سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :9

اسماعيل بن عيسى بن فرخ سندي: (8)

مولى بن لقيطن: (9)

اسماعيل بن محمد بن رجاء سندي نيشاپوري (10)

حبيش بن سندي بغدادي:

حضرت امام احمد بن حنبل جي شاگردن مان هو ۽ ان کان حديث پڙهي هئائين. (11)[1]

ابو محمد خلف بن سالم سندي بغدادي:

مشهور حديث جو حافظ هو، آل مهلب جو غلام ٿي سنڌ مان عراق آيو ۽ ڪوفي ۾ رهيو، اتي ئي حديث جي تعليم حاصل ڪيائين. ڪوفي کان بغداد ۾ آيو ۽ ”محزم“ محلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس حديث جا استاد هئا: يحى بن سعيد قطان، ابوبڪر بن عياش، هشيم بن بشير، سعيد بن ابراهيم بن سعد، يعقوب بن ابراهيم، محمد بن يعقوب غنذر، وهب، عبدالرحمان بن مهدي، اسماعيل بن عليه، حسن بن عيسى ۽ ابو تعيم سندس شاگردن مان ابوالقاسم بغدي، حاتم بن ليث، يعقوب بن شيبه، احمد بن ابي خثيمه جا نالا قابل ذڪر آهن. حديث جي علم ۾ سندس عظمت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته امام نسائي سندس روايتون پنهنجي ڪتاب ”سنن نساني“ ۾ درج ڪيون آهن. 22 رمضان 231هه (845ع) تي 29 سالن جي عمر ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين.[2]

ابو محمد رجاء سندي نيشاپوري

نيشاپور ۾ رهندو هو. ٽين صدي هجريءَ جي محدثن مان هو. [3]

ابوبڪر سندي حواتيمي بغدادي

بغداد ۾ رهندو هو ۽ امام احمد بن حنبل جي شاگردن مان هو.[4]

سندي بن ابو هارون

ٽين صدي هجري جو محدث آهي.

ابونصر سندي بن ابان بغدادي

بغداد جي قديم محدثن ۽ حديث جي مشهور راوين مان هو.[5]

سندي بن عبدويه ڪلبي رازي

”ري“ ۾ رهندو هو. همدان ۽قزوين ٻنهي شهرن جو قاضي هو. اصل نالو سهل بن عبدالرحمان هئس. ٽين صدي هجري جو محدث آهي.

منصور بن حاتم نحوي

آل خالد بن اسيد جي حوالي مان هو. بلاذري، فتوح البلدان ۾ هند ۽ سنڌ بابت معلومات کانئس روايت ڪئي آهي.

عبدالله بن حسن بن سندي اندلسي

سنڌ مان نڪري اسپين پهتو ۽ اتي هميشه لاءِ رهي پيو. سنه 335هه (946ع) ۾ وفات ڪيائين.

عثمان سندي بغدادي

چوٿين صدي هجري ۾ ٿي گذريو. بغداد جو وڏو عالم ليکيو ويندو هو.

علي بن بنان سندي بغدادي

بغداد جي حديث جي رواين مان هو. ٽين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.

ابونصر فتح بن عبدالله سندي:

سندس ڪنيت ابونصر هئي. آل حسن بن الحڪم جو غلام هو، پوءِ آزاد ڪيو ويو فقه ۽ علم ڪلام جي تعليم ابو علي محمد بن عبدالوهاب ثقفيءَ کان حاصل ڪيائين. حسن بن سفيان ۽ ٻين ڪن عالمن کان حديث جي روايت ڪيائين. هن تابين کان حديث جي روايت جي سعادت حاصل ڪئي. ۽ پاڻ تبع تابعين ۾ شامل آهي. ٻي صديء هجري ۾ ٿي گذريو. سمعاني ”انساب“ ۾ سندس بابت هڪ عجيب روايت آندي آهي. روايت آهي، ته عبدالله بن حسين چوي ٿو ته، هڪ ڏينهن ابونصر سنديءَ سان گڏ ڌوڙ ۽ مٽيءَ واري رستي تان وڃي رهيو هوس، هن سان ڪيترائي سندس مداح ۽ معتقد شامل هئا. رستي تي اسان کي هڪ شهزادو مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ پيل نظر آيو، جيڪو نشي ۾ مدهوش هو. هن اسان ڏانهن ڏٺو، ته ابونصر پنهنجو منهن سندس وات جي ويجهو آڻي سنگهيو، سندس منهن مان شراب جي بوءِ اچي رهي هئي. شهزادي ابونصر کي چيو: ته ”اي غلام! مان هن حالت ۾ پيو آهيان، ۽ تون مون کي ڏسي هليو وڃين ٿو. هيترا ماڻهو به پٺيان آهن.“ ابونصر کيس بيباڪيءَ سان جوان ڏنو؛ ”شهزادا توکي خبر هجي، ته مون تنهنجي وڏن جي پيروي ڪئي آهي، ۽ تون منهنجي ابن ڏاڏن جي نقشِ قدم تي هلي رهيو آهين.“ فقية ۽ متڪلم جا لقب حاصل ڪيائين.[6]

ابوالعباس فضل بن سڪيف بن سحيت، سنڌي، قطيعي، معروف به سنڌي:

حديث جي مشهور راوين مان هو. صالح بن بيان ساحلي ۽ احمد بن محمد رملي کان حديثون روايت ڪيائين. کانئس محمد بن موسى بن حماد بربري، ابو يعلي موصليءَ، ابراهيم بن عبدالله، مخرميءَ ۽ محمد بن محمد باغنديءَ روايتون ڪيون.[7]

ابوعبدالله محمد بن رجاء سندي نيشاپوري:

اسفرائن ۾ رهندو هو. بغداد ۾ حديث جي روايت ڪيائين. سندس والد رجاء سندي، سندس پٽ، ابوبڪر محمد بن محمد بن رجاء سندي ۽ ابوبڪر جمدان بن محمد بن رجاء سندي حديث جا ثقه عالم هئا. سنڌ جو هي گهراڻو خراسان ۾ علم جو گهر هو. ابوبڪر محمد حديث جو حافظ هو، ۽ صحيح مسلم جي نموني تي هڪ اهم ڪتاب ”مستحرج علي صحيح مسلم“ لکيائين. سن 286هه (899ع) ۾ وفات ڪيائين. [8]

عبدالله بن حسن بن سندي اندلسي:

اندلس جي شهر دمشن ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ سنڌي دمشقي مشهور ٿيو. سن 335هه (946ع) ۾ وفات ڪيائين.

ابوالحسن محمد بن عبدالله سندي بصري:

بصري ۾ رهندو هو. ٽين صدي هجري جو محدث آهي.[9](1)

ابوالقاسم منصور بن محمد سندي اصفهاني:

چوٿين صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي، اصفهان ۾ رهندو هو.(2)

ابو محمد موسى بن سندي جرجاني بڪر آبادي

ٽين صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي. جرجان جي مشهور حديث جي راوين مان هو.

ابو محسن نصر الله بن احمد بن قاسم بن سيما سندي

حديث جي عالمن مان هو، بغداد ۾ رهندو هو. سنه 433هه (1041ع) ۾ وفات ڪيائين.(3)

هبته الله بن سهل سندي اصفهاني

محدث هو(4).

ابو جعفر سندي

حديث جي راوين مان هو. ٽين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.(5)

يزيد بن سندي

فاطمي دور ۾ مصر ۾ کيس وڏي اهميت حاصل هئي. ڪاتب الحڪم يعني فيصله نويس هو. (6)

علي بن عبدالله بن سندي

چوٿين صدي هجري جو مشهور محدث هو. محمد بن عيسى عبدالڪريم تميمي طرسوسيءَ بغداد ۾ کائنس ”مجموعه فضائل طرطوس“ جي روايت ڪئي.(7)

علي بن اسماعيل سندي شيعي

رجال ۾ ان جو مختصر تذڪرو موجود آهي. نصر بن صباح ان جي توثيق ڪئي آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته ان جو والد اسماعيل سندي جي لقب سان مشهور هو.(8)

ابوالحسن مخلص بن عبدالله الهندي الصوفي

هي محمد بن اسماعيل اليعقوبي القاضي جو آزاد ڪيل غلام هو. طبيعت جو صالح ۽ بااخلاق هو. پنهنجي آقا سان گڏ عراق، حجاز ۽ اهواز جو سفر ڪيائين. بغداد ۾ الشريف ابونصر، الفوارس، ۽ محمد بن رزق الله عبدالوهاب التميمي کان، بصري ابو علي علي بن احمد بن علي، ابوالقاسم عبدالمالڪ الحافظ، ابو يعلي احمد بن محمد ابوالحسن العبدي کان ۽ اصفهان ۾ انهيءَ طبقي جي ماڻهن کان روايتن جي سماع جو شرف حاصل ڪيائين. ابو سعيد کانئس قوشنج ۽ هرات ۾ حديثون ٻڌين. سنه 542هه يا 543هه ۾ وفات ڪيائين.[10]

ابوالحسن مخلص عبدالله الهندي المذبي:

هو مهذب الدوله ابو جعفر الدامغاني البغدادي جو آزاد ڪيل غلام هو. هن بغداد ۾ ابوالغنائم محمد بن علي النوسي، القاسم البزار ۽ ابوالفضل الحنبلي کان روايتون سماعت ڪيون. ابو سعد وري کانئس سماع حاصل ڪيو.[11]

ابو محمد بختيار بن عبدالله الهندي الفصاد:

هي ابو سعد جو آزاد ڪيل غلام هو. ان سان گڏ عراق ۽ حجاز جو سفر ڪيائين ۽ ڪيتريون ئي حديثون ٻڌائين. ڏاڍو نهٺو ۽ نيڪ شخص هو. هن بغداد ۾ ابو محمد جعفر بن احمد السراج، ابو الفضل محمد بن عبدالسلام الانصاري ۽ ابو الحسن بن المبارڪ بن عبدالجبار الطوري کان؛ همدران ۾ ابو محمد عبدالرحمان بن احمد بن الحسن الدوني کان ۽ اصفهان ۾ ابوالفتح محمد بن احمد الحداد ۽ ان جي طبقي جي ٻين محدثن کان روايتن جو سماع حاصل ڪيو.

ابو سعد کانئس ڪجهه حديثون ٻڌيون. سنه 541هه (1146ع) ۾ وفات ڪيائين.[12]

ديبل جا عالم

ديبل، سنڌ جو اهم مرڪز هو. هتي عربن جو وڏو تعداد رهندو هو، جن مان ڪيترا وڏا عالم ۽ فاضل رهندا هئا، نه فقط ايترو پر سنڌين مان به ڪيترائي عالم ۽ فاضل ٿيا. خاص طرح سان محدثن ۽ حديث جي راوين جو اهم مرڪز هو. هتي جا عالم خاص طرح سان سموري عالم اسلام سان تعلق رکندا هئا، ۽ هر ملڪ ۾ سندن آمد رفت جاري هئي. ديبل جي باري ۾ ياتوت حموي جو بيان اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ته ديبل ڏانهن حديث جي روايت ڪندڙن جي هڪ جماعت منسوب آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو، ته سنڌ جو هي شهر احاديثِ رسول جو شهر هو، ۽ هتي حديث جي روايت جي تعليم عام هئي. خطيب بغداديءَ تاريخ بغداد ۾ امام خلف بن محمد موازيني ديبلي جي ذڪر ۾ امام علي بن موسى ديبلي جي درسگاهه جي نشاندهي ڪئي آهي، جو ديبل ۾ هو؛ ۽ جتي امام خلف بن محمد ديبليءَ پنهنجي پنهنجي شيخ امام علي بن موسى ديبليءَ کان حديث پڙهي، خلف بن محمد جو بيان آهي:

”علي بن موسى ديبليءَ اسان کي حديث جي تعليم ڏني.“ [13]

ديبل واپار جو تمام وڏو مرڪز هو. اهوئي سبب آهي، جو هتي ڪيترائي واپاري به رهندا هئا، جن مان ڪي محدث به هئا. ابو محمد حسن بن حامد ديبلي بغدادي حديث جي علم ۾ وڏي مقام جو مالڪ هو، ۽ بغداد جي وڏن واپارين مان هو. خطيب بغداديءَ لکيو آهي:

”اهو حديث ۾ صحيح روايتون ڪندڙ ۽ دولتمند واپاري هو.“[14]

بغداد ۾ سندس سراءِ خان حامد جي نالي سان مشهور هئي.

مطلب ته ديبل، اسلامي دنيا جي اهم علمي مرڪزن مان هو، ۽ هتي حديث جي تعليم جو رواج موجود هو. هتي جي عالمن مان ڪيترائي محدث ۽ حديث جي روايت ڪندڙ سڄي اسلامي دنيا ۾ مشهور ۽ معروف هئا. اهڙن عالمن ۽ فاضل جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

ابو جعفر محمد بن ابراهيم ديبلي مڪي:

محدث جي لقب سان مشهور آهي. ديبل جو پهريون عالم آهي، جيڪو حديث جي اعلى تعليم لاءِ ٻاهر ويو، ۽ مڪه مڪرمه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. هن مڪي شهر جي ڪن مشهور محدثن کان تعليم حاصل ڪئي. هن مڪي شريف ۾ رهي حديث جو درس ڏيڻ شروع ڪيو. ابوالحسن احمد بن ابراهيم بن فراس مڪي، ابوالحسن محمد بن محمد الحجاج (وفات 368هه) ۾ محمد بن ابراهيم المرقي (وفات 381هه) کانئس حديث جي روايت ڪئي.

ابو جعفر جو اهم ڪارنامو آهي، مڪاتيب النبي جي ترتيب، پاڻ سڳورن جي خطن جو هي پهريون مجموعو آهي، جيڪو سنڌ جي هڪ عالم مرتب ڪيو، هن ڪتاب جو قلمي نسخو دنيا جي ڪتبخانن ۾ موجود آهي.

حديث جي علم سان گڏ هو تفسير جي علم جو عالم به هو. ابن عينيه جي ”ڪتاب القفير“ جو درس سندس شاگرد عبدالرحمان المخزوي (وفات 249هه) کان؛ ۽ ابن البارڪ جي ڪتاب ”البرواصا“ جو درس سندس شاگرد حسين المروزي (وفات 242هه) کان ورتائين. حديث جي تعليم مڪي جي محدث محمد بن زنبور، عبدالحميد بن صبح، ابوالحسن احمد بن ابراهيم مڪي ۽ ابوبڪر محمد بن ابراهيم مصري کان حاصل ڪيائين. جمادي الاول سنه 322هه (933ع) ۾ مڪي مڪرمه ۾ وفات ڪيائين.[15]

ابراهيم بن محمد بن ابراهيم ديبلي بغدادي:

ابو جعفر جو فرزند هو. حديث جي راوين مان هو هن موسى بن هارون البزار (وفات 294هه) ۽ مڪي جي هڪ محدث محمد بن علي الصائع الڪبير (291هه) کان حديثن جي روايت ڪيائين. [16] سمعانيءَ کانسواءِ ياقوت سموي ”معجم البلدان“ ۾ سندس ذڪر آندو آهي.

ابوالعباس احمد بن عبدالله ديبلي نيشاپوري:

محدث ۽ فقيهه هو. ان سان گڏ عابد ۽ زاهد به هو. هن حديث جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏورانهان ڏيهه ڏوريا؛ ماوراء النهر کان مصر تائين، سموري مشرق وسطى جو اڪيلو سفر ڪيائين. آخر ۾ نيشاپور ۾ اچي رهيو.

مڪي مڪرمه ۾ پنهنجي هم وطن ابو جعفر محمد ابراهيم ديبلي کان حديث جي تعليم حاصل ڪيائين.[17] مفضل ابن محمد الجندي (وفات 308هه) سان گڏ حديث جو مطالعو ڪيائين. مفضل شيبي (وفات 308هه) جي اولاد مان هو. مصر ۾ علي بن عبدالرحمان ۽ محمد بن ريان کان، بغداد ۾ جعفر بن جعفر محمد الفاريابي (وفات 305هه) کان، دمشق ۾ شيخ حافظ ابوالحسن احمد بن عمير بن جوصاد (وفات 320هه) کان، بيروت ۾ ابو عبدالرحمان محقول کان، حران ۾ حافظ ابو عرويه حسين بن ابو معشر (وفات 318هه) کان، بصري ۾ ابو خليفه القاضي (وفات 305هه) کان، سر ۾ احمد بن زبير تستري (وفات 312هه) کان، عسڪر مڪرم ۾ حافظ عبدان بن احمد الجولقي (وفات 306هه) کان ۽ نيشاپور ۾ ابوبڪر محمد بن اسحاق بن حزيمه (وفات 311هه) کان حديثن جي سماعت ڪيائين. ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي محدثن کان حديثون ٻڌائين.

سنه 311هه (923ع) ۾ ابن حزيمه جي وفات کان ٿورو اڳ نيشاپور پهتو ۽ اتي حسن بن يعقوب حداد الحداد (وفات 336هه) جي خانقاهه ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هتي کيس سڪون مليو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي ويو. هن ئي شهر ۾ شادي به ڪيائين. سڄو ڏينهن شهر ۾ هوندو هو ۽ پنج وقت نماز جامع مسجد ۾ ادا ڪندو هو. رات جو موٽي خانقاهه ۾ ايندو هو. ”افقر فخري“ تي عمل پيرا رهيو.

حديث جي علم جي تعليم به ڏيندو هو. سندس شاگردن ۾ امام حاڪم ابو عبدالله حافظ جهڙي جليل القدر محدث جو نالو به شامل آهي، جنهن جو ڪتاب ”المستدرڪ“ مشهور آهي.

نهايت نهٺو ۽ فقيرتن هو. صوف جو ڪپڙو پائيندو هو ۽ پيرين اگهاڙو گهمندو هو. سنه 343هه (954ع) ۾ نيشاپور ۾ وفات ڪيائين ۽ قبرستان حيره ۾ مدفون ٿيو. [18]

ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي

هن به حديث جي تعليم لاءِ گهڻو سفر ڪيو. بصري جي خليفه القاضي (فات 305هه) کان، بغداد ۾ جعفر بن الفاريابي (فات 301هه) کان، عسڪر مڪرم ۾ عبدان بن احمد کان ۽ فارياب ۾ محمد بن الحسن ۽ ٻين محدثن کان حديث جي تعليم پرايائين. هو وارثِ حديث هو. سندس شاگردن مان امام حاڪم نيشاپوري جو نالو قابلِ ذڪر آهي. سنه 345هه (954ع) ۾ وفات ڪيائين.[19] انهيءَ زماني جو وڏو زاهد ۽ عابد هو. زاهد جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، جيڪو ان زماني ۾ صوفين لاءِ ڪتب ايندو هو.

ابوالقاسم حسين بن محمد بن اسد ديبلي دمشقي

امام ابو يعلي موصلي (وفات 307هه) کان تعليم حاصل ڪيائين. سندس استاد جو سلسلو صحابي جابر بن عبدالله (وفات 78هه) تائين پهچي ٿو. دمشق ۾ وڃي حديث جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين. 350هه (961ع) کان پوءِ وفات ڪيائين.[20]

خلف بن محمد ديبلي بغدادي

هن ديبل ۾ علي بن موسى ديبليءَ کان حديث جي تعليم حاصل ڪئي. ديبل کان بغداد ويو، جتي حديث جو درس ڏيندو هو. بغداد ۾ کانئس ابوالحسن بن الجندي (فات 399هه) ۽ احمد بن عمير کان حديث جي تعليم حاصل ڪئي. سنه 360هه (920ع) ۾ وفات ڪيائين.[21]

ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي ديبلي رازي

سنه 275هه ۾ ديبل ۾ تولد ٿيو. ديبل مان ”ري“ هليو ويو ۽ ”الرازي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. بغداد ۾ امام جعفر بن محمد فاريابي (وفات 301هه) ۽ ابراهيم بن شريڪ ڪوفي وغيره کان حديث جي روايت ڪيائين. قرآن مجيد جي تعليم حسنون بن هشم کان ۽ قرائت امام عاصم ڪوفيءَ کان حاصل ڪيائين. بغداد جي پسگردائيءَ ۾ ”حربيه“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، انهيءَ ڪري ”الحربي“ سڏيو ويو. سندس شاگردن مان احمد بن علي البادا (فات 420هه)، ابو علي بن دوما النعالى (431هه) ۽ قاضي ابواللى واسطي (وفات 431هه) جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سنه 370هه (1080ع) ۾ وفات ڪيائين.[22]

ابو محمد حسن بن حامد ديبلي بغدادي

هو محدث ۽ تاجر هو، ان سان گڏ اديب ۽ شاعر به هو، تجارت جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جو سير و سفر ڪيائين. آخر بغداد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. وڏو دولتمند هو ۽ وڏي شان مان سان رهندو هو. سندس علم  ادب سان دلچسپيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته عربيءَ جو مشهور شاعر المتنبي جڏهن بغداد ويو، ته وٽس مهمان ٿي رهيو.

هو انسان دوست، عالمن ۽ اديبن جو قدردان هو ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ فراخدليءَ سان حصو وٺندو هو. بغداد ۾ درب الزعفراني ۾ غريبن لاءِ هڪ سراءِ تعمير ڪرايائين، جيڪا سندس نالي پٺيان ”سراءِ خان ابن حامد“ جي نالي سان مشهور ٿي.

حديث جو علم هن علي بن محمد بن سعيد الموصلي (وفات 359هه)، محمد النقاش (وفات 351هه) ۽ ابو علي المتري (وفات 360هه) کان حاصل ڪيائين. حديث سان محبت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو جو حديث روايت ڪرڻ وقت سندس اکين مان ڳوڙها وهندا هئا. حديث ۾ سندس قابليت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته حديث جو درس ڏيڻ مصر ۽ دمشق ويو.

مصر ۾ محمد بن علي صوري کانئس حديث جي روايت ڪئي. سنه 400هه (1009ع) ۾ وفات ڪيائين.[23]

ابوالقاسم شعيب بن محمد بن احمد ديبلي

هو ابو قطعان جي نالي سان وڌيڪ مشهور هو. ديبل کان مصر ويو ۽ اتي حديث جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس شاگردن مان ابو سعيد بن يونس جو نالو قابلِ ذڪر آهي.[24]

علي بن احمد بن محمد ديبلي

مقريءَ شام ابو عبدالله ديبليءَ جو ڏوهٽو هو. حديث ۾ ابو العباس الاصم ۽ ابو عبدالله بن احمد بن موسى ديبلي وغيره کان روايت ڪيائين. سندس تصنيفن مان ڪتاب ادب القضا، قضا جي مسئلن تي نهايت اهم ڪتاب آهي. شافعي مسلڪ جو هو ۽ ٽين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.[25]

علي بن موسى ديبلي

چوٿين صدي هجري جي وڏن محدثن مان هو ۽ ”العالم المحدث“ جي لقب سان مشهور هو، پنهنجي شهر ديبل ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. ان کانسواءِ بغداد ۾ وڃي به حديث جي روايت ڪيائين. ديبل ۾ شيخ خلف بن محمد موازيني ديبلي کانئس حديث جي روايت ڪئي.[26]


[1]   [1]6 کان (11) تائين، هندستان مين عربون ڪي حڪومتين،ص 154 کان 155.

[2]  کان (5) هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 154 کان 155

[3]  نزهته الخواطر، ص 64 ۽ 47.

[4]  هندستان مين عربون کي حڪومتين، ص 155

[5]  کان (9) هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 155

[6]  (1 ۽ 2) ڪتاب الانساب، ورق 314، بحواله مقابلو: سمعاني اوراس ڪي ڪتاب الانساب؛ سيد امتياز علي عرشي، روئداد معارف اسلاميه، اجلاس دوم، (منعقده لاهور 1936ع)، 1938ع، ص 174.

[7]  نزهته الخواطر: سيد عبدالحي لکنوي، ج 1، ص 69.

[8]  هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 155

[9]  کان (8) هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 155

[10]  روئداد معارف اسلاميه، ص 178 ۽ 179.

[11]  روئداد معارف اسلاميه، ص 178.

[12]  ايضا، ص 178 ۽ 179.

[13]  هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 195.

[14]  هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، 159.

[15]  ڪتاب الانساب، بحواله روئداد معارف اسلاميه، ص 114 ۽ 175؛ ۽ هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 162.

[16]  روئداد، ص 175، ۽ هندستان مين عربون ڪي حڪومتين، ص 169.

[17]  ڪتاب الانساب، ورق 236، بحواله روئداد معارفِ اسلاميه، صه 175، 176.

[18]  ڪتاب الانساب، ورق 236، بحواله روئداد معارفِ اسلاميه، ص 175، 176.

[19]  ايضا، ص 175.

[20]  عربون ڪي حڪومتين، ص 161.

[21]  روئداد، ص 175.

[22]  روئداد ۽ عربون ڪي حڪومتين، ص 161.

[23]  ايضاً.

[24]  روئداد ۽ عربون ڪي حڪومتين، ص 161.

[25]  ايضاً.

[26]  ايضا، روئداد، ص 175.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com