سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :15

طارق عالم

ٽي نظم

[1]

مان جڏهن ٻار هئس،

منهنجي آيل

مون کي ڦرهي ياد ڪرائيندي،

ي- تي پهچي چيو هو:

”ي- هڪ ڪڪڙ آهي،

جيڪا ٻن نقطن جي آنن تي ويٺي آهي.“

سال ٿيا.....

آيل منهنجي جهوني ٿي وئي،

بابا سائين پرلوڪ پڌرايو،

منهنجا ٻچڙا ٿي ويا جواڻ

پر،

”ي“ جي ڪڪڙ،

اَڄ به ٻن نقطن جي آنن تي

ڪالهه جيان ئي ويٺي آهي.

 

[2]

تون مون ۾ ائين رهندو آهين،

جيئن ’ج‘ جي اندر نقطو

جئن ماءُ جي گِرڀ ۾ نطفو!

 

[2]

واچ جي ڪانٽي سان کيڏي وقت پيو،

ڍيرَ تي ڳولي ’فقيرو‘ بخت پيو،

ماءُ منهنجي شال اوڍي هئن چيو:

”هيل ’پارو‘ آهي ڏاڍو سخت پيو.“

 

ماڻڪ ملاح

 

گيت

 

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 

ڇولي ڪيئن ڇُلايان مان؟
جهولي ڪيئن جهُلايان مان؟
ڪهڙو وَنجهه هلايان مان؟

 

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 

ڪير کسي ويو ڇولي ڇلڻي- چؤپاسي آ واري اُڏڻي-

ڪهڙو پڳهه پايان مان؟

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 

ويرانين ۾ ”ويڙهو“ ڪهڙو، بک ڪري پئي جهيڙو جهيڙو-

ڪهڙو سينو ساهيان مان؟

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 

دنيا ڪيڏو گولو آهي- پوءِ ڀي جيون نئولو آهي-

آهيان جي وچ ناهيان مان؟

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 

سنڌ جو ڳوٺ، شهر ۽ پاڙو- جيڪر ٿي پئي تاڙو تاڙو-

ماڻڪ! مَچُ مچايان مان؟

سنڌوءَ سير-

سُڪي پئي آهي!

 


 

ستار

حال احوال

 

مان ڀٽائيءَ ساڻ محوِ گفتگو

ڪجهه ٻڌايان ٿو ٻڌان ٿو کيس ڀي

هو هلي آيو هتي آهي سچل

پنڌ ۾ سامي پيو آهي ٻُڌان ٿو

ڪين پٺتي هو خليفو ڀي رهيو

۽ ٻڌي سڀ دانهن منهنجي

ٿا ڏسن چهرا پيا

سنڌ تي

ڪيترا پهرا ٿيا!

مون ڪيو ٿي عرض تن کي

ڪلهه هتان ئي شيخ اياز

سنڌ مان ويئڙو لڏي

سنڌ جو عاشق اُهو

سيد به ويو وارو وڄائي

مسئلا ايڏا وڏا،

ناهه تن جو ڪوبه حل!

ڪي رهن ٿا تاڙ ۾ پاڻيءَ مٿان

ڪيترا ڌاريا اچن ٿا روز پيا

۽ وڃن ٿا سنڌ تي سي ڇانئبا

پيا سنڀاريون روز توکي

اي ڀٽائي! موٽ کاءُ

تون ڪڏهن ايندين وري

جو سموري سنڌ جا

سور ساري باهه ٻاري

۽ وڏو ڪو مچ مچائي

بيت وائيءَ ۾ سمورو سچ سمائي

ڏيهه ساري کي ٻڌائي تون سگهين!

 

فياض ڏاهري

گيت

 

او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا؟
 

ساجن بن هر شام اڌوري
رات کٽي ۽ باک انگوري
دوري دوري توکان دوري
سارُون هيرُون سپنا جهولا
او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا؟

ڪان ڪان تنهنجي او ڪانويلا!
ڄڻ ته صدين جي چيخ جيان آ
ٺڪ ٺڪ در تي هر هر ڄڻ ڪا
چورائي ويا ننڊ کٽولا
او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا؟

در تي تنها وَڻُ ڄمونءَ جو
ريسارا محبوب سڏي ٿو
پن پن مان ڪو لڙڪ ڪري ٿو
باک ڦٽي ٿي سڏڪي تو لا
او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا؟

ڏسندي نيڻ ويا جهانورجي
لڙڪ اچن ٿا جهومي گرجي
رم جهم جي رُت آئي ڀرجي
هاڻي پُسندا دامن چولا
او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا؟

 

عبدالغفار تبسم

 

مان ڪاري ناهيان!

اَڄاتين ۽ بي نور واٽن جي اُجڙيل اَڀاڳڻ

سدا سبز ڌرتيءَ جي مان اهڙي آهيان سهاڳڻ

ڪُڌي رسم جي آهه جيڪا اڏيءَ تي ڪُٺي وئي

قبيلن سدائين چيو جنهن کي ”ڪاري“

اڙي ڪاري اُڀ جا حسين چنڊ

منهنجي انڌيرن ۾ کن پل لهي آ

اچي منهنجي ڪارنهن کي اُجرو ڪري وڃ

قسم ٿئي، قسم توکي تنهنجو

چئي لوڪ کي وڃ

ته مان ڪاري ناهيان!

 

سندم ڏوهه آهي ته بس ايترو

ته مان

مڙد جي هن سماجي اڏيل ڪوڙڪين منجهه

عورت جي حسناڪين ساڻ خلقي وئي آهيان

۽ مڙدانگي ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي،

ڪُڌاين جي مجبورين

انائن سان گهيريل ڇسين برترين ۾

نوابين ۽ سردارين جي خفن ۾

طوائف سان ڪوٺن تي عمريون گذاري

عياشين، ڪچهرين جي پاڇاٽين منجهه

ارمان ڦوٽهڙو ڪن ٿا

گلابن جي موسم ۾ احساس چهنڊيون هڻن ٿا

پوتر اندر ۾ ڪي نفسياتي رَهنڊون

اُمالڪ جو ڳڀجي

ڪي اُڌما ڏين ٿيون

ته فطري تقاضائون ٻيلهپ ٿيون چاهن

اُهي چاهتون طوق بڻجي وڃن ٿيون

اُهي طوق گهلي

صدين جي رڻن ۾ رُلي هاڻ ٿڪجي پئي آهيان

پلاندن ۽ حق بخشرائڻ جي رسمن

۽ قرضن، زمينن ۽ ملڪت هڙپ ڪندڙن

گروهي دلالن ۾ ڦاسي پئي آهيان

اڻ ڪيل ڏوهه ۾

مڙهيل تهمتن تي

صديون اڳ  به ڌرتي ڌُٻي هئي

مَهن جو دڙو

ڌوڙ بڻجي دڙا ٿي ويو هو!

 

ڀٽائيءَ جي روضي کان ايندڙ هوائو!

۽ ڪارين، سَتين جي مزارن جي ويرانين مان

لُٽيل ماءُ جي

ڦَٽيل سيني مان

اي اُٿندڙ صدائو!

اچي مون اَڀاڳڻ کي سيني ته لايو

ڪهاڙيءَ سان وڍيل

منهنجي ڪنواري بدن مان

ڦُهارا ڪندڙ

لهوءَ جا ٻه ٽي ٻُڪ ڀري

هن انڌي ۽ ٻوڙي منافق جهان جي

گناهن سان چچريل

قبيح ڪاري منهن تي مَلي

ٿُڪي

کيس واري ٻڌايو

ته مان ڪاري ناهيان

ته مان ڪاري ناهيان!

 

عزيز ڪنگراڻي

 

وائي

 

اُڻندو وَت اُتساهه،

 سوچون تنهنجيون سوجهرو.

جاڳرتا جي جوت کان، ڪر عالم کي آگاهه.
رات کٽي ٿئي باک ٿي، ورڇ وڏو ويساهه.
جيڏو جذبو جوش آ، تيڏو آ نيباهه،
وقت روان جي ڳالهه آ، تنهنجو کڄندڙ ساهه،

اُڻندو وَت اُتساهه، سوچون تنهنجيون سوجهرو.

 

انيتا شاهه

خواب اسان جا ازلي ويري

- خواب اڪيلا دُور سفر تي

مون سان گڏجي نڪتا آهن

ويرين وَرُ چڙهي وئي آهيان

ڪو به ته رستو ڪونه سُجهي ٿو

هَٿَ کان هٿُ ڇڄي ويو آهي

خوابن پاڙيو وير وڏو آ

خواب اسان جا ازلي ويري

سُک نه سمهڻ ٿا ڏين اسان کي!

- ننڊ اسان جي چورائن ٿا

هيڏي هوڏي نيڻ نهارن

پر نه حقيقت پائن ٿا

خواب سدائين پاڻ سُمهن ٿا

جيءَ کي روز جلائن ٿا

خواب اسان جا ازلي ويري

- خواب وڏا زورآور آهن

جن جي پويان هلندي هلندي

تو مون ڪيڏو لوڙهيو آهي

خوابن پويان رُلندي رُلندي

خواب اسان جا ازلي ويري!

- تون به ته هڪڙو خواب هئين

جيڪو اکڙين ۾ وسندو هئين

۽ پوءِ لُڙڪ وسائيندو هئين

تون به ته ويري نڪتو آهين

خواب اسان جا ازلي ويري!

 

پشپا ولڀ

ڏيئو ته جلائي ڏس!

زبان گُنگ آهي ته ڇا؟

آڱرين کي پنهنجي زبان ڏيئي ته ڏس،

احساس کي اُها پوشاڪ پارائينديون

جو لفظ اُجاگر ٿي پوندا.

 

اُڏامي نٿو سگهجي

مون کي خبر آهي

هيٺ ڪربو ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي پئبو

پَر لڳي ويندا!

بازيگر جيان ٻانهون کولي

رسي تي هلي ته ڏس!

 

خواب ڏاڍا اوچا آهن،

زندگيءَ ۾ پورا نه ٿيڻ جهڙا

تارا پاڻ ئي هيٺ لهندا

سج زمين تي جهڪي پوندو

بادلن کي ڀاڪر ۾ ڀري ته ڏس!

 

هر هارَ ۾ هڪ جيت لڪل آهي،

گلن سان جهول ڀرجي ويندءِ

تون پيار ۾ سڀڪجهه هارائي ته ڏس!

 

سڀ کي رهبر جي تلاش آهي

ڪاروان پاڻهي ٺهندو ويندو

هڪ وار رڳو

تون بانسريءَ تي اُها ڌُن ته وڄائي ڏس!

 

گهاٽي اونداهي آهي

اک هٿ کي ڳولهي نٿي سگهي

روشني ئي روشني پکڙجي ويندي

ننڍڙو ئي سهي

هڪ ڏيئو جلائي ته ڏس!

 

 

زاهد دارا ابڙو

 

پرپيچوئل موشن مشين

وقت جي ٻِپُڙي سِڪي جي

ٻنهي پُڙَن تي ٺهيل

شهنشاهن جا نقش

تاريخ چِٿي ڇڏيا

۽ چِٿيل کوٽن سِڪن کي پوءِ

اسان سانڍي ڇڏيو عجائب گهرن ۾

پر

ڍڳي گاڏيءَ وارو، صدين کان

روز ڪاهي رهيو آهي ڍڳي گاڏيءَ کي!

۽

”پرپيچوئل موشن مشين“ اڃا هڪ تصور آ

سفر به ساڳيو، طويل ۽ اڻکٽ

رڳو وڌي ويا آهن ته

چِٿيل کوٽي سڪي جا اگهه

۽

چِٿجي رهيو آهي وقت جي چَڪيءَ

جي ٻنهي پُڙن جي وچ ۾

ازل کان ڍڳي گاڏيءَ وارو!

 

منٺار سولنگي

غزل

درحقيقت دل لڳيءَ جي ڳالهه هئي،
اُن نه سمجهي، جا اُنهيءَ جي ڳالهه هئي.
جيترو پٿراءُ تو مون تي ڪيو،
هيءَ ته اُن جي هڪ ذريءَ جي ڳالهه هئي.
ريءَ ڪجل سرخيءَ سوا موهي وڌئين،
هيءَ پرينءَ جي سادگيءَ جي ڳالهه هئي.
لڙڪ ۽ ماتم هيو منظر سڄو،
وقت رخصت آخريءَ جي ڳالهه هئي.
بارشن جي مُندَ ۾ ’منٺار‘ کي،
ياد آئي دل جليءَ جي ڳالهه هئي.

 

قاصي منظر حيات

غزل

باهه ٿي چوڌر ٻري،
آبُ ڪاٿي، ڪئن ٺري!
وقت هو ويجهو هيا،
هاڻ ڇو ايڏو پري!
خونَ ري اسڪيچ هي،
رنگُ تنهن ۾ ڪو ڀري!
موتُ آڏو بکَ کان،
ڊڀَ ٿو چيتو چَري!
قربَ جي قتلامَ تي،
مُرڪ ٿي ماندِي مري!
کيچلا پچندي پسي،
ميڻ بتي پئي ڳري!
سنڌ، سنڌوءَ- ساهه لئه،
سَڏَ سڀني کي ڪري!
مسئلن جي ڪُنَ ۾،
هٿَ- ٻڌل ڪيڏو تري!
مُندَ سان ’منظر‘ مَٽيو،
شالَ وڻجارو وَري!

 

اسد چاچڙ

 

غزل

 

رات ڪهڙو روپ ڌاري آ وَئي،
ننڊ نيڻن مان اُڏاري آ وَئي.
ويو مچي محفل ۾ آهي ٿرٿلو،
نانءُ ڪنهن جو هوءَ اُچاري آ وَئي.
درد جي خوشبو رهي جا ساٿَ ۾،
روپ منهنجو سا ته کاري آ وَئي.
تون رڳو ٿو ڳالهه نيڻن جي ڪرين،
مون کي هڪڙي مُرڪ ماري آ وَئي.
جا رَهي پئي رات کان آهي ’اسد‘،
ياد هُن جي سِجُ اُڀاري آ وَئي.

 

 

پير مجدد سرهندي

 

غزل

 

اُهو منظر ڇا منظر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين،
سو منظر روح پرور هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.
هڪي پاسي ڪنول جا گل، ته ٻئي پاسي هئي نُوري،
هوا سُرهاڻ جو گهر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.
ڀنڀورين ڳيت ڳايو پئي ۽ چيهن سُرملايو پئي،
اُهو پل جادو جنتر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.
لهي ڄڻ انڊلٺ آئي هجي ڪينجهر ڪناري تي،
صفا مستيءَ ۾ ساگر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.
لڳو ٿي عشق هو ماحول جو محبوب جي مُک سان،
کُليل آڪاس جو در هو، جڏهن ڪينجهر تيگڏ هئاسين.
هُنن جي سونهن جي برسات چوڏس هئي ۽ منهنجو تن،
اُڃايل آس جو ٿر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.
اگرچه ڏينهن ٻيا ڀي گڏ گذارياسين، ”مجدد“ ڪئين،
مگر سو ڏينهن بهتر هو، جڏهن ڪينجهر تي گڏ هئاسين.

 

ملهار سنڌي

 

غزل

 

جين ٿيون اکيون ۽ مرن ٿيون اکيون،
سوين سور تو بن سهن ٿيون اکيون.
تڏهن هوش منهنجا اُڏي ٿا وڃن،
جڏهن منهنجون توسان ملن ٿيون اکيون.
ڪيان حسن تنهنجي جي تعريف ٿو،
حجابن ۾ تنهنجون جهُڪن ٿيون اکيون.
ٻيو ڪوبه منظر ٽِڪي ئي نه ٿو،
سندءِ خواب هردم ڏسن ٿيون اکيون.
اکين ۾ ٿا بادل سدائين رهن،
اچي ياد تنهنجي وسن ٿيون اکيون.
اکين ۾ آ ’ملهار‘ تو گهر اَڏيو،
سندءِ عڪس سانڍي رکن ٿيون اکيون.

 

رکيل مورائي

غزل

ڪجهه ته ڪَن ۾ چئي هليو ويو آ،
لفظ- مالها ڏئي هليو ويو آ.
اِنتها رهزنيءَ جي ٿي ويئي،
درد سڀئي کڻي هليو ويو آ.
رِڻ سنڀالي اڃا به خوشفهمي،
ڀِٽَ تي بادل وَسي هليو ويو آ.
نيڻ ٻوٽي ڏِسي ٿي ساگر ڏي،
سمنڊ سپنو ڏئي هليو ويو آ.
چنڊ- تارا، اُداس خاموشي،
ڇڏي اُڀ ۾ ڪَتي هليو ويو آ.
هير جي هنج ۾ سَنجهي کان ئي،
پنهنجي خوشبو رکي هليو ويو آ!
 

بخشل ”باغي“

وائي

 

صدين کان ساڳي،

        رڻ ۾ رات رڙي پئي.

جهول ستارن جا ڀري،

        اڃا اَڀاڳي،

          رڻ ۾ رات رڙي پئي.

سُر جي باک ڦٽائي تون!

               راڻي سان راڳي،

          رڻ ۾ رات رڙي پئي.

شام ڇڏي وئي راهه ۾،

                        پاڇا ويراڳي،

         رڻ ۾ رات رڙي پئي.

ننڊ نصيبن ۾ ڪٿي،

                       غمن کان جاڳي،

        رڻ ۾ رات رڙي پئي.

 

ڪرم ٽالپر

گيت

 

روز پڇي ٿو، روز لُڇي ٿو،
منهنجو سانول ڪڏهين ايندو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

بسنت رُت جي پُونم پياري،
ڪينجهر لهرئين چنڊ لُڏي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

هاڙهه منجهند جو، ڪوسيءَ اُس ۾،
ڪنڊيءَ مٿان ڳيرو ڳُٽڪي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

سانوڻ جي وسڪارن کان پوءِ،
سنڌوءَ ۾ جو چاڙهه اچي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

جڏهين هر هاريءَ جي او سانول،
چيٽُ، ڪَتيءَ جو فصل ڦٽي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

سالن جي سوڪهڙي کان پوءِ،
ٿر ۾ رُت جو مينهن وسي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

ڀونئرو ڀِرندي ’ڪرم‘ چمن ۾،
ماڪ ڀنل رابيل چمي ٿو!

مون کان منهنجو پاڳل من روز پڇي ٿو!

 

ابرار ابڙو

 

غزل

هو ڪير وڃي ٿو پاڇولن ۾ پاڻ تلاشڻ ٿو چاهي،
هو پنهنجي هستيءَ جو گم ٿيل اهڃاڻ تلاشڻ ٿو چاهي.
ڪک پن ٿا اُڏرن ڪنڌيءَ تي، واري ٿي اُڏري واءُ اندر،
هو پوڙهو نرڙ مٿان هٿ ڏئي ’مهراڻ‘ تلاشڻ ٿو چاهي!
هي جيون آ يا مٽي آ، هي جوڀن آ يا دوکو آ،
ڪو فاني موسم جو ماپو ۽ ماڻُ تلاشڻ ٿو چاهي.
اندر جو جوش نٿو جاڳي ڪو رستو روح نٿو جهاڳي،
هي روح وڃايل محفل جو مانڊاڻ تلاشڻ ٿو چاهي.

 

احمد ٽالپر

 

غزل

 

تو بن هرڪا آس اڌوري،
ڄڻ ته حياتي آ اڻپوري.
ڌرتي ۽ آڪاش ۾ جيڏي،
پاڻ ٻنهيءَ ۾ تيڏي دُوري.
تنهنجا سُڏڪا، منهنجون آهون،
پنهنجي پيار جي آ مجبوري.
ڌار گهڙي هڪ گهارڻ اوکي،
ڄمار ڪٽجي ڪيئن سموري؟
جيون جُوالا ڪاڻ او جاني!
پيار جي برکا آهي ضروري.
عجيب اڱڻ تي ايندين آخر،
حاصل ٿيندو حَجُ حضوري.
’احمد‘ جڳ کي واسي ويندو،
پيار هي پنهنجو مشڪ- کٿوري.

 

ياسين چانڊيو

 

غزل

تنهنجي نيڻن ۾ سوجهرو آهي،
ڄڻ ته اونداهه ۾ ڏِيو آهي!
اڄ به هڪڙو گناهه ٿي ويو آ،
ياد توکي نه اڄ ڪيو آهي.
موسمن جا حواس ڇرڪي پيا،
ٽهڪ تنهنجو جڏهن اُڏيو آهي.
جيئن ڀاڪر ۾ ٿو ڀريو مون کي،
خوشبو خوشبو وجود ٿيو آهي.

 

ظهير زرداري

 

وائي

 

مون وٽ قرب ڪري،

ايندو ڪر تون پيار مان.

اڱڻ خوشيون آڻجان،
پنهنجا پير ڀري،

ايندو ڪر تون پيار مان.

گهڙي هڪ توکان سواءِ،
منهنجي ڪانه سري،

ايندو ڪر تون پيار مان.

پنهنجو نينهن نوازجان،
ڪجان ڪينَ پري،

ايندو ڪر تون پيار مان.

گهڻي سِڪَ ’ظهير‘ جي،
نيڻن منجهه ڌري،

ايندو ڪر تون پيار مان.

 

جاويد ”سوز“ هالائي

غزل

 

هوءَ ڇا وئي ته روح کي تنها ڪري وئي،
جيون جي هر گهڙيءَ کي به سُڏڪا ڪري وئي.
منهنجي لکيل پَنن کي اُڏائي کڻي وئي،
ها، کينچلي هوا به ته ڇا ڇا ڪري وئي.
سرسبز ٽڪرين جي وئي شهر ڏي هلي،
مون لاءِ سڀئي زهر جا لمحا ڪري وئي.
اکين جي ايئرپورٽ تي هن هٿ هئا کنيا،
خاموش پنهنجي دل ۾ ئي جملا ڪري وئي.
اکين ۾ عاشقيءَ جا اُڻي خواب وئي هلي،
بس ڪجهه گهڙين ۾ ڪيترا رشتا ڪري وئي.
’جاويد‘ هاڻ آءٌ اڌوروئي آهيان،
هوءَ مون کان ڏور منهنجا ئي پاڇا ڪري وئي.

 

سرمد چانڊيو

 

وائي

او ڙي ڪاشيگر! هاڻي سنگتراش ٿي!
کسڪي پيئي وو ميان، پاڻان پنهنجي ڌر!

هاڻي سنگتراش ٿي!

ڏونگر جي هر ڏاٺَ مان، تراشي تونگر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

پاڙون کوڙ پهاڙ ۾، ڀيري ڀَڄُ ڪينگر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

هڻ هٿوڙا ڏاڍ کي، ڏاري ڏي ڏونگر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

ماڻ مٽايا زندگي، باقي ڪهڙي ڍر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

آهه صديون اوسيئڙو، ڪاٽيو ڪارونجهر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

دَور نه روغن رنگ جو، بيهي ڇانگ ڇپر،

هاڻي سنگتراش ٿي!

 

ضمير کرل

غزل

رات، بارش، ياد- رستا ۽ اسين،
سرد موسم، گهاءَ گهرا ۽ اسين.
دل جلي پئي، نيڻ ڀي جاڳن پيا،
ماڪ، بستر، درد- سپنا ۽ اسين.
پوءِ ڀي ڪمرو هي کائڻ ٿو اچي،
گڏ هُون توڙي تنهنجا تحفا ۽ اسين.
شهر جا نقشا اڃا ساڳيا رهيا،
وڇڙي وياسون يار پيارا ۽ اسين.
درد ڪهڙو هو، رُناسين رات ڀر،
پاڻ ۾ ويهي ستارا ۽ اسين.
گڏ رهن ٿا وقت کان پاڇي جيان،
هيڪلائي، ڌوڙ، صحرا ۽ اسين.
ڪيستائين سنگ بڻجي بيهون اِت،
سمنڊ ڪپ تي واري گهرڙا ۽ اسين.

 

حبدار سولنگي

 

تَتل رڻ ۾!

حياتيءَ جي تتل رڻ ۾،
جڳن کان پيا اڃا تائين،

جلن ٿا پير جوڳيءَ جا.

رُلائن ٿيون اکيون هن کي،
مڪان کان لامڪان تائين،

جلن ٿا پير جوڳيءَ جا.

وڃي ٿو روشنيءَ پويان،
مٽيءَ کان آسمان تائين،

جلن ٿا پير جوڳيءَ جا.

عجب اسرار سمجهڻ لئه،
وڃي ٿو هر نشان تائين،

جلن ٿا پير جوڳيءَ جا.

 

نيڻ ٻئي آلا کڻي،

هو الئه ڪاڏي هليو ويو!

وقت جو ويراڳ ٿي ويو،
درد جو ٿي ويو ڌڻي،

هو الئه ڪاڏي هليو ويو!

روح- ريگستان جي لئه،
ڪا تلاشڻ سانوڻي،

هو الئه ڪاڏي هليو ويو!

واپسيءَ جا دَڳ وساري،
دل کڻي هڪڙي ڄڻي،

هو الئه ڪاڏي هليو ويو!

 

احسان دانش

غزل

وقت- ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو،
ميڻ بتيءَ جان ڳري ٿو ماڻهو.
پنهنجي غلطي کي لڪائڻ خاطر،
ٻئي تي الزام ڌري ٿو ماڻهو.
ريت ذري کي خدا جي دعويٰ!
ڪيئن هوائن ۾ تري ٿو ماڻهو.
جي ٻُڏي سِجُ ويو ڇا ٿي پيو،
هڪڙو ڏيئو ته ٻَري ٿو، ماڻهو.
روح جي ساز جون تارون ڇيڙي،
ڪيڏو بيتاب ڪري ٿو ماڻهو.
شهر جو شهر ويو ٿي قاتل،
ڪيئن ماڻهوءَ تي مري ٿو ماڻهو.
 

شائق ڪمبوهه

غزل

 

نيڻ منهنجا ۽ تنهنجا رستا هِن!
ڄڻ ٻنهي جا صدين جا رشتا هِن!
آءٌ تنها ڪڏهن ٿيو ناهيان،
ساڻ تنهنجا سدائين سپنا هِن!
ڪو اُجالو رهيو نه جيون ۾،
ڏينهن پنهنجا به رات جهڙا هِن!
تنهنجي ٻانهن ۾ دم وڃي نڪري،
ڀاڳ ڪاٿي اسان جا اهڙا هِن!
گيت پهتا وڃي پرينءَ تائين،
عشق! تنهنجا اسان تي ٿورا هِن!

 

فراق هاليپوٽو

وائي

 

سارو ڏهر چَڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

آءٌ به آواڙو اُڃيو،
تو وٽ مَٽ گهَڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

هيل ته ڪوڪڙ تو سوا،
ڪيڏا ڏس ته ڪَڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

پلر پيارج پيار جو،
وسائي وَڏَ ڦُڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

پهريون ڌوتو ڌوپ تو،
اُجريا گجَ پَڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

پهريون پاڃاريون به پر،
جوڀن سَڀُ جَڙا،

سانوڻ واري مينهن ۾!

 

جمن سُوهو

 

غزل

اُتر واءُ آهي ۽ ڪينجهر ڪنارا،
حياتي جا پَلَ هت لڳن ٿا اُڌارا.
ڪُٺل شام ڪيٽي بندر جي لڳي ٿي،
سُتل آهي ساگر، ڪفن جئن ڪنارا.
ڪڏهن چاندني رات مڪليءَ اچي ڏِس،
ته خاموشيون ڇا چون ٿيون اي پيارا!
مهاڻي جي مَن ۾ ته ماڃر ٿي مهڪي،
ڏسي ٿو مهاڻيءَ جي اکڙين ۾ ڄارا.

 

اياز امر شيخ

 

اي بادِ صبا

اي بادِ صبا! تون ڪجهه ته ٻڌاءِ،

ڇا هوءَ اڃا ڀي راتين ۾،

ڪا سارَ سمائي ساهن ۾،

ٿي سڪَ سنيهو ويندي آ،

۽ ڏوراپا ڀي ڏيندي آ،

ڇا تنها ويهي راهن ۾؟

 

اي بادِ صبا! تون ڪجهه ته ٻڌاءِ!

ڇا هوءَ اياڻي سانجهين جو؟

ٿي درد جو نوحو ويندي آ،

۽ ٻاري ڪيئي آس ڏڀيا،

پئي چوندي پيار مان آهي پِيا،

ڇا روئندي آهي آڌين جو؟

 

اي بادِ صبا! تون ڪجهه ته ٻڌاءِ!

ا هوءَ اڃا ڀي نيڻن کي؟

ڪا ننڊ سمهاري ناهه سگهي!

۽ احساسن جي آڳر ۾،

ٿي ساري مون کي ڀاڪر ۾،

ڇا مورڪ اٿس ڪا چپڙن تي؟

 

اي بادِ صبا! تون ڪجهه ته ٻڌاءِ!

اڄ مَن جي منجهيل موسم آ،

۽ جذبن جي هر جاڳ مٿي،

ٿا ساريو ڪيئي ساٿ لُڇن،

پيا ياد پرينءَ جا پيار اچن،

پر دل تي غم جو عالم آ،

ڪو سڏ ته ڏي هوءَ اهه ڪٿي!

اي بادِ صبا! تون ڪجهه ته ٻڌاءِ!

 

سحر امداد

تو بن!

عڪس بنان جنءَ آرسي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

جنءَ ڪا سِپ موتيءَ بنان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

بادل جنءَ بجليءَ بنان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

ماڻهوءَ جنءَ نالي بنان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

رستو جنءَ راهيءَ بنان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

سازُ بنان آواز جي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

ڪاڳر جنءَ تحرير بن،

ڪجهه به نه آهي سائين!

ڪَوِتا جنءَ معنيٰ بنان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

وَڻُ بنان جنءَ ڇانو جي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

ڏات بنان جنءَ ڏانوَ جي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

سپنو جنءَ بن ساڀيان،

ڪجهه به نه آهي سائين!

انت بنان جنءَ آدَ جي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

ساگر جنءَ لهرين سوا،

ڪجهه به نه آهي سائين!

سِنڌو جنءَ ساگر سوا،

ڪجهه به نه آهي سائين!

سِنڌو ريءَ جنءَ سنڌڙي،

ڪجهه به نه آهي سائين!

آءٌ به تو بن تيئن ئي،

ڪجهه به نه آهيان سائين!
ڪجهه به نه آهيان سائين!

 

ڌرتي ڌُٻڻ کان پوءِ

 

ڌرتي ڌُٻڻ کان پوءِ

منهنجو گهر ۽ منهنجو وَر

۽ منهنجا ٻار

منهنجا هار ۽ سينگار سڀ

ڌرتي ڳهي وئي

لُڙڪ اکڙين جا سمورا

مس- چٽي وانگي چُهي وئي

۽ مون کي زنده لاش جان اُڇلي وئي!

 

هاڻ راتيون ڊوهه آهن

هاڻ ساڳيو ڏينهن مون لئه

موت جي اونداهه آهي

هاڻ ڇا هي؟

ساهه آهي يا نه آهي

مون کي اُن سان چاهه ناهي!

ڪيترا ئي ڏينهن راتيون

۽ مهينا بس ائين گذري ويا

آءٌ پنهنجي ئي ڊٺل گهر تي کُتل

ٽِينَ جي چادر سندو اوڍي ڪفن

زنده مُردي وانگيان

بس ائين ئي بي سبب

اُپٽِيل خالي اکين سان

ٽِينَ جي آڪاس تي

سِجُ ٻُڏندي

چنڊ لُڇندي

سرد برفيلي پهاڙي چوٽين تي

آبشارن ۾ پَسان ٿي

اکڙين جي پنبڻين ۾

لُڙڪ تارو برف بڻجي ٿو وڃي!

 

 

امداد حسيني

 

هڪ نظم جو هڪ بند

 

ٻاهران صاف ۽ اَڇو اُجرو
ڄڻ ته ڪورو پنو هجي ڪوئي
ڌيان ۽ گيان ساڻ جنهن تي ليک
مور جي کنڀ سان هجي لکڻو

يا ڪپهه جي ٽِڙيل ڦُٽي ڪائي
صبح جي سِجَ جي سواگت لاءِ
پِرهه جو ماڪ سان سنان ڪيل

ٻاهران صاف ۽ اَڇو اُجرو
پر اندر ۾ رَڌو پيو آهي
ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
ڍُونڍ جي ڌَپَ ٿي اچي جنهن مان
پر مٿان عطر ۽ عنبير هڻي
پاڻ تي سينٽ خوب ڇٽڪاري
گند بيٺو ٻين تي اُڇلائي!

 

 

 

 

هڪ مختصر نظم

 

روڪ ٽوڪ آهه مٿم، تنهنجي گهٽيءَ ۾ ڇا لاءِ؟
گذرندڙ وقت جيان آءٌ به گذري ويندس!
مُنهن مبارڪ مٿي کڻ، مهر نظر ڪر مون تي،
تنهنجي آئيني جيان آءٌ به اُجري ويندس!
صرف هڪ مُرڪ مِٺي مرڪ جي ڪر ٻاجهه مٿم،
آءٌ اُڌريل اگر آهيان به ته سُڌري ويندس!
 

غزل

 

هُن جو ڀال ڀلايو هوندو،
در تاءِ ڇڏڻ آيو هوندو!
مٽيءَ جي آدم جي آڏو،
مَلڪن ڪنڌ نمايو هوندو!
سور کڻي سهسايو هوندو!
ها پر ڪئن  سهسايو هوندو!
دل تي منهنجو هٿ آهي ڇو؟
شيشو ڪنهن ٽڙڪايو هوندو!
هر ڪنهن ميڙي هوندي مايا،
ڪنهن ڪنهن قرب ڪمايو هوندو!
سج به اُن لئه بادل آهي،
جوڳيءَ جوڳ پچايو هوندو!
امداد ادا! ڪنهن ٿي ڄاتو،
پنهنجو ساهه پرايو هوندو!
 

سُڀاڻ!

 

آءٌ اڇوت سهي،
پريت ته ناهه اڇوت!
انگ ڀڀوت سهي،
روح ته ناهه ڀڀوت!

آءٌ غلام سهي،
ٻارُ ته ناهه غلام!
آءٌ اَنام سهي،
سِجُ ته ناهه اَنام!

آءٌ اَڄاڻ سهي،
سنڌ ته آهه سُڄاڻ!
آءٌ اچان نه اچان
اچڻو آهه سُڀاڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com