سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :18

البت هنن کاڌي پيتي جو سامان جام کنيو هو. ٿڌي پاڻي جو ڪولر هو، شراب جون بوتلون هيون ۽ کائڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون. چارلس ڪڏهن ٿڌو پاڻي ٿي پيتو ۽ ڪڏهن شراب چُڪو. اهڙي نموني ٻاهريون ٻنو رکڻ ۾ ڪامياب ٿِي ٿي ويو، باقي اندر جي اندر سان هئس.

هڪ هنڌ، واريءَ جي دڙي جو پاسو اُڪرندي، جيپ جو توازن رکجي نه سگهيو ۽ جيپ پاسيري ٿي ڪِري، پر بولاٽيون کائڻ کان بچي ويئي. ٻئي ڊاڪٽر پري واريءَ تي وڃي ڪريا. گهڻو هاڃو ڪونه ٿيو. ڪنهن کي زخم ڪونه رسيا. چارلس واريءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويو. جسم پگهر ۾ آلو هجڻ ڪري، واري ۽ ڌوڙ بدن تان پوري طرح ڇنڊجي نه سگهيون. جيپ کي آسانيءَ سان سڌو ۽ چالو ڪري سگهيا.

هو تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ پهتا. هتي ڊاڪٽر چارلس کي هر هنڌ ڪچا رستا، ڪنو پاڻي، گند جا ڍير ۽ دٺل ۽ پراڻا گهر نظر آيا،۽ هر جڳهه بدبوءِ هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ موجود هئي. هن ڏٺو به ۽ پڇڻ تي به معلوم ٿيس ته هن شهر ۾ به بجلي ڪانه آهي.

ڊاڪٽر لائق ٿيٻي جي هتي واري هڪڙي دوست وٽ وڃي هنن کي ٽڪڻو هو. هو هن جي گهر ۾ گهڙيا. گهر سهڻو ۽ آرام وارو ٿي ڏٺو.

هڪڙي ڪمري ۾ گهڙندي، اتي رکيل درسنيءَ ۾ جئن ئي ڊاڪٽر چارلس جي نظر پنهنجي شڪل تي پيئي، ته هو خوفناڪ دانهن ڪري، بيهوش ٿي ڪري پيو. ٿڪ ۽ گرميءَ کان بيحال ته اول ئي هو، پر آرسيءَ ۾ پنهنجو ڀيانڪ چهرو سڃاڻي نه سگهيو، ۽ صدمي ۽ اڻ ڄاتل خوف کان هوش حواس وڃائي ويٺو. هي چهرو ڪنهن انسان جو ته نه هو!

هن جي منهن تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا ويا، ۽ هن کي مڌ جو چُڪو پياريو ويو، ٿوري ويرم کان پوءِ هن جا هوش حواس درست ٿيا. هن ڪجهه سوالن جا جواب ڏنا. پوءِ اٿي هڪ آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي آهلي پيو. هو اکيون بند ڪري، ڳچ مهل ماٺ ۾ رهيو، پڌرو هو ته هو ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ آهي.

نيٺ ڊاڪٽر لائق هن کان پڇيو، ”ڊاڪٽر صاحب ڇا پيا سوچيو؟“

ڊاڪٽر چارلس چارمنگ اکيون کوليون، جي اڃا به رت جهڙيون ڳاڙهيون هيون، ۽ هوريان هوريان چپ کوليائين جي اڃا به سڪل هئا، ۽ پهرين ڌيمي آواز ۾ ۽ پوءِ زور سان جوشيلي آواز ۾ جواب ڏنائين، ۽ ائين ڳالهايائين ڄڻ ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هجي. هن چيو!

”اسان سا دوکو ڪيو ويو آهي. اسان يورپ ۽ آمريڪا ۾ جوهري جنگ ۽ جوهري هٿيارن خلاف احتجاج ڪندڙن سان دوکو ڪيو ويو آهي. اسان کي چيو ويو هو ته اڃا هنن ائين نه ڪيو آهي، پر مون اڄ پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته سامراجين ٽين دنيا جي هن ٽڪري تي ننڍڙو جوهري بم (Nuclear Bomb) اڇليو آهي.“

پينشنر

انيس انصاري

پهه جيڪي هن پچايا هئا، سي واريءَ جي ڪوٽ وانگر اچي پٽ پيا. سوچيو هئائين ته پينشن تي پهچڻ سان هو پنهنجي پنهنجي .... گهر جي لان ۾ صبح سوير اچي تڙڪي تي ويهندو. سندس آڏو ٽيبل تي تازي اخبار، عينڪ ۽ سندس پسنديده سگريٽن رٿس جو پاڪيٽ پيل هوندو، جنهن مان هلڪو ڪش هڻي (سگريٽ کي ڇيڪن وانگر هن ڪڏهن ڪين ڇڪيو) دونهون نڪ مان خارج ڪري، چانهه جي سرڪ ڀري (چانهه جا سندس جيءَ جو جياپو هئي)، عينڪ اکين تي چاڙهي، هو اخبار جا عنوان ويهي ڏسندو (خبرون پڙهندو رڳو اهي هيو جي نوڪريءَ دوران سندس ڪنهن تقريب ۾ ڪيل تقرير يا ڪنهن خير (يا ناخير) جي ڪم لاءِ بڻايل اداري جي عمارت جي افتتاح بابت هونديون هيون. اهڙيون خبرون هو ور ور ڏيئي پڙهندو هو ۽ سندس کٻي طرف (سڄي طرف ننڍي ٽيبل تي ته ٽيليفون رکيل هوندو نه؟) بگهڙ جي ڏک ڏيندڙ السيشن ڪتو ”جاگر“ ويٺو کس تڪيندو.

”اٿ ته سهين“ جوڻس سندس نوڪريءَ جي ڏينهن جي نشاني وولن پلش بلئڪيٽ پري ڪندي چيو. ”پهر سج چڙهي آيو آهي. اڃا پيو هونديون ڇا؟“

”اٿان ٿو سدوري،“ (اهو نالو پاڻ ڏنو هئائينس، سندس ۽ جوڻس جو اهو خيال هيو ته سندس بخت ئي شادي بعد وريو، جنهن ۾ سندس ڪوشش گهٽ پر سندس سهري جي سفارش وڌيڪ ڪارفرما هئي) ”ڀلا چانهه چڪو ته ڏي.“

”ڏيانءِ ٿي، گرڙي ته ڪر“ جوڻس وراڻيو.

”ڪيان ٿو.“ هن ڪر موڙيندي اٿندي چيو.

”اڄ گوشت کائڻ تي دل ٿي ٿئي، ڇوڪرا چڱو نه ٿا آڻي. اڌ سير آڻجان“ پٽاٽا وجهي پورت ڪنديس، مهانگ ته ٿيو آهي؟ توبهه! نوڪريءَ تي هوندو هئين ته لکا به نه پوندي هئي. گوشت به ڪهڙو چڱو وٺي ايندو هئو بورچي! سٺو سستو ۽ سير جو سوا سير. توکي ته سودو وٺڻ به ته نه ٿو اچي. ڪڏهين تور به پوري ڏني اٿئون توکي؟ آنو سوا آنو هميشه گهٽ.“

”سدوري! اهو ڪرسيءِ جو ڪرشمو هيو جو بورچي سستو سٺو ۽ سير جو سوا سير گوشت، سو به سنڌائتو آڻيندو هيو. هاڻي ته ڪاسائي ڀر ۾ بيهڻ به نه ٿو ڏي. چوي ٿو ميان ڪروڌ ٿو ڪرين. گوشت ٻئي هنڌان وڃي وٺ، مون وٽ ڪونهي. هڪ ڏينهن هٿن مان گوشت کسي ورتائين، رڳو اهو چيومانس؛ ”ميان مون سان ساڙ اٿي ڇا؟ ٻين کي سُڌ پيو ڏين ۽ مون کي هڏا!“ ساڙ ته اهڙو آيو. الا! جي نوڪريءَ تي هجان ها!

”ڇا ڪرين ها پوءِ!“ سدوريءَ وراڻيو، ”شانا منهن تي چڙهي ويڻ ڪڍي ويئي هئي، توکي دانهن ڏنم. ٿيو ڇا؟ ٻه ڏينهن ٿاڻي تي ويهاري پوليس ڇڏي ڏنو نه مڙسهنس کي.“

”تنهنجو ڇا خيال هو، ڦاهيءَ چاڙهايانس ها ڇا؟“

”هاڻي گهڻو ٿيو، گوشت وڃي وٺي آءُ چڱو ته اڳ ۾ ئي کپي ويو هوندو.“

سدوريءَ چيو.

”پر چانهه؟“

”ملئي ٿي، ساهه نه نڪرئي، چانهه کان سواءِ چرندو آهين ٻاهر؟“ پينشر ٽَٻ ۾ اچي ويو. جڏهن هو ”صاحب“ هئو. صبح سوير سندس اک چانهه جي سڳنڌ تي کلندي هئي، جا خانسامان پلنگ جي ڀرسان سائيڊ ٽيبل تي اچي رکندو هئو. چانهه کان اول ”مارننگ ٿي“ بسڪوٽ جو ڏندن هيٺ ڀُرڻ ڪهڙو نه مزو ڏيندو هئو کيس، ان بعد خوشبودار دارالجنگ ٿي (جا هڪ سمگلر کيس پهچائيندو رهندو هئو) جون چسڪيون.“

”هان پيءُ چانهه“ جوڻس ساسر ۾ ڪوپ کڙڪائيندي اچي اڳيان بيٺس.

اکيون کڻي مٿي ڏٺائين، نه ٽري نه بسڪوَ جئڙين لٿل ڪوپ هٿ ۾ اچي مليس.

”سدوري! ڪڏهين ته چڱي ڪپ ۾ چانهه پياريندي ڪر،“ هن چيو، ”ڪجهه چڱا ڪوپ اڃا پيا آهن الماڙي ۾.“

”تنهن جو خيال آهي ته چڱي ڪراڪري – جيڪا وڃي به ڇا بچي آهي – سا سڀ وڃائي ويهي رهان. مهمان اچن ته ڀڳل برتنن ۾ کاڌو کائين!“

ان ڏينهن بورچي ڪيڏو نه ڊنو هو، جڏهين سندس هٿ مان ڪافي سيٽ جي پيالي ڪري ڀڄي پيئي هئي. هو ان وقت بزار ويو ۽ اتفاق سان کيس اهڙي ئي پيالي هٿ اچي وئي. صاحب کي جڏهين اهو پتو پيو ته هو ان پياليءَ کي ڏهه دفعا اٿلائي پٿلائي ڏٺو هئائين ته ڪونه ڪو نقص ان مان نڪري ته کيس بورچيءَ کي دڙڪن ڏيڻ جو موقعو مهيا ٿي سگهي.

”هيلو! سارنگ سئنيما؟“

”ها سائين، ڪير ٿو ڳالهائي؟“

”مان رئوف آهيان... صاحب جو پي اي، صاحب اڄ رات پڪچر ڏسڻ ايندو، اپر ڪلاس ۾ ٻه سيٽون رزرو ٿيڻيون آهن. پئسا نائب قاصد هٿان موڪليان ٿو.“

”پئسا رهڻ ڏيو، صاحب کي ٻڌائجو ته ان لاءِ چئن سيٽن وارو باڪس نمبر 2 رزرو آهي. چاهي ته ٻه ٻيا دوست به آڻي.“

”اهو ته ٺيڪ پر اوهان کي پتو آهي ته صاحب انٽرٽينمينٽ ٽئڪس ڀرڻ کانسواءِ کيل...“

رئوف جي ڳالهه ڪٽيندي سارنگ سئنيما جي مئنيجر چيو.

”مون کي معلوم آهي سائين، فري پاس سان گڏ انٽرٽينمينٽ ٽئڪس جون ٽڪيٽون پڻ نائب قاصد هٿان موڪلي ڏيندس. صاحب کي اهو به ٻڌائجو ته انٽرويل جي دوران باڪس ۾ ئي لائيٽ رفريشمينٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اهو به ٻڌائجوس ته ايندڙ چينج ۾ ”مئڪناز گولڊ“ ڏيکاريو ويندو. پڪچر ڏسڻ وٽان آهي.“

”چڱو، خدا حافظ،“ رئوف ٽيليفون جو چونگو ڪريڊل تي رکيو ۽ ان ڏينهن سارنگ سئنيما تي ئي... تازي ڳالهه ياد ڪندي پينشنر ٿڌو ساهه کنيو.

”اٿين به ٿو؟“ سدوري بورچيخاني مان رڙ ڪئي.

”وڃان ٿو. گهمي نٿو سگهان، ٽيڪ ٿو ڳوليان.“

”ٽيڪ!“ پينشنر لڪڻ ڳوليندي چيو.

”ها صاحب! الله ۽ اوهان جي ٽيڪ آهي نه ته هن ظالم ته مون سان ظلم ڪيو هو، پتو پيو اٿس ته اوهان جو منهنجي سر تي هٿ آهي ته هاڻي هو به هتر ٿوڪري،“ نصيبان مڙس جي شڪايت ڪندي چيو، ”سائين! مان جيڪو وقت ان نکٽوءَ سان گڏ گذاريو آهي سو الله جي ڪاغذ ۾ آهي، پاڻ ڪجهه ڪري ڪين ٿو، رهندو شام جو ٺولهي کڻي اچي ٿو سر تي بيهي. نصيبان به ڇا ڪري صاحب، سارو ڏينهن پورهيو ڪري پنج پئسا ڪمائي ٿي ته مٿان ٿو اچي مڙس بيهس. ڏي ته ويل نه ڏي ته به ويل.“

”اٿين ٿو نکٽو“ سدوري دانهن ڪري چيو.

پينشنر جي دل هڪ ڌڪ گسايو.

”مان ۽ نکٽو،“ پينشنر سوچڻ لڳو، ”ان ۾ منهنجو ته ڏوهه نه آهي جو پينشن جي ڪاغذن منظور ٿيڻ ۾ ايتري دير ٿي آهي. هونءَ به گهر ۾ جو خرچ هلي ٿو سو به ته منهنجو آهي. زال جي دستوري پيسن جي تقاضا جي باوجود ڪجهه هزار مان بينڪ ۾ بچايا هئا، پر جي اهي پئسا به نه بچيل هجن ها ته...“

”هائو! اٿان ٿو. لڪڻ ٿو ڳوليان،“ ڏک ڀريل آواز ۾ پينشر چيو.

”ڳولين به کٽ تي ويهي ٿو. اٿ ته سهين. ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيو اٿئي جتي سبڻ جي مشين رکيل آهي.“

”سبڻ جي مشين! پينشنر جي اکين اڳيان منظر ڦري ويو، جڏهن سيٺ اسماعيل ابراهيم کي چئي ست سلائيءَ جون مشينون گهرايون هئائين. ڪيتري نه پبلسٽي ٿي هئي سندس، مقامي اخبارن کان علاوه قومي اخبارن ۾ ان خير جي ڪم جو ذڪر سندس تصوير سان گڏ شايع ٿيو هو. هو اٿيو ۽ ڪٻٽ مان وڃي البم ڪڍيائين، جن ۾ سندس نوڪريءَ جي عرصي جون تصويرون هيون. هڪٻئي پٺيان ويو البم اٿلائيندو. هن جي اکين ۾ چمڪ، چپن تي مرڪ ۽ ذهن ۾ حسرت جون لهرون پئي اڀريون. اَلبم ڏسي، ڪٻٽ ۾ رکي، ٻئي خاني مان ڪڍيائين فائيل، جنهن ۾ سندس خدمتن جي اعتراف جو ذڪر اخباري تراشن جي صورت ۾ موجود هو. کيس پتوئي نه پيو ته ڪيترو وقت هو ان جي اٿلائڻ پٿلائڻ ۾ مشغول رهيو. جنهن وقت هو گوشت وٺي اچڻ جي خيال سان اٿيو ته سندس ڪن تي سدوريءَ جو آواز پيو. ”ميان! جلدي اچجانءِ، متان مئو رشيد گڏ جئي دڳ تي.“

نوڪريءَ تي هو ته رشيد جهڙا سئو سندس سلامي هئا. شام ٿي ته رشيد جي اچڻ جي سُڌ اچي نوڪر ڏيندو هيس. رشيد تيستائين ورانڊي ۾ ويٺو هوندو هو، جيستائين صاحب وهنجي سهنجي لٽا تبديل نه ڪندو هو. ان بعد ٿيندو هو کيس بينڪ ۾ سڏ صاحب اڃا چانهه لاءِ صلاحيس تنهن کان اول ئي رشيد چوندو هو، ”سائين ! اڄ هوٽل ڪامران ۾ هلنداسين. اڳئين دفعي جا سپيسل ڊش کاڌي هئيسين تنهن ڏاڍو مزو ڏنو هو. اڄ به هلون ٿا اتي.“ هڪ ڏينهن هو هوٽل ڪامران ۾ ماني کائيندا هئا ته ٻئي ڏينهن نويد ريسٽوران ۾. هفتي جا باقي ڏينهن سواءِ خميس ۽ جمع جي (جن ڏينهن تي صاحب رشيد جي گاڏيءَ ۾ ئي اڪثر ڳوٺ ويندو هو)، ڪڏهن ”شاهانه“ ۾ ته ڪڏهن ٻيءَ هوٽل ۾ وڃي کاڌو کائيندا هئا. ظاهر هو بل رشيد ئي ڀريندو هو. ان جي باوجود رشيد ڪڏهن به صاحب کي جائز يا ناجائز ڪم لاءِ ڪونه چيو. اها ٻي ڳالهه هئي ته صاحب جي نالي ۾ (کيس پتي پوڻ کان سواءِ) سندس سوين ڪم پيا ٿيند اهئا. گهاٽو يار هو نه سندس.

”الائي منهنجو يار رشيد ڪهڙن حالن ۾ هوندو. اُهي گهٽ گهميو، وقت ئي نه ملندو هونس ملڻ جو.“ پينشنر سوچڻ لڳو.

مارڪيٽ مان موٽندي پينشنر محسوس ڪيو ته هو ڏاڍو ٿڪجي پيو هو. هن چاهيو پئي ته هو ڪنهن رڪشا ۾ چڙهي گهر پهچي. ان خيال ۾ هو رستي تي هڪ بجليءَ جي ٿنڀي ڀرسان بيهي ڪنهن رڪشا واري جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي ڪن تي ڪار جي هارن جو آواز پيو. هن ان طرف نظر ڪئي. ڪار ۾ رشيد هو جو سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مسلسل هارن وڄائي رهيو هو. پاڻ ڏانهن کيس متوجهه ڏسي رشيد پينشنر کي ٻن اڱرين سان سلامي ڪري پير سان ايڪسليٽر کي وڌيڪ دٻايو ۽ هڪ زناٽي سان پينشنر کي دونهين ۽ ڌڌڙ جي طوفان ۾ ڇڏي ڪار اُڏائيندو روانو ٿي ويو.

وسارين متان

مشتاق احمد قريشي

جڏهين ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو ته پڦي آمونءَ وارا چند ڏينهن لاءِ لڏي اچي گلوءَ وارن وٽ شهر وارد ٿيا. هڪ ننڍڙو گهر، ٻيو مينهوڳيءَ جي مند، سو ماڻهوءَ مٿان ماڻهو چڙهي پيو. مٿان گلوءَ جا امتحان، سو ويچارو ڄڻ پنهنجي گهر ۾ اڌارو ٿي پيو. پڙهڻ ڪاڻ وتندو هو ڪڏهن هڪ دوست جي ته ڪڏهن ٻئي دوست وٽ. ان اچ وڃ ۽ هڻ هڻان ۾ هن اهو غور نه ڪيو ته ٻه متجسس ڪاريون اکيون ايندي ويندي سندس احاطو ڪنديون رهنديون هيون. شايد ڪجهه وقت وڌيڪ اهو سلسلو هلندو رهي ها، جيڪڏهن پڦي آمون هن کي نه ٽوڪي ويهي ها.

”ابا، ڏسڻ کان مهانگو ٿي ويو آهين، ڇا ڪاوڙيل آهين ڇا؟“

”نه، پڦو نه.“ گلو ڪجهه ڦڪو ٿيڻ لڳو، ”اوهان کي ته خبر آهي ته منهنجو ميٽرڪ جو امتحان مٿي تي آهي.“

ائين چئي گلوءَ آسپاس پنهنجي اخلاقي همٿ ڀرائيءَ لاءِ نظرون ڊوڙايون ۽ ان وقت هن جي نظر ان پيڪر تي پئي، جنهن جو پاڇو هن برابر ڏٺو هو، مگر پنهنجي بدحواسيءَ کان ان جي سراپا تي نظر نه وجهي سگهيو هو. او سراپو به شايد هڪ ئي نظر جو منتظر هو.“

”ادا، اسلام عليڪم.“ هڪ سونهن ڀرئي آواز گلوءَ جي ڪنن کان دل تائين هڪ خوشگوار تاثر پيدا ڪري ڇڏيو. گلوءَ کي تذبذب ۾ ڏسي پڦيس ٻڌايس ته اها سندس ڦڦاٽ حاتان هئي. حاتان جو نالو ٻڌي گلوءَ جو ذهن هڪ سنهڙي، سڪل ۽ هر وقت ڊوڙون پائيندڙ ان ڇوڪريءَ کي سامهون وٺي آيو، جنهن جا ڇتا چويهه ڪلاڪ مٽيءَ ۾ ڀريل ۽ ڇڙيل رهندا هئا ۽ جيڪا نڪ وهائيندي ۽ ان کي گنديءَ سان اگهندي، هر وقت گهٽيءَ جي ڇوڪرين سان ٽاپوءَ راند ۾ مصروف هوندي هئي. ان وقت گلوءَ کي ڄڻ ان نه وڻندڙ ڇوڪريءَ سان بغض هوندو هو، جو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪڏهن ان جا ڄنڊا پٽي ته ڪڏهن هن جا ٽاپون ڀڃي ان کي رئاڙيندو رهندو هو. هن جورئڻ به ذري گهٽ ڪنهن شنٽنگ ڪندڙ انجڻ جي سيٽيءَ جيان ڪن ڦاڙيندڙ هوندو هو. اهو هو مجموعي تاثر، جيڪو گلوءَ جي ذهن ۾ اڀري ها، جيڪر ڪو حاتان جو ذڪر ان جي پرپٺ ڪري ها. مگر هي ڇا؟ هيءُ ته اها حاتان نه هئي. سروقد، چيلهه تائين اڌ سنواريل ۽ اڌ ڇڙيل ڪارن ڪڪرن جهڙا وار، چهرو اهڙو جو ٻه منٽ لاڳيتي اک نه بيهي. گلوءَ جي ڄڻ نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو.

”ڪيئن آهين حاتان؟“ هن ڄڻ هٻڪندي پڇيو. نه ڄاڻان حاتان جي طلسم ۾ هو ڪيستائين گم رهي ها ته ننڍڙي ڊٻوءَ کيس ڪنهن دوست جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. اهو سڄو ڏينهن گلوءَ جو ڄڻ پڙهڻ ۾ اتساهه ٿي نه هيو. ٻه – ٽي لائينون پڙهندو ئي مس هو ته حاتان جو مجسم اچي سامهون بيهندو هوس. بار بار ڪوشش جي باوجود به جيتوڻيڪ هو گهر جي ٻاهران ٽي – چار چڪر هڻي آيو هو. مگر اندر وڃڻ جي همٿ نه ٿي هيس. دل ۾ ڄڻ هڪ چور سمائجي ويو هوس، جنهن کيس مقرره وقت تي به گهر وڃڻ نه ڏنو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سڄو ڏينهن ٻاهر رهي ڪجهه رات دير سان گهر پهتو. ”گلو!“ دالان مان ماڻس جو آواز آيو.“ابا، سڄو ڏينهن ڪٿي هئين؟“

”بس امان، دوست وٽ پڙهڻ ۾ مصروف هيس.“ هو پنهنجي ڪوٺيءَ لاءِ وڃڻ لڳو، مگر ويندي ويندي چور اکين سان پاسي واري کُڏري ۾ نظر ڊوڙايائين ته ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو، سامهون حاتان، جيڪا شايد ان وقت ئي کٽ تان اٿي کڙي ٿي هئي، پنهنجي اڌ پريشان زلفن ۽ ڪلهي تان لڙڪندڙ رئي سان هن کي ئي ڏسي رهي هئي.

”امان، حاتان، ڀاءُ کي ماني ته ڏيئي اچ.“ هن جي ڪنن تي ماڻس جو آواز پيو ۽ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. گلو ان افتاد لاءِ تيار ڪونه هو. هن جا ڄڻ ڪن ڳاڙها ٿي ڦاٽڻ لڳا ۽ وات خشڪ ٿي ويس. ڪجهه دير بعد قدمن جا آواز جڏهن هن جي ڪوٺيءَ ٻاهران پهتا ته هو ڪجهه سڌو ٿي ويٺو.

”هي وٺو ماني!“ حاتان جي آواز ۾ ڄڻ ڪنهن نديءَ جي وهڪري جو هلڪو ارتعاش هو. ”مان پاڻي کڻي اچان ٿي.“ حاتان پاڻي کڻي آئي ته گلوءَ سوچيو ته هو پاڻي ڏيئي هلي ويندي، مگر هوءَ کٽ جي ڪناري تي ويهي گلوءَ جي ماني ختم ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. گلوءَ جا گراهه ڪرڻ لڳا، مگر جيئن تيئن ڪري هو ماني کائيندور هيو.

”حاتان، هاڻ ٽاپون کيڏندي آهين؟“ گلوءَ ماحول کي بدلائڻ لاءِ پڇيو. حاتان بي تحاشا کلڻ لڳي.

”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو“ حاتان ڪنڌ هيٺ رکندي وراڻيو ”اهي ڏينهن ڪڏهوڪا ويا، مان هاڻ ڇهين ۾ پڙهندي آهيان.“ گفتگو ڄڻ رڪجي ويئي. ڪنهن وقت ماني ختم ٿي، ڪنهن وقت حاتان ٿانو کڻي ويئي، سڀ ڄڻ خواب وانگيان هو. البته گلوءَ اهو محسوس ڪيو ته جنهن مهل هن پاڻي پي گلاس حاتان کي ڏنو هو ته سندن هٿن هڪ ٻئي کي ڇهيو هو ۽ گلوءَ جتي پاڻ کي ڪرنٽ لڳندو محسوس ڪيو هو اتي هن حاتان جي چهري تي به هڪ لحظي لاءِ انڊلٺ جا سڀئي رنگ ايندي ۽ ويندي ڏسي ورتا هئا. گلوءَ جا امتحان ڇا شروع ٿيا، حاتان ڄڻ گهر ۾ مارشل لا هڻي ڇڏيو. ڪير ڳالهائي ته ”هُش“، ڪير ماني گهري ته ”هُش“ مطلب ته هر وقت لٺ کنيو بيٺي هوندي هئي ۽ ڪوشش اها رهندي هيس ته ان سڀ ڪجهه جي خبر گلوءَ تائين به پهچندي رهي، پوءِ چاهي سندس ڪن پٽ کان پوءِ ننڍڙو ڊٻو روئي اچي دانهن ڏيندو هوس يا وري ڪو در کڙڪائيندو هو ته وڏي واڪي حاتان جا دڙڪا ٻڌندو هو. خير امتحان ختم ٿيا ته وري اچي گلوءَ کي سخت بخار ٿيو. بس پوءِ گهر جا ڀاتي ۽ ماڻس ته جيڪي پريشان ٿيا سي ٿيا مگر حاتان ته ڄڻ پاڻ بخار ۾ مبتلا ٿي پئي. جيڪر روايتي شرم و حيا جي روڪ نه هجيس ها ته جيڪر گلوءَ جي کٽ جي پٽي سان لڳي ويهي ها، مگر تنهن هوندي به ايندي ويندي چائنٺ سان لڳي ڪمري جو جائزو ضرور وٺندي هئي. ان وچ ۾ حاتان جي پيءُ پيروءَ چؤچاءِ ڪري پنهنجي بدلي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ ڪرائي ورتي ۽ گلوءَ جن جي پاڙي جي ڀرسان ئي هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي رهڻ جو انتظام پڻ ڪيائين. حاتان جو ساڳئي شهر ۾ اچي رهڻ جتي گلوءَ لاءِ هڪ وڏو ڏڍ هو، اتي سندس گهران وڃڻ هڪ جدائي جوڳيان هو، مگر اها به هڪ حقيقت هئي ته هڪ ننڍي گهر ۾ جتي گلوءَ جي پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۽ ڀاتين لاءِ جڳهه گهٽ هئي، اتي هڪ ٻيو سڄو خاندان ڪيئن ٿي رهي سگهيو. ازان سواءِ کاڌ پيت جو خرچ به گلوءَ جي پيءُ جي محدود آمدنيءَ کان ٻاهر هو. چند ڏينهن لڏپلاڻ جي تيارين ۾ لڳي ويا. وڃڻ مهل حاتان برقعو پائي سڀني کان موڪلايو، پر جيئن ته اڪيلائي ميسر نه هئي، هوءَ گلوءَ جي ماءُ کي ته اچڻ لاءِ زور ڀري سگهي، مگر گلوءَ لاءِ صرف همت جي نظرن ۾ هڪ خاموش پيغام هو ته ”اچجئين ضرور.“ حاتان جي وڃڻ کانپوءِ گهر جيئن خالي خالي ٿي ويو. خاص طور گلوءَ ته ائين محسوس ڪيو ته گهر جا درو ديوار جيڪي هڪ عجيب لالائيءَ ڀرين رنگن ۾ ٻڏي ويا هئا سي هاڻ ڦڪا ڦڪا ٿي لڳا، ايتريقدر جو گلوءَ کي پنهنجا پسنديده رڪارڊ جيڪي هو خاص طور روز شام جو پابنديءَ سان وڄائيندو هو ان آس ۾ ته اهي گانا جن ۾ سندس جذبات جو به اظهار هوندو هو، ٻڌڻ وارو هو اڪيلو نه پر انهن جذبات کي صحيح طور محسوس ڪرڻ وارو ٻيو ڪوبه موجود آهي، زهر لڳڻ لڳا، رهيو حاتان جي گهر وڃڻ جو سوال، سو ماڻس ۽ ڀينرون ته ٻه ٽي ڀيرا ٿي آيون هيون، پر گلوءَ جو اتي ڪهڙو ڪم. حاتان جو ته ڪو ڀاءُ هوئي ڪونه، جيئن ته گلو هونئن به گهر جي زالن کي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ڪيٻائيندو هو تنهن ڪري جيتوڻيڪ هن بار بار چاهيو ته ڪو هن کي حاتان جن جي گهر وٺي وڃڻ لاءِ چئي پر هن هچا کان سڀني پئي نٽايو. علحده وڃڻ جو نه ڪو جواز هو نه گلوءَ ۾ همت، روزانه جي معمول مطابق هو شام جو سائيڪل تي نڪرندو هو ته هڪ چڪر حاتان جن جي گهر وٽان به ڪري ايندو هو ته متان ڪنهن بهاني ڪير کيس ڏسي وجهي ۽ سڏ ڪريس. ان دوران حاتان جي ڏسڻ ۽ اُن سان ڳالهائڻ جي تمنا ڄڻ گلوءَ جي دل ۾ دفن ٿي چڪي هئي ته هڪ ڏينهن جيئن صبح جو سويرو هو ڌونئرو وٺڻ سائيڪل تي واڍن جي پڙ ڏانهن نڪتو ته سامهون ايندڙ هڪ برقع پوش ڇوڪري هن کي ڏسي بيهي رهي ۽ هن کي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيائين. گلو ڪجهه ٻڏتر ۾ هو ته ان ڇوڪريءَ پنهنجو نقاب مٿي ڪيو. اها حاتان هئي. هڪ طرف ته گلوءَ جي دل ڄڻ خوشيءَ کان سيني مان ٻاهر اچڻ لاءِ زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ته ٻئي طرف هن جا قدم ڄڻ مڻ جا ٿي پيا. سائيڪل تان لهي وڃي قريب پهتو.

”ماروٽ، وري آئين به ڪونه.“ حاتان جو لهجو شڪايتي هو، پر گلوءَ سان ائين ملي وڃڻ تي هن جي لهجي ۾ شڪايت کان وڌيڪ دٻيل خوشي به هئي. حاتان جي هٿن ۾ ڪتاب هئا ۽ هوءَ اسڪول ڏانهن وڃي رهي هئي ۽ غير ارادي طور گلو به سائيڪل هٿ ۾ کڻي پنڌ هن سان هلندو رهيو. رسمي ڳالهيون هلنديون رهيون ته ماڻس ڪيئن آهي، رزلٽ ڪڏهن ايندي ۽ نئون گهر ڪيئن آهي، وغيره وغيره. مگر جڏهن گلو حاتان کي اسڪول جي دروازي تائين پهچائي موٽ کاڌي ته هن جي اندر ۾ هڪ عجيب سڪون ۽ طبع ۾ هڪ عجيب جولاني هئي. جيئن ته حاتان ٻڌايو هوس ته مني هڪ بجي سندس موڪل ٿيندي، تنهن ڪري غير شعوري طور هن ان وقت پاڻ کي حاتان جي اسڪول جي ٻاهران موجود پاتو. حاتان به ڄڻ هن جي اچڻ لاءِ ذهني طور تيار هئي، تنهنڪري وري گڏوگڏ گهر تائين فاصلو طئي ڪيائون. البته گلوءَ اها حتياط ضرور ڪئي ته حاتان جي گهٽيءَ ۾ اچڻ کان اڳ هو موڪلائي. اهي رستي جون ملاقاتون وڌنديون رهيون. ٻه پيار جا ديوانا پاڻ ۾ مگن ته رهيا، پر ان ڳالهه کان بيخبر ته زماني جون نظرون بدستور سندن تعاقب ۾ هيون. گلو صبح جو جيئن ته آفتاب سئنيما جي سامهون هوشوءَ جي هوٽل تي چانهه پي حاتان جو پري کان نمودار ٿيڻ جوانتظار ڪندو هو ۽ ٻنپهرن جو به حاتان کي ڇڏي اچي هوٽل تي چانهه پيئندو هو، تنهن کي هوشوءَ، جيڪو هن جي مامي جمعي جو پڳ مٽيو يار هو، تنهن ٽوڪي وڌو.

”گلو، پڙهائي ڪيئن آهي.“ دخل تي پئسا وٺندي هوشوءَ بدحواس گلوءَ کان پڇي ورتو.

”بس چاچا هلي پئي.“ گلوءَ، جنهن سامهون کان حاتان جو ڦٽل نيرو برقعو ڏسي ورتو هو، تنهن ڄڻ جند ڇڏائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com