سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :7

شڪارپور- ڪجهه نوان پراڻا ورق-3

ڊاڪٽر بدر اڄڻ

هڪ استاد جي قلمي ڪاوش

پرائمري تعليم دوران هڪ جهونو استاد هوندو هو، جنهن کي ’سائين وڏو‘ ڪري مخاطب ڪيو ويندو هو ۽ جڏهن به سامهون ايندو هو ته کيس نِوڙي، وڏي آواز سان سلام ڪندا هئاسين. ان وقت ته نالي جي به خبر نه هوندي هئي، پر هينئر جڏهن پراڻا ورق اٿلايا آهن ته ان استاد عبدالرزاق شيرمحمد چغدو نالي، جيڪو هيڊماستر هو پرائمري اسڪول قاضي محلا جو ۽ اتان رٽائر ڪيو هئائين، ان استاد هي ڪتاب ڇپرايو هو 1967ع ۾، جيڪو  اصل ۾ ان جي والد بزرگوار شيرمحمد ولد محمد صالح چغدو جو جوڙيل هو، جيڪو هُن 1937ع ۾ لکيو هو. شير محمد صاحب ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيو هو ۽ پنهنجي ايامڪاريءَ دوران ٻه ڪتاب جوڙيا هئائين. (i) صداقت قرآن (ii) صداقت رسول. منهنجي آڏو پهريون ڪتاب ڪونهي، پر ٻيو ڪتاب منهنجي آڏو آهي، جنهن جو احوال پيش ڪجي ٿو.

”سائين وڏي“ يعني عبدالرزاق چغدو صاحب هيءُ ڪتاب نومبر 1967ع ۾ سنڌ جي مشهور اشاعتي اداري، مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هيءُ ڪتاب نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جن جي دَور بابت آهي. ڪل چار باب اٿس ۽ صفحا آهن 182. باب پهرئين ۾ بشارتن جو ذڪر آهي ۽ ٻئي باب ۾ معجزا ڏنل آهن. ٽئين ۽ چوٿين باب جا عنوان آهن حضور صلعم جن سان مباهله يا مناظرا ۽ حضور صلعم جن جون پيشنگويون.

هن ڪتاب ۾ رسول ڪريم صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جن جي حياتي ۽ ان ۾ پيس ايندڙ تڪليفن، مشقتن، مسافرين ۽ مشڪلاتن جا ذڪر آهن، جيڪي پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جن وڏي همت، استقامت ۽ صداقت سان مقابلا ڪري انهن تي فتح حاصل ڪئي ۽ آخر تائين ثابت قدم رهندي، اسان لاءِ سبق ۽ عمل ڪرڻ جا درس ڇڏيا آهن. هي ان وقت جي حالتن ۽ نصاب بابت هڪ قديم نسخو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان شاگردن کي پنهنجي ديني علم ۽ عمل بابت ڀرپور نصيحت حاصل ٿئي ٿي.

قابل قدر ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي استادن وٽ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو غير علمي شغل ئي ڪونه هوندو هو. اُهي آدرشي انسان هئا، ڪميٽيڊ استاد هئا ۽ شاگردن لاءِ مثالي استاد هوندا هئا، جيڪي هن وقت اسان وٽ موجود نه هجڻ جي باوجود روحاني ۽ تحريري طور تي موجود آهن.

(هن ڪتاب تي منهنجي چاچي امام بخش اڄڻ جو نالو لکيل آهي، جيڪو تازو 23- جنوري 2005ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر ستر سال کن ٿيندي).

شڪارپور تعلقي جي جاگرافي

ڇٽيهن صفحن تي لکيل، ننڍي سائيز ۾، ويڪرن اکرن ۾ هي ننڍڙو ڪتابڙو آهي، جيڪو سوالن ۽ جوابن ۾ آهي. ليکڪ ۽ ڇپائيءَ جو سن لکيل ڪونه اٿس. ڪل ستاسي سوال آهن، جن جا مختصر جواب ڏنل آهن.

موضوع جاگرافيءَ جي وصف کان شروع ٿين ٿا. نقشا، ماپ، تعلقي جي وصف ۽ حدون، تعلقن جا نالا وغيره. پيداوار ۽ قدرتي وسيلا، پوک، ان جا قسم، ميونسپالٽيءَ بابت مختصر ڳالهيون سوالن جوابن ۾ ڏنل آهن.

جاگرافيءَ جي تعريف اجهو هنن لفظن سان ڪيل آهي:

سوال: جاگرافي ڇا کي چئجي؟

جواب: جنهن علم مان ڌرتي ڇا آهي ۽ ان جي مٿان ڇا ڇا آهي، جيئن ته نديون، ڍنڍون، تلاءَ، ٽڪريون ۽ پيدائش ۽ آب و هوا وغيره جي ڄاڻ پوي ٿي، تنهن کي جاگرافي چون ٿا.

شڪارپور تعلقي جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ ڪيترا کاتا آهن، ان جو جواب اهو آهي ته شڪارپور ۾ نوَ کاتا آهن، جهڙوڪ: روينيو، پوليس، عدالتي کاتو، ٽپال، تعليم، اسپتال کاتو، انجنيئري، ٻيلن ۽ ريلوي جو کاتو. انهن سڀني جي وضاحت به ڏنل آهي.

ان وقت ۾ شڪارپور ۾ اسڪولن جو تفصيل هن طرح آهي: شڪارپور، خانپور، نورمحمد شجراع، لاليون، همايون، جاڳڻ، چوڏهيو، وڪڙو، ڏيئا، ڪوٽ سلطان، ڪرن، درويش محمد ڪاڪي پوٽا، ڪاڪي پوٽا، ميان صاحب، زرخيل، پير بخش شجراع، چمن سک پور ۽ لوءِ. ان طرح سان ان وقت به شڪارپور ۾ ارڙهن اسڪول قائم هئا.

ميونسپالٽيءَ جي انتظامي جوڙجڪ، وڻج واپار، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، پيدائش، پوک وغيره جهڙا موضوع به بيان ڪيل آهن. شڪارپور تعلقي جي آدمشماري ان وقت ۾، 115026 ماڻهو ٻڌايا ويا آهن. (ص 17).

شڪارپور تپي جو بيان اجهو هن طرح ڪيل آهي: ”هن ۾ ٽي ديهون آهن: شڪارپور، بيد، رئسواهه. شڪارپور شهر 300 ورهين کان اڳ رڳو جهنگ ئي جهنگ هو، ان جهنگ ۾ حاڪم ۽ ٻيا وڏا ماڻهو شڪار ڪندا هئا. پوءِ دائودپوٽن 1603ع ۾ جهنگ وڍائي صفا ڪرائي پنهنجي رهڻ لاءِ شهر ٻڌايو ۽ ان جو نالو شڪارپور رکيو. هاڻي شڪارپور تعلقي ۾ 55041 ماڻهو رهن ٿا. شڪارپور جي بازار ڍڪيل آهي، تنهنڪري گرميءَ جي ڏينهن ۾ البت ٿڌي رهي ٿي. شڪارپور وڏي واپار جي جاءِ آهي. بلوچستان ۽ افغانستان سان سندس واپار هلندو آهي. شڪارپوري ماڻهو خوش خوراڪ ۽ خوش پوشاڪ آهن.“ ان طرح سان ٻين تپن جو به  احوال ڏنو ويو آهي.

آخري سوال آهي ته جاگرافي پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو؟

جواب: جاگرافي سکڻ ڪري ٻين ملڪن جي خبر پوي ٿي. ماڻهو، ٻوليون، شيون، سماجي ۽ انتظامي جوڙجڪ، آب هوا جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

چوٽيهين صفحي جي آخر ۾ صبح جو اسڪول ۾ ڳائڻ جو گيت به ڏنل آهي. آخري ٻن صفحن تي جدولون ڏنل آهن، جيڪي، ناڻي، تور، سون جي ماپ، اَنَ ماپڻ، وقت، ڪپڙي، ڊگهائي وغيره جي بابت آهن. آخر ۾ آيل هڪ جدول ۽ صبح وارو گيت هِت ڏجي ٿو:

تور جي جدول:

5 تولا يا دُڪا........   هڪ آنو

4 آنا..................            هڪ پاءُ

4 پاوَ.................            هڪ سير يا ٻه پائونڊ

40 سير..............            هڪ مڻ

8 مڻ................             هڪ کنڊي

صبح  وارو  گيت:

ڪرم ڪر سندئون حال تي اي ڪريم

ڪرين رحم ۽ مهر هر دم رحيم

سڄي جڳ جو ڪرتار ڏاتار تون

سندءِ مهرباني ڪرم ٿا گهرون

اَجهو ۽ امن بخش تون رات ڏينهن

سنئين راهه تي جئن رهون رات ڏينهن

سپت ۽ سچائي سندئون ڪر سَمر
رهون لوڪ پرلوڪ ۾ بي خطر
ڪرم ڪر سندئون حال تي اي ڪريم
ڪرين رحم ۽ مهر هردم رحيم

 

1928ع کان 1931ع تائين ڇپيل چار ننڍڙا پستڪ

ڪتاب پهريون:

(1) نالو: ’نئون باب نامون‘. (ننڍن وديارٿين لاءِ)

جوڙيندڙ: ٺڪر هولارام هيڊماستر شڪارپور ۽

ماستر هرچند سنگهه شڪارپور

دفعو پهريون- ڪاپيون پنج هزار- سال: 1929ع

قيمت: هڪ ٽَڪو

پبلشر: هرچند سنگهه گگن سنگهه شڪارپور سنڌ

پرنٽر: دياسنگهه ريلومل، شڪارپور اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور.

هي پستڪ اٺاويهن صفحن جو آهي، جنهن ۾ الف بي جي ڦرهي، انگ (سَو تائين)، ٻه اکر يا نالا، ن وارا گهڻو ڪم ايندڙ لفظ مثلاً: اسان، اسين، منهنجو، ڪڏهن، سائين وغيره، نئين سنڌي ڪتاب پهرئين کان چوٿين درجي تائين سبقن ۾ آيل ڏکيا لفظ، کوڙا هڪ کان ويهن تائين، هڪ عدد جا ڀاڱا، جدولون، انگريزي مهينن جا نالا ۽ منجهن ڏينهن.

هي ڪتابڙو، جيئن مٿي ڄاڻايل آهي ته ننڍڙن ٻارن جي ڄاڻ لاءِ هڪ مشق جو ڪتاب چئجي ته جيئن ان کي پڙهي ننڍڙا ٻار پنهنجي ذهن کي تيز ڪن.

ڪتاب ٻيو:

نالو: نئين سنڌي ٻئي ڪتاب جي ڏکين لفظن جي معنيٰ.

تيار ڪندڙ ۽ ڇپائيندڙ: جيوترام.سي.ماڻڪاڻي بڪ سيلر، نئين ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد

دفعو: پهريون - سال: 1929ع

قيمت: 0-3-0 (ٽي پيسا)

پريس: لڌارام پيسومل پنجابي ڊائمنڊ پرنٽنگ ورڪس اسٽيشن روڊ حيدرآباد

هي ننڍڙو ڪتابڙو ٻاويهن صفحن تي پکڙيل آهي جنهن ۾ نئين سنڌي ٻئي ڪتاب، جنهن ۾ ٻاونجاهه سبق آهن، انهن منجهه آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ سولي ڪري ڏني وئي آهي: مثال طور:

        لفظ            معنيٰ

        هاج            ڪم ڪار

        ڳجها          لڪل

        سگهه          طاقت

        گڻ             چڱو لڇڻ

        پهراڻ          چولو

        دريافت         پڇاڳاڇا

        ناتو            ماءُ جو پيءُ

        نڪما          ڪم نه ڪندڙ

        سستي         ڍلائي

اهڙيءَ طرح سان هي ٻه ننڍڙا ڪتاب ماضيءَ جي درسي دنيا بابت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان سموهيل ۽ سهيڙيل، ان وقت جي علم دوستن ۽ جاکوڙين بابت ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا، جن کي سمجهو ڪي سمجهن.

ڪتابڙو ٽيون:

نالو: ننڍو انگي حساب،

سهيڙيندڙ ۽ ڇپائيندڙ: نائونمل نيوندرام کيمچنداڻي ۽ موٽومل جاڙومل کيماڻي

تاريخ: 15- اپريل 1928ع.

هي ننڍڙو پستڪ، انگريزي ٽين درجي ۾ انگي حسابن کي انگريزيءَ ۾ پڙهن کان پهريائين سنڌيءَ ۾ ٺاهي پڙهائڻ لاءِ ڇاپيو ويو. تعليمي ماهرن جي اها راءِ ٿي ته ٽين درجي جا ٻالڪ جيئن ته انگريزيءَ ۾ سمجهڻ لاءِ ڪجهه مونجهارو محسوس ڪري رهيا هئا، تنهنڪري انهن کي اڳواٽ مشق ڪرائڻ خاطر هي ڪتابڙو جوڙيو ويو.

هي ڪتابڙو ٻاونجاهه پنن تي پکڙيل ۽ پنجن بابن ۾ ورهايل آهي. حسابن جي عنوانن جو ذڪر هن طرح آهي: گڏيل وياج، ان بابت حساب ۽ دور، ميٽرڪ سسٽم، ماپ ۽ تور جي جدول ان سان شامل، لهندڙ مِٽڻ ۽ چڙهندڙ مِٽڻ (ملي ميٽرن کان مريا ميٽر ۽ وري ان جي ابتڙ، ان کي مِٽڻ جو نالو ڏنو ويو آهي). جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ ۽ انهن لاءِ دور جا حساب، نفعو نقصان، ان جو في سيڪڙو ڪڍڻ، وڪرو لهڻ، خريد ڪرڻ، دور ان بعد ڏهه متفرقه پيپر ڏنل آهن، جيڪي مشق لاءِ آهن. هڪ حساب مثال لاءِ ڏجي ٿو:

”مان 540 روپيا 2 سالن لاءِ في سيڪڙي 5 بها سان نري وياج تي رکان ٿو. ڪيترو فائدو ٿئي ها جيڪڏهن گڏيل وياج تي رکان ها؟“ پڇاڙيءَ ۾ سوالن/حسابن جا جواب به ڏنا ويا آهن.

پراڻي نصاب ۾ حسابن جي مضمون کي وڏي اهميت حاصل هئي. اهوئي شاگرد ذهين ليکيو ويندو هو جيڪو حسابن ۾ تيز هوندو هو. ڪيترا شاگرد حسابن ۾ ٽيوشن وٺندا هئا، پر استاد غريب شاگردن کي مفت به پڙهائيندا هئا. اڳي وارا استاد اڪثر ڪري هندو هوندا هئا، پر پوءِ اسان واري دور ۾ مسلمان استاد به نڪري آيا. اهو ئي سبب آهي جو ٻلديو گاجريا مشهور هو ۽ ان کان پوءِ ڪيشارام، علي محمد مهر، غلام نبي مير، پير بخش اڄڻ، حافظ عبدالستار ميمڻ ۽ روهڙيءَ جا موسوي برادران سيد عطا حسين شاهه موسوي ۽ عبدالحسين شاهه موسوي (جن گهڻو عرصو شڪارپور ۾ پڙهايو) پنهنجي دَور ۾ تمام نالي وارا استاد هئا.

چوٿون ڪتاب:

نالو: سائنس جا نوٽ

       (انسان جي بدني بناوت سوالن جوابن ۾).

تيار ڪندڙ ۽ ڇپائيندڙ: موٽومل جاڙومل کيماڻي ۽ نائونمل نيوندرام کيمچنداڻي

دفعو: پهريون- اپريل 1931ع. تعداد: 500

قيمت: 0-2-0 (ٻه آنا)

انگريزي ٽين درجي جي شاگردن لاءِ سورهن صفحن تي پکڙيل، ايڪيتاليهن سوالن ۽ جوابن وارو هي ڪتابڙو، علم بدن ۽ صحت بابت ججهي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن ۾ انسان جي بدني بناوت، هڏن جي تعداد، نفيس عضون يعني دل، دماغ، مغز، ڦڦڙ ۽ اکين. سَنڌَن، بدني سرشتي، چمڙي وغيره بابت گهربل ڄاڻ ڏنل آهي. ان بعد سائنسي ڄاڻ به يعني بيرم، ٽيڪ، کاڌو، رت وغيره بابت مناسب معلومات ڏني ويئي آهي جيڪا پڙهڻ سان شاگردن جي سمجهه ۾ واڌارو ڪندڙ آهي.

هي ڪتابڙا واڌو ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هوندا هئا ۽ وقت کي جائز نموني گذارڻ جو سامان مهيا ڪندا هئا، جيڪو اڄڪلهه جا ٻار، راندين ۽ ٽي وي وغيره تي زيان ڪري رهيا آهن.

نالو ڪتاب جو: ”انگي حساب“ (ڀاڱو پهريون)

جوڙيندڙ: ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي، بي.اي

ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر حيدرآباد سنڌ ۽

ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي، بي.اي

هيڊماستر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور سنڌ.

سال: 1926ع. قيمت: 0-4-1 روپيه صفحا: 176

ڇپائيندڙ: اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ

پرائمري اسڪولن جي نصاب لاءِ انگي حسابن جا  پهريان ٻه ڪتاب رائج هئا، جن کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو. هن ڪتاب جي ليکڪن اهو محسوس ڪيو ته نئين ڪوڊ مطابق حسابن جو ڪو نئون ڪتاب جوڙيو وڃي. ان لاءِ ماهر استادن وڏي جاکوڙ سان هي ڪتاب جوڙيو، جن ڪجهه نين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي هي ڪارنامو انجام ڏنو. اهي ڳالهيون هيون ته:

(I) انگي حساب جا متا ۽ اصول سليس طريقي سان سمجهائجن.

(ii) حساب جيڪي ڏنا وڃن اهي روزمره جي وهنواري ۽ ڪاروباري سٽاءَ مطابق هجن

(iii) ڳچ حساب زباني توڙي سليٽي هجن، ڇوڪرن جي سمجهه وڌائڻ لاءِ اشارا ۽ سمجهاڻيون الڳ ڏنل آهن، ته ڪيئن هن ڪتاب کي استعمال ڪجي جو سمورن ٻارن لاءِ ڪمائتو ٿئي.

هيءُ ڪتاب ٽيويهن بابن ۽ ڏيڍ سَو صفحن تي پکڙيل آهي. ان کان پوءِ 26 صفحن تي حسابن جا جواب به ڏنا ويا آهن. ابتدائي ڪلاسن لاءِ جوڙ، ڪٽ، ونڊ ۽ ضرب، جدولون ۽ متفرقه حساب ڏنل آهن، ته وري مٿين ڪلاسن لاءِ وياج، وڏو عام پورو ونڊيندڙ، ننڍي عام ڀڃ اپت، ٽِه- رقمي وغيره جا حساب ڏنل آهن.

ان دور جا استاد ئي هوندا هئا، جيڪي ٻارن جي ڀلائي، ترقي ۽ ذهني اوسر کي سامهون رکي ڪتاب به پاڻ ئي جوڙيندا هئا ته ٻارن جا ذهن تيز ٿين ۽ سمجهه ۾ واڌارو اچين. مٿين درجن جا ڪورس جوڙڻ لاءِ به انهن ماهر استادن کي ئي رکيو ويندو هو. اڄڪلهه جي عام صورتحال وانگر نه ته جيڪي پڙهائين ئي ڪونه، اهي ويٺا ڪورس جوڙين!

شڪارپور جو تعليمي ماحول ان وقت جي تمام سٺن استادن- جيڪي، انگريزي، انگي حساب، آلجبرا ۽ جاميٽري جا وڏا ڄاڻو هوندا هئا- انهن جي هٿن ۾ هوندو هو، تنهنڪري ان وقت جا شاگرد به خوب محنت ڪري پنهنجو مان ۽ استادن جو شانُ مٿي ڪري ڏيکاريندا هئا.

هيءُ ڪتاب به انهن ماهر استادن جي علم ۽ محنت جو سرچشمو آهي، جيڪو هن وقت تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويو آهي، پر ان جي کولڻ سان ان ۾ علم جي جيڪا جوت ۽ ڪشش موجود آهي، اها بلڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ دل ٿي چوي، ته اهڙا زباني حساب جوڙي ٻارن سان ويهي ويچار ونڊجن ۽ ستل ذهنن کي جاڳائجي.

ديش هِٽ گرنٿ مالا نمبر1- Desh-Hit

Series No: 1 

The party passion in Shikarpur, part I

(Electricity Imbroglio & exposition of popular view.)

ليکڪ ۽ ناشر: لڇيرام چيلارام واڌواڻي

دفعو: پهريون، سال: 1920ع، تعداد: 500

شڪارپورين جي شڪايت (A Shikarpur grievance)

(Bombay chronicle on 12th August 1920)

هيءَ هڪ رپورٽ آهي شڪارپور جي رهاڪن جي پاران، جيڪا ميونسپالٽيءَ جي اجلاس ۾ چونڊيل ميمبرن پيش ڪئي هئي ته شڪارپور ۾ بجلي- گهر لڳايو وڃي يا نه؟

انهن ڏينهن ۾ The Electric Supply Company قائم ٿي هئي، جنهن بمبئي سرڪار کي درخواست ڪئي هئي، ته ان کي شڪارپور شهر اندر بجلي-گهر لڳائڻ جو لائسنس ڏنو وڃي.

عوامي ادارا، جيڪي چونڊيل نمائندن لاءِ هڪ فورم هوندا آهن ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي هر قسم جي ڪم بابت کُليءَ دل سان بحث مباحثا ڪندا آهن ۽ ان طرح سان تعمير جو ڪم جاري رکيو ويندو آهي.

هي انهن ڏينهن جي بحث بابت هڪ رپورٽ آهي، جيڪا ان وقت جي اخبار ”The Sindhi“ ۾ شايع ٿي هئي ۽ پوءِ هڪ پستڪ جي صورت ۾ به ڇاپي وئي هئي.

رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ان وقت شڪارپور جي آدمشماري 54000 ماڻهن تي مشتمل هئي، جڏهن ته سالياني پيدائش 2 لک ويهه هزار روپيا هئي. ان حساب سان هرهڪ ماڻهو سراسري چار روپيا ڍل ادا ڪري ٿو. (ص 60)

مڪمل رپورٽ 120 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ مختلف عنوان اٿس، جن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيل آهي.

پهريون عنوان اٿس:

’شڪارپور ۾ پارٽي بنديءَ جا انگور‘

شهر جي پنگتي حالت

”شڪارپور اڄ هڪ ڪوٺاري ۾ آهي. هڪ طرف ڪي جزوي ماڻهو پنهنجا گهوڙا ڊوڙائڻ ٿا چاهين ته ٻئي پاسي لوڪ مت پنهنجي وکريل طاقت ڪٺي ڪري هڪ ئي مرڪز ۾ آڻي انهيءَ سان انهن گهوڙن بيهارڻ يا سندن رفتار ڍلي ڪرڻ جي پوتر ڪم ۾ جنبيل آهن. هڪ هنڌ فيشن ۽ موجن ماڻڻ جو ڀوت وڃي ٿو زور پڪڙيندو، ته ٻي جاءِ تي سادگي ۽ عام اُپڪار جا ڪوڏيا به گهڻي آرام کان پوءِ هاڻي اٿيا آهن ۽ انهيءَ ڀوت کي ڌڪي ڪڍڻ لاءِ سنڀري بيٺا آهن. هڪڙن کي خمار ۽ اڀمان آهي پنهنجين ڏنگين چالبازين تي ته ٻين کي وري ڀروسو آهي پنهنجي سچ ۽ حق جي طاقت تي. نتيجي ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته آخر جيت ٿيڻي آهي سچ ۽ انصاف جي، پر وچ جا ڏولاوا ڏسڻا آهن.“ (ص 4 ۽ 5)

اهڙيءَ طرح سان ٻيا عنوان هن طرح جا آهن:

* لوڪ مت جي طاقت ۽ مدد

* شڪارپور ۾ بي ريا اخبار جي سخت ضرورت

* بجلي ۽ لوڪ مت

* شڪارپور بجلي ڪمپنيءَ تي هڪ سرسري نظر

* ”سنڌيءَ“ جي ايڊيٽر مسٽر ويرومل بيگراج جي چالبازي

* پريتم ڌرم سڀا سان کونس

* آخرين وينتي..................وغيره وغيره

رپورٽ ۾ جن به مسئلن کي هٿ ۾ کنيو ويو آهي، انهن تي انگن اکرن ۽ ثبوتن سميت بحث ڪيو ويو آهي. اُن وقت ميمبر هر مسئلي تي مڪمل تياري ڪري ايندا هئا ۽ پرمغز دليلن سان بحث ۾ حصو وٺندا هئا. بجلي-گهر لڳائڻ جي مخالفت اجهو هنن دليلن سان ڪئي وئي آهي:

(i) شڪارپور جون خاص حالتون، غربت، رستن جا فرش ڀڃڻ، ريس ۾ اچي فضول خرچي ڪرڻ.

(ii) ميونسپالٽيءَ جي صدر مسٽر مرليڌر ۽ اُن جي مخصوص ٽولي جي لاءِ پئسن کپائڻ لاءِ هڪ رستو ڪڍڻ.

(iii) لوڪ شاهيءَ جي اصول کي لتاڙي عام خلق جي آواز کي ڪتي جي ڀونڪ سمجهي نوابشاهي راڄ قائم ڪرڻ.

اهڙيءَ طرح سان هر موضوع تي دل کولي بحث ڪيو ويو آهي. ٻولي سلوڻي، سادي مگر اثر واري ۽ لهجو ٺيٺ شڪارپوري- آخري سٽون ڏسو ته ڪيتريون نه اثر واريون آهن:

”بس، قومي طاقت ۽ قربانيءَ جي انگ وڌائڻ لاءِ، سهپ ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ، رعيتي ۽ انصاف جي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ اُتساهي نوجوان، آزمودگار بزرگن، سچن ديش ڀڳتن ۽ نِسُوارٿي ڌرماتمائن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو هن جهڙو سونهري وَجهه ٻيو اڃا ڪهڙو ايندو؟ شل اسان جا ڀائر پنهنجي قومي طاقت جلدي پَڇاڻن!“

هيءَ رپورٽ تاريخي ورثي جي روپ ۾ اتي ختم ٿئي ٿي، جنهن جي اهميت تاريخدان ئي ڄاڻن. سڄڻن ساٿ ڏنو ته ان کي ڇپايو ويندو ۽ هر شڪارپوريءَ لاءِ تحفي طور پيش ڪيو ويندو. ان سان گڏ هڪ ننڍڙو ڪتابڙو 35 صفحن تي پکڙيل انگريزيءَ ۾ لکيل هٿ آيو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي ڄاڻ هجي ته ميونسپالٽيءَ جا قاعدا ۽ قانون، بامبي ميونسپالٽي رولس جي نالي سان ٺاهيل هئا ۽ انهيءَ قانون هيٺ ئي سموريون ميونسپالٽيون ڪم ڪنديون هيون جيڪو 1925ع ۾ جوڙيو ويو هو.

هن پستڪ ۾ فقط ٻن قاعدن يعني رول 58 جي ٻن شقن- جيڪي سروس بابت قانون ۽ ٽيڪس بابت قانون کي نئين طرح سان واڌاريل ڪري ٺاهيا ويا هئا ۽ ڇهين نومبر 1940ع ۾ شايع ڪيو ويو هو. هي ڪتابڙو، موتي پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپايو ويو هو.

آخر ۾ ٽيڪس جو شيڊول به ڏنل آهي، جنهن ۾ هر جنس تي لڳايل ٽيڪس به ڏنل آهن. مثال طور:

(I)کنڊ ۽ ان مان ٺهندڙ شربت وغيره

هڪ آنو، ڇهه پايون (مڻ تي)

(ii) پستا، باداميون وغيره ڇهه پايون (هڪ سير تي)

(iii) چانهه:           ڇهه پايون (هڪ پائونڊ تي)

(iv) لوهه ۽ ان مان ٺهندڙ شيون: پنج آنا (هڪ مڻ تي)

(v) سيمينٽ:                  چار آنا (مڻ تي)

(vi) نيون ڳوڻيون                ٻه آنا (سؤ ڳوڻين تي)

سڀني جنسن تي ٽيڪس شيڊول ڏنل آهي، پر هي ڪجهه نالا نموني طور پڙهندڙن لاءِ ڏنا وڃن ٿا.

شڪارپور بابت ٻه حوالا

(I) البيروني: ”مردن جي ڀرت ڀريل چولي کي کٻي پاسي کان ۽ عورتن جي چولي کي سڄي پاسي ڳچي هوندي هئي. اهڙو رواج اڃا به شڪارپور جي مردن وٽ چولن پائڻ جو ڪجهه قدر موجود آهي.“

(II) چارلس مئسن 1700ع هڪ انگريز سياح شڪارپور بابت لکي ٿو:

     ”خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي. ان ۾ وڏو واپار هلي ٿو، ۽ اتي جي واپارين جو سڄي مشرق جي مختلف شهرن سان واپاري تعلق آهي.“

البت سندس چوڻ آهي ته جنهن وقت هو شڪارپور پهتو ته شڪارپور جو ڪجهه اوج گهٽجي ويو هو ۽ ڪيترا وڏا سيٺيون لڏي ملتان ۽ امرتسر هليا ويا هئا.

(ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ: ”سنڌ“، سياحن جي نظر ۾“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2001ع، ص 121)

 


 

”بهار اخلاق“

(سنڌي ٻوليءَ جو هڪ آڳاتو علمي رسالو)

ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو

ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو، تن ۾ ٽکڙ تعلقي گوني (ٽنڊي محمد خان تعلقي جو اڳوڻو نالو گوني هو) مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”بهار اخلاق“ به علمي حلقن ۾ چڱي اهميت حاصل ڪئي. هي رسالو ماه ربيع الاول 1325هجري مطابق مئي 1907ع کان سيد حاجي حافظ حڪيم مولوي اسدالله شاهه ’فدا‘ جي ادارت ۾ شايع ٿيو. ڊيمي سائيز ۾ چوويهن صفحن جي صخامت رکندڙ هن رسالي جو پهريون شمارو ليٿوگرافيءَ ۾ لاهور جي ”اسلاميه اسٽيم پريس“ ۾ ڇپيو. رسالي جو رجسٽر نمبر ڪي 49 هو. ٽائيٽل ڪور تي رسالي جي تعارف طور ”سنڌي زبان ۾ علمي ۽ ديني اخلاقي ماهوار رسالو“ جا لفظ نمايان نموني ڇپيل آهن. ان جي قيمت ”معه محصول پيشگي“، عام طرح ”هڪ روپيه ٻاره آنه“  ڄاڻائي ويئي آهي. پهرئين شماري جو ايڊيٽوريل ”عرض مدعا“ جي عنوان هيٺ آهي:

محترم ناظرين! اسان جو اوهان سان وعدو هو ته پهريون رسالو ربيع الاول ۾ شايع ڪري نذر خدمت ڪنداسون پوءِ اگرچه گهڻا اهڙا سبب وچ ۾ حائل ٿيا، جنهنڪري اسان کي يقين نه هو ته ڪو مقرره وقت تي اسين ناظرين سان ايفائي وعدي جو ڪنداسون ليڪن خداوند تبارڪ و تعاليٰ شانه اسان کي الڪريم اذا وعد وفا تي مستقيم ڪيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ هن مبارڪ مهيني ۾ هي مبارڪ رسالو نهايت آب تاب سان شايع ٿي اوهان جي خدمت عالي ۾ شرف باريابي جو حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ان جي مطالعي کان جو اوهان کي حِظ حاصل ٿيو هوندو يا ٿيندو سو اسان کي بذريعه روحاني تار ”دل رابدل رهي ست درين گنبذ سپهر“ جي بخوبي معلوم ٿي سگهندو. رسالي جا مضامين ڪهڙي قسم جا آهن ۽ اوهان لاءِ ڪيتري قدر ڪارآمد ٿي سگهندو، انهي جو فيصلو اوهان جي ميزان انصاف ۾ ازخود ٿيندو ڇو ته بفضل خدا اوهان ۾ جوهر شناسي جو مادو پوري طرح قدرتي رکيل آهي. هن رساليجو نثر يا نظم هڪ شاهي درياءَ اخلاق جو آهي جنهن مان اسان جن ناظرينن کي هزارها گوهر مقصود جا هٿ اچي ويندا. اسان جو جيڪو حال هو سو سڀ نذر ناظرينن جو ڪيوسون، هاڻي باقي ڏسڻو آهي ته عالي قدر قدردان اسان جي محنت جو صلو ڇا ٿا عطا فرمائين.

سڀني سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن کي علي العموم ۽ مسٽر بلبل سنڌ ايڊيٽر الحق ۽ آفتاب ۽ مسٽر عبدالوهاب خان ايڊيٽر مسافر کي علي الخصوص لازم آهي ته هو صاحب مهرباني فرمائي بهار اخلاق کي ڪامل غور سان مطالعه ڪري پنهنجي ذمه وارين اخبارن ۾ رساله تي ريويو ڪري، شڪرگذاري جو موقعو ڏيندا ۽ جيڪڏهن تبادله جي راهه رسم منظور رکندا ته اسين به بسرو چشم حاضر آهيون ۽ جيڪڏهن نه ته به جنهن اخبار ۾ پنهنجي راءِ رسالي جي نسبت ظاهر ڪن سا اخبار ضرور اسان ڏي ارسال فرمائي مرهون منت جو فرمائيندا.

سيد فدا

ايڊيٽر بهار اخلاق

”بهار اخلاق“ جي اشاعت تي شاعرن خوشيءَ سان مٿس شعر لکيا، جن مان اقتباس پيش ڪجي ٿو:

حڪيم فتح محمد’صغير‘ سيوستاني

اڄ وري نغمه سرا ٿئي ٿي طبيعت منهنجي
عالم شعر ۾ نئين آه شريعت منهنجي
هر ڪنهين شعر ۾ ڪيو اور نمونو ايجاد
ان سبب اور ٿي پڻ طرز طريقت منهنجي
هان هي معشوق ٿئو ڪهڙو ۽ ڪهڙو محبوب
جنهن سبب پهتي آهي ان حد کي مسرت منهنجي
يارو اخلاق جو آهي ٿئو رسالو شايع
جنهن جي توصيف ۾ هرگز نه ٿي قدرت منهنجي
واه وه اسم عجب اُنجو بهار اخلاق
تازه تر جنهن کان ٿي راحت ۽ طراوت منهنجي
مرحبا آئين ڀلي جاءِ اکين ۾ تنهنجي
مِلڪ تنهنجي اي بهار آهه هي دولت منهنجي
منهنجي مضمون جي لئي رکج تياري اي بهار
تون به سنڀرج اي فصاحت اي بلاغت منهنجي
شال عالم ۾ ٿئي عام اشاعت تنهنجي
هي دعا ٿيندي ’صغيرا‘ باجابت منهنجي

 

حڪيم فتح محمد ’صغير‘ جي شعر جي پڄاڻيءَ تي ايڊيٽر پاران ڏنل دعوت جو شعر:

      نظم ۽ نثر جي لئي رهج ’صغيرا‘ تون تيار

     دوستا دل سان قبولج اها دعوت منهنجي.   (ايڊيٽر)

مرزا ناصر علي

مبارڪ رسالي کي فيض نمايان
مبارڪ ٿئي عالم کي عشرت جو سامان
مبارڪ ٿئي دستِ جنون کي گريبان
مبارڪ ٿئي عشاق کي چاڪ دامان
نسيمِ صبا کي مبارڪ مبارڪ
بهاري هوا کي مبارڪ مبارڪ

مبارڪ مبارڪ اي ’اخلاق‘ توکي
اکن تي رکي سارو آفاق توکي
۽ يڪتا چون توکي سڀ طاق توکي
پڙهي پرت مان هرڪو مشتاق توکي
جگر ۾ ڏين توکي سڀ جاءِ جوڙي
نه هرگز قدردان ڪو منهن توکان موڙي
مبارڪ هجي توکي تازي ’بهاري‘
مبارڪ هئي دلڪش سندءِ سبز زاري
مبارڪ گلن جي ٿي تو ۾ تياري
ڪري تنهنجو ’اخلاق‘ شل آبياري
مبارڪ هجي تنهنجي تازن گلن کي
مبارڪ مبارڪ هجي بلبلن کي

مبارڪ رسالي کي مضمون رنگين
مبارڪ خريدار کي ان جي تزئين
مبارڪ ايڊيٽر کي هر جاءِ تحسين
مبارڪ هوا خواه کي عزوتمڪين
مبارڪ هئي ’ناصر‘ کي نازڪ خيالي
مبارڪ ٿئي فڪر سارو طبع عالي

 

قاضي غلام عمر صاحب (ساڪن فاضل ڪلهوڙو):

قاضي غلام عمر صاحب، بهار اخلاق جي اجراءَ جو سن ”واه زيبا جشن بهار اخلاق“ (1325هه) هيٺئين ريت منظوم ڪيو:

ولاه سرسبز ٿيو بهار اخلاق
نبہ معطر ڪئو مشام آفاق
رشڪ خلد برين گلشن فيض
باغ بيخار مونس مشتاق
گل معني سندس عجيب غريب
هر شجر شاخ عيش بخش عشاق
دائما پرطراوت و تازه
شل رهي باعنايتِ اخلاق
جد تهنيت و مبارڪ باد
سال آغاز جو ٿئو استغراق
ڪلڪ رنگين اي غلام لکيو
واه زيبا جشن بهار اخلاق
                    (1325هه)

”بهار اخلاق“ جي پهرئين شماري ۾ نظم واري سٽاءَ ۾ مرزا ناصر علي جا لکيل حمد باري تعاليٰ، نعت، نظم (مولود) نظم ”مبارڪ باد“ (اڳ ۾ ڏنل) حڪيم فتح محمد ’صغير‘ جو نظم ”بهاري امنگ“ (اڳ ۾ ڏنل) ۽ حافظ محمد هارون ٽکڙائيءَ جو نظم بعنوان ”صبح بهار يا بهار صبح“ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوهايڊيٽر پاران ايندڙ شماري لاءِ مصرع طرح نعتيه: ”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه ڪئو“ ڏنل آهي.

نثر واري سٽاءَ ۾ مضمون بعنوان ’توحيد‘، حضرت ادريس4 جي زماني کان بت پرستي شروع، ”حضرت نوح عليه جي وقت ۾ بت پرستي ۽ شرڪ“،  ”ميلاد شريف“ شايع ٿيل آهن. انهن مان ڪنهن تي به ليکڪ جو نالو ڏنل ڪونهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اهي ايڊيٽر جي قلم جو نتيجو آهن. البت ”ذخيره معلومات“ ۽ ”مهذب مذاق“ حافظ محمد هارون جون تحريرون آهن. نمونو پيش ڪجي ٿو:

ذخيره معلومات:

- غالباً سڄي دنيا ۾ هڪ نهايت عجيب رسالو اُهو آهي، جو عدن مان شايع ٿئي ٿو. ان جا ڪل مضامين ايڊيٽوريل ۽ نامه نگارن جون خبرون سي سڀ ته نظم ۾ آهن، مگر هن جا اشتهار به نظم ۾ ٿيندا آهن.

- عقاب بغير ڪنهن غذا جي ويهن ڏينهن تائين جيئرو رهي ٿو.

- سڄي دنيا ۾ زياده بدبخت هرات جو شهر آهي، جو چاليهه دفعا تباهه ڪيوويو آهي ۽ موٽي سرنو تعمير ڪيو ويو آهي.

مهذب مذاق:

هڪ انگريز (پنهنجي نوڪر کي) بازر ۾ وڃ، ٽڪي جا پيپر (ڪاغذ)، ٻن آنن جو رنڊي آيل (ايرنڊي جو تيل) وٺي اچ.

نوڪر (ٿوري دير کان پوءِ) حضور پاپر وٺي آيس، باقي ٻن آنن ۾ رنڊي ڪانه ٿي اچي.

”بهار اخلاق“ جو ٻيو شمارو ربيع الاخر 1325هه ايڪيهن صفحن تي مشتمل آهي، جو ليٽر پريس جو ڇپيل آهي. ”الحق پريس“ ڪراچيءَ ۾ ڇپيل هن رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ ان جي هن ريت وضاحت ڪئي ويئي آهي:

”اسان ڇپائڻ جو بندوبست لاهور ۾ اسلاميه اسٽيم پريس وارن سان ڪيو هو، پر لاهور ۾ سخت پليگ جي هوڻ ڪري پهريون پرچه به تمام دير سان شايع ٿيو ڇو ته پريس جا نوڪر پليگ جي خوف کان ڀڄي ويا آهن تنهنڪري هينئر به انهن تاخير جي انديشه هوڻ سبب رسالو ٽائيپ ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ جيڪا دير پهتي آهي تنهنڪري ناظرين اسان کي مجبور ڄاڻي معاف ڪن.“

هن شماري ۾ نثر واري ڀاڱي جو سٽاءُ هن ريت سٽيو ويو آهي: 1. ”حضرت هود عليه السلام جو پنهنجي قوم تي مبعوث ٿيڻ ۽ هدايت ڪرڻ.“ 2. ”حضرت صالح جو مبعوث ٿيڻ ۽  توحيد جي دعوت ڪرڻ“ 3. ”ذڪر رئيس الموحدين حضرت ابراهيم خليل الله ۽ نمرود کي توحيد جي دعوت ڪرڻ ۽ بتن کي مات ڪرڻ ۽ حضرت ابراهيم جو آڙاهه مان نجات لهڻ ۽ نمرود جو آسمان تي چڙهڻ ۽ آخر مهن جي عذاب سان هلاڪ ٿيڻ“ 4. ”سوانح عمري آن حضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ 5. ”سوانح عمري  حضرت غوث الثقلين نجيب الطرفين سيد الجن و والانس سيدنا محي الدين عبدالقادر جيلاني قدس سره السامي“.

نظم واري ڀاڱي ۾ حڪيم فتح محمد ’صغير‘ سيوستانيءَ جي نعت شايع ڪئي وئي آهي جنهن جي مطلع ۽ مقطع هن ريت آهي:

شاه تنهنجي شان شاهن کي به بي شان آه ڪيو
حسن تنهنجي حضرتا حورن کي حيران آه ڪيو
جذبه فيض الهي آه هي جنهن اي صغير
سرور عالم جو مون کي اڄ ثنا خوان آه ڪيو

’صغير‘ جي نعت تي ايڊيٽر کيس هيئن داد ڏنو:

اڄ ٻڌي حضرت ’صغيرا‘ هي سندءِ شيرين ڪلام آفرين انعام توتي جن انسان آه ڪيو.

”بهار اخلاق“ جو ٽيون شمارو ماه جمادي الاول 1325هه تي ساڳيو ئي ليٿوگرافيءَ  ۾ لاهور جي اسلاميه پريس ۾ ڇپيو. چوويهن صفحن جي هن شماري ۾ مضمون بعنوان: ”مناظر و حضرت ابراهيم جو دلائلن سان بت پرستن کي ترديد“ ۽ ”سوانح عمري حضور انور صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ سان گڏ پهرئين شماري ۾ ڏنل مصرع طرح تي مرزا ناصر جي نعت شايع ڪيل آهي:

مون تي هي الله پنهنجو لطف احسان آه ڪئو
حضرت خيرالورا جو بس ثناخوان آه ڪئو
اي صبا روئي چئج در خدمت شاه جهان
”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آه ڪيو“
سر ۾ سودا آه ’ناصر‘ تا مديني کي ڏسان
جو مدينو رشڪ جنت پاڪ يزدان آه ڪئو.

هن شماري ۾ پڻ ايندڙ شماري لاءِ مصرع طرح: ”مظهر سر خدا نفس پيمبر حيدر“ ڏنل آهي، ۽ هڪ نئون عنوان ”طب جسماني“ قائم ڪري حڪيم ’صغير‘ جو مضمون شايع ڪيو ويو آهي. آخري ٻن صفحن تي ايڊيٽوريل ۾ هيٺين صاحبن جي رسالي جي خريدارن پيدا ڪرڻ ۾ معاونت لاءِ شڪريي ادائي شامل ڪيل آهي.

1. پير خدا ڏنو شاهه ٿاڻو بولاخان، 2. ميان عبدالمجيد صاحب ڳڙهي ياسين، 3. صغير سيوستاني، 4. قاضي عبدالرئوف موٽڻ مهر ڪشمور، 5. قاضي عبدالغفور هالائي، 6. غلام حسين تپيدار چوهڙ جمالي.

”بهار اخلاق“ جو چوٿون شمارو ٻٽيهن صفحن تي مشتمل هو، جنهن ۾ ”زبان خلق“ جي عنوان هيٺ رسالي متعلق آيل خط شامل ڪيا ويا، جن مان هڪ خط حڪيم مير علي نواز شاهه علوي شڪارپوري جو هن طرح آهي: ”هڪ پرچه بهار اخلاق صداقت آثار بابت ماه ربيع الاول 1325هه جي پهتو، گهڻي ئي خوشي حاصل ٿي. اسان گهڻي خوشي سان ان جي خريداري قبول ڪئي هن ڪري ته هن ۾ سيد الاولين والاخرين جي وصف جي بهار ۽ سندن تعريف جي گلن جا هار پوتل آهن، جي اهل اسلام جي گلي ۾ پائڻ لاءِ نهايت زيب آور آهن.“

ان ئي شماري ۾ مير علي نواز علوي جي پهرئين شماري ۾ ڏنل مصرع طرح تي لکيل نعت شايع ڪيل آهي:

هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان  آه ڪئو
درد دوري جي نهايت سخت حيران آه ڪئو
درد تنهنجي تان ڪريان قربان دنيا جون خوشيون
درد هن دل لک ڀرئل منهنجي جو درمان آه ڪئو
رنج سو بهتر جنهين مان گنج رحمت جو ملي
دک اوانجي سک جو سڀ موجود سامان آه ڪئو
اڄ نه ڪلهه علوي اوانجي عشق ۾ ٿيو مبتلا
هن ازل کان سر اوهان جي سڪ ۾ قربان آه ڪئو.

انهيءَ کان سواءِ گذريل شماري ۾ شايع ٿيل مصرع طرح تي مرزا ناصر علي ۽ صغير سيوستانيءَ هن طرح طبع آزمائي ڪئي:

مظهرِ سرِ خدا نفس پيمبر حيدر
زينتِ عرش عُلا خاصه داور حيدر
مدح خواني جي صلي ۾ زره لطف و ڪرم
توتي انعام ڪندو گنج ۽ گوهر حيدر
                                    (مرزا ناصر علي)
مظهرِ نورِ خدا نفس پيمبر حيدر
هادي راه هدا ساقيء ڪوثر حيدر
بخش لئي تنهنجي ته ڪافي ٿي سگهي ٿي اي صغير!
مدح هي مهر سان منظور ڪري گر حيدر
                                  (صغير سيوستاني)

هن شماري کي علمي، ديني ۽ اخلاقي عنوانن جي حدن کان ڪڍي هڪ نئون عنوان ’طب‘ پڻ قائم ڪيو ويو، جنهنڪري ’حڪمت‘ جي عنوان هيٺ حڪيمن پاران موڪليل نسخا به شايع ڪيا ويا.

رسالي جو پنجون شمارو رجب مهيني جو روايتي طور پڌرو ٿيو. هن شماري ۾ مير احمدعلي خان والي رياست خيرپور جي وفات تي پڻ مضمون ڇپيل آهي. ان جي آخر ۾ ايڊيٽر پاران هن طرح قطعه قلمبند ڪئي ويئي:

در نياز ترحيل آن کامگار
که جز عدل و احسان بدنيا نکشت
شنيد ار جعي شد بدارالقرار
نکو بود بانيک نامي گذشت
مفصل بافضلل احمد و علي
بود هستم بزير نظر چارو هشت
زهجرش بعالم بپا ماتمي
بقلب پدر داغ فرقت بهشت
بختم دعا سال وصلش فدا
بگو مير احمد علي در بهشت
        1324                 1325هه

”بهار اخلاق“ جو ڇهون شمارو سعبان مهيني جو ۽ ستون شمارو ماه رمضان جو پڻ روايتي طور طريقي موجب شايع ٿيا. اٺون شمارو شوال مهيني جو پڻ ساڳئي روايت مطابق پڌرو ٿيو. ذيقعد جو شمارو به اهڙيءَ طرح اشاعت ۾ آيو. البت ٽن مهينن ذوالحج، محرم 1326هه ۽ صفر مهيني جو گڏيل شمارو شايع ٿيو. ان گڏيل پرچي جي دير سان اشاعت تي پڙهندڙن کان معذرت ڪئي ويئي  ۽ ’معافي‘ جي عنوان هيٺ هڪ صفحي جو ايڊيٽوريل لکيو ويو. اهو ٽن مهينن جو گڏيل شمارو هڪ سَو صفحن تي مشتمل آهي. هن شماري ۾ هڪ مضمون ”چمنستان نقشبنديه“ جي عنوان هيٺ شايع ٿيل آهي، جو رسالي جي ايڊيٽر سيد اسدالله شاه فدا الحسينيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ حضرت بايزيد بسطامي رح ۽ سندس استاد ابوعليءَ جو تذڪرو ڪيل آهي. هڪ هنڌ لکيو ويو آهي ته، ”طيفور بن عيسيٰ بن آدم بن سروشان جاءِ سڪونت شهر بسطام جدامجد سندن قوم گبر منجهان هو جو پوءِ مشرف باسلام ٿيو. فيض روحاني امام جعفر صادق کان حاصل ڪيو ۽ ان کان سواءِ ٻين هڪ سؤ تيرهن بزرگن جي خدمت ڪري فيض حاصل ڪيائين. ولادت سندين 136هجري وفات 269 تاريخ 15 شعبان روز جمع عمر شريف 133 سال مرقد مبارڪ بسطام ماده تاريخ وفات ”نوراحد“ 269“.

اهڙيءَ طرح ابوعلي لاءِ لکيو ويو آهي ته، ”سندن نالو فضيل بن محمد ۽ ڪنيت ابوعلي آهي. سندس ولادت موضع فارمد 434هه ۾ ٿي. عمر شريف 43 سال مزار شريف طوس ۾ ماده تاريخ وفات عزت 477“.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته طيفور بن عيسيٰ حضرت بايزيد بسطامي جي ولادت ۽ عمر جو اندازو ته ڪنهن به تذڪري ۾ ڪونه آيو آهي. البت ”دائره معارف اسلاميه“ ۾ سندس وفات 261هه يا 264هه ڄاڻايل آهي، جا پڻ قياس تي مبني محسوس ٿئي ٿي. انڪري 269هه جي 15 شعبان ڏينهن جمعو يا وفات جي ماده تاريخ ”نوراحد“ ليکڪ ڪٿان ماخذ ڪئي آهي؟ ڪيئن چئجي، جي واقعي اها درست آهي ته سيد اسدالله شاهه ’فدا‘ الحسيني جي مطالعي جي ذوق ۽ وسيع نظري کي داد ڏبو. مصنف جيڪڏهن ڪنهن تذڪري جو حوالو ڏئي ها ته بهتر ٿئي ها!

اهڙيءَ طرح ابوعلي جو نالو فضيل بن محمد کان سواءِ ولادت ۽ وفات جا سن توڙي ماده تاريخ جو پيش ڪرڻ حيرت ۾ ٿو وجهي. جڏهن ته ابوعلي سنڌي جي اسم گرامي لاءِ به تذڪرا خاموش آهن. ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ به ابوعلي کي قياس جي آڌار تي 3 صدي جو بزرگ ڄاڻايو ويو آهي. ابوعلي سنڌي بايزيد بسطاميءَ جو تصوف ۾ وحدت الوجود جو استاد هو ۽ بايزيد وري کيس ڪي قرآن حڪيم جون سورتون سيکاريون آهن. جي واقعي سندس وفات 477هه ۾ چئون ته پوءِ تقريباً هڪ سَو اٺن سالن جي طويل عرصي جي وڇوٽيءَ ۾ ٻنهي کي هڪٻئي جو نه معاصر چئي سگهبو نه استاد شاگرد. ائين ئي ابوعلي جي نالي ۽ جنم جي هنڌ لاءِ به تذڪرا خاموش آهن. انهيءَ لاءِ ان مسئلي تياڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. ان جي باوجود به سيد’فدا‘ کي جس آهي.

”بهار اخلاق“ جي پهرئين سال پوري ٿيڻ تي مرزا ناصر علي هڪ نظم ”تاريخ اختتام بهار اخلاق“ جي سري سان لکيو، جنهن ۾ ”واه رسالي  جو هي پهريون سال پورو ٿيو“ مان سن 1326هه ڪڍيو.

مبارڪ صد مبارڪ دوستن ۽ دل گهرين کي ڏيو
بهار آيو چمن ۾ گل کلئا آهن زمستان ويو
بهار اخلاق جو ٿيو سال اول ختم خوبي سان
بهار اخلاق تي احسان ايهو قادرڪرم سان ڪيو
سن اتمام جي تاريخ اي ناصر علي هاتف
چئي هي- واه رساله جو هي پهريون سال پورو ٿيو.

1326هه

هن ئي شماري ۾ سيد جيئندل شاهه مٽيارن واري جي وفات تي سيد اسدالله شاهه ’فدا‘ جي لکيل قطعه تاريخ شايع ٿيل آهي.

اڄ رسيو جو آه مون کي درد غم
حادثه کان سو قيامت جي نه ڪم
قلب مضطر آه برلب جان حزين
سِينه سوزان چشم گريان دمبدم
هي رحلت ڪري هليو هن دار مان
عز ڪيو الله هو جنهن جو اُتم
ڪل نفس کي ٻڌي دنيا سندا
سڀ تعلق ترڪ ڪيا ۽ يڪ قلم
مال ۽ اسباب ۽ خويش و عزيز
سڀ ڇڏي ٿئو پنهنجي موليٰ سانبهم
ان جي رحلت جي فدا تاريخ هي
ڪر رقم تون مطلع فضل و ڪرم
                1325هه

”بهار اخلاق“ تي هڪ نظر

”بهار اخلاق“ جي اشاعت کان اڳ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تيرهن رسالن جي اشاعت جي خبر پوي ٿي. هن رسالي جي اشاعت سان اهو انگ چوڏهن تائين پهتو. انهن چوڏهن رسالن مان پنج رسالا هندن جي سرپرستيءَ هيٺ رهيا ۽ پنج مسلمانن جي. اهڙيءَ طرح هڪ رسالو تعليم کاتي جي، هڪ سنڌ مدرسة الاسلام، هڪ ڊي سنڌ ڪاليج جي ۽ هڪ زراعت کاتي پاران شايع ٿيل آهن. اهي سڀ رسالا پنهنجي پاليسي ۽ مقصدن موجب نڪرندا رهيا.

”بهار اخلاق“ جي اشاعت تائين ماهوار رسالن جي اشاعت گهڻو تڻو ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٽکڙ مان ٿي ڏسجي، ڇاڪاڻ جو انهن ئي شهرن ۾ تعليم ۽ تدريس توڙي علم ادب جو ماحول وڌيڪ سرگرم رهيو. ”بهار اخلاق“ کان علاوه ماهوار ”الاصلاح“ جي نالي سان پڻ هڪ رسالو محمداسماعيل جان ’روشن‘ سرهنديءَ جي ادارت ۾ ٽکڙ مان نڪرندو هو.

”بهار اخلاق“ تي نظر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي هڪ علمي ۽ مذهبي رسالو هو، جو ان وقت جي ماحول موجب پڌرو ٿيندو هو. رسالي جي صفحن ۽ ان جي مواد جي جهلڪ اڳ ۾ پيش ٿي چڪي آهي، جنهن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مواد جي ترتيب واري قابليت تي ايڊيٽر جس لهڻي.

”بهار اخلاق“ جي ٻوليءَ کي ڏسجي ٿو ته مجموعي طور ان جي اکرن ۽ لفظن جي صورتخطيءَ ۾ فرق نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته سن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ مقرر ٿيل الف بي کان پوءِ به اڌ صدي گذرڻ جي باوجود سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي فارسيءَ جو اثر گهڻو رهيو، جنهن جي ڇاپ سندن لکاوٽ تي به رهي. اهڙا عڪس ”بهار اخلاق“ ۾ به ڏسجن ٿا. جهڙوڪ الف ممدوح جي شڪل ’ا‘، ’4‘، هه ’4‘، ي ’7‘ آهي. اهڙيءَ طرح لفظ ’افتاب‘. ’جنهن‘ جي بدران ’جنہ‘، ’ڪهڙي‘ بدران ’ڪهڙ‘ ’ڪاڇي‘ بدران ’کا‘ يعني ’ڪ‘ بجاءِ ’ک‘ جو استعمال جيئن کارآمد ۽ ’جڏهن‘ جي بدران ’جڏه‘ انهن کان جي بدران ’انهنکان‘ ’اوهان جي‘ بدران ’اوانجي‘ آهي.

”بهار اخلاق“ جي جائزي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته رسالي لاءِ ايڊيٽر جي گهڻ طرفين ڪوششن مان هڪڙي ڪوشش رسالي کي جاري رکڻ جي به هئي، جنهن لاءِ وقت، مواد ۽ پئسي جي وڌندڙ ضرورت کي منهن ڏيڻ هو. ان وقت جي حالتن موجب ڪنهن به ماهوار رسالي کي وقت سر ڇپائڻ به هڪ وڏو مسئلو هو.

”بهار اخلاق“ جيئن ته لاهور مان ڇپبو هو، انڪري ان جي مواد جي حصول، چونڊ ۽ ترتيب کان پوءِ ڪتابت وارا مرحلا عبور ڪرڻ کان پوءِ پرچو لاهور پريس تائين پهچائڻ ۽ ڇپائي پڙهندڙن تائين رسائڻ واري پورهئي کي ٿورو به تصور ۾ آڻجي ته آسانيءَ سان ان اٺڪاٺئي ڪم جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ لاءِ ايڊيٽر سڀ کان اڳ ۾ مواد جي حصول لاءِ ڪوشان رهندو هو. ”بهار اخلاق“ جي مضمونن مان معلوم ٿو ٿئي، ته ايڊيٽر گهڻو ڪري پاڻ لکندو هو ۽ نهايت علمي ۽ معياري مضمون لکيائين، جن کي گڏ ڪري ڇپائي سگهجي ٿو. ائين ئي پئسي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ”بهار اخلاق“ ۾ اٺين شماري يعني شوال 1325هه کان بئڪ پيج تي ”ايڇ.ايل بالٽي والا دادر بمبئي“ جو اشتهار ڏنو ويندو هو. ان اشتهار مان اپت ڪيتري ٿيندي هئي، تنهن جي خبر اداري کي. بهرحال اهو چٽيءَ طرح محسوس ٿئي ٿو ته ”بهار اخلاق“ سان ايڊيٽر کي ايترو ته لڳاءُ ٿي ويو، جو هو ان لاءِ ڪٿان به ملندڙ ٿوري سهڪار تي به دل جي خلوص سان شڪريي ادائيءَ جو اظهار شايع ڪندو هو. هن کان اڳ ۾ اهڙو مثال ڏنو ويو آهي. مون کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي، جڏهن ڏٺم ته ايڊيٽر پنهنجي مطب مان رسالي جي خاطر دوائون ڏيڻ شروع ڪيون. سندس هڪ اهڙي آڇ تي مشتمل هڪ اشتهار نظر کان گذريو. اشتهار ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”بهار اخلاق جي توسيع اشاعت لاءِ مهربان معاونن ۽ ڪرم فرما ناظرين کي طمع يا رشوت آڇڻ عظيم گناهه ۽ اخلاقي احاطي کان ٻاهر نڪرڻ آهي، پر جڏهن ته دنيا جا سڀ ڪاروبار اهڙي صورت ۾ انجام پذير ٿين ٿا تڏهن اسين به ”صلائي عام ٿي ياران نڪته دان جي سبب“ تي عمل پيرا ٿي تحرير ٿا ڪريون ته جيڪو به صاحب ٽي نوان خريدار پيش قيمت سان موڪليندو تنهن کي 6 ماسا طلاء نادره يعني ليپ عجيب جو نذر ڪنداسين.“ (اقتباس)

مضمون جي پڄاڻيءَ کان اڳ ضروري آهي ته، رسالي ”بهار اخلاق“ جي ايڊيٽر متعلق ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪجي. اها ڄاڻ ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ جي حوالي سان پيش ڪجي ٿي.

علامه سيد اسدالله شاهه ’فدا‘:

علامه سيد اسدالله شاهه ’فدا‘ ولد سيد الهه بخش شاهه تاريخ 15 شعبان المعظم 1285هه (تذڪره شعراءِ ٽکڙ ۾ 1385هه ڄاڻايل آهي، جا پروف جي غلطي ٿي سگهي ٿي) تي ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. حافظ محمد يوسف وٽ سنڌي، پارسي ۽ فقه جي تعليم حاصل ڪري قرآن مجيد جو حفظ ڪيائين. سندس ذهانت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ نون مهينن ۾ حفظ پورو ڪيائين. علم حديث پڙهڻ لاءِ ديوبند ويو، جتي شيخ الهند مولانا محمودالحسن جي شفقت ۾ پڙهڻ لڳو. طب جي تعليم سيد ميران محمد شاهه اول کان حاصل ڪيائين. بعد ۾ ”شفاخانه الحسيني“ جو مئنيجر رهيو. شايد اهو مطب پاڻ ئي قائم ڪيو هئائين. ”بهار اخلاق“ جو دفتر به ان ۾ ئي هو. وٽس عاليشان ڪتبخانو هو، جو سندس وفات کان پوءِ ڪجهه اڏوهيءَ ۽ شاهينگن جي نذر ٿي ويو ۽ ٻيو سندس پونين درياءُ ۾ لوڙهي ڇڏيو.

پاڻ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي بانين مان هو. خلافت تحريڪ جي  خلاف مولوي فيض الڪريم ”تحقيق الخلافت“ نالي هڪ ڪتابڙو لکيو هو، جنهن جي رد ۾ علامه اسد الله شاهه’فدا‘ ”الفتوحات الربانيه في الاثبات الخلافت“ للدولت العثمانيه“ نالي ڪتاب لکيو هو. ياد رهي ته ”تحقيق الخلافت“ جي رد ۾ مولانا دين محمد وفائي پڻ ”اظهار الڪرامت في مسئله الخلافته والامامت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو هو.

علامه اسد الله شاهه’فدا‘ جهڙو هو پختو شاعر، تهڙو هو سهڻو نثرنويس. سندس مضمون ”بهار اخلاق“ ۾ شايع ٿيل آهن، جن ۾ سندس مطالعي جي وسعت ۽ اسلوب جي پختگي موجود آهي. سندس تصنيفات ۾ ”هديه اسديه“، ”الانتصار في جواب الاشتهار“ ۽ ”فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي“ آهن. کيس قطعه تاريخ لکڻ تي وڏي هٿ پڄندي هئي، جنهن مان سندس ابجد جي علم تي پڻ ڪمال حاصل هئڻ پڌرو آهي.

علامه صاحب 27 رجب المرجب 1344هه مطابق فيبروري 1926ع تي خميس ڏينهن انتقال ڪري ويو.

انتخاب:

سچ ڳالهه چوڻ ۾ تون پس و پيش نه ڪر
مُلا کان نه ڊڄ، خيال درويش نه ڪر
آزادي راءِ جي سپر هٿ ۾ کڻ
تيغِ اوهام کان جگر ريش نه ڪر.

-

عجب پر فضا ٿيو، ديارِ مدينه
تون ڏيکار يارب بهار مدينه
نه رضوان ڪري، خواهشِ سير جنت
ڪڏهن جي ڏسي سبزه زار مدينه
حقيقت ٿي ڇا مال دنيا جي اي دل
ڪريان نقد جان سڀ نثارِ مدينه
زبان دائره ۾ دهن جي ٿي جيسين
ڪريان مدح نقش و نگارِ مدينه
ڪريان سرمئه چشم بي شبه اُن کي
اچي مون کي جي هٿ غبارِ مدينه
فدا جي سڪونت برائي خدا ڪر
مدينه ۾ اي شهرِ يارِ مدينه.

[ٿورا: ڊاڪٽر بدر اڄڻ صاحب جا لک ٿورا جنهن مهرباني ڪري ”بهار اخلاق“جا پرچا استفاده لاءِ هٿ ڪري ڏنا]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com