي وهڪرن جو سلسلو تاريخ جي اندر ايترو ته منجهيل آهي، جو اڄ تائين ڪوبه محقق ان مسئلي کي صاف طور تي سمجهائي نه سگهيو آهي. ڪن محققن جو رايو آهي ته لکين سال اڳ سنڌو ساگر جو وهڪرو اتر، اتر – اوڀر کان ڏکڻ، ڏکڻ – اولهه ڏانهن هو ۽ اهي وهڪرا ڪيترائي هئا، جيڪي رفته رفته ڦرندا رهيا؛ جن آخري طور اتر کان ڏکڻ جي شڪل وڃي اختيار ڪئي، جنهن ۾ وڏو هٿ هن وادي جي زمين جي طبعي ڦير گهير وارين حالتن جو رهيو آهي. سنڌو ماٿر ۾ انهن وهڪرن جي نشانن جي ايتري ته گهڻائي آهي جو انهن لاءِ محقق ۽ تاريخدانن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن. اڄ به سنڌو جي  وهڪرن جا ڪيترائي نالا اسان کي تاريخن ۾ ملن ٿا. ڪٿي هن کي ’درياءِ سيحون‘ ڪري ڪوٺيو ويو آهي، ته ڪٿي سنڌو ساگر جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. ڪٿي هن جو نالو مهرا يا مهراڻ آهي، ته ڪٿي ان جو نالو هاڪڙو نظر اچي ٿو. ڪٿي ساگري ۽ لهاڻي جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ته ڪٿي وري ڍورو ۽ پراڻ جي اسم سان مجسم آهي. بهرحال، ڪيئن به هجي سنڌوءَ جا هن ديس ۾ ڪئين ورن ۽ ور آهن، جن جي ڪري هن وادي جا ڪي ماڳ آباد ٿيا، ڪي اجڙيا، ڪي اجڙي وري وسيا، ڪي وسي وري برباد ٿيا. سنڌو ماٿر ۾ انساني آبادي جي وسڻ ۽ ڦٽڻ جو سلسلو ڪڏهن کان هليو، ان جي يقيني تاريخ لاءِ ڪوبه فيصلو ڪرڻ نه صرف محال پر مشڪل ضرور آهي.

اسان وٽ تاريخ ۾ اهو وڏو مغالطو رهيو آهي، جو سنڌو ماٿر کي خالي موجوده سنڌ يا ان کان ٿورو مٿڀرو اتر ۽ اوڀر جي ڪن علائقن کي شامل ڪيو وڃي ٿو، ليڪن جڏهين هن وادي جي دريائن ۽ انهن جي ڦهلاءُ ۽ اتي جي آبادين ۽ وسندين جو جائزو وٺجي ٿو ۽ انهن حصن جي اثريات کي نظر ۾ رکجي ٿو ته سنڌو ماٿر اسان کي نهايت هڪ پکڙيل وڏو ميداني علائقو نظر اچي ٿو. جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪشمير جو ڪجهه حصو ۽ اوڀر ۾ راجستان جو اڌو اڌ علائقو ۽ اولهه ۾ بلوچستان جو ڳپل حصو ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ انهي تهذيبي رنگ ۾ رنڱيل نظر اچن ٿا. اهي تهذيبي ماڳ ۽ مڪان دراصل دريائي آبادين جا مرهون منت آهن. تاريخ ۾ اسان وٽ صرف سنڌو جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ۽ هاڪڙو دريا، جيڪو يونانين کان اڳ ختم ٿي چڪو هو، ان جي وادي کي اهو چئي پوئتي ڪيو وڃي ٿو ته هي به سنڌو جو هڪ وهڪرو هو، ڇا تاريخي حقائق ۽ اثريات انهيءَ نڪتي جي تائيد ڪن ٿا؟ جنهن جي جواب جي لاءِ اڄ تائين ڪابه مثبت موٽ نه ملي سگهي آهي، حالانڪ ”هاڪڙو“، جنهن کي سنڌو جو وهڪرو ڪوٺيو وڃي ٿو، دراصل اهو هڪ جدا دريا هو. جنهن جي تاريخ ۾ جدا حيثيت هئي. ڇاڪاڻ ته يونانين جي کوج انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي، جيڪڏهن هاڪڙو سنڌو جو ذيلي وهڪرو يا ان جو اڳيون وهڪرو هجي ها ته يقين آهي ته يوناني محقق ان ڏس ۾ پنجاب جي فتح بعد هيٺ پٽاله ۽ سيوهڻ ڏانهن ايندي هاڪڙي جو سنڌوءَ سان ڪو لاڳاپو بيان ڪن ها. يونانين ۽ اشڪانين جي ڪاهن وقت، هن خطي جي طبعي حالت کي انهن مؤرخن جي بيان ڪيل راين جي روشني ۾ اسان جي ڏاهن ۽ دانشورن کي فيصلو ڪرڻ کپندو هو، جيڪو نه ڪيو ويو ۽ تاريخ ۾ هميشه اهي ٻئي نالا هڪ ئي دريا جي صورت ۾ پيش ٿيندا رهيا. اهو ڪيتري قدر صحيح عمل آهي، ان کي واضح ڪرڻ ۽ انهن نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، اسان جي اڄ جي دور جي عالمن جو پهريون فرض آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخي حقائق جي اپٽار ۾ جڏهن به ڪا غلطي رهجي وڃي ٿي ته اها نسل در نسل هلندي ڪو مثبت نتيجو پيدا نٿي ڪري، جنهن ڪري تهذيبي تاريخ جا قدر ۽ تمدن نسل درنسل هلندي ڪو مثبت نتيجو پيدا نٿي ڪري، جنهن ڪري تهذيبي تاريخ جا قدر ۽ تمدن جا ترڪيبي عنصر متاثر ٿين ٿا ۽ ايندڙ نسل لاءِ شڪ جي صورت پيدا ٿئي ٿي. دراصل سنڌو ماٿر جي دريائي وهڪرن ۾ ”هاڪڙو ندي“ جو وهڪرو هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جنهن لاءِ اڄ تائين مختلف قياس آرايون رهيون آهن. تاريخ جي اڳئين يا هاڻوڪي دؤر ۾ سواءِ يوناني محققن ۽ مغربي اسڪالرن جي ڪنهن به ايترو ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي.

جاگرافي ۽ اثريات جي ماهرن جڏهين به سنڌو ماٿر جو ذڪر ڪيو آهي ته تحقيق جي بنيادن تي هنن آڏو هميشه اها سنڌ رهي آهي، جنهن جي دامن ۾ هڙپا، موهن جو دڙو، آمري، ڪوٽڏيجي، چانهو جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، مهر ڳڙهه، مروٽ، اُچ، پارينگر، نَهٽو وغيره رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن تهذيبي آثارن مان مليل باقيات ۾ تاريخ جي مختلف دورن جي مماثلت ۽ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. سنڌو ماٿر جي تهذيب دريائي وهڪرن سبب ٻن حصن ۾ اسريل نظر اچي ٿي. اوڀر وارو حصو، جنهن کي هاڪڙو سيراب ڪندو نظر اچي ٿو، ۽ ماٿر جي اولهه واري حصي کي سنڌو آبياري ڪندو نظر اچي ٿو. هن وادي جي حيثيت به دجله ۽ فرات، گنگا ۽ جمنا جهڙي وڃي ٿئي ٿي. ”دريا سيحون ۽ جيحون، جن کي سنڌو ۽ دجله سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ جيحون بمعنى دجله جي طبعي فاصلن ۽ تاريخي ٽاڻن جي بنياد تي غلط محسوس ٿئي ٿو. دراصل سيحون ۽ جيحون جا لفظ هن وادي جي سنڌو ۽ هاڪڙو لاءِ استعمال ٿيل نظر اچن ٿا.“ سنڌو ماٿر جي تهذيب انهن دريائي شڪلين جي صورت ۾ ٻن ڌارائن ۾ نظر اچي ٿي. 1- موهن جو دڙو ۽ هڙپائي تهذيب، 2- هاڪڙا تهذيب، جن جو اونهون اڀياس اهو ڀليءَ ڀت واضح ڪري ٿو ته اهي مڙئئي تهذيبي عنصر سنڌو ماٿر جي تمدن جو عظيم ورثو ۽ ڪڙيون آهن، جن کي اسان سنڌو تهذيب ڪوٺيون ٿا، انهن ٻنهي دريائي وهڪرن جي تهذيبي جزن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري انهن لاءِ ڪو جدا تحقيقي معيار قائم ڪري نٿو سگهجي. البت اهو ضروري آهي ته هاڪڙا تهذيب کي به انهيءَ طرح اجاگر ڪيو وڃي، جيئن هڙپائي ۽ موهن جو دڙو جي تهذيب تاريخ اندر مقام حاصل ڪيو آهي.

قومن جي اٿل پٿل ۽ يلغار ۾ ٻن نسلن جو اهم حصو رهيو آهي، جن هن ماٿر جي ٻن دريائن (سنڌو ۽ هاڪڙو) جي وچ واري حصي ۽ انهن جي اوڀر ۽ اولهه کي متاثر ڪيو. 1- انڊو آرايائي، 2- آريا.انهن ٻنهين قومن جو اصل نسل تاريخ ۾ هڪڙوئي آهي، پر نقل مڪاني ۽ اٿل پٿل ۾ سندن رخ جدا رهيا. انڊو آريائي قومون، وچ مشرق کان صحرائي عربستان، مصر جنوبي يمن، ايراني نار، بلوچستان، سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي متاثر ڪيو ۽ پنهنجن بيٺڪن کي موهن جي دڙي تائين قائم ڪيو. آرين وچ مشرق ۽ روسي ترڪستان مان نڪري خيبر جي دڙي وسيلي پنجاب، سنڌو ماٿر جي مٿئين حصي، گنگا، جمنا جي وادي ۽ هاڪڙو وادي جي مٿئين حصي ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. انهن ٻنهين قومن جي سنجوڳ سبب سنڌو ماٿر جي وچ وارو حصو تمدني لحاظ کان نهايت ئي شاندار ثابت ٿيو، جنهن تي تاريخ کي فخر آهي.

دنيا جون تهذيبون هميشه دريائي وهڪرن جي بنياد تي وڌيون ۽ ويجهيون آهن، ۽ دريائن ئي کين جنم ڏنو آهي. ڪابه تهذيب نه ڪڏهين خلا ۾ اُڀري آهي ۽ نه وري برپٽ ۾ پيدا ٿي آهي. اهي دريائي آهن، جيڪي انهن جي ترڪيبي ۽ تقويمي عنصرن جو موُل آهن. پوءِ انهن دريائن جي سلسلي ۾ تاريخ اندر مختلف وقتن تي جدا جدا نالا ۽ انهن لاءِ الڳ الڳ رايا رهيا آهن. هاڪڙي دريا لاءِ به تاريخ ۾ ڪئين ويچار ۽ رايا آهن. هاڪڙي دريا لاءِ اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته هيءَ سنڌوءَ جو هڪ وهڪرو هو، ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو، ۽ پوءِ سنڌوءَ جي وهڪرن جي ڦير گهير سبب ختم ٿي ويو. هن سلسلي ۾ پهرين نشاندهي اسان کي يونانين جي ملي ٿي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته عيسوي سنه کان سواءِ ٽي سئو سال اڳ جڏهين سڪندر اعظم سنڌ مان ٿي لنگهيو ته سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ جي پاڻي ڇوليون پئي هنيون، سنڌ تي ڪاهه دوران دارا اعظم الشڪاني (ايراني) ۽ سڪندر اعظم مقدوني پنهنجي پنهنجي ڪاهن وقت سنڌو واري قديم دريائي وهڪري جي تحقيقات لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا هئا، جيئن هتان جي عظيم دريائن جي وهڪ ۽ ان تي وسندڙ شهرن توڙي ماڻهن جي مزاج جو پتو پئجي سگهي. انهيءَ ڇنڊڇاڻ ۾ يونانين کي قدري ڪاميابي حاصل ٿي، ۽ انهن ماهرن هاڪڙي دريا جو پيٽ ڳولي لڌو. انهيءَ مهم جي يوناني مشير ”ارسٽو بيوليس“ جي قول مطابق هن هڪ هزار (1000) شهرن ۽ ڳوٺن جا نشان ڏٺا، جي ڪو وقت وسندڙ هئا. يوناني ليکڪ ”ايرين“ سنڌوءَ جي ڦٽي ٻن شاخن ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته ”اصل ۾ جنهن کي جدا مهراڻ چيو ٿو وڃي، جنهن جو سڪل پيٽ هن وقت اوڀر طرف آهي، اها مهراڻ نه پر ”هاڪڙو“ آهي، جنهن مان نڪتل موجوده اڀرندو نارو اڃا هستي ۾ آهي.“

سر اولڌام پنهنجي هڪ تحقيقي “The Sarswati and lost river of the Indian Desert” ۾ وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچنا کان پوءِ لکي ٿو ته ”هن وقت غائب ٿيل هاڪڙو کي، جا اڀرندي نارا جي ڌارا هئي، جنهن ۾ گهگهر (سوام ديال) ۽ سرهندي نديون هيون ۽ اوڀر نارا ۾ ٽي شاخون نٽوال نالي هيون، اڳئين زماني ۾ ستلج هاڪڙو جي پيٽ مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، پر جڏهين ستلج وهڪرو بدلائي بياس سان گڏجي وڃي سنڌو ۾ شامل ٿي ته سرسوتي، جيڪا منجهس (هاڪڙو) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، سا اڪيلو ٿي پيئي ۽ وارياسي هنڌن ۾ غائب ٿي ويئي.“ سرسوتي ۽ هاڪڙي جو سُڪڻ گهٽ برسات جي ڪري نه پر ستلج جي وهڪري بدلائڻ ڪري ٿيو آهي. ٻئي هنڌ ساڳيو مصنف پنهنجو خيال ظاهر ڪري ٿو ته ”هاڪڙو دريا، ستلج دريا جي پراڻي گذرگاهه آهي.“

ڪرنل منچن جو نظريو آهي ته چولستان ۾ هاڪڙي دريا جي وهڪ دراصل جمنا ندي جي نديم وهڪ آهي. محترم ”بيل چوٽ“ لکي ٿو ته اصل ندي ”درشدوتي“ هئي، جنهن کي اڄ ڪلهه گهگهر چيو ٿو وڃي. ان جي هڪ شاخ هاڪڙو هئي، جنهن کي ستلج ندي مان پاڻي ملندو هو، جيڪا پنجاب مان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور علائقن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. اڀرندو نارو ان جي نشاني آهي، پوءِ جڏهن ستلج وهڪرو بدلايو ته هاڪڙي ۾ پاڻي گهٽجي ويو ۽ ندي سُڪي ويئي. بعد ۾ هاڪڙي کي گهگهر به چيو ويو آهي، ڇو ته ان جو موُل گهگهر هئي.

مسٽر ڪيلاش چندر لکي ٿو ته گهگهر ندي ڪنهن زماني ۾ بيڪانير جي راڄ جي اتر مان وهندي، سنڌو ۾ وڃي ملندي هئي.[1]

مسٽر آر. جي. بئنرجي بهاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو ندي جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کير ٿر جبلن جي قطار تائين (18) جاين تي سنڌو ندي جي جهوني وهڪري جا نشان معلوم ڪيا آهن. هو لکي ٿو ته ندي جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو، ۽ لکپت جي ساريال جي پوک جو مدار به انهيءَ پاڻي تي هو.

راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها ”ٽاڊ“ جي ڪتاب جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: گهگهر ندي جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرا يا هاڪڙا هو، جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور راڄن مان وهندي، سنڌ ۾ وڃي سنڌو ندي ۾ پوندي هئي، پر گهڻي وقت کان پوءِ ان جو وهڪرو بند ٿي ويو، جنهن جو ڪارڻ هو اهو ٿو ڄاڻائي ته (طبعي حالتن سبب) راجستان جو ڪنارو مٿاهون ٿي وڃڻ ڪري پاڻي گهٽ اچڻ لڳو ۽ ائين ٿيندي ٿيندي هو بلڪل بند ٿي ويئي.

سر آرل اسٽائن جو خيال هو ته هاڪڙو دريا پاڻي ۽ مقدار جي لحاظ کان هڪ ننڍو ۽ محدود دريا آهي، پنهنجي هيٺئين علائقي ۽ چولستان ۾ هڪ وڏي دريا جي گذر گاهه ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو، ليڪن اڳتي هلي هو خود لکي ٿو ته ”بجنور ۽ ولهار جي درميان ستلج دريا جي هڪ شاخ هاڪڙي ۾ شامل ٿي ويندي هئي.“ انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته انهيءَ وهڪري هاڪڙي دريا جي وهڪري کي وڌيڪ هٿي ڏني.

ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ هاڪڙو دريا جي سلسلي ۾ هيٺئين ريت لکي ٿو:

1-     انهيءَ زماني ۾ سنڌو ندي جو وهڪرو ڪهڙو هو ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها هڪ شاخ جي صورت ۾ ڇڙندي هئي، يا موهن جي دڙي کان ڪجهه مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي ڇوڙ ڪندي هئي. ان کان سواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دور ۾ ستلج ندي، هاڪڙا نارا ۾ وڃي پوندي هئي.

2-    هاڪڙي جي پيٽ جا اهڃاڻ پٺتي بهاولپور ۽ بيڪانير رياستن منجهان لاڳيتا لنگهندا ملن ٿا ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اهو آخرڪار ڪيترين ننڍين ندين خاص ڪري گهاگهر سرکنڊا، سرسوتي ۽ جنتانگ جي ميلاپ مان نڪري ٿو. اولهه ۾ ستلج ۽ اوڀر ۾ جمنا جي ڇوڙن جي وچ ۾ سواليڪ ٽڪرين مان اُسري ٿو.... بهاولپور ۽ بيڪانير جي علائقي ۾ هاڪڙي جو پيٽ ايترو ويڪرو! ڏيڍ سئو ميلن جي مفاصلي تائين ٻن ميلن کان به سرس آهي. چيتانگ جي هڪ پراڻي پيٽ جي معرفت هاڪڙي کي پاڻي ڏيندي هئي. سنڌو، هاڪڙي ۽ گنگا جي تراين جي وچ وارو هيٺائون سنڌو، اڄ ڪلهه چيتانگ ۽ جمنا جي وچ ۾ آهي.

3-    ستلج جو هڪ پراڻو انگڙ ونگڙ پيٽ هاڪڙي سان بهاولپور جي بنهه اندر ولهار وٽ اچي ملي ٿو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهو ستلج جي هڪ پراڻي وهڪري مان ڦٽندو هو ۽ ان جو رخ ٿلهي ليکي هاڪڙي جي شاخ وارو هو. انهن ڳنڍيندڙ ڦاٽن سان ٽيون بهاولپور شهر کان ويهارو ميل اوڀر، اتر، اوڀر ۾ شروع ٿي وڃي ڪدو والا جي ويجهو هاڪڙي سان ملي ٿو.... اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اها واهنده جي نالي سان هڪ وڏي قدرتي سڪل شاخ هئي، جا شنڪر ندي کي پاڻي پهچائيندي هئي.

سيد نور علي ضامن حسيني جنهن جي دريائن جي تاريخ تي گهري نظر رهي آهي، سو سر آرل اسٽائن جي نظريي تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، سنڌو طاس معاهده (1960) چند تاريخي حقيقتن جي توثيق ڪري ٿو ته ”پنج هزار سال اڳ جهلم ۽ چناب دريا پاڪ پتڻ (ايوڌيا) جي ويجهو گڏجي ڏکڻ طرف ”مروٽ“ جي ويجهو ان وقت جو ستلج ۾ اچي پوندا هئا. ”مروٽ“ ڄڻ ان وقت جو پنجند هو.“ ان وقت جو ستلج روپڙ جي ڏکڻ کان هلي بيڪانير جي مقام (انوپ ڳڙهه) وٽان برساتي دريا گهاگهرا ۽ ان جي مددگار سرسوتي کي ساڻ گڏي بهاولپور جي مقام ولهار ۽ فورٽ عباس وٽان وهي ”مروٽ“ وٽ اچي چناب ۾ پوندو هو.“ ان وقت جي راوي ۽ بياس جيڪي ضلع گورداسپور جي پهاڙن مان نڪري پاڻ ۾ گڏجي لاهور ضلعي جي هڊيارا نالي (سڪندر اعظم جي هائيڊروٽس) جي صورت ۾ چناب ۾ ”پتوڪي“ جي ويجهو اچي پوندا هئا. گويا اهو مقام پنج هزار سال اڳ جو مٺڻ ڪوٽ هو.“ اڳتي هلي حسيني چوي ٿو ته : ”اڄ جو هاڪڙا برانچ، رسول آباد، قادر آباد، بلوڪي، سليمانڪي، لنڪ جي رستي ”مروٽ“ وٽ پهچي ڪري، قديم تاريخ کي دهرائي رهيو آهي.“

امپريئل گزيٽيئر آف انڊيا (پنجاب) جي مرتبين ستلج جي تاريخ بيان ڪندي قديم يوناني مؤرخ ”ايرين“ جي شاهدين جي بنياد تي ”نور علي ضامن حسيني“ جي انهيءَ راءِ جي توثيق ڪئي آهي، ته، ”ايرين جي زماني جو ستلج هڪ آزاد دريا هو ۽ رڻ ڪڇ ۾ وڃي پوندو هو ۽ 1000ع تائين هي هاڪڙي جو معاون هو ۽ اڀرندي ناري (ڪئنال) ۾ وڃي پوندو هو. انهيءَ دريا جي گذر گاهه کي بهاولپور، بيڪانير ۽ حصار ضلعي جي تعلقه سرسه تائين ڏسي سگهجي ٿو.“ تاهم ڪافي عرصي تائين ستلج ۽ هاڪڙو هڪ ئي گذر گاهه مان وهندا رهيا. هاڪڙو چولستان جي ريگستان جو ڪشادو دريا آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ هي سنڌ جي ٿر واري علائقي کي سرسبز ۽ سائو رکندو رهيو.“ دريائي وهڪرن جي انهي ڦير گهير ۾ زمين جي طبعي حالتن کي وڏو دخل رهيو آهي، جنهن ۾ اهم ڳالهه دريائي قانون غرب روي(Wertering)  جي آهي، جنهن اصول تحت دريا پنهنجي اترئين ڪناري کي ڪٽي اتر ۽ اولهه جي طرف وهندا رهيا آهن. پنجاب ۽ سنڌ جهڙن ميداني دريائن جي اها به هڪ خاصيت رهي آهي ته هو پنهنجي ڊيگهه قائم رکڻ چاهين ٿا. هاڪڙو ۽ ستلج به انهي قانون غرب روي مان گذرندا رهيا آهن. گذريل ست اٺ سئو سالن ۾ ستلج جنهن جي گذر گاهه هاڪڙي واري ساڳئي رهي آهي، ان سنه 1255ع ۾ وڌيڪ اتر طرف پنهنجو رستو اختيار ڪيو، جنهن سبب هاڪڙو خشڪ ٿي ويو، جنهنڪري هن علائقي جي ماڻهن کي وڏي پيماني تي نقل مڪاني ڪري سنڌ جي علائقي ڏانهن اچڻو پيو.


[1]  مسٽر ڪيلاش چندر پنهنجي لکيت ۾ جنهن کي سنڌو ڪوٺي ٿو، دراصل اها هاڪڙو ندي آهي، پر اسان وٽ هاڪڙو ۽ سنڌو جي نالن ۾ ڪا تخصيص نه هئي، انڪري هن کي سنڌو ڪري لکيو ٿو ڀانئجي. (ڪاشف)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com