سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :10

(9)    وفي مجمع البحار للعم المختار قدس سره عن النيسابوري اسفل منهما في المکان او في الفضل او فيهما وهو الاظهر.

ترجمو: منهنجي پياري چاچي شيخ طاهر محدث
قدس سره پنهنجي تفسير مجمع البحار ۾ تفسير نيشابوري کان هڪ روايت آندي آهي ته: هي ٻئي باغ پهرين ٻن باغن کان جاءِ جي اعتبار کان يا فضيلت جي اعتبار کان يا جو ڪجهه انهن ٻنهي باغن ۾ آهي، مرتبي ۾ گهٽ آهن ۽ اها ظاهر ڳالهه آهي.....“

صفحو 395

(10)   في مجمع البحار عن ابن عباس رضي الله تعاليٰ عنہ الخيمة درة مجوفة فرسخ في فرسخ فيها اربعة آلاف مصراع من ذهب.....“

        ترجمو: تفسير مجمع البحار ۾ حضرت ابن عباس رضي الله عنهہ کان روايت مرقوم آهي ته: جنت ۾ هڪ خيمو کوکلي موتيءَ جو هوندو، جنهن جي ويڪر ۽ ڊيگهه هڪ هڪ فرسخ هوندي، ان ۾ چار هزار دروازا هوندا ۽ سڀني جون چانئٺون سون جون هونديون.

(11)   وفي مجمع البحار مرفوعا ان ارتفاعها کما بين السماءَ والارض.

        ترجمو: مجمع البحار ۾ مذڪور آهي ته اهي بسترا وڏا اوچا هوندا ۽ ٻنهي بسترن جي وچ ۾ ايترو مفاصلو هوندو، جيترو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهي.

غوثي، تفسير مجمع البحار جي متعلق وڌيڪ لکي ٿو ته، ”هڪ ڏينهن ان تفسير جا ڪجهه جزا ڪشف ۽ شهود ۾ مستغرق شيخ لشڪر محمد عارف شطاري قدس سره جي نظر مان گذريا ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فرمايائين ته هن رنگين ڪتاب جو مصنف پنهنجي حسنات جي جزا جو اندازو شايد قيامت جي ڏينهن ئي لڳائي سگهي ٿو، ڇو جو اهو اندازو اڄ ان حسنات جي ڪيفيت بيان ڪرڻ سان ادا نه ٿي سگهندو.“

ان تفسير جي شهرت جو اندازو انمان به لڳائي سگهجي ٿو ته فاضل مصنف جڏهن ان کي لکي رهيا هئا ته غوثيءَ جي تحرير مطابق وقت جي حاڪم عادلشاهه فاروقي راجه علي خانلله عرضداشت پيش ڪئي ته ان عظيم تفسير جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جيڪڏهن منهنجو نالو لکيو وڃي ته اهو سندس لاءِ دارين جي برڪت جو باعث ٿيندو.

شيخ طاهر محدث سنڌي طفال خان جي نالي هڪ ”ابتدائيہ“ تفسير ۾ تحرير ڪري چڪا هئا، انڪري خطبہ ثاني راجه علي خان جي استدعا تي تحرير ڪيائون. ان واقعي جو ”گلزار ابرار“ جي اردو ترجمي ۾ تفصيل هن طرح ڄاڻايل آهي:

”فرمانروائي صوبي (خانديس) علي عادل شاه فاروقي [راجي علي خان] ني مولانا حسين شيرازي کو جو حکمت کي فنون اور عقلي علوم مين اپنا نظير نهين رکهتي تهي اور نديم خاص جلال خان براري کو، جن کو رسمي علوم مين دستگاه تهي، مصنف (شيخ طاهر محدث سندهي) کي خدمت مين بهيجا تها اور التماس کي تهي که اگر اس پاسبان خلائق کا عهد اس کتاب مين درج کيا جائي تو غايت درجه عنايت هوگي. آپ ني يه التماس قبول فرمائي، اس وجه سي کتاب هذا کا خطبه دو طرح پر واقع هوا.“

ان معرڪة الاراء تفسير جي اشاعت ۽ حفاظت کان برهانپور وارن جي عدم دلچسپي حيرت جوڳي آهي. جيڪڏهن علامہ غوثي ان عظيم تفسير جا نمونا پيش نه ڪري ها ته سنڌ جي هڪ عالم فاضل جي اها ڪاوش بنان ڪنهن تعارف جي تاريخ جي گمنام گوشي ۾ هلي وڃي ها. ان جو هڪ وڏو سبب يقيناً شيخ طاهر محدث ۽ سندن ڀائٽي مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوري جن جي وفات کان پوءِ سندن لائق فائق حقيقي اولاد کي عظيم ڪتب خانه مسيحي ۽ خانقاه جي معاملن کان رفته رفته دور ڪرڻ هو.

راشد برهانپوري،’برهانپور ڪي سنڌي اولياء‘ ۾ 1265هه ڌاري سنڌي پوره جي تباهي هڪ وڏي باهه لڳڻ سبب بيان ڪري ٿو، جڏهن ڪيتريون ئي عمارتون سڙي خاڪ ٿي ويون، سواءِ حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله ۽ سندس چاچي مڪرم شيخ طاهر محدث سان لاڳاپيل مزار ۽ مسجد، جيڪي محفوظ رهيون. ڪجهه ماڻهو  انهيءَ سانحي ۾ سنڌي پوره جي علمي خزاني جي ختم ٿيڻ جي پڻ ڳالهه ڪن ٿا. جڏهن ته برهانپور ۾ موجود ذڪر ڪيل بزرگن جي ڏهٽاڻ ۽ عزيزن، بنده تي خطن ذريعي واضح ڪيو آهي ته اهو علمي خزانو ورهاڱي وقت سندن عزيز سيد شريف الدين پيرزادو پاڻ سان (پاڪستان) کڻي ويو. والله اعلم.

”مجمع البحار“ متعلق اقتباسَ:

”گلزار ابرار“ جي مصنف باوجود ملاقي ۽ همعصر هئڻ جي مغالطي سبب ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون آهن. تفسير ”مجمع البحار“ ۽ ”مجمع بحار الانوار“ جا مڪمل نالا ڏيڻ بجاءِ سهواً صرف ”مجمع البحار“ لکندو رهيو- پوءِ ڀلي اهو شيخ طاهر محدث سنڌيءَ جو ذڪر هجي يا شيخ محمد طاهر پٽنيءَ جي سوانح جو.

همعصر سوانح نگار غوثي، ”گلزار ابرار“ ۾ ياد شيخ محمد ابن طاهر (پٽني) نهرواله جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”مجمع البحار نالو هڪ مشڪل ڪشا شرح احاديث جي صحاح سته تي آهي، جيڪو سندس ئي قلم سان لکيل آهي.“

شيخ طاهر محدث سنڌي جي احوال ۾ وري غوثي هن طرح رقمطراز آهي: ”ذڪر ڪيل تصنيفن مان هڪ تفسير ’مجمع البحار‘ آهي، جيڪو لطائف قشيريءَ جي اسلوب تي طائفہ صوفيہ قدس سره جي نڪتن ۽ اشارن تي مشتمل آهي.“

هڪ ٻيو همعصر مصنف شيخ عبدالحق محدث دهلوي پنهنجي تصنيف اخبار الاخيار ۾ شيخ طاهر پٽني متعلق ڄاڻائي ٿو: ”و در علم حديث تواليف مفيده جمع کرد از انجمله کتابي است که متکفل شرح صحاح است مسمي به ”مجمع البحار“ و رسالہ ديگر الخ“

مولانا غوثي گلزار ابرار ۾ مجمع البحار جي مصنف جو نالو شيخ محمد ابن طاهر نهرواله لکيو آهي. غلام علي آزاد بلگرامي مآثر الڪرام ۾ مجمع البحار جي مصنف جو نالو شيخ محمد بن طاهر الفتني (پٽني) لکيو آهي ۽ ان ڪتاب جو نالو غرائب الحديث لکيو آهي. علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ ۽ مفتي غلام سرور لاهوري خزينة الاصفياء ۾ جيڪو شيخ طاهر لاءِ لکيو آهي، اهو اخبار الاخيار جو نقل آهي.

مولوي خليل الرحمٰن برهانپوري ”تاريخ برهانپور“ (مطبع مجتبائي دهلي 1327هه) ۾ سيخ علي متقي رحمة الله عليہ جي خليفن جو ذڪر ڪندي ٻين نالن سان گڏ شيخ محمد طاهر پٽني (مصنف ڪتاب مجمع البحار) جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، مگر ڪتاب جو نالو صرف مجمع البحار لکيو اٿس. سندس موضوع ڪهڙو آهي، تنهن جو ذڪر ئي نه ڪيو اٿس.

ساڳئي ڪتاب ۾ حضرت مولانا شيخ قاسم (والد مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي سنڌي) جي ذڪر ۾ تاريخ الاولياء جو حوالو ڏيندي چوي ٿو:

”وه (شيخ قاسم سندهي) فرزند مولانا سندهي برهانپوري کي اور بهائي شيخ محمد پڻني صاحب مجمع البحار کي تهي. حضرت شاه عيسيٰ جند الله خلف الصدق حضرت شيخ محمد قاسم کي هين.“

(تاريخ برهانپور ص 126 طبع ثاني مطبوعه کوثر پريس برهانپور)

تاريخ برهانپور جي انهيءَ اقتباس مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته نه رڳو اهل سنڌ جي ڪجهه عالمن ۾ شيخ طاهر سنڌي پاٽائي ۽ شيخ طاهر پٽني متعلق مغالطو رهيو، بلڪ اهل برهانپور پڻ سندن متعلق احوال کي گڏ وِچڙ ڪري ويا آهن ۽ سندن تصنيفن متعلق پڻ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويا آهن.  مخدوم محمد روشن 1356هه/ 1937ع ۾ تاريخ پاٽ لکي تنهن ۾ پڻ ٻنهي طاهر صاحبان جو احوال پاڻ ۾ ملائي ويو آهي. اهو ڪتابڙو تحرير ڪرڻ وقت فاضل مصنف يقيناً  تاريخ برهانپور ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب سامهون رکيا هوندا.

علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام جلد اول ۾ لکي ٿو:

”و در علم حديث تواليف مفيد جمع کرد از انجملہ کتابي است که متکفل شرح صحاح ستہ مسمي بہ مجمع البحار و رسالہ ديگر.“

هي اخبار الاخيار جو لفظ به لفظ نقل آهي.

غلام علي آزاد بلگرامي مآثر الڪرام ۾ شيخ طاهر الفتني قدس سره جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”تواليف مفيده وارد مثل البحار و غريب الحديث.... الخ“

خزينة الاصفياءَ جلد اول ۾ غلام سرور لاهوري شيخ طاهر گجراتيءَ جو ذڪر ڪندي هيٺيان لفظ استعمال ڪيا:

”و در علم حديث تواليف مفيد جمع کرد از انجملہ کتابي است که متکفل صحاح است مسمي مجمع البحار و رسالہ ديگر.... الخ“

شيخ طاهر محدث سنڌي ۽ شيخ طاهر پٽني لاءِ تاريخ اولياءَ (اردو) ۾ هن طرح لکيل آهي:

”محدث بي بدل مفسر بي عديل فقيه لاثاني تهي اور مکه مين شيخ علي متقي سي خرقه خلافت حاصل کيا اور پهر اپني وطن کي جانب آکر تمام بدعات کو ملک گجرات سي دور کيا. تصانيف آپ کي متکفل شرح صحابه [يقيناً هي لفظ صحابه نه صحاح آهي] مسمي مجمع البحار“

هڪ ٻئي هنڌ شيخ محمد طاهر پٽني ُپاٽائيلله محدث جي حالات ۾ لکي ٿو:

”شيخ برخوردار سندي و شيخ اجل علي ابن حسام الدين متقي سي فيض کثيره حاصل کيا. بڙي متقي پرهيزگار صاحب تصانيف کثيره هين. چنانچه مجمع البحار تذکره موضوعات وغيره ....“

ڪجهه مصنفين آڏو پٽني (پٽنه) ۽ پاٽائي (پاٽ) لفظ پڻ مغالطي جو سبب بڻيا آهن.

آزاد بلگراميءَ جي ”سبحة المرجان“ ۾ ڏنل شيخ طاهر محدث ۽ سندس ڏهٽي شيخ عبدالقادر مڪي مفتي مڪہ شريف جو احوال ڪڏهن شيخ طاهر پٽني ۽ ڪڏهن پاٽائي سان گڏ وِچڙ ڪيو ويو آهي. اهو پڻ واضح ڪندو هلجي ته اڪثر تاريخن ۾ شيخ پٽنيءَ جو نالو شيخ محمد بن طاهر پٽني گجراتي ڄاڻايل آهي. گلزار ابرار جو صاحب غوثي پڻ شيخ پٽنيءَ جو همعصر آهي. هن جي ڪتاب ۾ اسماء الرجال جي فهرست حروف تهجي جي حساب سان ترتيب ڏنل آهي. ”ط“ جي باب ۾ صرف شيخ طاهر محدث پاٽائيءَ جو نالو ڏنل آهي، شيخ طاهر پٽنيءَ جو موجود ڪونهي. جڏهن ته ”م“ جي عنوان ۾ سيخ محمد بن طاهر پٽني موجود آهي. ڪنهن نثري مضمون جي ڪتابت جو معاملو هجي ته ڪتابت جي غلطيءَ جو گهڻو امڪان رهي ٿو. جڏهن ته اهو امڪان نالن جي فهرست جوڙڻ ۾ گهٽ ئي ٿئي ٿو. ان کان علاوه اڪثر تذڪرن ۾ شيخ طاهر پٽنيءَ جو نالو شيخ محمد بن طاهر پٽني نظر اچي ٿو. تازو اداره اسلاميات لاهور جو ڇپايل ڪتاب ”المغني“  نظر مان نڪتو، جيڪو شيخ محمد بن طاهر پٽنيءَ حديث جي راوين جي نالن جي صحيح تلفظ ڄاڻڻ لاءِ تحرير ڪيو هو. ان تي پڻ سندس نالو محمد بن طاهر الحنفي گجراتي صاحب مجمع بحار الانوار لکيل آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته صاحبِ مجمع بحار الانوار جو اصل نالو شيخ محمد بن طاهر پٽني گجراتي آهي، جيڪو سهواً شيخ طاهر پٽني لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو.

تصنيفون:

(1)     مختصر قوة القلوب

(2)    منتخب مواهب لدنيہ

(3)    ملتقط جميع الجوامع سيوطي

 (4)   موجز قسطلاني: غوثي لکي ٿو ته ان کان وڏي بخاريءَ تي ڪابه شرح موجود نه آهي. وڏا ٻارنهن دفتر ٻن لکن بيتن ُسطرنلله ۾ مختصر ٿيل آهن.

(5)     تفسير مدارڪ: غوثيءَ جيبيان مطابق اهو ڪتاب پنهنجن ٻن فرزندن شيخ عبدالله ۽ رحمة الله واسطي لکيائين ۽ اُن جي شروعات هن طرح ڪئي آهي: ”قال ابو عبدالله طاهر بن يوسف رحمة الله“

(6)    اسامي رجال صحيح بخاري: هيءَ شرح ڪرمانيءَ جي طرز تي آهي.

(7)    رياض الصالحين: هن جي فهرست ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جن کي روضن جو نالو ڏنو ويو آهي.

        روضه اول: احاديث صحيح جو بيان

        روضه ثاني: مشائخ عظام، غوث پاڪ، امام غزالي، ابو طالب، شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي، زين الدين، شيخ علي متقي

        روضه ثالث: اهل عرفان ۽ وجدان متعلق عبارتون.

حضرت شيخ طاهر کي پنهنجي دور جو ڪامل ولي ۽ عالم بي بدل تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان دور جا وڏا وڏا عالم ۽ صوفي سندن صحبت ۾ چند گهڙيون ميسر ٿيڻ کي سعادت دارين تصور ڪندا هئا. کين ٽيهه هزار حديثون زباني ياد هيون.

مددي ڪتاب:

(1) تفسير انوار الاسرار

(2) ڪحل الجواهر اردو قلمي (ڪتب خانه ذاتي)

(3) گلزار ابرار

(4) پاٽ پراڻيءَ جي تاريخ

(5) تاريخ باب الاسلام

(6) انساب مشائخ سيوستان

(7) برهانپور ڪي سندهي اولياءَ

 

 

سنڌي پوره برهانپور ۾ الشيخ العالم الڪبير المحدث العلامة محمد طاهر بن يوسف الپاتري السندي الهندي جي مرقد تي مغليه سپہ سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ٺهرايل ٻارنهن دري. هيءَ تصوير برهانپور (هند) ۾ موجوده سجاده نشين حاجي حڪيم غلام خواجه قادري برهانپوريءَ، هن مضمون جي لکندڙ (اولاد مسيح الاولياءَ) کي ٽپال ذريعي موڪلي.

 

ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

 

ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ  بنيادي اُپاءَ

 

ايڪويهين صدي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي. ان جي حيرت انگيز مدد سان ٿيندڙ تيز رفتار ترقيءَ جي ڪري دنيا جون گوناگون ضرورتون به ڏينهون ڏينهن نهايت ئي تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ان جي سموري اهميت ۽ ضرورت کان واقف هجڻ جي باوجود به جيڪي ماڻهو ان کان پري رهندا، وقت ثابت ڪندو ته ٿورڙي ئي وقت ۾ انهن جي حيثيت اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي مقابلي ۾ پراڻي دور جي عطائي حڪيم جهڙي وڃي بيهندي! ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انهن جي حالت لائبريريءَ جي تهخاني ۾ پيل انهن بي ترتيب ۽ قيمتي علمي ڪتابن جهڙي ٿي ويندي، جن ۾ اڻلڀ دَز چڙهيل ذخيرن هجڻ جي باوجود، مشڪل سان ڪوئي پڙهندڙ انهن تائين پهچي سگهندو آهي. بهرحال هر عقل واري ماڻهوءَ جي بنيادي سڃاڻپ اها آهي ته حالتن جي بدلجڻ سان، انهيءَ جو فڪر به نون رستن تي هلي پوندو آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ ترقيءَ جا سمورا رستا ان جي لاءِ ڏکيا ٿي پوندا آهن يا معدوم ٿي ويندا آهن.

اديب جي ته بنيادي ذميوارين ۾ اهو شامل آهي ته هو پنهنجن مشاهدن، تجربن يا احساسن جو ڀرپور عڪس ڪاغذ ۽ قلم ذريعي ايندڙ نسل جي سامهون صاف صاف رکي، ته جيڪڏهن ان مان فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ نسل جلدي اڳتي وڌي، ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن نقصان پهچائيندڙ آهي ته بنان نقصان کڻڻ جي پاسو ڪري وڃي، يا ڪو اهڙو نئون طريقو اختيار ڪري، جو ان نقصان کي به پنهنجي  فائدي ۾ استعمال ڪري سگهي. انهيءَ نظريي کي سامهون رکندي اسان کي به گهرجي، ته وقت جي ضرورتن کي سمجهون، ته جيئن ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ گهٽتائي نه، پر تيزيءَ سان واڌارو ٿي سگهي.

هاڻي اسان جي آڏو اهم سوال آهي ته ايڪويهين صديءَ (ڪمپيوٽر جي صدي) ۾ اسان جي ادب جو ٻوٽو ڪهڙي نموني سان وڌيڪ سرسبز ۽ ڦلدار رهي سگهي ٿو. هن وقت پوري دنيا ۾ آسپاس جو ماحول ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي وڌيڪ رنگين ۽ دلچسپ ٿيندو پيو وڃي، جنهنڪري ان سان وابسته مضمون خودبخود نوجوان نسل جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان جي ادب جي خدمتگذارن تي اهو فرض عائد ٿو ٿئي ته ادب جي معرفت دنيا جي رنگن کي بلئڪ ائنڊ وائيٽ ڏيکارڻ بدران، وڌيڪ محنت ڪري، رنگين ڏيکاريون ته جيئن وقت جي رفتار کي سمجهائڻ وارا ان کان پوئتي نظر نه اچن. ان سلسسلي ۾ سڀ کان اول پرائمري سطح تي ٻولي ۽ ان ۾ موجود فنپارن کي جديد انداز ۾ متعارف ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته چوندا آهن ته عادتون عضوي وانگر هونديون آهن ۽ ننڍپڻ ۾ ئي اُنهن کي صحيح رخ ۾ موڙي سگهجي ٿو. انڪري ٻوليءَ ۽ ان جي معرفت ادب سان ڊگهي محبت دلچسپ پڙهائيءَ جي وسيلي ئي سولائيءَ سان پيدا ڪري سگهجي ٿي. پرائمري سطح تي الف- بي کان وٺي شاعري ۽ ڪهاڻين جو ڪمپيوٽرائيزڊ سليبس ٺاهي متعارف ڪرائڻ گهرجي. اڄڪلهه سنڌ جي هر وڏي شهر جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر موجود آهن ۽ سرڪاري اسڪولن کي پڻ سرڪار پاران درجي بدرجي ڪمپيوٽر فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ ٻارن کي ان جي سکيا ڏئي اُن معرفت پڙهايو وڃي ٿو، پر صرف انهن موضوعن (Subjects) کي، جيڪي انگريزي ٻوليءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ جڏهن ”مادري ٻوليءَ“ جو وارو اچي ٿو ته ٻار کي ڪمپيوٽر کان هٽائي صرف ڪتاب ۽ ڪاپيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو ۽ ان جي معرفت ان کي الف- بي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاري ٿي وڃي، جنهنڪري ٻار مادري ٻوليءَ سان پيار جي رشتن جوڙڻ بدران مجبوريءَ سان تعلق جوڙي ٿو. ان صورتحال ۾ انيڪ بنيادي ڳالهيون اسان جي آڏو اچن ٿيون. پهرين ته جنهن ٻار کي ادب جو دُڪو ئي دل ۾ نه وڌو وڃي، اهڙي ٻار منجهه سڄي عمر ٻوليءَ ۽ ادب سان خاص دلچسپي پيدا ٿيڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته هڪ ته ان ريت اديب يا ادب دوست پيدا ڪرڻ بدران اسين پاڻ ان ڏس ۾ رنڊڪ بڻيا بيٺا آهيون. ٻيو ته جديد انداز موجود هجڻ جي باوجود، پراڻي انداز سان پڙهائڻ جي ڪري، اسان جي ان عمل سبب جيڪو شخص ڏهه پندرهن سال پهرين اديب جي صورت ۾ ملڻ کپي، اهو دير سان ملندو. انڪري وڏي ضرورت ان شيءِ جي آهي ته بنيادي يعني پرائمري سطح کان ان جي شروعات ڪئي وڃي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ سليبس تيار ڪرايو وڃي، جنهن ۾ هيٺ ڏنل ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي:

(1) ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيڪو ڪجهه به پڙهايو وڃي، اُهو ملٽي ميڊيا سان پڙهايو وڃي.

(2) نرسري ڪلاس کان ئي سنڌي نصاب جون اهڙيون CD's تيار ڪرايون وڃن، جن جي هر اکر/اُچار پٺيان استاد جو آواز به هجڻ گهرجي، ته جيئن ٻار ان کي استاد جي مدد سان يا ان جي غيرموجودگيءَ ۾ پاڻ به پڙهي/ٻڌي سگهي ۽ جي کيس سمجهه ۾ نه اچي، ته ان کي وري وري ٻڌي ذهن نشين ڪري سگهي.

(3) شاعري (نظم/بيت/گيت) جيڪي به نصاب ۾ شامل هجن، تحت اللفظ هجڻ سان گڏوگڏ سي.ڊي تي سنگيت/ڌُن سان ڳايل پڻ هجڻ گهرجن، ته جيئن ٻوليءَ ۽ ادب سان ٻار جي دلچسپي ۾ واڌارو ٿي سگهي.

(4) ڪهاڻيون يا معلوماتي مضمون ڊرامائي انداز ۾ سي-ڊيز تي هجڻ گهرجن، ته جيئن اسڪول کان ٻاهر يعني گهر ۾ اهي سي-ڊيز بطور ٽيوشن ٻار جي ڪم اچي سگهن.

آڳاٽي وقت ۾ اسان پرائمري ڪلاس ڦرهيءَ ۽ سليٽ تي پڙهيا ۽ ڇهين ڪلاس ۾ اسان کي پين ۽ ڪاپي استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. اڄ جو پرائمري پرهڻ وارو ٻار نرسري ڪلاس کان ئي ڪاپي ۽ پينسل استعمال ڪري ٿو. موجوده دَور ۾ جيئن پٽي ۽ سليٽ جو واهپو بلڪل بند ٿي ويو آهي، ائين ايندڙ دور ۾ پينسل ۽ ڪاپيءَ جو استعمال پڻ بند ٿي ويندو ۽ ان جي جڳهه تي ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر استعمال ٿيندو. انڪري بهتر اهو ٿيندو ته اسان ايندڙ اڻٽر حالتن لاءِ هاڻي کان ئي تياري شروع ڪريون ۽ انهن تجويزن تي عملي ڪم شروع ڪريون، ته جيئن وقت جي رفتار سان وک وڌائي سگهون.

اهو به ممڪن آهي ته ستت ئي هر اسڪول ۽ ڪاليج کي پنهنجي ويب سائيٽ (website) هجي ۽ اڪثر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ائين آهي. جتي ائين آهي اتي جي استادن کي گهرجي ته پاڻ ڪمپيوٽر ۾ دلچسپي وٺي ان تي عبور حاصل ڪن ۽ ان جي معرفت ادبي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. مثلاً: ٻارن ۾ نظمن جي چٽاڀيٽي ڪرائڻ، ۽ جنهن ٻار جو نظم پهرئين نمبر تي اچي اُهو ٻيءَ چٽاڀيٽيءَ تائين اسڪول/ڪاليج جي ويب سائيٽ تي رهي. ائين ٻار ۾ شاعري يا نثر سان دلچسپي پيدا ٿيندي. اِهو آءٌ ذاتي تجربي جي بنياد تي چئي رهيو آهيان. پنهنجي ٽئين ڪلاس جو اُهو خوبصورت ڏينهن اڄ به مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي، جڏهن استاد سائين اسڪول جي سڀني ٻارن کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو هو. اسان ٽين کان پنجين ڪلاس جي سڀني ٻارن پنهنجن وڏن کان ٻُڌل ڪهاڻي سليٽ تي قلم سان لکي هئي ۽ استاد پاران شاباس ملڻ تي مون ڪهاڻيون انڪري ڌيان سان ٻُڌڻ شروع ڪيون هيون، ته مون کي ٻُڌائڻ جو موقعو ملندو. ان ريت شاعري ۽ نثر سان ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. سنڌي ادب جي تاريخ جا پنا اٿلايا وڃن ته واضح نظر ايندو ته ادب ۾ وڏا وڏا ڪارناما جن ماڻهن سرانجام ڏنا، تن ۾ ڪافي تعداد انهن شخصيتن جو آهي، جن جو ادب ذريعهء معاش نه هو، پر ان جي باوجود به ادبي ذخيري ۾ انهن جو وڏو حصو آهي. ان جا ڪارڻ ٻيا به ٿي سگهن ٿا، پر بنيادي ڪارڻ رهنمائي ۽ بهتر ماحول پڻ رهيو. اهڙن مثالن ۽ نتيجن جي موجودگيءَ ۾ صورتحال کي سمجهندي به جيڪڏهن اسان ادب لاءِ ايڪويهين صديءَ جي ضرورت وارو ماحول پيدا نه ڪيو، ته موجوده دور جي ادبي رفتار (جيڪا اڳي ئي بهتر نه آهي) قائم رکڻ ته ٺهيو پر معاملو ماڳهين بگڙي به سگهي ٿو. سائنس جي شاگردن جي گهڻائيءَ کي موجوده صورتحال ۾ ادب سان ڪا خاص دلچسپي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، جنهن جو بنيادي سبب پڻ ادب جي لاءِ موجوده ماحول آهي. اسان کي ان تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. 1950ع واري ڏهاڪي کان پوءِ جيڪي نسل پيدا ٿيا، تن جي ڀيٽ ۾، کانئن اڳ وارن نسلن، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ صحتمند ادب جنهن جو بنيادي سبب انهن جي مختلف ٻولين جي ڄاڻ ۽ ادب جو وسيع مطالعو هو، ۽ اها ڄاڻ ان وقت به انهن ماڻهن وٽ وڌيڪ هئي، جن جو ذريعهء معاش ادب ڪڏهن به نه رهيو، پر انهن کي ماحول اهي موقعا فراهم ڪيا. اسان کي به صرف ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ترجمي جي سلسلي ۾ پڻ آرٽس جي شاگرد جي ڀيٽ ۾ سائنس جو شاگرد وڌيڪ ڪارائتو آهي. هڪ ته ان کي سڀيئي مصمون انگريزيءَ ۾ پڙهڻا پون ٿا، جنهنڪري ان جي انگريزي خوبخود بهتر ٿي وڃي ٿي ۽ انگريزي هڪ اهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ ٻين ٻولين جي ادب جا ترجما پاڻ ڄاڻ شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻيو ته سائنس جي شاگرد کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا موقعا به وڌيڪ ملن ٿا، انڪري جيڪڏهن اسان سائنس جي شاگردن جي جوڳي تعداد ۾ سٺو ادبي ذوق پيدا ڪريون ۽ ان کي لکڻ جي لاءِ لاڙي سگهون ته اهو جيڪڏهن شاعر، محقق يا نثرنگار جي روپ ۾ نه سهي، پر مترجم جي حيثيت سان، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي اوڄ ڏئي سگهي ٿو. اسان لاءِ ضروري آهي ته ننڍپڻ ۾ ئي ان جي اندر لڪل اديب يا ادب دوست رويي کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ماحول سازگار رکون. ان عمل سان يقيناً نئون ادب تخليق ٿيندو رهندو ۽ جڏهن نئون ادب تخليق ٿيندو ته خودبخود نوان نوان موضوع سامهون ايندا ويندا.

ايندڙ پنجاهه سالن کان پوءِ جڏهن پراڻي نسل جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي اهو ٻڌائيندا ته اسان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ ميلن جو سفر طيءِ ڪري ويندا هئاسين ته انهن کي يقيناً حيرت ٿيندي ته ڇا انهن وٽ ايترو فالٽو وقت هو، جيڪو هو سفر ۾ ضايعڪري ڇڏيندا هئا؟ ڇو ته ان وقت انهن کي اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه هوندي، بلڪ گهر ۾ ئي هو پنهنجي استاد جو ليڪچر ٽائيم ٽيبل جي مطابق ٻڌي سگهندا. استاد کي به سفر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هو به پنهنجي گهر ويٺي ليڪچر ڏيندو ۽ جڏهن ڪو شاگرد سوال پڇڻ چاهيندو، ته اُهو استاد جي ڪمپيوٽر تي نظر ايندو، جنهن کي ڪِلڪ ڪرڻ کان پوءِ استاد ۽ شاگرد ان پڇيل سوال ۽ استاد جو ڏنل جواب پنهنجي پنهنجي گهر تي ٻڌي سگهندا. انهيءَ ڪم جي شروعات جو ابتدائي سهڻو نمونو اسان جي ملڪ ۾ ورچوئل (Virtual) يونيورسٽيءَ ۾ آهي. ايندڙ ڏهن سالن ۾ جيئن ئي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ واڌ ٿيندي، تيئن يونيورسٽي سطح تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ وارا سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر يا شعبي منجهان ڪمپيوٽر جي معرفت شريڪ ٿي سگهندا. پنهنجي پنهنجي واري تي مقالو به پڙهندا ۽ ٻين کي ڪمپيوٽر جي معرفت روبرو ٻڌي به سگهندا. انڪري سُتت ئي انهن سڀني حالتن کي نظر ۾ رکندي، اسان کي صحتمند ادبي سرگرمين لاءِ هيٺيان اُپاءُ وٺڻ کپن:

(1) ادبي تحقيق جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ (۽ هند) جي سڀني ٻولين ۽ ادب سان لاڳاپيل شعبن جي ڳانڍاپي لاءِ، ڪمپيوٽر معرفت هڪ رابطي جو هڪ پروگرام ٺاهڻ.

(2) سنڌ (سنڌ- هند) جي سطح تي ڪمپيوٽرائزڊ لائبريريءَ جو بنياد رکڻ، جيڪا هر وقت انٽرنيٽ تي موجود هجي، ته جيئن محقق، نقاد يا اديب لاءِ هڪ ئي هنڌ مواد هڪيو هجي ۽ ان کي ڀٽڪڻو نه پوي. ان ڏس ۾ سڀني اهم ڪتابن، ايم. فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جون ٿيسز وغيره ڪمپوزنگ کان پوءِ ڪمپيوٽر لائبريريءَ ۾ هجن ۽ ان جي درجه بندي آمريڪي ڪانگريس لائبريريءَ جي اصولن پٽاندر هجي ۽ ڪم مستقل طور ڪندو رهجي. خانگي ادارا جيڪي هن خير جي ڪم ۾ مدد نه ٿا ڪري سگهن، انهن کان اجازت وٺي اهي ڇپيل ڪتاب داخل ڪيا وڃن.

(3) سڀني ادارن ۽ محققن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو وڃي ته هو جڏهن به پنهنجو ڪو ڪتاب بازار ۾ آڻين ته ان سان گڏ ان جي سي.ڊي به تيار ڪرائين، ڇو ته سُتت ڪتاب جي جڳهه سي.ڊي والاري وٺندي. (اها وضاحت به ضروري آهي ته ان ايجاد سان مصنف يا پبلشر کي ڪو به مالي نقصان نه ٿيندو، ڇو ته موجوده دور ۾ مصنف کي اجوري ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ان ڪتاب کي انٽرنيٽ لائبريريءَ ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ اتي هر شاگرد به عام لائبريريءَ وانگر ان لائبريريءَ جي في ادا ڪرڻ کان پوءِ ان ڪتاب کي پڙهي سگهندو. ائين يقيناً پڙهندڙ جو وقت ۽ پيسو به بچندو ۽ گڏوگڏ ادب جي پڙهندڙن جي تعداد ۾ واڌارو به ٿيندو).

(4) سنڌ شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز رهي آهي، انڪري ان جي گهڻن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قلمي نسخن (سنڌي، عربي، فارسي، اردو، سرائيڪي وغيره) جا ذخيرا موجود آهن. انهن جي نه رڳو نشاندهي ٿئي، پر انهن منجهان خالص ادبي نسخن کي اسڪين ڪري ڪمپيوٽرائزڊ لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪرڻ گهرجي. انهن جو تعارف انٽرنيٽ لائبريريءَ جي اورينٽل سيڪشن ۾ شامل ڪجي، ته جيئن لائبريري جي في ڏئي ان مان لاڀ پرائجي.

(5) سرڪاري سطح تي سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽر جي ماهرن کي باقاعدي پراجيڪٽ ڏنا وڃن، ته جيئن هو انگريزيءَ کان سنڌي، فارسيءَ کان سنڌي، فرانسيسيءَ کان سنڌي، روسيءَ کان سنڌي، عربيءَ کان سنڌي، جاپانيءَ کان سنڌي ۽ چائينز کان سنڌي ٻوليءَ ۾ علحده علحده ترجمي جا سافٽ ويئر تيار ڪن، جن جي معرفت سنڌي زبان ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارن جو نه صرف سولائيءَ سان انهن ٻولين جي ادب سان ڳانڍاپو ٿي پوندو، پر ادب تي جمود طاري ٿي وڃڻ جي بيماري به هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. اهڙي گڏيل جامع رٿا جي تڪميل سان اسان جا انهن قومن سان ادبي، ثقافتي ۽ تجارتي رابطا پيدا ٿيندا ۽ Vision پڻ وڌندو.

(6) ادب ۽ ٻوليءَ سان وابسته ادارن جا ڇپجندڙ ڪتاب اسان کي پنهنجي پنهنجي (Website) تي به آڻڻ گهرجن، ته جيئن گهٽ وقت ۽ گهٽ خرچ تي گهڻي کان گهڻا ماڻهو ان مان لاڀ پرائين.

(7) اعليٰ نموني جي ڪانفرنسن لاءِ آئندي سڀني مقالا نگارن کي دعوت نامي ۾ ئي صفحي جي سائز ۽ تحرير جي سائيز موڪلي ڇڏڻ گهرجي، ته جيئن ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي محققن جو مقالو ڪمپوز شڪل ۾ ڪاغذ ۽ فلاپيءَ تي ميزبان کي ملي وڃي ۽ ميزبانن کي گهرجي ته ڪانفرنس جي شيڊول مطابق سڀئي مقالا انٽرنيٽ تي به رليز ڪن، ته جيئن پنهنجي ملڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ادب جا شوقين، جن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي، ان کان بروقت فائدو وٺي سگهن.

(8) ادب ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جي هڪ ماهوار/ٻه- ماهي/ ٽِه- ماهي/ڇهه- ماهي انٽرنيٽ اخبار شايع ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀني شعبن جي سرگرمين ۽ تحقيقي ڪمن جي رفتار کي آندو وڃي، جنهن سان رابطا وڌندا ۽ نيون راهون سامهون اينديون، ۽ ماڳ تي پهچڻ سولو ٿيندو ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ جا جديد ۽ موثر موقعا ميسر ٿيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com