سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :13

سنه 1553ع ۾ وري به ستلج هاڪڙي کان منهن موڙيو ۽ اتر طرف وڌيڪ ويو هليو، جتي ساڻس بياس اچي مليو. اڳتي هلي هن وري پنهنجو رخ بدلايو ۽ پنهنجي پراڻي وهڪري هاڪڙي دريا جي پيٽ کي وڃي اختيار ڪيو، جيڪو سندن آخري ميلاپ چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ 1796ع ۾ ستلج جيئن هاڪڙي کان منهن موڙيو، تيئن وري اڄ تائين نه ملي سگهيو آهي. ماهرن جي راءِ موجب راجستان جي اتر کان وٺي ڏکڻ تائين سندس اولهه وارو حصو طبعي حالتن سبب پڻ مٿي ٿيندو ويو، جنهنڪري دريائي وهڪرن پنهنجو لاهه اتر اولهه طرف ڪيو، ”۽ ائين هاڪڙو هميشه لاءِ پنهنجي وهڪ جي هاڪ وڃائي ويٺو.“

هاڪڙي درياءَ جي الڳ وجود لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ آڌار تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي دريا جو سنڌوءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو، ليڪن تحقيق جي ميدان ۾ ڪن مؤرخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏي بيان ڪيو آهي ۽ سندن آڏ هاڪڙو خود سنڌو جو هڪ وهڪرو هو ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو. ۽ آخر ۾ سندس وجود ٿر جي وارياسي علائقي ۾ گم ٿي ويو، يوناني ليکڪ ”ايرين“ سنڌو جي ڦٽي ٻن شاخن ٿيڻ جو بيان ڪري ٿو، ۽ صاف لکيو آهي ته سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين انهن ٻنهين جو نالو ”سنڌ“ ئي آهي، حالانڪ ايرين اڳتي هلي پنهنجي راءِ کي تبديل ڪري ٿو، جنهن جو ذڪر مُنڍ ۾ ڪيو ويو آهي. مسٽر رام سنگهه راٺوڙ ”ڪڇ اتهاس“ ۾ لکي ٿو ته : پراڻي زماني ۾ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. سنڌ جي شاخ هاڪڙو اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ امرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي رياست بهالپور، جسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان بيٺل آهن.“

”ڪپتان ريڪس“ لکي ٿو ته: سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، ويرا واهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بندر هو جيڪو عيسوي پهرئين صدي تائين موجود هو.[1] ويرا واهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي، جنهن جو نالو ”ڏوتڙ“ آهي. (جنهن جي معنى ٻه تڙ ٿي سگهي ٿي) ... چون ٿا ته انهيءَ ٽڪري وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو. اتي هاڪڙي جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا. ان ۾ هاڻي پوک ٿئي ٿي. ان وقت شايد ٿر ۾ ڀٽون ڪين هيون ۽ زمين سنئين هئي. ”ڪپتان ريڪس“ ٿر جي انهي علائقي تي وڌيڪ روشني وجهندي لکي ٿو ته : ٿر جي واري يا رائي جو رنگ اهڙو ڳاڙهو آهي، جهڙو اسان کي ڪلفٽن تي واري جو نظر اچي ٿو، ٿر ۾ جتي کوهه کنيا ويندا آهن، اتي هيٺان پنجن ڇهن پرهين تي روهه نڪرندو آهي. زمين جي اها بناوت ٻڌائي ٿي ته سنڌ جو هي ڀاڱو يقيناً ڪنهن وقت سامونڊي علائقو هو. ٿر جي ڏيپلي علائقي ۾ لوڻ جون کاڻيون يا سن اڃا تائين موجود آهن، جيڪي خود سامونڊي زمين جي پيداوار آهن.

”ريورٽي“ جو چوڻ آهي ته ”تن ڏينهن ۾ (جيئن اڳي ۽ پوءِ ڪيترين صدين تائين) ”مهراڻ“ ناري ماٿري منجهان وهندو هو ۽ جکراڻو جي لڳ ڀڳ هڪ هنڌ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. منجهائن هڪڙي شاخ ٿلهي ليکي ڏکڻ اوڀر ڏانهن ويندي هئي.“

سنڌ هسٽاريڪل جرنل ۾ لکيل آهي ته: ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو ”پراڻ“ آهي، پراڻ لفظ جي معنى آهي پراڻو دريا، اڳي سنڌو ندي جي هڪ شاخ هان وهندي هئي ۽ ڪڇ جي رڻ (جيڪو اڳ سمنڊ هو) ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي ڪناري وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ويڳا گڊ (وڳهه ڪوٽ) وينگڊ (نگو) ٻلهاري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا.[2]

ڪرنل ٽاڊ ”وقائع راجستان“ ۾ لکي ٿو ته، بکر کان اتر ست ميل پنڌ تي سنڌو ندي مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺا ندي يا مٺا مهراڻ چون ٿا، انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽُڪر کي مهراڻو چوندا آهن. هي ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي. ابوالفضل پنهنجي ڪتاب آئين اڪبري ۾ پڻ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. ايڇ. ٽي ليمبرڪ“ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ ٿر جي زمين ۽ طبعي بناوت تي پنهنجي ويچارن جي اپٽار ڪندي لکي ٿو ته:

”جيسين سنڌو ندي جو واسطو آهي ته انهيءَ ندي گذريل ٻن هزار سالن دوران سنڌ  مان جيڪي پيٽ ڦيريا آهن، تن جي ثابتين مان ظاهر ٿو ٿئي ته ان جي ٻن شاخن واري صورت انهي مدت جي 3/2 ٻه ڀاڱي ٽي حصي جي دوران قائم رهي... سنڌ ۾ هاڪڙي جو مٿيون ڀاڱو نسبتاً گهٽ مشهور آهي. ۽ پوين ٿورين صدين ۾ شايد ٻوڏن جي وڪڙ ۾ ايترو گهڻو ناهي آيو... سنڌو ماٿري ۾ راجپوتانا جي ٽڪرين جي وچ ۾ جيڪو سنڌ جي حصي وارو ريگستان آهي، تنهن ۾ هي واريءَ جي وڏا ويڪرا سٿ ڪٿان آيا؟ اها ڳالهه شايد ڌيان جوڳي آهي ته سنڌو ندي ماٿري سان مليل رڻ پٽ جي واريءَ جو رنگ ٻاڙمير ۽ جيسلمير جي وچ ۾ جيڪي ڀٽون آهن، تن جي واريءَ کان هلڪو آهي... آڳاٽي زماني ۾ ويندي تاريخي دؤر ۾ هيٺين سنڌ جي ماٿري جي ڳچ ڀاڱي تي خاص ڪري ان ڀاڱي تي جيڪو هاڻ ڊيلٽا جو علائقو سڏجي ٿو، سمنڊ هو. خود ڪڇ جو رڻ به شايد سمنڊ جي هيٺان هو، پوءِ وقت گذرڻ سان سمنڊ پٺتي هٽندو ويو ۽ پنهنجي پويان واريءَ جا ڍڳ ڇڏيندو ويو.

جنت السنڌ جو مصنف مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”ننگرپارڪر ۾ هاڪڙي جي هڪڙي شاخ تي پارينگر جو وڏو بت خانو هو، جتي ”پارس ناٿ“ جين جي اوتار جو پتلو رکيل هو، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. عيسوي پهرين صدي تائين پارينگر جو اوج رهيو ۽ آسوڪا جي تحريڪ ڪري هر پنجين سال تي عظيم الشان ميلا لڳندا هئا. هڪڙو ”ٻڌ جو اسٽوپا“ عمرڪوٽ وٽ به هو.“

ساڳئي ڪتاب ۾ مولائي شيدائي هاڪڙي متعلق هن ريت رقمطراز آهي: ”ان ۾ شڪ نه آهي ته هاڪڙو سنڌو ندي جي هڪڙي شاخ هو، جنهن تي الور، امرڪوٽ ۽ پارينگر بندر هئا. مگر هاڪڙو ايرانين ۽ يونانين جي ڪاهه کان گهڻو اڳ مٽجي چڪو هو. مثال لاءِ جيڪڏهن مهراڻ جي هاڻوڪي بکر، سيوهڻ، پٽالا، (نيرون ڪوٽ) واري وهڪ نه هجي ها ته سڪندر مقدوني يا ان کان اڳ دارا اعظم جا جهاز سيوهڻ يا پٽالا بدران الور کان پارينگر وڃن ها ۽ اهڙيءَ طرح بکر جو قلعو عباسي دؤر ۾ جڙي نه سگهي ها.

ڪاڪو ڀيرو مل، پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ هاڪڙي بابت لکي ٿو ته، ”بندهش ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اهو لفظ اصل ۾ آهي، ”مهراڻ“ اها سنڌو ندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري ڍوري پراڻ ۾ ڪوري کاري مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي... ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو، جنهن کي ڪن تاريخ نويسن ”واهنده“ به سڏيو آهي، سو انهيءَ قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي ڪڇ جي رڻ جي نزديڪ هاڻوڪي ڍورو پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو... سن 1758ع کان اڳ سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. انهيءَ سال اتان رخ ڦيرايائين ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو ٿيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو.“

(قديم سنڌ صفحو 165 -166)

سنڌي ادب ۽ تاريخ جو محقق اعظم، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌ جي موجود حدن اندر اڳئين تاريخي دؤرن جي ڳولا ڏانهن اهل علم جو ڌيان ڇڪائيندي لکن ٿا ته:

”روِرِ سسٽم وارين ايراضين جي سنڌو ندي جا پراڻا وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن، ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻي سان ٻڌل هيون. سنڌو ندي جو جيڪو الهندي طرف وارو ڀاڱو آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر آهي، مثلاً آمري هئي ۽ موهن جو دڙو هو، پر اڀرندو نارو جيڪا هڪ پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي توجهه ڪانه ٿي آهي. مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي ته اڀرندو نارو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي اسان ڳولي ڏسون.[3]

سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ۽ ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ جي لائق مصنف محترم ايم. ايڇ پنهور دريا جي وهڪرن، ان جي اسباب ۽ مختلف طبعي واقعن جي بنياد تي جيڪي نقشا ۽ چارٽ ڏنا آهن، انهن جي بنياد تي اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو ماٿر ۾ ٻه وڏا دريائي وهڪرا هئا: 1- سنڌوءَ جو وهڪرو ۽ 2- هاڪڙو دريا جو وهڪرو، جنهن ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو پنهنجا مختلف رستا اختيار ڪندو، اڄ تائين قائم رهيو آهي ۽ هاڪڙو دريا جو وهڪرو طبعي تاريخ جي حقيقتن کي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ختم ٿي ويو.

مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آهن، اهي ٻن حصن يا ٽن حصن ۾ تقسيم ٿين ٿا.

1-     اهي رايا جن ۾ هاڪڙي دريا جي وجود، ان جي ٺهڻ ۽ ٻين دريائن جي معاونت سان پنهنجي وجود جو ذڪر ملي ٿو. انهن ۾ يوناني ڏاهو ”ارسٽو بيولس“، ايرين، سر اولڌام، ڪرنل منڇن، سر آر. جي. بئنر جي، راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها، بيل، سر آرل اسٽائن، ايڇ ٽي، لئمبرڪ، سيد نور علي ضامن حسيني، امپريئل گزيٽيئر آف انڊيا (پنجاب) جا مرتب، ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ ۽ ايم ايڇ پنهور صاحب اچي وڃن ٿا.

2-    اهي رايا آهن، جن ۾ سنڌو ۽ هاڪڙي کي مختلف وهڪرن جي ڦير گهير سبب يا ته ساڳيو وهڪرو تصور ڪيو ويو آهي يا وري ان کي سنڌوءَ جي هڪ شاخ سمجهيو ويو آهي. انهن ۾ ”ايرين“ کي به شامل ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ٻنهين نڪتن کان بيان ڪيو آهي، پر سندس هاڪڙي جو جدا وارو خيال تحريري طور وزندار آهي. تاهم هن جي شروع جي راءِ کي به ان ڪري اهميت رهي ٿي، جو اسان جي ڪيترن دانشورن هن جي سياق و سباق کي نظر انداز ڪري پنهنجي راءِ جي وزن لاءِ ان کي استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ انهيءِ خيال جي تائيد ۾ رام سنگهه راٺوڙ، ڪپتان ريڪس، ريورٽي، سنڌ هسٽاريڪل جنرل، ڪرنل ٽاڊ، مولائي شيدائي، ڪاڪو ڀيرو مل قابلِ ذڪر آهن. ايڇ اٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ ٿر جي طبعي بناوت جو ذڪر ڪندي، سنڌو دريا جي ٻن شاخن جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ هن ان جي ٻي شاخ جو نالو نه ڏنو آهي، جيڪا سندس تحرير ۾ اشباهه جي صورت پيدا ڪري ٿي. ليڪن سندس پهرين راءِ، جيڪا هن هاڪڙي جي سلسلي ۾ ڏني آهي، اها وڌيڪ جامع ۽ وزندار آهي.

ان کان سواءِ سنڌ تي لکندڙن ۾ مرزا قليچ بيگ، الهه بخش عقيلي، رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها ۽ محمد اسماعيل عرساڻي کي پڻ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن صاحبن ٿر جي تاريخيت، جيڪا دراصل واديءَ هاڪڙا جي تاريخ جو هڪ حصو آهي، ان جو ذڪر پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. سندن ان سلسلي جون لکيتون بنيادي تحقيق لاءِ ماخذ جي حيثيت رکن ٿيون.

تاريخي حقائق ۾ ان وقت هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو، جڏهن انهيءَ سلسلي جي سڀني قديم توڙي جديد تحقيقي ڪڙين کي سامهون آڻجي ٿو، ۽ اتي اهو سوال اڀري ٿو ته ائين ڇو؟ عرب جاگرافيدانن هن طرف ڪو خاص توجهه ڇو نه ڏنو؟ ڇاڪاڻ ته عرب جاگرافيدانن ۾، ”ابن  حوقل“  ”الاقطخري“، ”المسعودي“، ”البيروني“ ۽ ابن بطوطه“ اهڙا ماڻهو هئا، جن وٽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪانه ڪا ڳالهه هئڻ گهرجي ۽ سندن لکيت جو ڪونه ڪو حوالو ڪنهن تحرير ۾ ملڻ گهرجي، جڏهن ته الديبل ۽ لهاراڻي جو هنن ذڪر ڪيو آهي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته يا ان وقت هاڪڙو درياء بلڪل ختم ٿي چڪو هو، يا وري نالي جي عام غلطي ان طرف عدم توجهي جو سبب بني. بهرحال ڪيئن به هجي، تاريخي تحقيق ۽ آثار قديم جي جاين انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته ”هاڪڙو درياء“ هڪ الڳ درياء هو ۽ ان جي تهذيب کي سنڌو ماٿر جي اتر – اڀرندين تهذيب ڪوٺي سگهجي ٿو، جيڪا تاريخ ۾ پنهنجو وجود ۽ مقام رکي ٿي. يونانين جي تحقيق ان ڳالهه جي نه صرف تائيد پر تصديق ڪري ٿي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار ڪري نٿو سگهجي.

هاڪڙا وادي مٿي بهاولپور ڊويزن جي علائقي ۽ هيٺ سنڌ جي سرحد اوٻاوڙي کان وٺي ننگرپارڪر تائين، ۽ ولهار کان وٺي ريتي ۽ هيٺ ڏيپلو تائين پکڙي پيئي آهي. انهيءَ وادي جي ويڪر ڪٿي به پنجاهه ميلن کان گهٽ نه آهي. سنڌو ماٿر جو هيءُ عظيم درياء پنهنجي نڪرڻ واريءَ جاءِ کان وٺي پٽياله تائين سرسوتي، بيڪانير تائين گهاگهرا، فورٽ عباس کان صادق آباد ۽ هيٺ پارينگر تائين هاڪڙا جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن هي وهندو هو ته سندس ڪنارن تي سوين وسندڙ شهر ۽ سرسبز انساني وسنديون هيون، جن ۾ ان وقت پٽاندڙ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز، بچاءَ لاءِ قلعا ۽ آبي بندرگاهه پڻ هوندا، جن جو بهتر تمدن ۽ رهڻي ڪهڻي هوندي. جاگرافيائي تبديلين جي نتيجي ۾ درياءِ خشڪ ٿي ويو ۽ اهي شهر ۽ ڳوٺ، وسيون ۽ واهڻ ويران ٿي ويا، ۽ ان خطي جو هڪڙو پورو تمدن اکين کان اوجهل ٿي ويو. ان وادي جي انساني بستين کي واريءَ جي ذرن پنهنجي دامن ۾ پناهه ڏيئي ڇڏي، جيڪي اڄ صرف ماضي جي ياد جو هڪ داستان ۽ تاريخدانن لاءِ عبرت ۽ تحقيق جو سبب وڃي رهيا آهن.

هاڪڙي ماٿر جي تارخ جيترو شاندار آهي، اوتروئي حيرت افزا ۽ حيرت انگيز پڻ آهي، قبل از تاريخ پٿر جي زماني کان وٺي موجوده سائنس ۽ خلائي دؤر تائين هن وادي جي شهرن ۽ وسندين جي ٺهڻ ۽ ڦٽڻ، انهن جي تمدن ۽ ثقافت جو وجود ۾ اچڻ ۽ اجڙڻ هڪ لاڳيتو داستان آهي، جيڪا هن وادي جي دريائن ۽ انسانن جي گڏيل ڪهاڻي آهي. ٻين تهذيبي خطن جيان هت به تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪئين قومون آباد ٿيون ۽ ڪئين برباد ٿيون. ڪن کي منزل ملي، ڪن راهه سفر اخيار ڪيو. دنيا جي ٻين خطن جيان هن وادي تي ڪئين مذهبي ۽ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اثر پيا، جن هتان جي ماڻهوءَ کي متاثر ڪيو هوندو. هن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هن وسيع علائقي جي انساني جدوجهد جي سڄي تاريخ قديم هاڪڙا وادي جي تاريخ آهي، جيڪو سنڌو ماٿر جي تمدن جو اهم حصو آهي.

هت اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هاڪڙا وادي جي تهذيب قديم سنڌو ماٿر جي تهذيب جيڪا ”موهن جو دڙو ۽ هڙپا“ جي نالي سان مشهور آهي، ان کان الڳ آهي؟ تاريخي اڀياس مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ”هاڪڙا“ تهذيب ۽ ان جا ترڪيبي عنصر موهن جي دڙي ۽ هڙپائي تهذيب وانگيان ساڳيا آهن، يا ائين چئجي ته هي تهذيبي خطو انهيءَ تهذيب جو (اتر اڀرندو) حصو آهي، جنهن کي تاريخ ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن تي نه صرف هن وادي جي ماڻهن کي فخر آهي، پر اهو دنيا جي تاريخ جو هڪ عظيم سرمايو آهي، سر مارٽيمر ويلر، جنهن جون خدمتون برصغير جي تاريخ جي سلسلي ۾ لازوال آهن، اهو هن يقين جو اظهار ڪري ٿو ته ”واديءَ سنڌ“ جي قديم تهذيب جي ٻن وڏن شهرن ”هڙپا ۽ موهن جو دڙو“ جي بلڪل وچ ۾ واقعي بهاولپور جي علائقي ۾ هن تهذيب جا مرڪز يقيناً موجود هوندا، جنهن لاءِ هن يارهن (11) جاين جو ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي سروي جي دوران هن ”سندهانوالا“ ۽ ”ڊيراور“ ۾ آزمائشي کوٽائي ڪرائي، جتان کيس هڙپائي تهذيب جون شاهديون مليون.

اسٽوارٽ پگٽ، جيڪو هندستان جي قديم تاريخ جو مؤلف آهي، تبصرو ڪندي لکي ٿو ته: ايتريقدر اعلى تمدن[4] ايڏي وڏي مفاصلي تي هن وادي جي واقع ٻن شهرن تائين محدود ٿي نٿو سگهي، انهن جي درميان واري وادي بهاولپور جي علائقي ۽ جتي تمام قديم آبادين جا نشان موجود آهن. سنڌو ماٿر جي تهذيب جي وڌيڪ مرڪزن جو پتو لڳائڻ گهرجي. ڊاڪٽر اين پي تساتوري“ مشهور اطلاعين محقق ۽ تاريخدان پڻ هاڪڙي جي مٿئين حصي جي قديم آبادين جو مطالع ڪيو، جنهن جي تحقيق جي مطابق ”گهاگهرا وادي ۾ قديم زماني جو هڪ اعلى ثقافتي مرڪز ”رنگ محل“ هڪ حڪمران ”وڪو ڦلاڻي“ جو مضبوط قلعو هو.[5]

ڊاڪٽر تساتوري کي پنهنجي سروي ۽ کوٽائي درميان ڪي مجسما پڻ مليا هئا، جنهن لاءِ هن جو خيال هو ته دريا گهاگهڙا (جيڪو هاڪڙي جو معاون به هو ۽ بيڪانير ۾ سندس نالو هاڪڙا جي بجاءِ گهاگهڙا هو) جي ڪناري تان قديم کنڊرن مان مليل آرٽ جا نمونا يوناني ٻڌ اسڪول يعني گنڌارا آرٽ کان متاثر آهن. هن جو اهو به خيال هو ته رنگ محل آخري ڪشن عهد سان واسطو رکي ٿو. ”ڊاڪٽر تساتوري“ گهاگهڙا جي آبادين ۾ سوهن ڪوٽ جو به مطالعو ڪيو ۽ اتي ڪافي وقت صرف ڪيو. زبان زد لوڪ ڪهاڻين جي مطابق هي جاءِ جويه قبيلي جي سردار جي هئي، جنهن کي ”سوهان“ چيو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب جو اهو به خيال آهي ته ”جويا“ قبيلي جا ماڻهو ”گنڌايا“ آهن، جن جو ذڪر هندن جي قديم ڪتابن ۾ ملي ٿو.

سر آرل سٽائن جي مطابق قبل از تاريخ جي زماني جي آثارن جي سلسلي ۾ ڊيراور قلعي جي علائقي کي غير معمولي اهميت ۽ مرڪزيت حاصل آهي. (ڇاڪاڻ ته قديم زماني کان وٺي موجوده دور تائين انهي سڄي علائقي کي جيڪو بهاولپور، بيڪانير، ۽ جيسلمير[6] تي مشتمل آهي. انهيءَ علائقي جو ڌاڪو رهيو، اهو مقام هاڪڙي دريا جي ڪناري تي قديم واپاري رستي جي هڪ اهم منزل هو. ”سر آرل سٽائن“ ان حيرت جو اظهار ڪري ٿو ته هاڪڙا وادي ۾ قديم آرين جي نشانن موجود هئڻ سبب ثابت ٿو ٿئي ته تاريخ جي معلومات وادي دور تائين هاڪڙي موجوده طبعي حالتن هيٺ پاڻي جي پالوٽ ڪندو رهيو. جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ رگ ويد جي شاعري ۾ سرسوتي دريا کي هڪ وڏي دريا جي صورت ۾ ڪيئن پيش ڪيو ويو؟ ساڳيو محقق پنهنجي انهيءَ سوال جي سلسلي ۾ جاگرافيائي سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته:

(1)  جنهن حد تائين دريا جي مٿين حصي جو تعلق آهي، آثار قديمه جون شاهديون ثابت ٿيون ڪن ته ”هي دريا تاريخ جي دور ۾ خشڪ ٿيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته قبل از تاريخ جي زماني ۾ پوري طرح وهندو هجي.“

(2) دريا جو هيٺيون حصو، جيڪو هاڪڙي جي نالي سان مشهور آهي، ان جي تبديلي قبل از تاريخ واري زماني جي آخري دور ۾ ستلج دريا جي سبب آئي هجي ۽ اها شاخ سڪي ويئي هجي، جيڪا ستلج مان نڪري هاڪڙي ۾ وڃي شامل ٿيندي هئي.“

ڀارت جي آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل اي – گهوش صاحب، جنهن 1951ع ۾ هاڪڙي دريا جي مٿئين حصي جي سروي ڪئي هئي، ان جو چوڻ آهي ته ڀارت جي علائقي ۾ هن دريا جي ڪناري تي هڪ سئو آبادين جو تعلق قديم تهذيب سان آهي. هن جو اهو به خيال آهي ته اهو قديم ترين گروپ هڙپا ۽ موهن جو دڙو جي قديم شهرن جي ڪلچر سان تعلق رکي ٿو: هو هن عظيم تهذيب کي واديءَ سنڌ جي تهذيب جي نالي سان چوڻ ۾ اختلاف رکي ٿو ۽ لکي ٿو ته هي شاندار تهذيب صرف سنڌ جي وادي تائين محدود نه هئي.“[7]

هاڪڙا وادي جي تهذيبي مشاهدن تي ”هينري فيلڊ“ پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: هاڪڙا وادي جي پراڻين آبادين مان مليل ٿانون ۽ ٺڪرين مان پتو پوي ٿو ته، ”هي هڙپا ڪلچر جو نمائنده ڪلچر آهي.“ هن جو خيال آهي ته قديم دڙن مان سادا ۽ چٽيل ٿانون جا جيڪي نمونا مليا آهن، اهي تمام معياري آهن. انهي صنعت جي بنيادي خاصيت انهن جو سرخ هئڻ آهي، جنهن مان فنڪاري ۽ عمدگي ظاهر ٿئي ٿي. ڳاڙهي زمين تي ڪارين ليڪن سان چٽ نڪتل آهن. ان کان سواءِ انهن تي انساني، حيواني، نباتاتي ۽ پکين جون شڪليون پڻ آهن. ”هينري فيلڊ“ ٿانون جي بناوت ۽ ڊيزائن جو پڻ معترف آهي.

ڊاڪٽرمحمد رفيق مغل، جيڪو ناردرن سرڪل لاهور جو ڊائريڪٽر آرڪيالاجي آهي، ان هاڪڙي وادي ۾ (4.7) چار سئو ست اهم قديم ماڳن جو پتو لڳايو آهي، جنهن کي هن ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو آهي. (1) چار هزار سال قبل مسيح کان ٽي هزار سال قبل مسيح، (2) ٽي هزار سال قبل مسيح کان اڍائي هزار سال قبل مسيح، (3) ڏيڍ هزار سال قبل مسيح ۽ ان کان پوءِ مغل صاحب لکي ٿو ته ”هاڪڙي وادي جي سروي مرڪزي واديءَ سنڌ جي متعلق اسان کي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي؛ جتان واديءَ سنڌ جي قديم تهذيب جي شروعاتي ۽ تمام سڌريل ۽ آخري هڙپائي دور جون شاهديون ملن ٿيون، ۽ ان کان پوءِ جي ثقافتي لاڳاپن تي پڻ روشني پوي ٿي.“ ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته ”انهيءَ معلومات اسان کي سنڌ جي وادي جي تحقيق لاءِ نوان نُڪتا مهيا ڪيا آهن.“ تاهم ان جو خيال آهي ته اڃا تائين نارا ڪينال جي رستي، جتان هاڪڙو دريا وهي ڪري ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو، ان جي اثري باقيات جو پتو لڳائڻو پوندو. انهي رستي کي سنڌ ۾ ريڻي، نارا يا هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌ جي انهي وسيع و عريض علائقي تي اڃا تائين ڪا تحقيق ڪانه ٿي آهي. ان سلسلي ۾ سواءِ محترم ڊاڪٽر اين اي بلوچ صاحب جي، جنهن سنڌ اندر هاڪڙا وادي جي سلسلي جي هڪ مقام ”نَهٽو“ جي نشاندهي ڪئي آهي، جتان کين موهن جي دڙي جهڙي هڪ مهر پڻ ملي آهي، جيڪا اهو ثابت ڪري ٿي ته ٿر جو هي علائقو پڻ موهن جي دڙي جي تهذيب سان لاڳاپيل آهي.

هاڪڙا دريا جي مٿئين حصي يعني پنجاب توڙي ڀارت واري حصي تي هن وقت تائين جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، اهو واضح ڪري ٿو ته سنڌو ماٿر جي تهذيب جا اثر قريب قريب وچ ڀارت جي اترئين حصي تائين آهن، ۽ هيٺ ان جو اثر سنڌ جي آخري حدن ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جي اڌ کا وڌيڪ حصي تي رهيو. هن وقت تائين هاڪڙا تهذيب تي مٿين ڀاڱن لاءِ اسان کي گهڻو ڪجهه ملي ٿو، ليڪن ان جي برعڪس هاڪڙا دريا جي هيٺئين حصي، جيڪو سنڌ جو ٿر جو علائقو آهي، سواءِ ”نهٽو“ جي ٻئي ڪنهن به هنڌ جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. ان هنڌ جي به اڃا تائين ڪا باضابطه کوٽائي يا سروي ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن هن سلسلي ۾ ڪو وقتائتو قدم نه کنيو ويو ته اهي آثار ۽ هنڌ، واريءَ جي طوفانن هيٺ دفن ٿي ويندا يا ماڻهن جي هٿ چراند سبب هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.


[1]  انهي مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرئين صدي کان پوءِ بند ٿي هوندي. (ريڪس)

[2]  جرنل ايڇ . ٽي. آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، جلد (VIII) نمبر (2) (صفحه 88)

[3]  ٽماهي مهراڻ، نمبر 3/1985ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. (انٽرويو)

[4]  هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي وچ ۾ ٻيو ڪوبه هنڌ ان وقت تائين نه مليو آهي. انهيءَ صورت حال ڏانهن پگٽ جو اشارو آهي.

[5]  اردو ۾ ”وکهو پهلاني“ لکيل آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو قديم سنڌ جي حاڪم ۽ سخي ڄام وڪيو ڦلاڻي جو قلعو هجي، يا ان قوم جي ڪنهن وڏي جي قديم نالي سان نسبت هجي.

[6]  جڏهن بهاولپور جو ۽ جسلمير جو ذڪر اچي ٿو، جيڪي سنڌ جي ٿر واري علائقي جي اتر ۽ سڄي اوڀر تي اچي وڃن ٿا، ته انهن ۾ ان خطي مان ٿر جو سڄو علائقو اچي وڃي ٿو، جنهن جو جياپو ان وقت مٿين حصن جيان هاڪڙي تي هو.(ڪاشف)

[7]  هت اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسان سنڌو وادي جو نالو استعمال ڪريون ٿا ته ان مان مراد قديم سنڌ جيڪا ويدڪ زماني ۾ هئي، اها آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com