سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :17

هن گهر کان ٻاهر نڪري سگريٽ دُکايو، مُرڪي ويٺو، انور سندس وڏو پٽ هو. اڃا مئٽرڪ مَس پاس ڪئي هئائين ۽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئائين جو هو هيڏانهن قضيي تي هليا آيا، پر الاجي ڇو هو کيس تمام وڏو سمجهندو هو: سياڻو، ڏاهو ۽ اُميد هيس ته هو وڏو ماڻهو بڻبو، ڏاڏي کان به وڏو. پڻ ته ڪجهه به نه هو نه. هو سوچيندو، ڳوٺ لتاڙيندو ڳوٺ جي ٻاهران وهندڙوڏي واهه وٽ جڏهن پهتو ته کيس ٿڌڪار جو احساس ٿيو. هن گرمي ۾ واهه ۾ وهندڙ گجي ڪندڙ پاڻي جو ٿڌڪار هٻڪار ڪندڙ هو. هو تيز تيز واهه جي مٿان ٺهيل پل ۽ ريگيوليٽر تي پهتو ته پاڻي جي گوڙ واري آواز ۽ ڇولين کيس بيهاري ڇڏيو. هو ڪا گهڙي ته ڇولين جي مستي ۽ پاڻي جي وهڪري کي ڏسندو رهيو، جيڪو اڳتي وڃي ويندڙ واٽ وانگر ماٺو ٿي ڪنهن پنڌ پرانهين جو ڏس ڏيندو رمندو پئي ويو. هو پاڻيءَ جي انهيءَ ٺهندڙ رستي کي ڏسي مرڪي ويٺو ۽ پوءِ اڳتي ويندڙ رستي ڏي ڏٺائين، جيڪو مقام تائين کيس نيندو هيو. هو ڪا گهڙي اُنهيءَ رستي کي به ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سامهون پري کان پيءُ جي تازي ٺهيل قبر ڏسي کيس ڪجهه ياد آيو. هو تڪڙو پُل ٽپي واهه سان ٿورو اڳتي لهوارو هليو، جتي وڃي پاڻي ماٺار ڪري واٽ وٺيو پئي ويو. هُن کي ڪي ئي همراهه ڳوٺائي مليا، جيڪي وضو ڪري مقام تي پئي ويا ۽ ڪي وري مقام تان پئي موٽيا. شفن وڏيري ته رڙ ڪري چيس.

”ابا، دير ٿي ٿئي، جلدي اچ، نما شام جو مقام تي ته نه وڃبو.“

هو تڪڙو تڪڙو وڃي واهه جي ڪناري تي ويٺو ۽ جهڪي جلدي جلدي وضو ڪرڻ لڳو. هو جيئن جيئن جلدي ڪندو ويو ۽ تيئن کيس محسوس ٿيو ته هو انهيءَ گپ ۾ ويهندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ کان پوءِ هو سڄو پاڻيءَ ۾ هو. الاجي ڇو کانئس ڪابه دانهن نه نڪتي، نه هُن پريان ويندڙ ڳوٺاڻين يا شفن وڏيري کي سَڏ ڪيو ته مان پاڻيءَ ۾ ڪري پيو آهيان ۽ اچي مون کي ٻاهر ڪڍو. هن سمجهو ته کاڌل ڪناري جي ڪرندڙ ڀڪ سان گڏ هو هيٺ هليو ويو آهي. هُن کي هيءُ ٿڌڪار وڻيو پئي.هو ڪناري وٽ اڌ کان مٿي ٻڏل بيٺو هو. هُن سامهون وهندڙ وهڪرو ويندڙواٽر وانگر ڏٺو. هو تارون هو. هو هن وهڪري ڏانهن وڌيو هن کي خيال آيو ته ڀڳو هو ته سڄو ڀڄي ۽ گپ لاهي نڪري. هو جيئن اُن واٽ تي ويو ته وهڪري پير ڪڍي وڌس. هيءُ نه حياتيءَ جو وهڪرو هو، نه وري خيالي وهڪرو ۽ نه ڪو ماضي جو ٺڳيندو وهڪرو هو. هو اُنهيءَ وهڪري ۾ هڪ ئي سٽ سان وهي ويو. اُن ۾ هُن وهندي هڪ جهلڪ ماڻهن، قبرستان ۽ آخر ۾ پيءُ جي قبر جي ڏٺي. هو هميشه جيان ڪنهن کي به نه سڏي سگهيو. هو ائين وهي ويو جيئن ڄڻ ته پاڻ به هڪ پاڻي هو، جو پاڻي ۾ سمائجي ويو.

هاڻ هن جي لاءِ اُهو ئي قبرستان هو، اُهو ئي واهه جو ڪنارو ۽ اُهوئي ماضي ۽ ماضي جا رستا، پر هاڻ هو مڻين مٽيءَ هيٺ هو پنهنجي پيءُ جهڙي قبر اندر: ۽ هُن جي قبر تي سندس پٽ انور صرف ٽي ڏينهن آيو ۽ ٽئين ڏينهن هُن قبر اندران به ڏٺو ۽ ٻڌو: هو قبر وٽ ويهي ڏاڍي کڙائيءَ سان چئي رهيو هو.

”بابا، مون کي واقعي وڏو ماڻهو ٿيڻو آهي، انڪري مون وٽ وقت نه آهي. مان وڃان پيو، نه مان اوطاق تي واڻ واري کٽ تي پٺا اُگهاڙا ڪري وهندس، نه ڪنهن آسري يا اُميد جا ويچار ڪندس، منهنجي منزل پري آهي. مان جڏهن وڏو ماڻهو ٿي ويندس ته عيد براد تي تو وٽ ضرور ايندس. هاڻ مون وٽ وقت نه آهي، مان وڃان ٿو. منهنجي منزل پري آهي.“

هو قبر مان کيس ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو ۽ پوءِ هُن هميشه لاءِ اکيون ٻوٽيون؛ دل جا دروازا بند ڪيا، ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي هميشه لاءِ وڃائي پاڻ هڪ ماضي جي رستي جي دز بڻجي ڌرتي جي ڌوڙ ۾ گڏجي ويو.

ڪاوڙ

نجم عباسي

ڊاڪٽر چارلس چارمنگ ڏاڍو خوش هو. تازو هو انگلينڊ ۾ جوهري جنگ (Nuclear War) خلاف هلچل هلائي، حيدرآباد سنڌ ۾ پنهنجي هڪڙي پياري ۽ ذهين دوست ۽ شاگرد وٽ آيو هو. هن جو خيال هو ته جوهري جنگ جو جيئن ته انساني حياتيءَ جي بقاءَ سان واسطو آهي، ۽ هڪ ڊاڪٽر جي ذميواري به انساني جانيون بچائڻ آهي، انڪري هن کي هرحال ۾ اهڙي جنگ ٿيڻ کي روڪڻ، ۽ جوهري هٿيار (Nuclear Weapons)، جي هيل تائين دنيا ۾ ٺاهيا ويا اهن. انهن کي برباد ڪرڻ، ۽ انهن جي وڌيڪ ٺاهڻ تي بندش وجهڻ لاءِ پورا اُپاءُ وٺڻ کپن. هن کي خبر هئي ته جوهري جنگ جو نتيجو ۽ اثر ڏسڻ لاءِ، دنيا ۾ ڪو انسان ئي ڪونه بچندو. نه رڳو انسان، پر حيوان ۽ وڻ ٻوٽا به تباهه ٿي ويندا. جتي ڪٿي انسانن ۽ جناورن جا سڙي ويل هڏاوان پڃرا نظر ايندا. زمين جي مٿاڇري جو پاڻي سڪي ويندو، ۽ جو پاڻي بچندو، اهو زهريلو ۽ پيئڻ لائق نه هوندو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو انسان بچيو ته اهو به ڪئنسر ۾ ورتل ، لُلو لنگڙو ۽ رڳو چرندڙ پرندڙ لاش ۽ شڪل ۾ ڀوائتو هوندو. هن جو ماس سڪل سڙيل هوندو. هو نه ڏسي سگهندو ۽ نه ٻڌي سگهندو. انسان جي صدين دوران حاصل ڪيل تهذيب ۽ ترقي کَنَ ۾ تباهه ٿي ويندي. ماحول ۾ گرميءَ جو ٽمپريچر ايترو وڌي ويندو، جو ڪوبه ساهوار جيئرو رهي نه سگهندو.

اهڙي جوهري جنگ ٿيڻ خلاف سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ احتجاج ٿيا هئا. ڊاڪٽر چارلس چارمنگ جي تحريڪ تي برٽش ميڊيڪل ائسوسيئيشن، اهڙي جنگ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ اهڙن موتمار هٿيارن ٺاهڻ تي بندش وجهڻ لاءِ سرگرم رهي هئي. اتي جي اٽڪل ٻن هزار ڊاڪٽرن، انگريزي پارليامينٽ آڏو چوويهن ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي هئي، ۽ اتي جي جوهري ڪارخاني (Nuclear Plant) آڏو مظاهرو ڪيو هو. لنڊن ۾، يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين مرڪزي شهرن وانگر، عوام لکن جي ڳاڻاٽي ۾ هڪ زبردست جلوس ڪڍيو هو. ان ۾ ماڻهو اهڙا نقلي چهرا (Masks) پائي شامل ٿيا هئا، جهڙا ڀوائتا چهرا، جوهري جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهن جا ٿِي ٿي سگهيا. اهي موت جا ڊيڄاريندڙ چهرا هئا. ڊاڪٽر چارلس به موت جو ماسڪ (Mask) پائي، ان عوامي جلوس ۾ شريڪ ٿيو هو. اهڙي قسم جي احتجاجن جوئي نتيجو هو جو دنيا جي ٻن وڏين طاقتن، يعني روس ۽ آمريڪا جي پڳدارن ان مامري تي ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ ۽ جوهري هٿيارن ۽ جوهري جنگ کي روڪڻ لاءِ تجويزون ڳولي لهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ گڏجڻ جو ارادو ڪيو هو، اها ڳالهه هئي ڊاڪٽر چارلس جي خوشيءِ جو ڪارڻ، هو انسان، انسانذات ۽ دنيا جي سونهن ۽ سينگار جو گهڻگهرو هو.

ڊاڪٽر چارلس برٽش ميڊيڪل ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو ۽ انگلينڊ جي هڪڙي وڏي ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال پڻ. هن ڪاليج ۾ دنيا جا وڏا وڏا ۽ ماهر ڊاڪٽر پڙهي ۽ سکيا وٺي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح هن جا شگرد هر ملڪ ۾ پکڙيل آهن. انهن مان گهڻن سان هن جي دوستي ۽ شخصي ناتا هوندا هئا. اهي پيا هن کي سندس ملڪ ۾ اچڻ ۽ گهمڻ جون دعوتون ڏيندا هئا. جوهري جنگ جي سلسلي ۾ هلچل جي ڪاميابيءَ کان پوءِ هن کي دنيا گهمڻ ۽ ڏسڻ جو شوق جاڳيو.

هو دنيا جي ڪن ملڪن جو سير ڪندو، هاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڊاڪٽر لائق ٿيٻي وٽ اچي مهمان ٿيو هو. اچڻ سان ڊاڪٽر ٿيٻي کي چيائين؛ ”مان جتي به ويو آهيان، اتي مون کي شهرن جون رنگينيون ۽ روشنايون ڏيکاريون ويون آهن، يا وڌ ۾ وڌ سمنڊن، ڍنڍن، ندين ۽ باغن جي نظارن ۾ وندر ڪرائي وئي آهي، پر هاڻي تون مون کي انهن کان صفا الڳ هنڌ گهماءِ، پوءِ ڀلي ته ان ۾ مون کي تڪليفون ڏسڻيون پون ۽ مصيبتون سهڻيون پون. مان دنيا جي ڪنهن نئين تجربي سان واقف ٿيڻ چاهيان ٿو.“

ڊاڪٽر لائق نه فقط ماهر ڊاڪٽر هو، پر دانشور ۽ ساهتڪار قسم جو ماڻهو به هو، هو ٿر جو ويٺل هو، ۽ هن ٿر جو سوچيو.

جيپ جڏهن ٿر جي وارياسي ميدان ۾ پهتي ته سج چڱو چڙهي آيو هو. مئي جو مهينو هو، ۽ گرمي پنهنجيون ڄڀون چوڌاري پکيڙي رهي هئي. هر طرف واريءَ جون ڀٽون ئي ڀٽون هيون. ننڍيون ڀٽون، وڏيون ڀٽون. نه رستو، نه واٽر ڪورس، نه واهه، نه نهرون، نه ڍنڍون ۽ نه تلاءَ. ڪوهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو انسان جي قد کان ننڍو ۽ ڇانوءَ کان وانجهو ٻوٽو نه بنگلا نه ماڙيون. ڪٿي ڪٿي ٻن – چئن چؤنرن وارا ڳوٺ. نه ساوڪ نه سبزي، نه آبادي نه پوک، چوڌاري اس جو کورو ۽ واريءَ جون چڻنگون. آسمان ۾ ڪو پکي اڏامندو نظر نه ٿي آيو. البت هڪ هنڌ، مٿي آڪاس ۾ ڪيترن پکين جو ميڙ اڏامندو نظر آيو.

”اي ڪهڙا پکي آهن؟“ چارلس پڇيو.

”اهي ڳجهون آهن.“ ڊاڪٽر لائق جواب ڏنو.

”اهي ڪهڙي قسم جا پکي آهن؟“

”اهي ڪنهن مئل جانور مٿان مِڙيل آهن، ۽ ان جي ڍونڍ کي چيرينديون ڦاڙينديون آهن، هتي ستن سالن کان مينهن نه اُٺو آهي. جانور ته ڇڏيو انسان به بک ۽ اڃ وگهي مري رهيا آهن.“ ڊاڪٽر لائق چيو.

ڊاڪٽر چارلس ان ڍونڍ وارو هنڌ ڏسڻ چاهيو. اڏامندڙ ڳجهن جي اُڌار تي، ڀٽن جي وچ مان جيپ ڪاهيندو، ڊاڪٽر لائق ان جاءِ تي پهچي ويو، جتي ڍڳن جي ڍونڍ کي ڳجهون چيري ڦاڙي، ماس کائي رهيون، ۽ هڪٻئي ۾ وڙهي رهيون هيون. چارلس حيرت ۽ ماٺ ۾ اهو نظارو ڏسندو رهيو.

هن هلندڙ جيپ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڳجهن جا ولر اڏامندي ڏٺا، اڳڀرو هليا ته ٽن اُٺن جو هڪڙو قافلو اچي لنگهيو. اُٺ ڏٻرا ۽ ڏڪاريل هئا. انهن تي چڙهيل ٻار، ضاعفون ۽ مرد، بس انسانن جا پاڇولا هئا، سنهڙا چپ سڪل ۽ اکيون ڏار ڏيئي ويل، ڪَٻا ۽ اڌ اگهاڙا، ماس ته هون ئي ڪونه، رڳو ڪاراٽيل ۽ گهنجيل چمڙي ۽ هيڻا هڏڙا. چپ ئي ڪونه ٿي چُرين، ڄڻ گونگا هئا. اکيون خالي خالي، ڄڻ نظر کان وانجهيون هيون.

رستو ڪٿي هئوئي ڪونه. ڪٿي ڪٿي گاڏين هلڻ ڪري ڪجهه چيلا ٺهيل هئا، نه ته جيپ گهڻو ڪري ڀٽن جي وچ مان پنهنجا پيچرا ٺاهيندي هلي رهي هئي.  هڪڙي هنڌ هڪڙي ٽرڪ ويندي نظر آين. چارلس ڏٺو ته اها تمام پراڻي هئي ۽ تمام اڍنگا گهوگهٽ ڪندي، وڌ ۾ وڌ ڏهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي هئي. پٺيان ماڻهو ڀريل هئا. انهن جي ويهڻ واسطي ڪي سيٽون ڪونه هيون، پر سڀ هيٺ تري ۾ ويٺل هئا، ۽ اهڙا سوڙها ويٺا هئا جو چرڻ پرڻ جي گنجائش به ڪونه هئن. اهي اڀرا ۽ سڪل سڙيل هئا، ۽ هينئر پگهر ۾ شل هجڻ ڪري ۽ مٿان واريءَ ۽ ڌوڙ ۾ لنبجڻ ڪري هو عجيب قسم جا ڀوت لڳي رهيا هئا، نه رڳوايترو، پر هنن سان گڏ وچ ۾ ڪجهه ٻڪريون به وهاريون يا بيهاريون ويون هيون ۽ انهن جو مُٽ ۽ ڦولهڙيون، هنن جي لٽن ڪپڙن کي ٿڦي ۽ ڌپ ڦهلائي رهيون هيون. چارلس سنڌي نه هو، نه ته جيڪر ”ٻڪر ٻوساٽ“ جي اصطلاح جو جيئر جاڳندو مثال، هن جي ذهن ۾ اڀري ها.

هو هڪڙي کوهه وٽ اچي بيٺا. چارلس توڙي کوهه ۾ نهاريو. ٻه سئو فوٽ کن اونهو هو. هڪڙو اُٺ رسيءَ ۽ گرڻيءَ رستي ان مان پاڻيءَ جون پخالون ٻاهر ڇڪي رهيو هو. پاڻي گندو ۽ ڪاري رنگ جو هو. هن اهو چکڻ چاهيو، پر ان جي صورت ڏسي، اهو خيال لاهي ڇڏيائين، اتي ڪجهه عورتون، مرد ۽ ٻار. دِلا، ڏول ۽ گهاگهريون کنيون بيٺا هئا. انهن سڀني جا جسم بيمار ۽ نٻل هئا، ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل ۽ اڻپورا. هن کي ٻڌايو ويو ته ڏهن ڪوهن اندر، ماڻهن ۽ حيوانن جي پاڻيءَجو ذريعو اهو اڪيلو کوهه هو. ماڻهن کي ايتري پنڌ تان پاڻيءَ جي هڪڙي گهاگهر واسطي اچڻو ٿي پيو.

هو اڳتي وڌيا. ڪن هنڌن پاڻيءَ جا ننڍا تلاءَ دُٻا نظر آيا، جي ٿوري گهڻي پيل مينهن جي ڪري بنيا هئا. چارلس ڏٺو ته اهو تلائن جو بيٺل پاڻي ڪنو ٿي ويو هو، سائو ۽ گندو هو ۽ پري کان ئي نڪ بند ڪرڻ جيتري ڌپ ٿي آئي. وڏي ڳالهه ته ان مان جناور، ڍور ڍڳا، ڪتا ٻلا توڙي انسان پاڻي پي رهيا هئا. انسان ان پاڻيءَ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي گندگي صفا ڪري رهيا هئا، ۽ حيوان ان ۾ پنهنجي گندگيءَ کان فارغ ٿي رهيا هئا. چارلس کي اهو ڏيک ڏسي، ايتري ڪرڀ ۽ ڪراهت آئي، جو هن کي قيءَ اچي ويئي.

هو هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا. ان ڳوٺ ۾ ڪجهه ڪچن سرن جي جاين ۽ هڪ ٻن پڪين سرن جي جاين کان سواءِ ٻيا گهر سڀ چؤنرا هئا. ڊاڪٽر لائق، ڊاڪٽر چارلس کي هڪڙي دڪان تي هلي بيهاريو، جو هڪ حڪيم جو دواخانو هو. مريضن جا ميڙ لڳا پيا هئا. چارلس هنن کي ڏسي اندازو ڪيو ته هنن ۾ گهڻا سلهه جا مريض هئا. ٻيا مليريا، دستن، مدي جي بخار ۽ شايد ڪي ڪئنسر جا بيمار پڻ. هن ڏٺو ته حڪيم فقط نبض تي هٿ رکي، هر ڪنهن کي دوا ڏئي رهيو هو. ڪنهن کي گوريون، ڪنهن کي ڪک، ڪنهن کي چاٽو، ڪنهن کي عرق، ڪنهن کي شربت ۽ ڪنهن کي معجون، اتي نه جسماني تپاس جا اوزار هئا، نه رت ۽ پيشاب جون چڪاسون، نه ايڪس ري ۽ نه چڪاس جا ٻيا سائنسي ذريعا. هن کي خيال آيو ته هنن بيمارن جون انساني صورتون رهيون ئي ڪونه آهن. رت جي گهٽتائي، هيڻائي، ڪُٻائي، بيماريءَ جي پيڙا، اڻ پوري کاڌي ۽ موسمن ۽ ماحول جي اثر هنن جي چهري تي نه زندگيءَ جو اهڃاڻ ڇڏيو آهي ۽ نه انساني روپ.

هي ته هئا ڪجهه ڏيک، جي ڊاڪٽر چارلس ٻاهر ڏٺا، پر ساڻس ڇا ٿي گذريو؟

اونهاري جي گرمي، سج جو تيک ۽ تتل واريءَ مان اٿندڙ لُک، ڊاڪٽر چارلس جي برداشت کان ٻاهر هئي. هن گهُٽَ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪيو ۽ هو سهڪڻ لڳو. هلندڙ جيپ جي هوا هوندي به هو پگهر ۾ شل ٿي ويو. پهرين قميص جا ٻيڙا کوليائين، پوءِ قميص لاهي ڦٽي ڪيائين. پوءِ سوٽ لاٿائين. بوٽ ۽ جوراب لاٿائين، گنجي به لاهي ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ فقط ڪڇو وڃي رهيس. تڏهن به پگهر ريلا ڪري ٿي نڪتس. مٿان روي اڏامندڙ واري، هن جي بدن سان ٿڦجندي ۽ چنبڙندي ٿي ويئي. ائين سمجهو ته پگهر، ڌوڙ ۽ واريءَ جي گاري سان هن جو جسم لنبجي ويو. واري اکين ۾ٿي پيس ۽ مهٽڻ ڪري اهي ڳاڙهيون ٿي ويون هئس، جن مان ڄڻ رت ٿي ٽميو. وات ۾ واريءَ جي داڻن پوڻ ڪري ڪِرِ ڪِرِ محسوس ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ ساري بدن ۾ بيزاري پئي محسوس ڪيائين. هن کي ائين لڳي رهيو هو ته هو ٻئي قسم جي مخلوق ۽ مٽيل انسان بنجي ويو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com