سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :5

(ب) آءٌ نٿو چاهيان ته شيخ صاحب وارن معاشقن کي دُهرايان يا محققن واري جنسي لذت خاطر شيخ صاحب جا لکيل لفظ دُهرايان. انهن جملن کي دُهرائڻ سان هنن شيخ صاحب جي عظمت کي اوچو نه ڪيو آهي، پر يونيورسٽيءَ جهڙي عظيم تعليمي اداري جي انهيءَ اعليٰ منصب تي پهچڻ واري شخص لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اصول ۽ پابنديون آهن، اُنهن تي عمل ڪرڻو آهي.

(ت) هن ڪتاب ۾ صفحي 71 تي رومانيت جي ذڪر جي حوالي سان ڏنل ڪلام ۾، رومانيت جو ذڪر گهٽ ۽ جنسيات جو ذڪر وڌيڪ آهي. اهڙو مضمون، سندس غزلن ۾ وڌيڪ آهي. اهڙن غزلن جو ذڪر محققن صفحي 71 تي ڪيو آهي.

هن سلسلي ۾ هري درياني دلگير، ”سهڻي اياز نمبر 2“ ۾، صفحي 36 تي اياز لاءِ هيئن ٿو لکي:

”اياز ٻيو ڇا به آهي يا ناهي، پر هو عاشق مزاج ضرور آهي ۽ پنهنجي عشق جو اظهار بيباڪيءَ سان ٿو ڪري، اِنڪري سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي بار چڪلن (وئشا آلين) ۽ رنڊين (وئشائن) جو ذڪر اچي ٿو، يعني هو پنهنجي پريتما جي چوليءَ جا ٻيڙا کولي پيار جون رانديون ٿو رمي:

تنهنجيءَ چوليءَ جا پرين، کولي مون ٻيڙا،
صدين اوسيڙا، لاٿم تنهنجا کن ۾.“

(ث) مون عرض ڪيو آهي ته شيخ صاحب جي نثري حصي ۾ پاڻ پڏائڻ واريون ڳالهيون به آهن. مثال طور هن ڪتاب ۾، صفحي 148 تي، شيخ صاحب جا لکيل هي جملا پڙهو:

”هڪ ڀيري تاشقند جي سفر دوران مان، قدسيه بانو (اهو نالو شيخ صاحب غلط لکيو آهي. محترمه جو نالو آهي بانو قدسيه)، خاطر غزنوي، گل رخسار، ارينا، ٻئي نوجوان ۽ خوبصورت هيون، ۽ گائيڊ هيون، ۽ هڪ ٻي خاتون جا تاشقند ۾ رائيٽرس گلڊ پاران ڏنل دعوت تي اسان سان گڏ هئي، اسين هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ مدعو هئاسون. گلڊ جي سيڪريٽريءَ جو تخلص ’مومن‘ هو. هن اسان کي پنهنجي رباعيات جي ٽي چار انچ ڊگهي ڇپيل چوپڙي تحفي طور ڏني، جنهن ۾ اٽڪل چاليهارو صفحا هئا، جا اڃا تائين مون وٽ مومن جي دستخط سان موجود آهي. مان چوپڙي ڏسي حيران ٿي ويس. اهڙيون چوپڙيون ته مان ٻئي درجي سنڌيءَ ۾ پڙهيون هيون.

 (ج) اهڙيءَ طرح دُبئيءَ واري سفر جو ذڪر ڪندي،
’ڪلا پرڪاش‘ جي واتان چيل لفظ، هن ڪتاب جي صفحي 153 تي دُهرايا ويا آهن:

”دُبئيءَ ۾ اياز سنڌي اديبن کي خطاب ڪندي چيو ته:

’مان ايتري آجيان لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. اوهان دُبئيءَ ۾ ننڍي سنڌ آهيو ۽ سنڌ منهنجي وجود جو حصو آهي. منهنجو جسم آهي، جنهن جا عضوا وڍجي، ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويا آهن، اُنڪري ئي مون پاڻ کي منصور وانگر محسوس ڪيو آهي ۽ منهنجي شاعري آخري دم تائين اِناالحق جو آواز ٿي رهي آهي.“

(ح) شيخ صاحب جي معاشقن واري مضمون جو هڪ مثال هن ڪتاب ۾ صفحي 136 تي، سيدو شريف جي سفر جي بيان ۾ ملاحظه ڪريو:

”ڪالهه سيدو شريف پهتاسين. سوات هوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي، ڪپڙا بدلائي، ٻاهر نڪتاسين ته شام ٿي وئي هئي. ميران کي ڪاسني ساڙهي پيئي هئي. مون هوٽل جي لان مان هڪ ڪرمچي گل ڇني هن جي چوٽيءَ ۾ اٽڪايو، ۽ هن کي چيو ته هل ته بازار مان ڪجهه خريداري ڪريون. مون کي ياد آيو ته ٽيون ڏينهن پنڊيءَ کان پشاور ايندي، جڏهن گاڏي اٽڪ پل تان لنگهي ته ميران پنهنجن وارن مان گل ڪڍي سنڌوءَ ۾ وڌا، ۽ ريل جي دريءَ مان ڪيتريءَ دير تائين، اٽڪ جي پهاڙن ڏانهن ڏسندي رهي، جتان سنڌو وهي رهي هئي. جڏهن سنڌو نظر کان هٽي وئي، تڏهن مون ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته هتي سنڌو ڪهڙي نه خاموش آهي.“

(خ) سوات جي سفر واري هن ذڪر ۾، شيخ صاحب ”ميران“ هڪ فرضي نالو ڪم آندو آهي، پر ٻين سفرن ۾ زائفائن جا اصلي نالا لکيا اٿس. ميران جو اصلي نالو لکي ها ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُها خاتونڪافي خوار ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اُن خاتون کي اڳواٽ پنڊي موڪليو هئائين ۽ پاڻ سندس پٺيان ويو هو.

انهن ڳالهين لکڻ مان نثر جي ڪهڙي خصوصيت نمايان ٿئي ٿي، جنهن لاءِ محققن فخر ڪيو آهي. اهڙي انداز کي سفرنامو چئبو يا آپ بيتي؟

(د) اوڀر پاڪستان واري سفر جي بيان ۾ افسانوي ۽ رومانيت وارو انداز وڌيڪ آهي. اُن مان شيخ صاحب جو جنسيات ۽ رومانيت وارو انداز وڌيڪ آهي. ان مان شيخ صاحب ته يقيناً  جنسي لذت ورتي هوندي، پر هن ڪتاب ۾ اُنهن جملن کي دُهرائڻ سان، سنڌي نثر جي ڪهڙي خدمت ٿي آهي، اُن لاءِ محقق صاحب جواب ڏين. هيٺ ڏنل پئراگراف ۾ به شيخ صاحب پاڻ کي پڏايو آهي. مثال طور صفحي 138 تي ڏنل هي پئراگراف پڙهو:

”مون اونهي آڪاش ۾ ڪَتيءَ ڏانهن ڏسي ڪر موڙيا ۽ مَنَ ۾ چيو: هيءَ گهڙي امر آهي. هيءَ گهڙي وري نه ايندي، مگر مرندي ڪڏهن به نه! هيءَ گهڙي مان آهيان. مان امر آهيان. آدجڳاد کان آهيان. هيءَ گهڙي ساريءَ سرشٽيءَ جي سونهن آهي ۽ اُن سونهن جو منهنجي مَنَ ۾ واسو آهي. هيءَ گهڙي ڪوي ٽئگور جو گيت آهي. هيءَ گهڙي شاهه لطيف جو بيت آهي. هيءَ گهڙي ابد آهي، ازل آهي. منهنجو ۽ خدا جو وجود آهي. لازوال آهي، آڪاش مان ڪَتي مُرڪي رهي هئي. مون اُن کي اک هڻي چيو ته ڏاڍي شرير آهين، تو ڪيئن سمجهيو ته مان ڇا ٿو سوچيان؟“

اهو سڄو پئراگراف هڪ شاعر جي سوچ ۽ لکڻ جو افسانوي انداز آهي، نه ته پنهنجي امر هجڻ جي دعوا ته نبين ۽ امامن سڳورن به ڪڏهن ڪانه ڪئي آهي. آدجگاد کان موجود هجڻ جي دعوا ڪير ڪري سگهي ٿو؟ خدا جو وجود بيشڪ لازوال آهي، پر هڪ انسان جو وجود لازوال ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اها فقط هڪ شاعرانه مستي آهي.

بهرحال ڳالهه پئي هلي مشرقي پاڪستان جي سفر جي ۽ سندربن ڏانهن لانچ ۾ وڃڻ جي. هن سفر ۾ شيخ صاحب سان رابرٽ نالي هڪ انگريز، رينو بنگالڻ ۽ رقيه پنجابڻ شامل آهن. انهيءَ سفر جو ذڪر هن ڪتاب ۾ صفحي 139 تي ڪيو ويو آهي. هن صفحي تي اياز ۽ رينوءَ جي پاڻ ۾ گفتگو کان سواءِ، ٻڍاپڻ ۾ جنسي لذت وٺڻ خاطر، شيخ صاحب، رابرٽ ۽ رقيه جو ذڪر ڪندي جيڪي لفظ لکيا آهن، آءٌ اُهي هت دُهرائڻ نٿو چاهيان. البت رينو ۽ سندس باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو اٿن، سو ملاحظه ڪريو:

”رينو ڪيبن جي دري کولي، ڊيڪ تي چڙهي رهي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان به ڊيڪ تي وڃي بيٺس. چوڌاري گهور انڌارو هو، ۽ بن جي سانت... اسين ڪيتريءَ دير اُتي خاموش بيٺا هئاسين....

ڊيڪ تي تيز ۽ سرد هوا ٿي لڳي. آسمان تي جُهڙ هو ۽ ڪوئي ستارو نظر نٿي آيو. منهنجي نظر اُفق در اُفق اوندهه ۾ گم ٿي وئي ۽ مون فقط هن جي وارن تي هٿ ڦيريو ۽ هن ڪوئي جواب نه ڏنو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها ڀيانڪ رات سدائين رهندي، پرهه ڪڏهن به نه ايندي، ڪڏهن به نه!“

(س) اهڙيءَ طرح گيتاراج جو ذڪر ۽ روس واري سفر ۾ ارينا لاءِ صفحي 147 تي جيڪي ڪجهه لکيل آهي، سو آءٌ دُهرائڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته وري مون تي اهو الزام لڳندو ته مون به هن عمر ۾ جنسي لذت وٺڻ لاءِ اهي جملا دُهرايا آهن. ارينا کي شيخ صاحب پنهنجو ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا‘ منسوب ڪيو آهي.

(ش) صفحي 151 تي شيخ صاحب جي انگلئنڊ واري اُن سفر جي باري ۾ لکيو ويو آهي،  جيڪو هن 1989ع ۾ ڪيو هو، ۽ پاڻ علاج سانگي لنڊن ويو هو. ڊاڪٽر هدايت پريم به اُنهن ئي ڏينهن ۾ لنڊن پڙهڻ لاءِ ويل هو ۽ احترام خاطر شيخ صاحب سان ملڻ ويو هو. اُن سفر جي سلسلي ۾، شيخ صاحب جا لکيل لفظ، صفحي 151 تي نقل ڪيا ويا آهن، جيڪي آءٌ هوبهو اُتاري پيش ڪريان ٿو:

”اسان ٽيڪسيءَ ۾ ڪرامويل هاسپيٽل پهتاسون، جتي ٻه ماڻهو انتظار ڪري رهيا هئا. هڪ ماڻهو منهنجو پراڻو دوست مگسي هو، جو هيٿرو ايئرپورٽ تي پنهنجيءَ ڪار ۾ اسان کي وٺڻ آيو هو ۽  ٻيو هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار هدايت پريم، جو اديب به هو ۽ جنهن جي انگلئنڊ ۾ تعليم لاءِ مون سفارش ڪئي هئي.“

هن پئراگراف ۾ پوئين ڏيڍ سٽ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ شيخ صاحب يونيورسٽيءَ مان 1980ع ۾ رخصت ٿيو هو ۽ هدايت صاحب 1988ع ۾ لنڊن ويو هو. اهو زمانو مظهرصديقي صاحب جي پهرئين دور وارو هو. مظهر صاحب جي زماني ۾ ٻيا به ڪافي ساٿي ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ موڪليا ويا هئا. پر جيڪڏهن شيخ صاحب ئي کڻي هن جي لاءِ سفارش ڪئي هئي، ته به انهن لفظن لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

12- (الف) صفحي 107 تي ڏنل عنوان به ڏاڍو عجيب ٿو لڳي. اهو عنوان آهي: ”شيخ اياز جي، شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو. اهو ڇا ٿو ظاهر ڪري. دراصل اهو عنوان هجڻ کپي ها: ”شيخ اياز طرفان، شاهه جي رسالي جو ڪيل اردو ترجمو“ يا شاهه جي رسالي جو شيخ اياز طرفان ڪيل اردو ترجمو. هن باب تي لکڻ لاءِ به ڪافي صفحا لڳندا، ڇو جو شاهه جي رسالي جي سنڌي نثر ۾ ترجمي ڪرائڻ جو مقصد اهو هو، ته اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪجهه سينئر اُستادن جو، شيخ صاحب جي نظرئي تي اعتراض هو، پر سيد حسام الدين شاهه راشديءَ  جي ڪري، ترجمي  جو ڪم شيخ صاحب کي ڏنو ويو. ڪافي نقادن ترجمي تي به تنقيدون ڪيون هيون.

22- شيخ صاحب جي مدفن جي باري ۾ محققن طرفان صفحي 20 ۽ 21 تي پنهنجي يڪ طرفي راءِ ڏيئي، غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.  هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي جو رايو آهي ته شيخ صاحب پنهنجي آتم ڪٿا، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ شڪارپور ۾ الف شاهه شهيد جي قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿيڻ لاءِ لکيو هو. پر هڪڙي صاحب، ساڳئي صفحي هيٺ ڏنل هي جملا لکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. لکي ٿو:

”شيخ اياز جي مرتيي کان پوءِ سندس پٽن جي غيرموجودگيءَ جو فائدو وٺندي، سندس دوستن محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري، تاج جويي ۽ نصير مرزا، اياز جي وصيت کي نظرانداز ڪري، پنهنجي مرضي هلائي، کيس ڀٽ شاهه تي، ڪراڙ جي ڪپ تي، سندس تدفين جو اهتمام ڪيو، جتي 29 ڊسمبر تي کيس دفنايو ويو.“

هن راءِ ۾، هڪڙي صاحب ڪهڙو نه ٻاراڻو بيان ڏنو آهي. ڇا شيخ صاحب جا فرزند، سندس نياڻيون ۽ سندس بيگم سڀ، جنازي کي ڇڏي، ڪيڏانهن هليا ويا هئا، جو اهو وجهه وٺي شيخ صاحب جي دوستن اهو فيصلو ڪيو هو.

23- مون کي اها به حيراني آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي پروفيسرن کي ’ويدانت‘ لفظ صحيح لکڻ نٿو اچي. هنن هر هنڌ ’ويدانت‘ لفظ کي ’ويدانيت‘ جي صورتخطيءَ ۾  لکيو آهي. حيراني اِن ڳالهه تي اٿم، ته ساميءَ جي شهر جو رهاڪو ڊاڪٽر هَڪڙو، ’ويدانت‘ لفظ جي صورتخطيءَ کان به اڻواقف آهي! گويا هن ساميءَ کي به پڙهيو نه آهي، ۽ جي پڙهيو اٿس ته ساميءَ جي فلسفي جي خبر ڪانه اٿس.

24- نقادن طرفان آخري باب تڙ تڪڙ ۾ لکيو ويو آهي. هن باب ۾ شيخ صاحب جا لکيل لفظ ۽ جملا دُهرايا ويا آهن، ۽ ڪٿي به حسن بياني، عبارت آرائي ۽ اُسلوب بيان جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون شيخ صاحب جي نثر نويسيءَ ۾ نظر اچن ٿيون، اُنهن جي باري ۾ ڪجهه به لکيل نه آهي.

25- ڪتاب ۾ ٻوليءَ جون ڪچايون ۽ بيهڪ جي نشانين تي ڪوبه ڌيان ڏنل ڪونهي. منهنجي خيال ۾، پريس ۾ موڪلڻ کان اڳ، هن ڪتاب جو مواد ڊاڪٽر قاضي خادم کي نظر مان ڪڍڻ کپندو هو، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب سنڌي شعبي جي هڪ پروجيڪٽ جي حيثيت ۾ شايع ڪيو ويو آهي. جيئن ته هن ڪتاب جو سڄو مواد ڊاڪٽر هڪڙي جي Ph.D. واري مقالي جو چرٻو آهي، انهيءَ ڪري مسودي کي جيئن جو تيئن شايع ڪرڻ نه کپندو هو.

آءٌ هن مواد کي غير معياري مواد چوان ٿو، جنهن لاءِ يونيورسٽي انتظاميا کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آئنده يڪطرفي راءِ وارو مواد سنڌ يونيورسٽيءَ جي اشاعت طور شايع نه ٿي سگهي.

 


 

سنڌ ۾ تصوف جا اهم فڪري ماخذ

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

جڏهن سال 2002ع ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ”بيان العارفين“ کي اصل فارسي متن، مڪمل ترجمي ۽ تحقيق سان شايع ڪيو ويو ته استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن فرمايو ته، ”سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ ۽ ان جي تاريخي ارتقا تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.“ آءٌ سندن اشارو سمجهي ويس، پر اُن سان گڏ منهنجو ذهن تحقيق جي بنيادي لوازمات طرف هليو ويو. مسئلو اهو هو ته ان لاءِ اصل مواد جي نشاندهي ۽ ان تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪجي يا ٿي سگهي.

خوشقسمتيءَ سان اهو موقعو گذريل ٻن سالن دوران سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ”سنڌ ۾ مخطوطات جي فهرست“ تي ڪم ڪرڻ سان فراهم ٿي ويو. مخطوطات جي اها فهرست سنڌ جي لڳ ڀڳ ٻاونجاهه ڪتبخانن جي جيتوڻيڪ مختصر فهرست (Hand-list) آهي، ليڪن ان ۾ تحقيق وارن لاءِ بيش بها مواد جي نشاندهي ٿيل آهي. انهيءَ فهرست ۾ پهريون دفعو سنڌ جي ٽيتاليهن (43) ذاتي ۽ نون (9) وڏن سرڪاري ڪتبخانن جي ڪٻٽن ۾ محفوظ ۽ غير محفوظ پر نهايت اڻلڀ قلمي ذخيري کي هڪ هنڌ يڪجا ڪيو ويو آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته انهيءَ ايڏي وڏي ۽ اهم ڪم جو آغاز سنڌ جي ڪنهن سرڪاري اداري کان نه ٿيو، بلڪ ان جي سروعات سنڌ جي هڪ ڏورانهين درسگاهه ”مڪتبه قاسميه ڪنڊيارو“ جي فاضل استاد ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌيءَ کان ٿي، جنهن خالص پنهنجي ذاتي ذوق جي تڪميل خاطر ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃي اهڙن لڪل خطي خزانن جي جستجو ڪئي ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري موجود قلمي نسخن جو مطالعو ڪري جدا جدا فهرستون تيار ڪندو رهيو.

مخطوطات جي اُها فهرست، جنهن ۾ اندازاً ڏهن هزارن قلمي نسخن جي نشاندهي ٿيل آهي، هينئر سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. بهرحال، اسان انهيءَ فهرست ۽ هن کان اڳ سنڌ ۾ تصوف بابت ڇپيل عمومي مواد جي آڌار تي اهو نتيجو قائم ڪيو آهي ته هيٺان ڪتاب سنڌ اندر تصوف جي تاريخ، تدريجي ارتقا ۽ فهم ۽ فڪر کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم تاريخي ۽ دستاويزي حيثيت رکن ٿا:

(1) ”ارشاد الصادقين“- تصنيف: مخدوم جعفر بوبڪائي.

(2) ”رساله فتحي“- تصنيف ابو محمد پوٽو مخدوم نوح هالائي

(3) ”تصنيفات ۽ ملفوظات شيخ عيسيٰ پاٽائي ثم برهانپوري“

(4) ”بيان العارفين و تنبيہ الغافلين“- ملفوظات شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

(5) ”منهاج المعرفت“- تاليف شاهه لطف الله قادري

(6) ”رسائل تصوف“- مخدوم محمد معين ٺٽوي

(7) ”ينابيع الحيات الابديه في طريق الطلاب النقشبنديه“- ابوالحسن ڏاهري

(8) ”طريق الارشاد ۽ فتوحات غيبيه“- فقيرالله علوي

(9) ”ابيات سنڌي ۽ فتح الفضل“- عبدالرحيم گرهوڙي

(10) ”مثنوي ختم السلوڪ ۽ طومار سلاسل گزيده“- مير علي شير قانع

(11) ”ملفوظات ۽ مڪتوبات سيد محمد راشد روضي ڌڻي“-

(12) ”مثنوي نهرالبحر“ ۽ ٻيون تصنيفون- فقير قادر بخش بيدل.

(1) ارشاد الصادقين

مخدوم جعفر بوبڪائي ڏهين صديءَ ۾ سنڌ جو وڏو عالم ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. سندس وفات جو سال 1002هه/1593ع آهي، ان لحاظ کان هو سنڌ جي وڏي صوفي ۽ عارف مخدوم نوح جو همعصر آهي. مخدوم نوح ڏانهن هي مشهور قول منسوب آهي ته ”نه آيو جعفر ته نوح ٿيو ڪافر!“ اهو قول مير علي شير قانع جي مشهور تاريخي ڪتاب ”تحفة  الڪرام“ ۾ نقل ٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مشائخن ۽ بزرگن جو احوال ڏنل آهي.

جيتوڻيڪ هن کان اڳ مخدوم جعفر جي حنفي فقه بابت تصنيف ”المتانة في المرمة عن الخزانة“ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحقيق ۽ عالمانه مقدمي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1962ع ۾ شايع ٿيل آهي، ليڪن ان ۾ هن تصنيف بابت ڪا خبر ڏنل ناهي. اهڙيءَ طرح پير حسام الدين راشديءَ سال 1967ع ۾ جڏهن سنڌ جي صوفين ۽ درويشن بابت پهريون تذڪرو ”حديقة الاولياء“ فارسيءَ ۾ شايع ڪرايو ۽ جنهن جي مقدمي ۾ هن سنڌ اندر تصوف بابت موجود هر قسم جي مواد جي نشاندهي ڪئي، ان ۾ پڻ هن تصنيف جو ڪو ذڪر نٿو ملي.

بهرحال هن رسالي جي دريافت هن نئين تحقيق جو نتيجو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ تصوف بابت تصنيف جو دائرو ڏهين صديءَ تائين پهچي ٿو. ”ارشاد الصادقين“ جو موجوده نسخو شڪارپور جي سومراڻي درگاهه ۽ ڪتبخاني منجهان مخدوم جعفر جي ٻين تحريرن سان گڏ مليو آهي. هيءُ نسخو ٻارهين صديءَ جي ڪتابت معلوم ٿئي ٿو. هيءُ هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جيڪو 131 صفحن تي مشتمل آهي.

ڪتاب جي آغاز ۾ مخدوم جعفر لکي ٿو ته هن ڪتاب جا ٽي حصا آهن: پهرئين حصي ۾ اهو بيان آهي ته طالب لاءِ ڪهڙو عقيدو صحيح آهي. حق تعاليٰ جو قرب ۽ ان جو وصول ڪيئن ٿي سگهي ٿو ۽ ان جا ڪهڙا اصول آهن. ٻئي حصي ۾ وظيفا، عمل ۽ اوراد بيان ڪيا ويا آهن. ٽئين حصي ۾ ڪيميائي سعادت، منهاج العابدين ۽ ايهالولد کان سواءِ سير الي الله، في الله بالله جي ڪيفيت ۽ تجريد جي سمجهاڻي ڏنل آهي.

ان ڪتاب جي سرسري مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته تصنيف ڪندي مخدوم صاحب، عبدالله انصاري امام غزاليءَ جي ڪتاب ”احياءَ العلوم“، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي ”عوارف المعارف“، شاذلي طريقي جي بزرگ ابن عطاءَ الله (1309ع/709هه) اسڪندري جي تصنيف ۽ ”ملفوظ جهانيان جهان گشت“ ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن کي آڏو رکيو آهي.

دراصل هن ڪتاب ۾ طالب يا سالڪ جي عملي تربيت تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي، جنهنڪري ان ۾ سمهڻ، جاڳڻ، اُٿڻ، ويهڻ جا وظائف ۽ دعائون، پاڪائي ۽ غسل جا آداب، نماز جي مختلف وقتن تي اڳ ۽ پوءِ جون دعائون، رمضان شريف ۽ ٻين مهينن ۾ مخصوص عبادتون ۽ دعائون، لباس ڍڪڻ جا آداب ۽ دعائون وغيره نهايت تفصيل سان ڏنل آهن. ان کان علاوه هڪ هنڌ سلوڪ جا ڏهه لوازمات ۽ سالڪ لاءِ خاص هدايتون بيان ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح فقر جي فضيلت تي به زور ڏنل آهي. ڪتاب جو اختتام هن مشهور حديث سان ڪيو ويو آهي: ”الشريعة اقوالي و الطريقة افعالي و الحقيقة احوالي“، يعني شريعت منهنجي قولن ۾ آهي ۽ طريقت منهنجي عملن ۾ آهي ۽ حقيقت منهنجي احوالن ۾ آهي.

جيتوڻيڪ هن تصنيف جو هن مهل تائين صرف هڪ ئي نسخو معلوم ٿي سگهيو آهي، ليڪن اهو انهيءَ حالت ۾ آهي، جو ضروري تحقيق سان ان کي شايع ڪري سگهجي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان مان ظاهر آهي ته موجوده تحقيق جي آڌار تي سنڌ ۾ تصوف بابت اها اوائلي تصنيف آهي، جنهنڪري ان کي تحقيقي متن سان گڏ شايع ڪرڻ ازحد ضروري آهي.

(2) رساله فتحي

”رساله فتحي“ جو مصنف مخدوم ابو محمد ولد مخدوم امين محمد ولد مخدوم نوح پنهنجي ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ يعني سال 980هه ۾ ڄائو. هن سلوڪ جي طريقن ۾ پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد کان تربيت حاصل ڪئي. پير حسام الدين راشدي ”حديقة الاولياء“ جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ لکيو اٿس ته اهو مخدومان هالا جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مولوي دين محمد وفائي مخدوم نوح بابت لکندي هن ڪتاب مان استفادو ڪيو هو.

”رساله فتحي“ جي تصنيف جو سال 1019هه چيو وڃي ٿو. مصنف پاڻ فارسيءَ جو شاعر به  هو ۽ ’فقري‘ تخلص ڪندو هو. تصوف بابت هيءَ ڪافي ضخيم ۽ نهايت اهم تصنيف آهي، جيڪا يارهين صديءَ جي شروع ۾ سنڌ ۾ مڪمل ٿي آهي. تصوف جي موضوع تي هيءَ هڪ اهڙي اعليٰ تصنيف آهي جنهن جو مقابلو اسلامي دنيا ۾ لکيل تصوف جي ٻين ڪيترن ڪتابن سان ڪري سگهجي ٿو.

اها نهايت خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب جو هڪ نسخو (جيڪو ڪي قدر اڻپورو آهي)، محترم قاضي شوڪت علي قريشي (هالا پراڻا) کي دستياب ٿيو آهي، جتان اسان کي پڻ استفادي جو موقعو فراهم ٿيو. ڪتاب جا پهريان ست ورق موجود نه آهن ۽ اهڙيءَ طرح آخر ۾ پڻ نامڪمل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سڄو باب مخدوم نوح جي مناقبن بابت آهي، جنهن ۾ سندس سوانح ۽ ملفوظات ملن ٿا. باقي ڪتاب کي بابن جي بجاءِ ’فتح‘ ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون باب ’فتح در بيان توحيد‘ معلوم ٿئي ٿو. ان بعد ڪتاب جي ترتيب هن ريت آهي:

فتح در بيان حق، فتح در بيان حقيقت، فتح در بيان مناقب و مدارج ياران ڪرام، فتح در بيانمعراج، فتح در بيان نبوت انبياء وولايت، فتح در بيان خداوندان فرمان ظاهر و باطن، فتح در بيان شيخي و مريدي، فتح در بيان مناقب غوث الحق و الدنيا و الدين، فتح در بيان انسان، فتح در بيان محويت، فتح در بيان هستي و نيستي، وجود و عدم و بقا و فنا، فتح در بيان سلوڪ، فتح در بيان معرفت نفس ۽ فتح در بيان عشق و محبت. معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڪتاب جو آخري باب آهي، ليڪن نامڪمل حالت ۾ آهي.

ڪتاب جي فاضل مصنف اسلامي تصوف جي بنيادي ڪتابن جهڙوڪ رساله قشيريه، ڪشف المحجوب، تصنيفات عبدالله انصاري، امام غزالي، عين القضاة همداني، ابن عربي، عطار، مولانا روميءَ جي مثنويءَ کان علاوه نجم الدين ڪبريٰ جي تصنيف مرصادالعباد، محمود شبستريءَ جي گلشن راز وغيره مان گهڻو استفادو ڪيو آهي ۽ جابجا نهايت اعليٰ فڪري نڪتا ۽ اشعار حوالي طور آندا اٿس. ان کان علاوه هو اسلامي دنيا جيسڀني معتبر صوفين جهڙوڪ جنيد بغدادي کان وٺي ابوسعيد ابوالخير، بايزيد بسطامي ۽ شيخ شبلي وغيره جا حوالا عام جام ڪتب آڻي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ موجب سنڌ ۾ تصوف جي موضوع تي هي پهريون جامع ڪتاب آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مصنف پنهنجا شعر به آندا آهن. سندس غزل جو هڪ شعر هن ريت آهي:

ڪي بود بيمار عشقت را تمنائي صحت

زهر نوشانِ بلا را حاجت ترياق نيست

هڪ ٻئي شعر ۾ پنهنجو تخلص هيئن آڻي ٿو:

در هر مڪان که دارند از جان دل رضا ده

’فقري‘ اگر تو باشي طالب رضائي جانان.

اها ڳالهه اطمينان جو باعث آهي ته هن ڪتاب جو ترجمو محترم قاضي شوڪت علي قريشي هالائيءَ جي ڪوشش سان ٿي رهيو آهي ۽ تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي خصوصي اشاعت واري پروگرام ۾ شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪتاب جو متن پڻ تحقيق ۽ تصحيح سان شايع ڪيو وڃي.

(3) تصنيفات ۽ ملفوظات شيخ عيسيٰ پاٽائي برهانپوري

سنڌ ۾ پاٽ جو صديقي خاندان، بجاطور تي پنهنجو شجرو اسلامي دنيا جي وڏي صوفي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ سان ملائي ٿو. شيخ عيسيٰ انهيءَ خاندان جو فرد هو. خود مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ ”عين المعاني“ جي ديباچي ۾ پنهنجو شجرو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ تائين ڄاڻايو آهي. هو سال 962هه ڌاري ڄائو ۽ 1031هه ۾ هندوستان جي شهر برهانپور ۾ وفات ڪري ويو. ”برهانپور ڪي سندهي اولياء“ جو مصنف ”راشد“ برهانپوري شيخ عيسيٰ جو جنم هندوستان جي شهر ايرج پور ۾ ٻڌائي ٿو، ڇو ته شيخ عيسيٰ جو چاچو اڳيئي سنڌ مان هجرت ڪري اوڏانهن وڃي چڪو هو. تازي تحقيق موجب شيخ عيسيٰ پاٽ ۾ ڄائو ۽ شروعاتي مڪتبي تعليم به هتي ئي حاصل ڪيائين. البت ننڍي وهيءَ ۽ نوجوانيءَ ۾ برهانپور ۾ سندس اچڻ وڃڻ ثابت آهي ڇو ته برار ۾ سندس چاچو شيخ طاهر محدث رهندو هو. انهيءَ عرصي دوران هو شطاري سلسلي جي بزرگ محمد غوث گوالياريءَ جي خليفي شيخ لشڪر محمد عارف جو مريد ٿيو ۽ ان کان پوءِ اتي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين.

شيخ عيسيٰ جي سوانح حيات ۽ تصنيفات جي باري ۾ جهانگير بادشاهه جي دور جي لکيل مشهور تذڪري ”گلزار ابرار“ ۾ گهڻو مواد موجود آهي. اهو تذڪرو 1022هه-1014هه دوران لکيو ويو ۽ ان جو مصنف غوثي مانڊوي شيخ عيسيٰ جو وڏو عقيدتمند نظر اچي ٿو، جو هو کيس هميشہ ”جندالله“ ۽ ”مسيح الاولياء“، ”مسيح القلوب“ ۽ ”حبيب الله“  جي لقبن سان ياد ڪري ٿو.

شيخ عيسيٰ جي روحاني شهرت سندس زندگيءَ ۾ ئي ڦهلجي وئي، ايتريقدر جو حضرت مجدد الف ثاني پنهنجي مڪتوبات ۾ سندس روحاني بلنديءَ جو ذڪر ڪيو آهي. اڪبر بادشاهه پڻ کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ وڏي اصرار کان پوءِ کيس آگري وٺي آيو، ليڪن شيخ عيسيٰ اُتي رهڻ پسند نه ڪيو ۽ جلد ئي برهانپور واپس اچي ويو.

شيخ عيسيٰ جون ڪيتريون ئي تصنيفات آهن، جن جو ذڪر ”گلزار ابرار“ واري ڪيو آهي، بلڪ سندس ڪتابن خاص طور ”انوار الاسرار“، ”عين المعاني“، شرح برانسان ڪامل شيخ عبدالڪريم جيلي، ”رساله حواس پنجگانه“ وغيره مان ڪي اقتباس پڻ پيش ڪري ٿو. تازي تحقيق موجب شيخ عيسيٰ، شيخ عبدالله بليانيءَ جي رسالي ”وحدت وجود“ جي شرح ۽ ان کان سواءِ ”حقيقت محمديه“ نالي پڻ هڪ ٻيو رسالو تصنيف ڪيو. انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا ”گلزار ابرار“ ۾ ناهن.

شطاري سلسلي جا صوفي وحدت وجودي فڪر جا زبردست حامي هئا. شيخ عيسيٰ جي فڪر ۾ پڻ اها ڳالهه نمايان موجود آهي. هو ابن عربيءَ کان ڏاڍو متاثر نظر اچي ٿو ۽ ان جا اڪثر حوالا آڻي ٿو. ”عين المعاني“ ۽ ”روضة الحسنيٰ“ ٻئي اسماءَ الحسنيٰ جي شرح آهن، جيڪي وحدت الوجودي رنگ ۾ آهن. ”تفسير انوار الاسرار“، جيڪو سورة الطور کان سورة الحديد تائين جو تفسير آهي ۽ مخدوم سليم الله صديقيءَ جي ڪاوش سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي.

شيخ عيسيٰ جي سوانح ۽ ملفوظات جو ڪتاب ”ڪشف الحقائق“، جيڪو سندس معتقد اسماعيل فرحي تحرير ڪيو، مجموعي طور شيخ عيسيٰ جي تعليمات ۽ افڪار بابت نهايت اهم تصنيف آهي. ان کان علاوه شيخ عيسيٰ جي پنهنجي تصنيفات ۾ ”عين المعاني“ خاص اهميت جو حامل آهي، جنهن ۾ سندس فارسي رباعيون به آهن، جن ۾ همه اوست جو رنگ جهلڪي ٿو:

بيرون ز حدود ڪائنات است دلم
برتر ز احاطه جهات است دلم
فارغ ز تقابل صفات است دلم
مرات ربوبيت ذات است دلم

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شيخ عيسيٰ جو پنهنجو ڪتاب ”عين المعاني“ ۽ ”ڪشف الحقائق“ ميدان ۾ آندا وڃن ته جيئن يارهين صديءَ جي هن وڏي صوفيءَ جي فڪر ۽ خيالات کان آگاهي ملي سگهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي جڏهن پهريون دفعو اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ ”ڪشف الحقائق“ جي نسخي جو مطالعو ڪيو ته پنهنجي راءِ جو هن طرح اظهار ڪيائين ته ”اهو سڄو ڪتاب شايع ڪرڻ جي لائق آهي“ ۽ ان نسخي لاءِ لکيائين ته اهو 1103هه جو لکيل آهي.

(4) بيان العارفين و تنبيہ الغافلين

- شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو

سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف جو پڙڏاڏو شاهه عبدالڪريم، قاضي قادن کان پوءِ سنڌ جو پهريون وڏو شاعر آهي. ان کان سواءِ هو وڏو صوفي درويش ۽  عارف هو، جنهن جو ثبوت سندس ”ملفوظات“ آهي، جيڪا سندس وفات 1032هه/1623ع کان ڇهه سال بعد سندس هڪ معتقد ۽ مريد محمد رضا مرتب ڪئي. انهيءَ ملفوظات ۾ شاهه ڪريم جا پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت آندل آهن، جنهن سان گڏ سندس ملفوظات آهن. سڀ کان پهريائين ”مرزا قليچ بيگ ”رساله ڪريمي“ ۾ اهي بيت ۽ ڪجهه ملفوظات سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري 1904ع ۾ ڇپايا. ان کان پوءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي 1937ع ۾ اهي بيت وڌيڪ تصحيح سان ۽ ڪجهه وڌيڪ ملفوظات ترجمو ڪري ”شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ جي عنوان سان شايع ڪرايا. ليڪن شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات کي مڪمل طور متن سميت شايع ڪرڻ جي نوبت نه آئي، جيتوڻيڪ اهو ڪتاب انهيءَ ڪري به خاص اهميت وارو هو، ڇاڪاڻ ته مستند روايت موجب شاهه عبداللطيف اهو ڪتاب هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو.

بهرحال، اسان انهيءَ ڪتاب جو مڪمل ترجمو، تحقيق ۽ تشريحي حوالن سان، 2002ع ۾ اوقاف  کاتي جي تعاون سان شايع ڪرايو. اهو ترجمو هڪ اهڙي نسخي کي آڏو رکي ڪيو ويو، جيڪو 1228هه جو ڪتابت ٿيل آهي ۽ هر لحاظ کان معتبر نسخو آهي. شاهه ڪريم جي ملفوظات جي مقبوليت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڪتبخانن ۾ اُن جا ڪيترائي نسخا اڃا تائين موجود آهن ۽ انهن ادارن ۾ سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ قابل ذڪر آهن. ليڪن ان کان سواءِ ”بيان العارفين“ سنڌ جي ڪيترن ئي نجي ڪتبخانن ۾ پڻ موجود آهي.

(5) ”منهاج المعرفت“- شاهه لطف الله قادري

شاهه لطف الله قادري (1020هه/1611ع - 1090هه/1679ع) يارهين صدي هجريءَ جو وڏو عالم ۽ عارف شاعر هو. هن سال 1087هه/1673ع ۾ سلوڪ ۽ معرفت جي سمجهاڻيءَ خاطر فارسي نثر ۾ هڪ رسالو تصنيف ڪيو، جنهن ۾ پنهنجا چيل ويهه سنڌي بيت شامل ڪيائين، جيڪي پڻ خالص تصوف جي موضوع تي آهن. ان کان علاوه هن سنڌي بيتن ۾ هڪ الڳ ”رسالو“ تصنيف ڪيو، جيڪو سال 1968ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ وڏي تحقيق سان ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو ۽ ان ۾ اهي ”منهاج المعرفت“ وارا بيت به آندائين. ليڪن اصل منهاج المعرفت رسالو، جيڪو سلوڪ جي موضوع تي هڪ شاهڪار آهي، اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهي. ان نسخي جي هڪ ڪاپي ڊاڪٽر صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ”فهرست مخطوطات“ تي ڪم ڪندي انهيءَ رسالي جو ڪي قدر اڻپورو نسخو قومي عجائب گهر ڪراچيءَ ۾ معلوم ٿيو، جيڪو اصل ۾ پير جهنڊي وارن جي ڪتبخاني مان هتي پهتو. ان جي ڪتابت جو سال 1272هه آهي. هن ڪتاب جو اختصار، جيڪو 13 بابن تي مشتمل آهي، معروفيه ڪتبخاني مٽياريءَ مان پڻ مليو آهي، جنهن جي نشاندهي ”فهرست مخطوطات“ ۾ ٿيل آهي. غالباً ڊاڪٽر دائودپوٽي کي انهيءَ نسخي وارو ڪو ٻيو نسخو مليو جڏهن پاڻ ان جو پهريون دفعو ذڪر ڪيائين. ”منهاج المعرفت“ سلوڪ ۽ معرفت جي موضوع تي هڪ اهم تصنيف آهي، جيڪو قادري طريقي جي سمجهاڻي ۽ انهيءَ سلسلي جي منزلن ۽ مشاهدن جي وضاحت ڪري ٿو. ڪتاب ۾ ڪل ايڪويهه باب آهن، جن جي عنوانن مان ان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

1. در بيان آداب پيرو مرشد

2. در بيان مريد و حقيقت آن

3. در بيان پند مريد

4. در بيان شريعت طريقت، حقيقت و معرفت

(هن باب هيٺ مصنف هڪ سَو چوراسي منزلن جو مختصر ذڪر ڪري ٿو.

5. در بيان غلط گاه سالکان و راه معرفت آن

6. طوائف فقرا و شناختن آن

7. دربيان چله و شرائط اثرات آن

8. دربيان علوم پير طريقت و حقيقت آن

9. طريق و سلوڪ

10. وصف طريق و معرفت آن

11. ذڪر لساني و ترتيب گفتن آن

12. ذڪر نفي و ترتيب تعلم آن

13. ذڪر قلبي و ترتيب مشغولي آن

14. ذڪر روحي و ترتيب آن

15. احوالات سالڪان واقعات غلبه شوق و محبت آن

16. مقامات راه حقيقت و سلوڪ ورزيدن آن

17. دربيان آثار وحدت ايزد تعاليٰ و معرفت آن

18. اصول صفات خداوندي جل و علا و فروع آن

19. وحدت باري تعاليٰ و اشارات سلوڪ آن

20. منازل طريق و ترتيب آن

21. حقيقت دائره که برائي شناختن اقسام اوليا کشيده شده است

مٿينءَ فهرست مان ظاهر آهي ته هي ڪتاب سنڌ اندر قادري طريقي جي روايت جي سلسلي ۾ خاص اهميت جو حامل آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪتاب جي اندر شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي الهامن مان ڪجهه حوالي طور آندل آهن. آخر ۾ اولياءَ الله جا قسم ۽ انهن جي سڃاڻپ واري باب تحت هڪ جدول ٺاهي ٿو، جنهن ۾ قطب، اوتاد ۽ غوث شامل ڪري ٿو ۽ وري انهن سڀني ۾ غوث کي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو. اتي غوث مان مراد وقت جو غوث آهي. ياد رهي ته شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ابن عربيءَ جو مشهور مقولو ”سبحان من اظهر الاشياءَ و هوعينها“ پنهنجي هڪ بيت ۾ تضمين ڪيو آهي. هتانمعلوم ٿئي ٿو ته هو ابن عربي جي فڪر کان به پوريءَ ريت واقف هو ۽ اهو فڪر سندس شاعري توڙي هن ڪتاب ۾ چڱيءَ طرح ڇانيل نظر اچي ٿو. سال 1968ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر بلوچ شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام وڏي تحقيق سان شايع ڪيو ته ان سان گڏ منهاج المعرفت ۾ آيل ويهه بيت به شامل ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب ’منهاج المعرفت‘ بابت نهايت صحيح لکيو آهي ته، ”بيشڪ منهاج المعرفت سنڌ جي هن اهل دل عالم ۽ صوفي طرفان معنوي ۽ نظرياتي لحاظ سان، تصوف ۽ طريقت بابت هڪ يادگار تصنيف آهي.“

مٿي ڏنل پس منظر مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ڪتاب ”منهاج المعرفت“ سنڌ اندر يارهين صديءَ جي هڪ اهم تصنيف آهي، جيڪا اڃا تائين قلمي صورت ۾ ڪتبخانن جي زينت آهي. سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جو اهو هڪ نهايت روشن باب آهي، جنهنکي نه رڳو سنڌي، بلڪ ٻين زبانن ۾ پڻ ترجمو ڪري شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌي عالمن جي ڪيل علمي خدمتن کي دنيا آڏو نروار ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تصوف جي مضبوط روايت کي فڪري ۽ معنوي لحاظ سان سمجهڻ جي پڻ راهه هموار ٿي سگهي ٿي.

(6)  رسائل تصوف

- مخدوم محمد معين ٺٽوي

ٻارهين صدي هجري يعني ڪلهوڙن جو دَور سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ هڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو. هڪ طرف شاهه عبداللطيف جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿئي ٿو ته ٻئي طرف مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ڏاهري ۽ شاهه فقير الله علويءَ جهڙا عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ شاعر عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ بي مثال علمي ڪارناما سرانجام ڏين ٿا.

مخدوم محمد معين جي ولادت جو سال 1093هه/1682ع ۽  وفات جو سال 1161هه/1748ع آهي. هو هڪ علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هو ٺٽي ۾ سيد علي رضا جيلانيءَ کان فصوص الحڪم پڙهيو ۽ ان جو مٿس ايڏو اثر ٿيو جو پوءِ سڄي عمر ابن عربيءَ جي وحدت الوجودي مسلڪ جو پرزور حامي رهيو. هو پنهنجي تحريرن ۾ خواب اندر ابن عربيءَ سان ملاقاتن جو ذڪر به ڪري ٿو. سندس لکڻين ۾ ابن عربيءَ جو رنگ، جيڪو ڪلام، فلسفي ۽ منطق سان گڏيل آهي، واضح نظر اچي ٿو. هڪڙي رسالي ۾، جنهن جو نالو رفع الاشڪال والرحمة  آهي، هو شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي بعض قولن جي شرح پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سندس هڪ ٻئي رسالي جو عنوان ئي آهي، ”وحدت الوجود و الموجود“، جيڪو تصوف جي فلسفي ۽ فڪر بابت آهي. مخدوم معين ڪائنات جي پيدائش ۽ تخليق يعني مسئلي تڪوين جي باري ۾ پڻ ڪجهه رسالا لکيا آهن. ان ڳالهه جي وڌيڪ شاهدي هندوستان جي وڏي عالم ۽ صوفي شاهه ولي الله دهلوي سان سندس خط و ڪتابت مان ظاهر آهي. شاهه ولي الله جا ڏانهس لکيل پنج مڪتوب ”نادر مڪتوباتشاهه ولي الله دهلوي“ ۾ محفوظ آهن. اهڙيءَ طرح فقيرالله علويءَ جا ڏانهس لکيل پنج مڪتوب وري ”مڪتوبات فقيرالله علوي“ ۾ ملن ٿا.

مخدوم محمد معين لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف جو ساڻس گهاٽو ۽ گهرو لاڳاپو هو. ان جو ثبوت اهو خط آهي، جيڪو شاهه لطيف اويسي طريقي جي باري ۾ ڪجهه سوالن جي صورت ۾ ڏانهس لکرايو ۽ جنهن جي جواب ۾ مخدوم معين تفصيلي جواب لکيو، جيڪو ”رسالهء اويسيه“ سڏجي ٿو. هن رسالي جي نشاندهي سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر بلوچ ڪئي ۽ ان جو ترجمي سان اختصار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ 1953ع ۾ شايع ڪرايو. مخدوم معين لاءِ ٻي مشهور ۽ مستند روايت، جيڪا مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ توڙي ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ آندي آهي، اها سندس وفات متعلق آهي. انهيءَ روايت مطابق مخدوم معين جو لاڏاڻو سماع يا راڳ ٻُڌڻ سان ٿيو ۽ انهيءَ محفل ۾ شاهه عبداللطيف پاڻ شامل هو، جيڪو پوءِ سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو ۽ چيائين ته ”ٺٽي ۾ اچڻ هن يار جي ڪري ٿيندو هو، جيڪو هاڻي ختم ٿيو.“

مخدوم محمد معين جون ڪيتريون ئي تصنيفات آهن، جن جو وچور مولانا دين محمد وفائيءَ ڏنو آهي، ليڪن انهن مان صرف هڪڙو عربي ڪتاب ”دراسات اللبيب“، جيڪو پهريون دفعو لاهور مان 1866ع ۾ ڇپيو،عبدالرشيد نعمانيءَ جي تحقيق ۽ تدقيق سان 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح ”رسالهء اويسيه“ جو مڪمل اردو ترجمو ۽ متن عبدالرشيد نعمانيءَ جي ڀائٽي ڊاڪٽر محمد عبدالمقيت شاڪر عليمي حاشين سان سينگاري 2002ع ۾ (زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد) شايع ڪرايو آهي. رسالي جو اهو نسخو هن قومي عجائب گهر ڪراچيءَ مان پيرجهنڊي واري ڪليڪشن مان حاصل ڪيو.

مخدوم معين جي لاءِ جيئن مير علي شير قانع ”طومار سلاسل گزيده“ ۾ لکيو آهي ته هو نقشبندي طريقي سان وابسته هو ۽ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي بيعت ڪئي هئائين، جيڪو سيف الدين سرهنديءَ جو مريد هو ۽ اهو وري معصوم سرهنديءَ جو مريد آهي جيڪو پاڻ مجدد الف ثانيءَ جو پٽ آهي ۽ ان کان بيعت آهي. اها حقيقت شاهه ولي الله جي ان مڪتوب مان پڻ واضح آهي، جنهن ۾ هو کيس ابوالقاسم جو نالو وٺي تلقين ڪري ٿو.

مخدوم معين جون گهڻيون تصنيفون خالص مذهبي ۽ فقهي انداز جون آهن، ليڪن ان سان گڏ سندس ڪي رسائل وري خالص تصوف، فلسفي، ڪلام ۽ تڪوين متعلق آهن. ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جي حاشئي ۾ پير حسام الدين راشدي سندس رسالن جو تعداد 32 ڄاڻايو آهي، جيڪي سندس لکڻ موجب ٽنڊي سائينداد جي سرهندين جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. بهرحال تازو ”فهرست مخطوطات“ جي مؤلف ڊاڪٽر محمد ادريس، غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪتبخاني ۾ ڏهن رسالن جو پتو لڳايو ۽ محترم سليم الله صديقيءَ وري سيوهاڻي صديقين جي ڪتبخاني ۾ چئن رسالن جي باري ۾ اطلاع ڏنو. هينئر انهن رسالن تي ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ تحقيق ٿي رهي آهي. اميد ته ”الرسائل للمخدوم معين“ جي اشاعت سان سنڌ جي هن وڏي صوفي ۽ عالم شخصيت جي فڪر کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

(7) ينابيع الحياة الابديہ

مخدوم ابوالحسن ڏاهري

ٻارهين/ارڙهين صدي سنڌ جو هي عالم، عارف، شاعر ۽ صوفي موجوده نوابشاهه ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ سال 1116هه ڌاري ڄائو. سندس لکڻ موجب شروعاتي تعليم مخدوم ابوبڪر هالاڻيءَ واري وٽ حاصل ڪيائين. البت جوانيءَ ۾ سير سفر ڪندي احمدآباد ويو، جتي ظاهري علمن جي تحصيل کان پوءِ عبدالرسول صديقي نقشبنديءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيائين، جيڪو خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جي مريد شاهه فتح الله جو مريد هو. مخدوم ابوالحسن ڏاهري 1181هه/1767ع ۾ وفات ڪئي.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ابوالحسن ڏاهريءَ جي چئن تصنيفات جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان ٻه فقہ جي موضوع تي آهن ته ٻه وري تصوف متعلق آهن. ڪچڪول نامه فارسيءَ ۾ هڪ منظوم رسالو آهي جنهن ۾ تصوف ۽ اسلامي عقائد جي سولي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. مثلاً هو ٻڌائي ٿو ته عالم خلق ۽ عالم مثال ڇا آهن، جبروت، لاهوت، ناسوت ۽ ملڪوت ڇا کي چون ٿا. اعيان ثابته ڇا آهن، حلول ڇو غير اسلامي آهي، ابنعربيءَ جو ڪشف ڇو صحيح آهي. قاسمي صاحب اهو رسالو 1965ع ۾ تحقيق ۽ حاشين سان شاهه ولي الله اڪئڊميءَ طرفان شايع ڪيو. ليڪن ابوالحسن ڏاهريءَ جو اصل ڪارنامو سندس ضخيم تصنيف ”ينابيع الحياة الابدية في طريقة الطلاب النقشبنديه“ يعني ”نقشبندي طريقي جي طالبن لاءِ ابدي حياتيءَ جو سرچشمو“ آهي، جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي. اهو ڪتاب هن سال 1156هه ۾ لکي پورو ڪيو، جڏهن سندس عمر چاليهه سال يا ان کان مٿي هئي. هيءُ ڪتاب تصوف جي موضوع تي هڪ اعليٰ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڪتاب مصنف امام غزاليءَ جي تصنيف ”احياءَ علوم الدين“، جيڪو تصوف تي ضخيم ترين ڪتاب آهي، ان کان متاثر ٿي لکيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ۾ ڪل نو باب آهن، ليڪن هر باب ۾ ڪيترائي فصل آهن ۽ ڪل فصلن جو تعداد هڪ سَو اٺ آهي. مثلاً پهرئين باب ۾ ڇويهه فصل آهن ته ڇهين باب ۾ وري ويهه فصل آهن. پهرئين باب جي پهرئين فصل ۾ صوفي، سالڪ ۽ پاڻ کي صوفي ظاهر ڪندڙ جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. اڳتي وري انهن مان هرهڪ جا جدا قسم ٻڌائي ٿو. اهڙيءَ طرح هو ڪل چوڏهن قسم ٻڌائي ٿو ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏئي ٿو جن مان خاص قابل ذڪر هن ريت آهن: صوفين جا ٻه قسم ڪامل ۽ مڪمل، سالڪن جا ٻه قسم- مريد حق ۽ مريد بهشت. وري مريد بهشت وارن جا چار قسم زاهد، عابد، فقرا ۽ خادم. ان کان پوءِ وري متصوفه ۽ ملامتيه جو ذڪر پڻ ڪري ٿو. فصل اٺين ۾ وري صوفين جي لباس جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. فصل ٻارهين ۾ ولايت ۽ وليءَ جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. فصل تيرهين ۾ وحدت الوجود جي مسئلي ۽ ان جي باري ۾ اختلافي نقطئه نظر رکندڙ حضرات جي باري ۾ بيان ڪري ٿو.

ٻئي باب جي اٺين فصل ۾ نقشبندي سلسلي جي نالي ۽ ان جي تفصيل تي روشني وجهي ٿو ۽ نائين فصل ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ انهن ۾ فرق سمجهائي ٿو. ٽئين باب جي پهرئين فصل ۾ وري انسان جي روح مان هجڻ يا بدن مان هجڻ جي وضاحت ڪري ٿو. چوٿين باب جي نائين فصل ۾ ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت جو ذڪر ڪري ٿو. باب پنجين ۾ چوڏهن فصل آهن ۽ ان جي تيرهين فصل ۾ تجريد ۽ تفريد جو بيان آهي.

مجموعي طور ڪتاب ۾ نو باب آهن ۽ هرهڪ ۾ فصلن جو تعداد هن ريت آهي:

        باب پهريون            26 فصل

        باب ٻيو               13 فصل

        باب ٽيون              11 فصل

        باب چوٿون            9 فصل

        باب پنجون            14 فصل

        باب ڇهون             20 فصل

        باب ستون             3 فصل

        باب اٺون               5 فصل

        باب نائون              7 فصل

                            ڪل 108 فصل

آخر ۾ خاتمو آهي جنهن ۾ تذنيب آهي.

”ينابيع“ جي اهميت کي سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر دائودپوٽي محسوس ڪيو، جنهن سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران ان کي شايع ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو، ليڪن شايد ان کان اڳتي ڪم نه وڌي سگهيو. ان کان پوءِ سال 1971ع ۾ ابوالفتح محمد صغيرالدين ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي نگرانيءَ ۾ هن ڪتاب جي صرف پهرئين باب تي تحقيق ۽ فارسيءَ ۾ مقدمي لکڻ سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا کيس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ملي. انهيءَ حقيقت مان پڻ هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جناب صغيرالدين ”ينابيع“ جي ڇهن نسخن جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ انهن کي آڏو رکي پنهنجي تحقيق مڪمل ڪئي. اهي نسخا هن ريت آهن: پهريون نسخو محمد هاشم جان سرهندي، ٻيو نسخو جناب جي.ايم.سيد، ٽيون نسخو پير جهنڊو، چوٿون نسخو خياري شريف، پنجون نسخو ابوالحسن نوابشاهه، ڇهون نسخو معروفيه ڪتبخانه مٽياري.

بهرحال، ان کان علاوه هن ڪتاب جا نسخا سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، ڊاڪٽر بلوچ جا آرڪائوز سنڌ کي ڏنل مخطوطات ۾ موجود آهن. اسان کي هن ڪتاب جو فوٽو اسٽيٽ نقل مفتي محمد جان نعيمي ملير واري کان عنايت ٿيو آهي.

سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ هيءُ ڪتاب ان ڪري خاص اهميت وارو آهي ته اهو هڪ اهڙي سڄاڻ صوفي تصنيف ڪيو، جيڪو شاهه عبداللطيف جو همعصر آهي. هتي ياد رکڻ گهرجي ته شاهه عبداللطيف سال 1165هه ۾ وفات ڪئي ۽ هيءُ ڪتاب 1156هه يعني نو سال اڳ مڪمل ٿيو، انهيءَ ڪري اها بلڪل حقيقت آهي ته سنڌ جي تصوف جي تاريخ هن ڪتاب کان سواءِ مڪمل تصور ڪري نٿي سگهجي. ڇو ته ان کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو ڪتاب نه آهي جيڪو ان دور جي علمي ۽ فڪري ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪري سگهي.

(8) طريق الارشاد ۽ فتوحات  غيبيه

- شاهه فقير الله علوي

هو ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ وڏو نقشبندي عالم ۽ صوفي آهي، جيڪو 1100هه/1689ع ۾ افغانستان جي شهر روتاس ۾ پيدا ٿيو. تعليم جي سلسلي ۾ پشاور آيو، جتي محمد مسعود پشاوريءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. ڪافي وقت حرمين شريفين ۾ وڃي رهيو جتي وري شيخ عبدالقادر متقيءَ کان فيض ورتائين، جيڪو پڻ نقشبندي سلسلي جو بزرگ هو. سال 1150هه/1737ع ۾ شڪارپور ۾ آيو ۽ اُتي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. سندس وفات 1195هه/1781ع ۾ ٿي ۽ شڪارپور ۾ مدفون آهي. فقيرالله علوي پنهنجي وقت ۾ وڏي اثر رسوخ وارو هو جيڪا ڳالهه سندس مڪتوبات مان ظاهر ٿئي ٿي. اهي مڪتوبات سال 1925ع ۾ لاهور مان ڇپيا هئا، ۽ جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو ته انهن مان پنج مڪتوبات مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن لکيل آهن.

فقيرالله علوي عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن جو موضوع گهڻي ڀاڱي ”تصوف“ آهي. هتي صرف سندس ٻن اهم ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو: پهريون ”فتوحات الغيبيه في شرح عقائد الصوفيه“، هي ڪتاب عربيءَ ۾ آهي. ٻيو ”طريق الارشاد“، جيڪو فارسيءَ ۾ آهي. فتوحات الغيبيه 1181هه ۾ تحرير ڪيو ويو ۽ طريق الارشاد ان کان پوءِ جو آهي. فتوحات جي موضوع ۽ لکڻيءَ جي انداز مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف اهو ڪتاب ابن عربيءَ جي جڳ مشهور ڪتاب فتوحات مڪيه کان متاثر ٿي لکيو، جيڪو چئن وڏن جلدن تي مشتمل آهي، ليڪن فتوحات الغيبيه به هرگز ننڍو ڪتاب ناهي. اهو پڻ ضخيم ۽ دقيق ڪتاب آهي. اهو ڪتاب انڪري خاص اهميت وارو آهي جو نقشبندي هجڻ جي ناتي، جيئن عام طور مجدد الف ثانيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ابن عربيءَ جي وحدت الوجودي فڪر کي ڪنهن حد تائين تنقيد جو نشانو بنايو هو، ان لحاظ کان فقيرالله علويءَ جو نقطئه نظر ابن عربيءَ سان ڪافي همدردانه آهي. اهو ساڳيو انداز طريق الارشاد مان پڻ واضح ٿئي ٿو، جنهن ۾ هو ’فتوحات‘ ۽ ’فصوص الحڪم‘ جي عبارتن کي حوالي طور ڪم آڻي ٿو. مجموعي طور ڏٺو وڃي ته فقيرالله علويءَ جو انداز فڪر نقشبندي روايت ۾ منفرد آهي، ڇو ته هو ساڳئي وقت مجدد الف ثانيءَ جي مڪتوبات مان پڻ حوالا ڏئي ٿو. پر بنيادي طور سندس فڪر اهو ئي آهي ۽ هو ”همه از اوست“ کي ”همه اوست“ جي مقابلي ۾ وڌيڪ صحيح سمجهي ٿو.

ڪتاب ”طريق الارشاد“ جو پورو عنوان ”طريق الارشاد لتڪميل المؤمنين والاولاد“ آهي ۽ جيئن نالي مان ظاهر آهي ته خالص فڪري بحث کان پوءِ ان ۾ ذڪر ۽ اوراد جو پڻ گهڻو بيان آهي. بهرحال جيئن مصنف ان جي مقدمي ۾ واضح ڪيو آهي ته اهو هن ”فتوحات غيبيه“ کان به پوءِ لکيو آهي، گويا تڏهن سندس عمر اسي جي ڏهاڪي ۾ هوندي. ان لحاظ کان هن ڪتاب ۾ مصنف جي علمي ۽ فڪري پختگي بلڪل نمايان آهي ۽ اهو سندس فڪر جو نچوڙ آهي. هيءُ ڪتاب اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ افغانستان (جلال آباد) مان ليٿو تي ڇپيو آهي، جنهن جي ڪاپي اسان جي آڏو آهي.

ليڪن هڪ ٻئي لحاظ سان فقيرالله جي خاص تصنيف ”فتوحات غيبيه“ آهي، جيڪا عربيءَ ۾ آهي. انهيءَ ڪتاب تي ستر جي ڏهاڪي ۾ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ اسلاميات جي استاد سيد سعيد الله سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ازان سواءِ فتوحات غيبيه جو عاليشان نسخو سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه قاضي لئبرريءَ ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ نقشبندي فڪر جي نمائنده  تحريرن جي حوالي سان هي ٻئي ڪتاب نهايت اهم آهن، جن کي تحقيق ۽ تدقيق سان شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

(9) ابيات سنڌي ۽ فتح الفضل

- عبدالرحيم گرهوڙي

سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواريءَ وارو (1125هه/ 1713ع-1188هه) پڻ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو ڪامل ولي ۽ عارف شاعر هو. اهو سندس روحاني ڪرامتن جو ڪمال هو جو عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه/1739ع- 1192هه/1778ع) جهڙو عالم فاضل اچي سندس مريد ٿيو. مستند روايتن موجب شاهه عبداللطيف پاڻ هلي اچي خواجه محمد زمان سان لواريءَ ۾ ملاقاتي ٿيو هو.

خواجه محمد زمان سنڌيءَ ۾ جيڪي عارفانه بيت چيا، انهن جي عربيءَ ۾ شرح ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان عبدالرحيم گرهوڙي لکي. اهي ڪل چوراسي بيت آهن. ڊاڪٽر دائودپوٽي پهريون دفعو سال 1939ع ۾ ابيات سنڌيءَ جا ٽي قلمي نسخا هٿ ڪري وڏي تحقيق بعد انهن بيتن جي صحيح پرهڻي قائم ڪئي ۽ گرهوڙيءَ جي ڪيل شرح جو اختصار يا ڪجهه حصا جيڪي ان بيت بابت هئا، اهي پڻ ترجمو ڪري شايع ڪرايائين. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اهي بيت سامهون آيا. ليڪن جيئن ڊاڪٽر صاحب پاڻ مهاڳ ۾ لکيو ته ”گرهوڙي بزرگ تمام ڳوڙهو ويو آهي ۽ بعضي ته خاص اصطلاحن ڪري سندس عبارت اهڙي پيچيدي ۽ ڏکي آهي، جو ان کي غريب سنڌيءَ ۾ آڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي، تنهنڪري لازم ٿيو ته اهڙين جاين تي اختصار ۽ ايجاز کان ڪم وٺجي“. مطلب ته سندس زور بيتن تي هو ۽ عربيءَ ۾ لکيل شرح کي پوريءَ ريت سنڌيءَ ۾ آڻڻ ضروري نه سمجهيائين. بهرحال اڳتي هلي کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو هو جنهن جو اظهار ائين چئي ڪيو هئائين ته ”مناسب وقت تي ان ڪم کي مڪمل ڪبو.“

ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم اها ساڳي ڳالهه شاهه ڪريم جي بيتن ۽ ان جي ملفوظات ”بيان العارفين“ بابت ڪئي هئي. شاهه عبداللطيف جي صوفياڻي فڪر تي ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکندي مون کي انهن ٻنهي ڳالهين جو احساس ٿيو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن کان اڳ سال 2002ع ۾ ”بيان العارفين“ جو مڪمل فارسي متن مڪمل سنڌي ترجمي سان شايع ڪيو ويو، جنهن کان علم دوست حلقا واقف آهن. گذريل ٻن سالن دوارن ۽ خاص طور ”فهرست محفوظات سنڌي“ تي ڪم ڪندي اهو موقعو مليو ته سنڌي ڪتبخانن ۾ اڃا ڪهڙا قلمي ڪتاب موجود آهن، جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ”ابيات سنڌي“ جا ٻه قلمي نسخا معروفيه ڪتبحانه مٽياريءَ ۾ نظر آيا، جن جا ڦوٽو اسٽيٽ حاصل ڪيا ويا. اها تحقيق هلندڙ هئي ته برادرم محمد ادريس سنڌيءَ جي معرفت هڪ ٽيون نسخو، جيڪو زياده صحيح ۽ ڪنهن عالم جو اتاريل هو، هٿ آيو. هينئر ”ابيات سنڌي“ جي مڪمل متن جو سنڌي ترجمو پورو ٿي چڪو آهي ۽ ان تي باقي تحقيق هلندڙ آهي. جيئن اها مڪمل ٿيندي ته اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويندو.

گرهوڙي پنهنجي دور جو وڏو اهل علم صوفي هو جيڪا حقيقت سندس شرح ابيات سنڌي مان ظاهر ٿئي ٿي. هو اسلامي دنيا جي وڏن صوفين امام غزالي، ابن عربي، مولانا رومي، مولانا جامي، مڪتوبات امام ربانيءَ جي حوالي سان انهن بيتن جو اڀياس ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان جي نقشبندي طريقي سان وابستگيءَ جو اظهار ڪري ٿو، پر سندس بيتن جي شرح ڪندي هو وجودي ۽ شهودي فڪر ۾ مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه نقشبندي فڪر ۾ هرون ڀرون نئين ناهي. مثلاً نقشبندي سلسلي جي وڏي بزرگ خواجه محمد پارسا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ابن عربيءَ جي مشهور تصنيف ”فصوص الحڪم“ جي فارسيءَ ۾ شرح لکي هئي جيڪا ڇپيل آهي. اهڙيءَ طرح ڪن ٻين نقشبندي بزرگن لاءِ پڻ ائين چيو ويو آهي.

گرهوڙيءَ جو ٻيو وڏو ڪارنامو ”فتح الفضل“ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان جي قولن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ انهن جي ضروري سمجهاڻي يا وضاحت به عربيءَ ۾ ڪندو ويو آهي.

گرهوڙيءَ جي انهيءَ تصنيف جي وري فارسيءَ ۾ شرح خواجه محمد زمان جي پٽ خواجه گل محمد ’الورد المحمديه‘ نالي لکي. فتح الفضل ۾ ڪل 446 اقوال آهن، جن مان 243 جو ترجمو ۽ تشريح خواجه گل محمد ڪيو آهي، باقي 203 قولن جي شرح هڪ ٻئي مريد سيدنور علي لکي آهي ۽ ان جو نالو تڪمله الورد المحمديه آهي. گرهوڙي انهن قولن جي شرح ڪندي هڪ هنڌ لطائفه سته جي سمجهاڻي ڏني آهي ته ٻئي هنڌ وري پنهنجي مرشد جي سلسله بيعت تي روشني وجهندي ان کي مجدد الف ثانيءَ سان ملائي ڏيکاريو آهي.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي سال 1988ع ۾ ”فتح الفضل“ ۽ ”الورد المحمديه“ جو ترجمو ڪيو جيڪو بقول سندس ٻنهي ڪتابن جي مقصد جو جامع آهي. مطلب ته اهو ٻنهي جو اختصار آهي ۽ مڪمل ترجمو اڃا تائين گهربل آهي. هنن ٻنهي ڪتابن جا قلمي نسخا سنڌ جي ڪيترن ئي ڪتبخانن ۾ محفوظ آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي ڪتاب مڪمل متن ۽ تحقيق سان شايع ڪجن. مخدوم گرهوڙيءَ جي علمي قابليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو ذري گهٽ هر قول جي تشريح ۾ مولانا رومي، حافظ يا جاميءَ يا ڪنهن ٻئي وڏي صوفيءَ جو شعر يا قول ان جي وضاحت خاطر آڻي ٿو. ڪن هنڌن تي هو پنهنجا فارسي اشعار به آڻي ٿو. اهڙيءَ طرح هو مڪتوبات امام ربانيءَ منجهان پڻ وڌ ۾ وڌ حوالا آڻي تشريح ۽ توضيح ڪري ٿو.

لواري وارن بزرگن جي سلسلي ۾ ٻيا اهم ڪتاب ”فردوس العارفين“ ۽ ”مرغوب الا حباب“ آهن، جيڪي ٻئي سوانح ۽ تذڪرا  آهن. ”فردوس العارفين“ جو اردوءَ ۾ ترجمو سال 2002 ۾ شايع ٿيو آهي.

(10) مثنوي ختم السلوڪ ۽ طومار سلاسل گزيده

- مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو ته ٻارهين صدي هجري/ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ اندر وڏا عالم ۽ فاضل، عارف ۽ صوفي، شاعر ۽ اهل قلم پيدا ٿيا. مير علي شير قانع ٺٽوي (1140هه - 1203هه) هن دور جو يقيني طور هڪ وڏو اهل قلم هو، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي تاريخ لکڻ تي مقرر ڪيو هو. پير حسام الدين راشديءَ مير علي شير قانع جون ٻائيتاليهه تصنيفون ڄاڻايون آهن، جيڪي نثر ۽ نظم ۾ آهن. سندس خاص تصنيفن ۾ مڪلي نامو، تحفته الڪرام، مقالات الشعراء شامل آهن. تصوف جي سلسلي ۾ سندس ٻه تصنيفون قابل ذڪر آهن، جيڪي اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهن.

پهرين تصنيف ”مثنوي ختم السلوڪ“ آهي جيڪا 1196هه ۾ لکي وئي. هن مثنويءَ ۾ اندازا چوڏهن هزار اشعار موجود آهن. مثنويءَ ۾ هڪ مقدمو، ايڪويهه مقالا ۽ خاتمو شامل آهن. مثنويءَ جي اهميت مقالن جي عنوانن مان ظاهر آهي:

مقاله دوم در بيان معرفت حق سبحانه

مقاله سوم در بيان توحيد باري تعاليٰ

مقاله چهارم در بيان تصوف معني صوفي و متصوف

مقاله پنجم در بيان فقر و غنا

مقاله دهم در بيان حال و مقام

مقاله سيزدهم در بيان جمع و تفرقه

مقاله چهاردهم در بيان سڪرو المحو

مقاله پانزدهم في الفنا والبقا

مقاله شانزدهم در بيان غيب و شهود

مقاله هفدهم در بيان تجلي

هن ڪتاب جو واحد نسخو، جيڪو مصنف جو هٿ اکري آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. پير حسام الدين هن مثنويءَ کي ايڊٽ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر شايد ان ڪم ۾ هٿ وجهي ڪونه سگهيو.

تصوف جي موضوع سان لاڳاپيل مير علي شير قانع جو ٻيو اهم ڪتاب ”طومار سلاسل گزيده“ آهي، جيڪو هن وفات کان صرف هڪ سال اڳ 1202هه ۾ مڪمل ڪيو. هن ڪتاب جي باري ۾ پيرحسام الدين لکي ٿو، ”سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقن ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو.“ هيءُ مخطوطو دراصل ڪتاب وانگر ناهي، بلڪ هڪ ’طومار‘ يعني دفتر آهي، جيڪو ڪپڙي جي ٿانُ وانگر ويڙهي ۽ اُکيلي سگهجي ٿو. هن جو واحد نسخو، غالباً مصنف جو هٿ اکر، سنڌالاجيءَ جي قلمي ڪتابن جي حصي ۾ محفوظ آهي.

دراصل هن ڪتاب ۾ سنڌ هند جي خاص خاص سلسلن جي ڦهلجڻ جي دائرن جي صورت ۾ نشاندهي ڪيل آهي. ان لحاظ کان هيءُ ڪتاب نهايت اهميت وارو آهي.

(11) مڪتوبات ۽ ملفوظات

- سيد محمد راشد روضي ڌڻي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ سيد محمد بقا جي گهر ۾ سيد محمد راشد 1171هه ۾ ڄائو ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ سال 1234هه ۾ وفات ڪري ويو. هن پنهنجي پيءُ کان پهرين نقشبندي طريقي ۾ ۽ پوءِ قادري طريقي ۾ بيعت ڪئي. پير محمد راشد عرف روضي ڌڻيءَ جا ”ملفوظات“ ۽ ”مڪتوبات“ سندس اهل علم ۽ اهل دل خليفي محمود نظاماڻيءَ وڏي محنت ۽ محبت سان مرتب ڪيا، جيڪي پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي حيثيت رکن ٿا. اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهي ٻئي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن منجهان سيد محمد راشد جي علمي ۽ روحاني بلنديءَ جي خبر پوي ٿي. هو اسلامي دنيا جي وڏن صوفين قشيري، ابن عربي، مولانا رومي، شبستري، مولانا جامي جو وڏو ڄاڻو بلڪ مثنوي روميءَ جو خاص دلداده هو. ان کان سواءِ هو سنڌي شاعريءَ جي اعليٰ صوفيانه روايت- شاهه عبداللطيف، محمد زمان لواريءَ وارو ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ- کان چڱيءَ ريت واقف هو، بلڪ پاڻ به سنڌيءَ ۾ شعر چيو اٿس.

خليفو محمود نظاماڻي، جنهن 1267هه/ 1851ع ۾ وفات ڪئي، پنهنجي مرشد جي ذڪر جي طريقن، شغل ۽ حضور بابت پڻ هڪ الڳ ڪتاب ’محبوبية المحموديه‘ فارسيءَ ۾ لکيو. اهو ڪتاب پهريائين 1312هه ۾ ميان حامد بن حسن فارسيءَ مان الف اشباع واري سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو. بهرحال ان کان پوءِ هن ڪتاب جو روان سنڌي نثر ۾ ترجمو قاضي فتح الرسول نظاماڻيءَ ڪيو، جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو آهي.

وري خليفي محمود نظاماڻي جي ”ملفوظات“ کي سندس خليفي گل محمد هالائيءَ ”ڪنوزالمعرفت“ نالي سان فارسيءَ ۾ مرتب ڪيو. اهڙيءَ طرح خليفي محمود جي ”مڪتوبات“ کي پڻ سندس هڪ مريد 1335هه ۾ نقل ڪيو، جنهن ۾ ڪل 78 مڪتوب آهن. اهي مڪتوبات نقشبندي ۽ قادري طريقي جي سلوڪ ۽ منزلن بابت سمجهاڻي آهن. فارسي شاعرن کان علاوه هو شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“، خواجه محمد زمان لواريءَ واري ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا حوالا پڻ سمجهاڻيءَ خاطر آڻي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو سنڌيءَ ۾ پنهنجا چيل بيت به ڏئي ٿو.

خليفي محمود جي ٻي ملفوظات ”سراج العاشقين“ نالي سان سندس مريد ميان محمد ملوڪ چانڊئي 1244هه ۾ مرتب ڪئي. هن ڪتاب ۾ ڪل 286 فرمودا آهن ۽ قادريه نقشبنديه جا شجرا پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ قاضي فتح الرسول نظاماڻيءَ ڪيو، جيڪو سال 1998ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

خليفي محمود سنڌ ۾ تذڪره نويسيءَ جي روايت کي اڳتي وڌائيندي ”گلشن اولياء“ نالي پڻ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن بابت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي ته  اهو سنڌ ۾ لکيل پهرئين تذڪري”حديقة الاولياء“ جي تڪميل آهي. انهيءَ ڪتاب جي موجودگي هو پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ ٻڌائي ٿو.

(12) ”مثنوي نهرالبحر“ ۽ ٻيون تصنيفون

- فقير قادر بخش ”بيدل“

سنڌ ۾ تصوف جي اعليٰ علمي روايت جو سراغ ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ کان ملي ٿو، جنهن جي نشاندهي مٿي ڪئي وئي، ان جو اختتام تيرهين صدي/اڻويهين صدي يعني انگريزي دور ۾ ٿيندي نظر اچي ٿو. انهيءَ روايت جو آخري نمائندو يا وڏو نالو فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙيءَ وارو آهي. هو 1230هه/1812ع ۾ روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1289هه/1872ع ۾ وفات ڪري ويو. هو قادري طريقي سان وابسته هو ۽ مير جان الله شاهه رضوي ٻئي جو مريد هو، جنهن جو سلسلهء طريقت شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان ملي ٿو.

مولانا دين محمد وفائيءَ، بيدل جي 22 تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ عربي، فارسي، سرائڪي، اردو ۽ سنڌي ۾ تصنيفون شامل آهن. ليڪن هن مهل تائين بيدل جو سنڌي ڪلام ”ديوان بيدل“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1954ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ بيدل جي هڪ ٻي تصنيف ”پنج گنج“ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪوشش سان فارسي متن ۽ سنڌي ترجمي سان ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان سال 1971ع ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ چاليهه باب آهن. هر باب ۾ تصوف جو ڪو قول بيان ڪري ٿو ۽ ان لاءِ پنج دليل پيش ڪري ٿو: قرآن، حديث، مثنوي رومي، شاهه لطيف جو بيت ۽ ڪا ٺهڪندڙ حڪايت.

مولانا وفائي بيدل جي ڪجهه ٻين تصنيفن جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: (1) رياض الفقر: هن ۾ تصوف جي حقيقت بابت هڪ هزار شعر آهن، (2) تقويت القلوب في تذڪرة المحبوب: هن رسالي ۾ وحدت الوجود جي مسئلي تي صوفين جا قول ڏنل آهن ۽ پنهنجا رايا پيش ڪيا اٿس، (3) رموز القادري: قصيده غوثيه جي فارسي نظم ۾ شرح، (4) رموز العارفين: هي هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جنهن ۾ ڪن عارفن جا قول نقل ڪري ان جو فارسي نظم ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، (5) ديوان بيدل فارسي: هن ۾ 449 غزل آهن، جن ۾ وحدت ۽ عرفان جو ذڪر آهي، (6) سلوڪ الطالبين: هن ۾ 90 غزل آهن. جيئن عنوان مان ظاهر آهي ته ان ۾ سلوڪ ۽ معرفت جو بيان ۽ سمجهاڻي آهي.

”بيدل“ جي ٻي هڪ قابل ذڪر تصنيف مثنوي ”نهرالبحر“ آهي، جيڪا مثنوي رومي جي بحر ۾ هڪ ننڍي مثنوي آهي. نالي مان ئي ظاهر آهي ته هو روميءَ جي مثنويءَ کان ڪيڏو متاثر هو ۽ ان جي فڪر کي تصوف جي تعليمات ۾ ڪيڏو درجو ڏئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا اهم موضوع- وحدت ۽ ڪثرت، نفي ۽ اثبات، انسان ۽ دنيا جي حقيقت، الاهي اسرار ۽ رمزون، عشق ۽ محبت، فنا ۽ بقا - شامل آهن. بنيادي طور هو وجودي صوفي آهي.

بيدل جي تصنيفن ۽ انهن جي موضوعن مان ظاهر آهي ته هو سنڌ ۾ تصوف جي اعليٰ علمي روايت ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقامي روايت جي آخري وڏي علامت ۽ ترجمان هو. ان لحاظ کان نهايت ضروري آهي ته بيدل جي فارسي تصنيفات کي ”ڪليات بيدل“ جي صورت ۾ جمع ڪري شايع ڪيو وڃي ڇو ته ان کان سواءِ سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ نامڪمل رهجي ويندي.

سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده فعال انتظاميا تحت هنن ماخذن جي اشاعت لاءِ سنڌ سرڪار کان هڪ خاص اسڪيم منظور ڪرائي وئي آهي، جنهن سان اهو امڪان پيدا ٿي چڪو آهي ته جلد ئي اهي ڪتاب منظرعام تي اچي ويندا. ليڪن هيءُ ايڏو وڏو ڪم آهي جنهن کي خاص رٿابندي ۽ منظم تحريڪ سان ئي سرانجام ڪري سگهبو. انشاءَ الله!

مددي ڪتاب

1. تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع

2. ديوان بيدل، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع

3. حديقة الاولياء، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع

4. تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع

5. ڪلام گرهوڙي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، 1995ع

6. ابيات سنڌي، ڪراچي، 1939ع

7. فتح الفضل، بدين، 1988ع

8. شاهه جو رسالو: محقق ۽ شارح ڊاڪٽر بلوچ1999ع حيدرآباد.

9. مڪتوبات پير راشد روضي ڌڻي، سانگهڙ، 1976ع

10. بيان العارفين، اوقاف کاتو، حيدرآباد 2002ع

11. شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، سنڌالاجي، 1968ع

12. مضمون ۽ مقالا- ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1978ع

13. تاريخ باب الاسلام سنڌ، حبيب الله صديقي، 1996ع

14. تفسير انوار الاسرار عربي/سنڌي اداره پاٽ هائوس حيدرآباد، 1998ع

15. پاڪستان مين صوفيانه تحريڪين، ميمن عبدالمجيد سندهي لاهور، 1994ع

16. مڪتوبات امام رباني، زوار حسين شاهه، ڪراچي 1988ع

17. گلزار ابرار، اسلامڪ بڪ فائونڊيشن، لاهور، 1975ع

18. محبوبية المحموديه، سنڌي، بدين، 1994ع

19. توفيق الطالبين، ترجمو ڪنوزالمعرفت، 1993ع

20. ڪچڪول نامه، فارسي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، 1965ع

21. نادر مڪتوبات شاهه ولي الله، ثقافت اسلاميه لاهور 1999ع

22. مڪتوبات فقيرالله علوي، لاهور

23. دراسات اللبيب مخدوم محمد معين ٺٽوي سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1957ع

24. برهانپور ڪي سندهي اولياء 1987ع راشد برهانپوري

25. فصوص الحڪم مع ڪنوز اسرار القدم عربي،اردو ڪانپور، محمد عبدالغفار لکنوي 1308هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com