سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :14

اهو به تسليم ڪيو وڃي ٿو ته ٿر جو ڳچ حصو ۽ ڪڇ جو رڻ ڪو وقت سمنڊ هو ۽ بعد ۾ سمنڊ جي هٽي وڃڻ سبب ڪڇ جي ڪناري تائين وڃي محدود رهيو، جنهن تي وڳهه ڪوٽ، ونگر (ونگو)، ٻلهياري، پارڪر، ويرا واهه وغيره بندر  هئا. اهي سڀئي سنڌو تهذيب ۽ ثقافت جا آثار آهن، جيڪي هاڪڙي دريا جي ڇوڙ جي دامن ۾ هئا، جهڙيءَ ريت هن وادي جي مٿئين حصي ۾ هن دريا جون قديم بستيون آباد هيون، يقين آهي ته سنڌ واري علائقي ۾ به انهن جو وجود هوندو. تاريخدانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن لاءِ اهو بنهه ضروري آهي ته تهذيبي تسلسل جي انهن هنڌن جو پتو لڳايو وڃي ۽ انهن تي تحقيق ڪئي وڃي ۽ اها تهذيب جنهن کي هڪ حصي تائين محدود تصور ڪيو وڃي ٿو ته ان جو ڦهلاءَ يقين جي صورت اختيار ڪري سگهي ۽ انساني ارتقا جي ڪهاڻي جون ڪڙيون جيڪي هن وادي جي هيٺئين حصي ۾ گمشدگي جي صورت ۾ آهن، اهي ظاهر ٿين. هاڪڙي جي وادي قومن جي عروج ۽ زوال، انهن جي اٿل پٿل جا ڪئين دؤر ڏٺا آهن ۽ ڪيئي لوڪ ڪهاڻيون ۽ چوڻيون هن وادي سان منسوب آهن. اهي سڀ تڏهن بهتر صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، جڏهن وادي جو اونهو اڀياس ڪيو وڃي.

آثار قديمه جي باقيات جي تحقيق سان گڏوگڏ هي نڪتو به غور طلب آهي ته آيا اهي تهذيبي هنڌ پنهنجي تباهي کان اڳ ڪهڙي سماجي معيار جا هئا ۽ انهن جي تباهي ۾ ڪهڙن سماجي عنصرن جو حصو رهيو ۽ انهن تهذيبي هنڌن جي اسرڻ۽ نسرڻ ۾ ڪهڙين سماجي حالتن جو حصو رهيو. سنڌو ماٿر جا ٻئي تهذيبي حصا (اتر – اڀرندو ۽ اتر – اولهائون) نهايت اهم اهن. هاڪڙا وادي جي مٿئين تهذيبي حصي جو مطالعو اهو واضح ڪري ٿو ته هنن ٻنهي تهذيبي خطن ۾ قدرن جو اختلاف به آهي ۽ اتفاق به. آيا اختلاف جو اهو عنصر هن ماٿر ۾ ٻن قومن تي ته دلالت نٿو ڪري؟ يا جيڪڏهن اها هڪ قوم آهي ته پوءِ سماجي شعور ۽ سماجوادي نظام جي ڪري انهن جي تهذيبي قدرن ۾ ته اختلاف نه آهي؟ ۽ جن تهذيبي قدرن ۾ اتفاق آهي ته اهي هڪ ئي قوم تي ته دلالت نٿيون ڪن؟ ۽ جيڪڏهن انهن وادين ۾ وسندڙ قومن جو اصل نسل هڪ آهي ۽ نقل مڪاني سبب اتر ۽ ڏکڻ اولهه کان اچڻ جي سفر انهن ۾ ڪي تبديليون ته پيدا نه ڪيون آهن، جيڪي جزوي اختلاف جو سبب آهن؟ ۽ ٻيا اهڙا سوال نهايت ويچارڻ جوڳا آهن.

تهذيبن جي فنا ٿيڻ ۾ جتي طبعي حالتن کي هٿ آهي، اتي ان ڳالهه کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ته تهذيبي ورثي واري قوم ۾ سماجي شعور ڪيترو هو. آيا هن ۾ پنهنجي وجود جي بقاءَ ۽ تهذيي ثمر کي بچائڻ جي قوت هئي يا نه؟ جڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي ٿو ته تهذيبي قدر، ٻين ڳالهين جيان سماجي حالات جي پيداوار آهن، جنهن ۾ ان تهذيبي دؤر جو اقتصادي نظام، پيداواري وسيلا، اخلاقي قدر ۽ سماجي سرشتي جي سڄي اڏاوت اچي وڃي ٿي، جنهن جي بنيادن تي هر تهذيب جي فڪري نظام ۽ احساس ۾ وقت بوقت ڦير گهير ٿيندي رهي ٿي، تڏهن انهن تبديلين جو سبب به سماجي حالتن جو تغير هوندو آهي. سماجي حالات ان وقت تائين نٿا بدلجن، جيستائين سماجوادي نظام ۾ اندر ڪا اهڙي قوت نٿي اڀري جيڪا انهن حالتن جي نفي ڪندي هجي. بقول ممتاز حسين: ”انسان پنهنجي تخليق پاڻ آهي“ هر معاشرو پنهنجي قدرن جي رلوالي ان لاءِ ڪندو آهي ته ان ۾ هن جي بقاءُ جو راز آهي، جڏهن به انهن قدرن جي سلسلي ۾ معاشرتي طور اک پوري ويئي ته سڄو مانڊاڻ بگڙجڻ لڳندو آهي. اسان کي هن وادي جي تهذيبي تحقيق سان گڏ اهو به ڏسڻ گهرجي ته آيا اهي تهذيبي حصا جيڪي تاريخ جو هڪ داستانِ حقيقت آهن، انهن جي مٽجڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ ڇا انهن جو زوال پنهنجي طور تي آيو، يا ڪنهن ٻاهرين قوت جي ڪري اها فنا پذير ٿيون.

وادي سنڌ جي تهذيب لاءِ ان سلسلي ۾ تاريخ اندر مختلف رايا آهن. ”موهن جو دڙو“ ۽ هڙپائي تهذيب جي تباهي جو ڪارڻ آرين کي تصور ڪيو وڃي ٿو، ليڪن ان باري ۾ هن ماٿر جي وسندڙ اڳين قومن جي طرز معاشرت ۽ آرين جي سماجوادي نظام کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. تاريخ جو مطالو اهو بخوبي واضح ڪري ٿو ته آرين خود هن وادي جي اڳئين سماجي نظام جي ڪيترين ڳالهين کي قبول ڪيو ۽ هتي رهندڙ قوم سان ضم ٿي ويا. صرف ان طبقي ڏکڻ هندستان يا ان جي ٻين حصن ڏانهن نقل مڪاني اختيار ڪئي، جيڪي تهذيبي طور انهيءَ وقت جي سماجوادي نظام جو ساٿ ڏيئي نه سگهيا.

هاڪڙا وادي، جيڪا سنڌو ماٿر جي تهذيب جو حصو آهي ۽ هن جي پنهنجي انفراديت به آهي ۽ مماثلت پڻ آهي، ان لحاظ سان ماٿر جي انهن عظيم تهذيبي حصي جي ڇنڊڇاڻ ضروري آهي، جيڪڏهن انهن نڪتن کي خيال ۾ رکي هن وادي جو اڀياس ڪيو ويو ته يقين آهي ته ان جا نهايت ئي بهتر نتيجا نڪرندا ۽ هاڪڙي جي هاڪ ۽ هُٻ (خوشبوءِ) پنهنجي تهذيبي خوشبوءِ سان ماٿر کي واسي ڇڏيندي.

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. (ماموئي فقير)

ماخذ

1-     سنڌ: ايڇ. ٽي . لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ

2-    سنڌو سئو وير: گنگارام سمراٽ (انڊيا)

3-    واديءَ هاڪڙا، صديق طاهر

4-    سنڌو ماٿر جي سڀيتا: محمد ادريس صديقي، سنڌي ادبي بورڊ

5-     جنت السنڌ: مولائي شيدائي

6-    قديم سنڌ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

7-          ڪرانلاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ: ايم . ايڇ . پنهور. سنڌالاجي

8-    ٽماهي مهراڻ: سنڌي ادبي بورڊ (انٽرويو ڊاڪٽر بلوچ) نمبر 3، سال 1985ع

9-    امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا: (پنجاب)

10-جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي: (مختلف پرچا)

11- تهذيب ڪا ارتقا: سبط حسين

12-تاريخ ڪامطالعه : باري مرحوم

13-تاريخ ريگستان: رائچند راٺوڙ، سنڌي ادبي بورڊ

14-پراڻو پارڪر: منگهارام اوجها، سنڌي ادي بورڊ

15- مختلف رسالا ۽ اڀياس نوٽ.

مرحوم مولوي حافظ

عبدالحميد ڀٽي رحمت الله عليہ

 

غلام رباني آگرو

دادو ضلعي ۾ ڦَڪن جي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو، ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبو آهي، قبي ۾ اندر گهڙبو ۽ مزار وٽ پهچبو ته مٿانئس هڪ ڏنڊو لڙڪندو نظر ايندو. مجاور روايت بيان ڪندو آهي ته ميان سنڌ ڏنڊي جي زور تي ورتي هئي، انڪري اڄ به سندس مزار تي ڏنڊو نشاني طور رکيو ويو آهي.

ان روايت جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون: پهرين هيءُ ته سنڌ سوٽي سان ٻڌل آهي ۽ ٻي هيءُ ته سنڌ وٺڻ اهڙو ته آسان ڪم آهي جو ان لاءِ ڪاٺيءَ جو هڪ ڏنڊوئي ڪافي آهي.

تاريخي طور پهراڻ معنى پوئينءَ کان شايد وڌيڪ صحيح هجي، ڇو ته مون مرحوم حنيف صديقيءَ وٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪهاڙي به ڏٺي هئي. ڪنڌ ڪپڻ لاءِ ڪو تکو هٿيار کپي، پوءِ ترار نه ته ڪهاڙي ئي سهي.

سنڌ جو تاريخ نويس اها شاهدي ڏيندو ته مغلن کان سنڌ جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ڪلهوڙن فقيرن کي ڪا گهڻي ترار هڻڻ ڪانه پيئي هئي، ۽ نه وري خود کين سيکت ڏيڻ لاءِ نادرشاهه کي ايران ۽ افغانستان مان ڪا فوج ظفر موج آڻڻي پيئي هئي. گهوڙن سوارن جي هڪڙي ئي ڪٽڪ سان سڄي سنڌ کي تاراج ڪري، عمرڪوٽ ۾ وڃي، ميان نور محمد کي ڳچيءَ کان جهليو هئائين. ڪجهه سالن بعد مدد خان پٺاڻ سندس نقش قدم تي هلندو، سنڌ پهتو هو ۽ نادرشاهه کان به گهٽ گهوڙي سوارن جي ڪٽڪ سان سڄيءَ سنڌ کي ڦريندو، سٽيندو، ڪُٽيندو وڃي مٿي چڙهيو هو.

شايد انهن ۽ ان قسم جي ٻين تاريخي واقعن کان متاثر ٿي، مشهور انگريز مورخ رچرڊ برٽن سنڌي ماڻهوءَ جي ڪردار تي راءِ زني ڪندي، خنجر جي نوڪَ، زهر مان ٻوڙي، هي جملو لکيو هو ته ”سنڌي ڪوڙو، گيدي ۽ گدلو آهي.“ برٽن جنهن وقت سنڌي ماڻهوءَ بابت اها ججمينٽ پاس ڪري رهيو هو، ان وقت کيس دودي ۽ دريا خان جو تاريخي ڪردار شايد سندس ذهن ۾ ڪونه هو.

در حقيقت ڪابه قوم پيدائشي طور نه بهادر ٿئي ٿي نه بزدل، بهادري ۽ بزدليءَ جا اسباب گهڻي قدر تاريخي ۽ جاگرافيائي حالت تي منحصر هوندا آهن، ڇو ته خود فرد جي عمل جو دارو مدار به وڏيءَ حد تائين مادي حقيقتن جي تابع هوندو آهي.

ٻهراڙيءَ ۾ جڏهن ڪا زمين سٺو فصل ڪانه ڏيندي آهي، تڏهن هاري ٻڌائيندو آهي ته زمين کي ويساهين ڪانه ٿي ملي. سال بسال ڪاهڻ ڪري، طاقت ڇڏي ويئي آهي. سنڌي ماڻهن جو به ساڳيو حال آهي.

اسلامي تاريخ جي ٽئين نمبر خليفي حضرت عثمان رضه جي زماني ۾، سنڌ بابت انٽيليجنس رپورٽ طلب ڪئي ويئي هئي، ان وقت جي آءِ بي جي عملدار اطلاع موڪليو ته ”سنڌ جو پاڻي کارو، کجور ردي ۽ چور بهادر آهن.“

اڄ چوڏهن سئو ورهيه گذرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو ڏهڪاءُ آهي – ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سنڌي معاشرو ايامن کان وٺي بيٺل تلاءُ جي پاڻيءَ وانگر جامد آهي. پنج هزار ورهيه اڳ جيڪا بيل گاڏي موهن جي دڙي ۾ هلندي هئي، ساڳي بيل گاڏي اڄ به اسان جي ڳوٺن ۾ رائج آهي.

سنڌي معاشري جو جمود ڪي قدر انگريزن جي ڏينهن ۾ ٽُٽو. ريل ۽ فون ڪجهه چرپر پيدا ڪئي، پر انگريزن هڪ وڏو ظلم به ڪيو، سو هيءُ  ته پنهنجي بادشاهيءَ جا ڇاڙتا پيدا ڪرڻ لاءِ – خصوصآ 1857 واري بلوي کانپوءِ – سنڌ ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون عطا ڪيائون. اهي ٽوڊي ”شهنشاهه تون اسان جي کي، سلامت رک خداوندا“ جا ترانا ڳائيندا هئا ۽ غريبن جو رت چوسيندا هئا.

سنڌ ۾ پيداوار جو مکيه ذريعو زمين آهي، پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال پوءِ، هڪ سروي رپورٽ ذريعي معلوم ٿيو ته “لکين ماڻهن کي زمين جو هڪ جريب به ڪونهي، ٻئي طرف مُٺ جيترا ماڻهو آهن، جن وٽ لکين جريب زمين آهي.“

گويا سنڌ جي آبادي ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: هڪ مٿيون طبقو، جنهن ۾ ڳاڻ ڳڻيا گڻنگ زميندار آهن. هنن لاءِ هيءُ ڌرتي جيئري ئي جنت آهي. سنڌي معاشري ۾ ان طبقي جو جبر صدين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. مجال آهي جو رئيس جي حڪم کان سواءِ سندس تر ۾ وڻ جو ڪو پن لُڏي سگهي.

چون ٿا ته ٺٽي ضلعي ۾، شاهه عنايت جهوڪ واري مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ظلم کان خدا جي خلق کي بچائڻ لاءِ سنڌي عوام تحريڪ هلائي هئي، جنهن ۾ گهڻي قدر عام ماڻهو شامل ٿيا. اهو ڏسي حاڪمن جي چُرچَ تي مقامي زميندارن شاهه عنايت جي سِري، ڪلهن تان ڪپرائي ڇڏي – پوءِ ڪهاڙيءَ سان نه ته ڪات سان ئي سهي!

ان قسم جا ڪارناما سنڌ جي زمينداري طبقي جو عام شغل آهن. سنڌ جي تاريخ جي صفحن تي، غريبن، مظلومن ۽ سندن واهرو مجاهدن جي رت جا ڇنڊا آهن.

سنڌي معاشري جو مظلوم يعني هيٺاهون طبقو، هارين، نارين، ڪمين، ڪاسبين ۽ عام پورهيت ماڻهن تي مشتمل آهي. ان طبقي ۾ لکين پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا، اڀاڳا انسان آهن، جيڪي جيئري ئي جهنم ۾ داخل آهن. ڀٽائيءَ جو هي بيت سندن حال جو ترجمان آهي:

”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“

سنڌ جو اهو هيٺيون طبقو تقريباً جانورن جي ليول تي زندگي گذاري ٿو. هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍُ جو نشانو آهي. زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ۽ آسائشن کان محروم آهي. سڀ کان افسوس جي ڳالهه اها آهي ته خود پنهنجن حقن کان محروميءَ جي شعور کان ئي عاري آهي. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ نالي ماتر سنڌ جو وچولو طبقو آهي، جنهن ۾ وقت گذرڻ سان ۽ تعليم جي وڌڻ سان ۽ روزگار جي ٿورن گهڻن نون ذريعن پيدا ٿيڻ سان هاڻي ٿورو گهڻو ساهه پيو آهي.

اهو طبقو پنهنجي بقاءُ سان گڏ، هيٺئين طبقي جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪري ٿو. ان طبقي مان ماضيءَ ۾ برک ديني رهنما، عالم، اديب، شاعر، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ قومي ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مجاهدن ۾، نسبتاً هڪ غير معروف نالو، مرحوم مولوي صاحب حافظ عبدالحميد ڀٽي آهي، جو سنڌ جي ممتاز اديب ۽ دانشور رشيد ڀٽيءَ جو والد بزرگوار هو. موصوفُ ويهينءَ صديءَ جي آغاز سان سنڌ جي وچولي طبقي ۾، هڪ ديني گهراڻي ۾، قديم تخت گاهه اروڙ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجن ديني عقيدن موجب زندگي گذارڻ ۽ سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا پير پختا ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. منو سو ورهين جي ڪامياب زندگي گذاريائين. هن جهان ۾ اڇو اجرو آيو هو، اڇو اجرو موٽي ويو. پنهنجن پوين لاءِ روشن مثال ۽ قابلِ فخر ڪارناما يادگار ڇڏي ويو. الله ۽ رسول جون شال مٿس رحمتون هجن!

مرحوم مولوي صاحب جي ملاقات جو پهريون ڀيرو شرف مون کي ڪيئن ۽ ڪٿي حاصل ٿيو، اهو هاڻي ياد ڪونهيم،  پر رشيد ڀٽيءَ سان پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي مليس، اهو چٽو پٽو ياد اٿم. غالباً سال 1954ع هو. مان حيدرآباد ۾ انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ مرحوم حفيظ شيخ جي صلاح تي، ڪراچيءَ هليو ويس ته اتي آرٽس ۾ داخلا وٺان، نوڪري ڪريان ۽ پنهنجي تعليم جاري رکان. حفيظ جي ئي مدد سان ميٺارام هاسٽل ۾ رهائش جو عارضي انتظام ٿيو. ستت اتي نور الدين سرڪيءَ سان واقفيت ٿي، جو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو، هيڪر ساڻس گڏ سنڌ مدرسي واريءَ هاسٽل ۾، ادبي سنگت جي اجلاس لاءِ ويس. سرڪي ۽ مان سڌو رشيد ڀٽيءَ جي ڪمري تي وياسين. هو گنجيءَ ۽ گوڏ ۾ ننڊ پيو هو. اٿاريوسونس. منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي کٽ تي سڌو ٿي ويٺو. مون سندس چهري کي جاچيو ته آمريڪي افسانه نويس او . هينري ياد آيو. هن افسانو لکيو آهي. Christ and the Devil ان افساني ۾ هڪ آرٽسٽ ٻن چهرن جي تلاش ۾ آهي: هڪ اهڙو معصوم جهڙو حضرت عيسى ۽ ٻيو اهڙو ڀيانڪ جهڙو خود شيطان، مون کي رشيد ڀٽيءَ جي چهري ۾ او. هينري جي آرٽسٽ کي گهربل معصوم چهرو نظر آيو. منهن مهانڊي ۾ صفا گول گپو. اکيون اهڙيون نرم، اهڙيون پاڪ ۽ پوتر، جهڙيون ٻليءَ جي پونگڙي جون، جڏهن خوش ٿي نهاري ته ڄڻ ڪنواري ڇوڪري ٿي مسڪرائي، پر جڏهن دل کولي ٽهڪ ڏئي ته ڄڻ ڌرتيءَ جو زلزلو آيو.

انهيءَ پهرين ملاقات کانپوءِ اسان جون تڪڙيون تڪڙيون گڏجاڻيون ٿيون، جن جي نتيجي ۾ رشيد ڀٽيءَ سان واقفيت آهستي آهستي سنگت ۾ تبدل ٿي. جڏهن هڪٻئي جي ويجهو آياسين، تڏهن پتو پيو ته منهنجو يار ڪنهن گهرو پرابلم ۾ ورتل آهي. مولوي صاحب مرحوم ٻه شاديون ڪيون هيون، جنهن جو نتيجو اهوئي نڪتو جو اهڙين حالتن ۾ نڪرندو آهي. يعني ٻنهي زالن جا ٻار ڏچي ۾! رشيد جو هڪ مائٽ هوندو هو ماستر صاحب مرحوم. عجيب انسان هو، (هاڻي کيس مرحوم لکندي ڏاڍو عجب ٿو لڳي) نياز همايوني کيس ٽيٿر ڪوٺيندو هو، ڇو ته ڏند اڇاترا هئس. ماستر صاحب جو مهيني ماس ڪراچيءَ چڪر لڳندو هو. ان جو خاص سبب هو رشيد ڀٽيءَ جو گهرو پرابلم. آخر اهڙو وقت آيو جو ماستر صاحب هڪ دفعي سکر مان سهي سنبري رشيد ڀٽيءَ کان ڪراچي ڇڏائڻ آيو. اها ڳالهه اسان سڀني کي ڏاڍي ڏکي لڳي، پر هئاسين لاچار! ماستر صاحب دڙڪو ڏنو ته رشيد ڀٽي گهر کان پري رهندو ته مولوي صاحب کيس ملڪيت مان حصو پتو ڪونه ڏيندو. اهو هو پهريون پهريون تاثر، جو مولوي صاحب جي باري ۾ منهنجي ذهن تي ويٺو.

مولوي صاحب جي رشيد ڀٽيءَ سان مبينا رنجش جو ڪارڻ رڳو گهرو حالتون ڪونه هيون. مولوي صاحب کي ٻڌايو ويو هو ته رشيد ڪراچيءَ ۾ ڪارن ڪافرن جي ور چڙهي ويو آهي ۽ دين ڌرم بابت وائي تبائي بَڪي ٿو.

ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو سچ هو. رڳو رشيد کي نه پر اسان سڀني کي ٻرڪو جاستي اچي ويو هو. ترقي پسنديءَ جو پهريو مطلب اهو ٿي سُجهيو ته مذهب جي پيرويءَ کان آجو ٿجي جو اها هڪ دقيانوسي ڳالهه آهي، ٻيو ته سڀ کان اعلى ۽ اتم ڳالهه اها آهي ته زندگيءَ جي مڙني ننمتن کان منهن موڙي، مزورن ۽ ڪلارڪن جون انجمنون ٺاهجن، پر جي ائين به نه ڪري سگهجي ته پوءِ انهن بابت قصا ۽ ڪهاڻيون لکجن. در حقيقت جوانيءَ جو زمانو ڏاڍو پرجوش ٿئي ٿو. ماڻهو، جذبات جي رَوَ ۾ وهي، الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري ٿو. بعضي ته ڪيس ٿي ٿا وڃن. مرحوم حسن ناصر جو قبضيو مون کان ڪڏهن ڪونه وسرندو. گلاب جي گل جهڙو خوبصورت ۽ ڪيهر شينهن جهڙو باهمت نوجوان، نادان دوستن جي سنگت ۾، موت جي منهن ۾ هليو ويو. پوليس وارن کي ته اهڙو شڪار الله ڏياري، لاش ئي گم ڪري ڇڏيائون. وارثن کي ڪو ٻيو مئل ماڻهو ڏيکاريائون، جن لاش وٺڻ کان ئي انڪارڪيو ڪامريڊن جي لڏي ۾، مون کي هڪ ئي سيبتو ماڻهو مليو – سوڀو گيانچنداڻي، کيس ڏسي ڪتابن ۾ گوتم ٻڌ، گانڌي ۽ ابوذر غفاري بابت لکيل احوال ياد ايندو هو، پر سنڌي مائرن سوڀي جهڙا سدورا پٽ ڪل گهڻا ڄڻيا آهن!

انهن ڪامريڊن جي مقابلي ۾ ٻئي طرف جيڪو ٽولو هو، تن ۾ اڪثر منهن ۾ مومن پر اندر ۾ ابليس هئا. هو مذهبي ڪفن چور هئا. دين جي نالي تي دنيا جا مطلب سڌا ڪندا هئا، وٽن ڪفر جي فتوائن جي فيڪٽري سدائين چالو هوندي هئي، سندس مڪروهه صورت ڏسي، ڀلارو ڀٽائي ياد ايندو هو:

مُلان مرئي ماءُ، پِتوڦاٽئي پيٽ ۾،

سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنئي ڌوڙ ۾.

زندگيءَ جي انهيءَ چوراهي تي ٽپتاين ۽ ٺڳن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اسان جي واهر واسطي ٽيون گروپ به موجود هو، اهي هئا اسان جا والدين، ماءُ ۽ پيءُ کان مٿي اولاد جو خير خواهه ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي، پر اسان جي مٿن نگاهه ئي ڪانه ٿي پيئي، ڇو ته گهر جو پيرُ چلهه جو مارننگ ٿيندو آهي. مولوي صاحب ۽ رشيد ڀٽيءَ جي معاملي ۾ به اها صورت حال واقع هئي. غالباً مون کي مولوي صاحب جو پهريون پهريون ديدار تڏهن نصيب ٿيو، جڏهن رشيد سان ملڻ لاءِ سکر ويس. ان ڀيري رشيد مون کي سکر شهر خوب گهمايو. ڪوبه اهم هنڌ ۽ ماڳ ۽ ڪابه تاريخي جاءِ، آدم شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کان سواءِ ڪانه ڇڏيائين. اسان نيرن پاڻي ڪري، گهمڻ گهتڻ نڪرندا هئاسين ته عين ان مهل مولوي صاحب لڪڻ هٿ ۾ کنيون، گهر يا پريس مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ نوڪر کي جيپ گئراج مان ڪڍڻ لاءِ چوندو هو، کيس سڌ ته هوندي ته مهمان ٽڪيل آهي، پر هو اڪثر ماٺ ڪري جيپ ۾ چڙهي هليو ويندو هو. پنج-  ست ماڻهو ساڻس سدائين گڏ هوندا هئا.

ستت ڀٽيءَ وٽ منهنجو اچڻ وڃڻ تڪڙو تڪڙو ٿيڻ لڳو ۽ مان اڪثر مولوي صاحب جي منهن پوڻ لڳس، هيڪر ڪنهن طرح پريس ۾ هليو ويس ۽ اتي ڪٽنگ مشين ۽ ٽائيپ جا ڪيس ڏسي رهيو هوس، جو مولوي صاحب اندران پنهنجي ڪمري مان نڪتو. نهايت خنده پيشاني سان کيڪاريائين ۽ ايڏيءَ تعظيم و تڪريم سان مليو جو سندس ڀئو ڀولو دل ۽ دماغ تان لهي ويو. ان کان پوءِ جڏهن به سکر ويندو هوس ته اڪثر ساڻس ملاقات ڪندو هوس. بعضي اسان جي هلڪي سلڪي ڪچهري به ٿي ويندي هئي. مرحوم مولوي صاحب سراسر مکڻ ماکي هو! ملائڪ ماڻهو هو!

ڪڻڪ رنڱو، گول چهرو، اکين ۾ شرافت، چاپئين ڏاڙهي، جنهن ۾ اڇا ڪارا گڏ هئا، بت ۾ البت ڀريل، ڳورو مڙس، جڏهن وک کڻي هلي ته ائين ڀائنجي ته لنڱائي ٿو. اڪثر لڪڻ هٿ ۾، لباس قميص ۽ سلوار، بعضي ڊگهو چولو ۽ گوڏ به ڪندو هو. مٿي ۾ مون کيس اڪثر جناح ڪئپ ڏٺي. ٻيو دل تي تاثر اهو اٿم ته نيروٽي پوتڙو يا بوڇڻ بت تي ويڙهيندو هو.

هفتيوار ”المنار“ اخبار، جنهن جو پاڻ مالڪ ۽ ايڊيٽر هو، بوقت ضرورت، لٺ باٺي وانگر به استعمال ڪندو هو. ان ۾ ”شذرات“ جو ڪالم لکندو هو. سندس اخبار نويسيءَ جو قصو مون سڀ کان اول مرحوم پير حسام الدين راشديءَ کان ٻڌو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مرحوم پير صاحب ۽ مرحوم مولوي صاحب گڏجي اخبار ڪڍندا هئا. ان ئي زماني ۾ مرحوم پير صاحب جا پهريان پهريان ادبي ڪتاب مرحوم مولوي صاحب جي سنگت ۽ ساٿ ۾ ڇپيا. تن ڏينهن ۾ پير صاحب اڃا اسڪالر ڪونه بنيو هو، پر نو آموز لکندڙ هو. ”فداي الراشدي“ تخلص ڪندو هو، جڏهن اسان سندس سنگت ۾ آياسين، تڏهن سنڌ جو مڃيل مورخ هو. چنانچه اسان تي ائين ئي شفقت ڪندو هو، جيئن بزرگ ننڍن تي ڪندا آهن. ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڀٽي موجود هوندو هو، تڏهن پير صاحب سکر ۾ اخبار نويسيءَ ۽ مرحوم مولوي صاحب جي سنگت جا قصا ڪڍندو هو. هيڪر رشيد ڀٽيءَ کي فرمائش ڪيائين ته مون کي پنهنجا پراڻا ڪتاب آڻي ڏي. ڀٽيءَ کي سڀ ڪتاب ته هٿ ڪونه آيا، پر جيڪي سي آڻي پير صاحب کي ڏنائين. مولوي صاحب جي پريس ۾ ڇپيل اڪثر ڪتاب مذهبي نوعيت جا هئا. انهن ٿاڻن ۽ آثارن جي اُڌار تي مون مولوي صاحب جو جيڪو ذهن ۾ نقشو تيار ڪيو، سو هن ريت هو.

مولوي صاحب بنيادي طرح مذهبي ماڻهو هو. مذهب سان محبت مولوي صاحب کي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. الور جي پاسي سندن ڏاڏنگ ۾ هڪ درگاهه اڄ تائين موجود آهي. غالباً اهو ساڳيو بزرگ آهي، جنهن لاءِ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته وٽس جِنَ پڙهندا هئا. (مان ان ڳالهه لکڻ تي کيس چيڙائيندو هوس). الور مولوي صاحب جو اباڻو ڳوٺ آهي، چنانچه اتي کيس وڏن کان ورثي ۾ ٿورو گهڻو شايد ٻنيءَ جو ٻارو به مليو. ابتدا ۾ اها ڪا ايڏي وڏي ملڪيت ڪانه هئي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو سکر جهڙي گجندڙ شهر ۾ گهر ٻڌي وهي، پر مولوي صاحب شهر جي واءُ لڳڻ کان پوءِ به پنهنجي ٻني ٻاري کي وساريو ڪونه، بلڪه اُن کي صحيح معنى ۾ ڊيولپ (Develop) ڪيو. ازانسواءِ پنهنجي پريس قائم ڪيائين، هفتيوار اخبار ڪڍي پنهنجو اثر رسوخ وڌايائين. ضرورتمند ماڻهن سانگڏجي مختلف آفيسن ۾ سندن ڪمن ڪارين سان وڃڻ سندس روزمره جو نيم هو. ان طرح هو صحيح معنى ۾ عام ماڻهن جي مسئلن کان واقف رهندو هو ۽ عوامي ليول تي عام ماڻهن جو هڏ ڏوکي، ساٿي ۽ مددگار رهندو هو. موٽر ۾ خدا جي اها خلق رڳو سندس مڙهيءَ جيپ ۾ پيٽرول ڪانه وجهرائيندي هئي، پر اوليءَ سوليءَ کيس ڪم به ايندي هئي. شهر جي هندو واپارين سان ڀائيچارو ڪري روهڙيءَ ۾ سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو هنيائين. قدرت کيس قناعت جي نعمت سان نوازيو هو، سو رڳو پاڻ وچولي درجي جي هڪ خوشحال ماڻهوءَ جي حياتي ڪانه گذاريائين، پر پنهنجن پوين لاءِ به گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو. جاگيراڻي محلي ۾ ان جي آسپاس ڪافي پڪين جاين ۾ رهندڙ ماڻهو مولوي صاحب جا ڪرائيدار آهن، اهي سڀ جايون هاڻي مولوي صاحب جي خاندان جي ملڪيت آهن، ۽ انهن جي قيمت لکن ۾ نه ته هزارن ۾ ضرور هوندي. سنڌ جي حساب سان وچولي طبقي ۾ اشراف ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجيءَ سهنجيءَ وارو هجي، اوڙي پاڙي ۾ عزت هجيس، غريب غربي کي اوکيءَ مهل سڏ ۾ سڏ ڏئي، رڳو پاڻ سڻڀو ٽڪر نه کائي پر مهمان لاءِ به دسترخوان ڪشادو ڪري، الله ۽ رسول جو نالو وٺندو هجي، ان معيار تي پرکبو ته مرحوم مولوي صاحب هڪ آئيڊيل سنڌي نظر ايندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com