سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :8

”انيس“ انصاريءَ جون ادبي خدمتون

اشتياق انصاري

اسان سنڌ جي علم ادب جي اوسر جو مطالعو ڪنداسين ته اوائلي دور کان وٺي لاڙڪاڻو علم ادب جو گهوارو نظر ايندو. ان شهر جا ڏات ڌڻي هر دور ۾ سنڌي نثر توڙي نظم جي هر صنف جي ڀرپور آبياري ڪندا رهيا آهن. ساڳئي نموني لاڙڪاڻي ۾ سالن کان وٺي علم ادب جي فروغ لاءِ علمي ادبي مرڪز به موجود هئا. ان سان گڏ شهر ۾ ڪيترائي اشاعتي ادارا به هئا، جيڪي باقاعدگيءَ سان رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب شايع ڪرائيندا هئا.

لاڙڪاڻي ۾ شروع کان وٺي انجمنن ۽ سوسائٽين جي سرپرستيءَ ۾ مشاعرا ۽ ڪانفرنسون ٿينديون رهيون آهن. ڊاڪٽر بشير احمد شاد، لاڙڪاڻي جي اهڙن ادبي ادارن ۽ سرگرمين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”علم ادب جي ميدان ۾ لاڙڪاڻو سنڌ جي سمورن ضلعن کان مٿانهون بيٺو آهي. تحقيقات ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته لاڙڪاڻي ۾ 1915ع کان وٺي هن وقت تائين چاليهن کان به وڌيڪ ادبي تنظيمون وجود ۾ آيون، جن سنڌي ادب جي ترقي لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هتي تيرهن ”ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسون“ منعقد ٿيون، جيڪو سموري سنڌ ۾ وڏو رڪارڊ آهي. سنڌ ۾ ڪنهن به شهر ۾ ايڏي پيماني تي ۽ ايتريون ادبي ڪانفرنسون ڪونه ٿيون آهن. ان کان سواءِ هن ضلعي ۾ ٻٽيهن کان مٿي ادبي اشاعتي ادارا قائم ٿيا، جن جي طرفان بهترين ادبيڪتاب اشاعت هيٺ آيا.“ (1)

لاڙڪاڻي ۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشان هيون، جن ۾ ”بزم مشاعره“ جو به هڪ اهم ڪردار آهي. ”بزم مشاعره“ جو قيام 1915ع ۾ عمل ۾ آيو. هن بزم جا روح روان ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور فقير، حاجي محمود خادم، مولانا محمد عاقل ۽ حڪيم لعل چند مجروح هئا. بزم طرفان هر مهيني ٻن مشاعرن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. 1923ع ۾ ”گلدسته“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو. هي رسالو فقط عروضي شاعري لاءِ مخصوص هو. ائين چوڻ درست ٿيندو ته ”بزم مشاعره“ گويا لاڙڪاڻي ۾ علمي ادبي ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو.(2)

سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي جي ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ جو به وڏو هٿ هو. سوسائٽيءَ جو بنياد 1939ع ۾ پيو ۽ بنيادي طور هيءَ سوسائٽي ’فلاحي ڪمن‘ لاءِ هئي. جتي سوسائٽيءَ جا فلاحي ڪم ياد رکيا ويندا، اُتي ادب جي ميدان ۾ پڻ ان جون ساراهه جوڳيون خدمتون وساري نه سگهبيون، جهڙوڪ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو 1941ع ۾ اجراءُ. هن رسالي جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون هر دور ۾ ياد رکيون وينديون. شروعات ۾ رسالي جو مرتب ۽ هلائيندڙ حاجي محمود خادم هو. پوءِ ايڊيٽرن ۾ ماستر جمع خان غريب، عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي، غلام احمد نظامي ۽ رئيس ضياءُ الدين بلبل جا نالا اچن ٿا. هن رسالي ۾ ’طرحي مشاعري‘ لاءِ جدا ڪالم مخصوص هوندو هو، جنهن جو عنوان ”بزم مشاعره“ هوندو هو. هي رسالو 1952ع تائين جاري رهيو.“ (3)

انيس انصاري نوجوانيءَ ۾ ئي سنڌ جي ان مشهور رسالي ۾ لکڻ سان گڏ سوسائٽيءَ جي مختلف عهدن تي رهي ادب جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ايم. اي فائينل جي مونوگراف (قلمي) ۾ ”رسالي اديب سنڌ جو سنڌي علم ادب ۾ حصو“ ۾ لکيو آهي ته ”مارچ 1945ع واري پرچي ۾ ڏيکاريل آهي ته 31 مارچ 1945ع تي چونڊيون ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: (صفحو 24-23)

1- پريزيڊنٽ: نواب زاده علي گوهر خان ’يڪتا‘

2- وائيس پريزيڊنٽ: سرائي نظام الدين خان ’نظام‘

3- جنرل سيڪريٽري: حاجي محمود ’خادم‘

4- جوائنٽ سيڪريٽري: الله بخش ’انيس‘ انصاري

5- مئنيجر رساله: ميان غلام عباس قادري ’جوش‘

6- ايڊيٽر رساله: ماستر جمع خان ’غريب‘

7- آڊيٽر: جمال الدين خان ’جمال‘

8- چيئرمين ڪاروباري ڪاميٽي: عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي. (4)

سنڌ سڌار سوسائٽيءَ جي 1945ع وارين چونڊن ۾ ’انيس‘ انصاريءَ کي جوائنٽ سيڪريٽري طور چونڊيو ويو هو، پر هن پرجوش نوجوان جون سوسائٽيءَ کي فعال بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ سان گڏ علم ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي ڏسي، کيس 1946ع جي چونڊن ۾ وري ساڳئي عهدي لاءِ چونڊيو ويو.

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مئي 1946ع جي پرچي اندر ”ملاحظات“ جي هيڊنگ هيٺ ڄاڻايل آهي ته ستين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سوسائٽيءَ جون چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺينءَ طرح عهديدار چونڊيا ويا:

1- پريزيڊنٽ: ميان عبدالله صاحب ’عبد‘

2- وائيس پريزيڊنٽ: سرائي نظام الدين خان ’نظام‘

3- جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي: حاجي محمود ’خادم‘

4- جوائنٽ سيڪريٽري: انصاري الله بخش ’انيس‘

5- مهتمم مشاعره: حڪيم محمد ڇٽل ’فدا‘

6- آڊيٽر: جمال الدين خان ”جمال“

7- ايڊيٽر: غلام احمد نظامي. (5)

سنڌ جي نالي وارن ڪهاڻيڪارن، محققن ۽ شاعرن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ ڇپجڻ سان ئي ڪئي ۽ اُهي نوجوان اڳتي هلي ادبي آسمان جا روشن ستارا ثابت ٿيا. انهن مان پروفيسر عطا محمد ’حامي‘ خيرپوري، اياز حسين قادري، الله بخش ’انيس‘ انصاري، عبدالله اثر، مولوي نور الدين ’نور‘، الطاف حسين قادري ۽ احمد خان ’آصف‘ جا نالا قابل ذڪر آهن.“ (6)

ڊاڪٽر عبدالغفور پنهنجي مونوگراف(7) ۾ ”اديب سنڌ“ ۾ ڇپجندڙ شاعرن جي ڪجهه ڪلام سان ’انيس‘ انصاري جو ڪلام به حوالي طور ڏنو آهي:

اڄ يار کي ڏٺم ته هو در کان اچي لنگهيو،
شايد سندس ٿي سرد آ بازار ڪجهه نه ڪجهه
قد سرو آهه، نرگسِ شهلا سندس اکيون
دلبر جي ياد ٿو ڏئي گلزار ڪجهه نه ڪجهه
فڪر انيس ڪجهه نه آ استاد فن اڳيان
تاهم رکي ٿو پيش هو اشعار ڪجهه نه ڪجهه.(8)

انيس انصاري شروعاتي دور ۾ جتي شعر و شاعري طرف راغب رهيو، اُتي هن افساني نويسيءَ تي به طبع آزمائي ڪئي. اهڙيءَ طرح ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ انيس انصاريءَ جي شاعريءَ سان گڏ سندس افسانن کي به جاءِ ملڻ لڳي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ”اديب سنڌ“ ۾ ڇپجندڙ افسانن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي لکي ٿو ته: ”پوئين جلد ۾ ڪجهه اهڙا افسانا به ملن ٿا، جن ۾ خام مواد موجوده زماني جي حالتن ماناخذ ڪيل آهي. جناب بشير مورياڻي ۽ جناب الله بخش ’انيس‘ انصاري ان قسم جا ”اديب سنڌ“ جا افسانه نويس آهن، جن جا افسانا پوين جلدن ۾ ڇپيا آهن. اهي افسانا نهايت ابتدائي قسم جا آهن. انهن ۾ ڪي فني اوڻايون به آهن. بشير مورياڻيءَ جا افسانا گهڻي قدر اردو افسانن تان ورتل معلوم ٿين ٿا. هونءَ به انهن افسانه نويسن جا اهي افسانا بلڪل شروعاتي آهن، انڪري انهن کي ڪو ڏوهه ڏئي نٿو سگهجي. افساني سنڌيءَ ۾ هاڻي تمام وڏي ترقي ڪئي آهي، پر ان هوندي به انهن افسانن کي وساري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ جو اُتان ئي افساني جي ابتدا ٿي آهي.“(9)

انيس انصاري نه رڳو اُن دور ۾ ادبي ادارن جو روح روان رهي اُن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشان رهيو، پر ساڳئي وقت هن شاعري ۽ افساني جي حوالي سان به نالو ڪمايو. اسان کي انيس جا ان دور جا ڪيترائي تحقيقي مضمون به ملن ٿا. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ”اديب سنڌ“ جي حوالي سان انيس انصاريءَ جي مضمون نگاريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”اديب سنڌ ۾ مشهور شخصيتن، اديبن، شاعرن، قومي رهنمائن ۽ مذهبي پيشوائن تي به سوانحي مضمون آيا آهن. هيٺ انهن مضمونن تي مختصر تبصرو ڪجي ٿو:

”رودڪي“ فارسيءَ جي قديم شاعرن مان بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. ”اديب سنڌ“ جي مئي، جون 1952ع جي پرچي ۾ ’انيس‘ انصاريءَ جو مضمون ”رودڪي“ شايع ٿيو آهي. ”اديب سنڌ“ ۾ جيڪي به اهڙي قسم جا مضمون ڇپيا آهن، انهن مان هي مضمون سڀني کان وڌيڪ مفصل ۽ جامع آهي. هن ۾ شاعر جي مختصر سوانح حيات سان گڏ سندس شاعري تي تبصرو ڪندي فارسي ادب ۾ ان جي اهميت کي نمايان ڪري ڏيکاريو ويو آهي. فارسي ادب ۾ رودڪي جي اهميت تي لکندي، انصاري صاحب لکي ٿو ته: رودڪيءَ جي دور تائين فارسي ساعري اڃان پنهنجي ابتدائي دور ۾ هئي ۽ حقيقت ۾ واقع نگاريءَ کان گهڻو دور هئي. ان وقت تائين فارسي شاعري رڳو مدح سرائي ۽ تفريح تائين محدود هئي، پر رودڪي اهو جمود ٽوڙيو ۽ فارسي شاعريءَ کي همه گير بنايو.“ (10)

انيس انصاري نوجوانيءَ ۾ ئي پنهنجن انهن قلمي ڪاوشن جي ڪري هر هنڌ سڃاتو ويندو هو، پر اڳتي هلي جڏهن ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ٿي ته هن لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. حميد سنڌي، سوڀي گيانچنداڻيءَ جي حوالي سان، تاج محمد ابڙي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته ”تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو ۽ ان جو اهڙو چسڪو لڳس جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهري بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. علم ادب جي ان شوق ڪري، تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني ’دلگير‘، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا.“ (11)

انيس انصاري 1958ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي ته ”هت ٿياسافيڪل هال ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ ٿيندي آهي. مان ڪجهه هفتا بنا ڳالهائڻ ۽ بنا ڪجهه پڙهڻ جي ويندو هئس. هڪ ڏينهن مولانا گرامي زور ڀريو ته ايندڙ نشست ۾ تون پڙهجان“. سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ ٿي ته مان پنهنجو افسانو ’ناسور‘ لکي کڻي ويس. پهريائين ممتاز مرزا افسانو ’پوسٽ ماسٽر‘ پڙهيو، جنهن تي تنقيد ٿي. ان بعد قطب صديقي گيت پڙهيو، ان بعد منهنجو وارو آيو. افساني ختم ٿيڻ سان مقبول ڀٽي، ڪامران ڀٽي ۽ عبدالله خواب جي وات مان واهه واهه نڪري ويئي. مرزا مراد علي اختر چيو ته افسانو ڪامياب آهي، ائين چئجي ته بهترين آهي، مون کي ڏاڍو پسند آيو. افساني جا فني ۽ لغوي حق ادا ڪيا ويا آهن، پر لکندڙ ڪٿي تجنيس حرفيءَ کان ڪم ورتو آهي. روزمره جي ڏٺل شين کي اهڙي نموني پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي. امير علي شيخ چيو ته افسانو ڪامياب آهي، مون کي ڏاڍو پسند آيو. جمن جي ڪردار تي وڌيڪ روشني وڌي وڃي ها. ڪامران ڀٽي چيو ته سنڌيءَ ۾ منٽو جنم ورتو آهي. مقبول ڀٽي چيو ته ٿورن اکرن ۾ گهڻو ڪجهه سمايل آهي. سماج جون خرابيون جنهن نموني پيش ڪيون وڃن ٿيون، تن جو داد ڏجي ٿو. شمشيرالحيدري چيو ته مان لکندڙ کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، نهايت ڪامياب افسانو آهي. ممتاز مرزا چيو ته وڻندڙ افسانو آهي. عبدالله خواب چيو ته بهترين افسانو آهي. مان ائين چوڻ کان نه رهندس ته جيڪي به افسانا هتي پيش ٿيا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مون کي هي افسانو وڻيو. عبدالجبار شام (صدر) چيو ته افسانو ڪامياب هو. سٺو هو، پر سماج جونخرابيون ان طرح اگهاڙي نموني پيش نه ڪيون وڃن ها. مجلس برخواست ٿيڻ بعد  امير علي شيخ چيف ايڊيٽر ’فلمي دنيا‘ چيو ته هو ڪا ادبي چيز وٺڻ لاءِ مون وٽ آفيس ۾ ايندو.(12)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به انيس انصاري جي شخصيت ۽ سندس علم ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جو ذڪر وقت به وقت پئي ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي علم ادب“ ۾ لکيو آهي ته ”هيٺين شاعرن غزل ۾ نئون رنگ پيدا ڪيو آهي: شيخ عبدالرزاق راز، شيخ اياز، عبدالحليم جوش، ذوالفقار راشدي، انيس انصاري، اياز قادري، نور شاهين ۽ امداد حسيني.“ (13)

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي اڳتي افسانوي ادب جو ذڪر ڪندي انيس انصاريءَ جو به حوالو ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته: ”ٽيون دور، ٻي مهاڀاري لڙائي ادب ۾ هڪ نئون موڙ پيدا ڪيو.... هن دور ۾ افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. هن دور ڪيترائي افسانه نويس پيدا ڪيا آهن، جن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن: ڊاڪٽر سيخ محمد ابراهيم خليل، عبدالرزاق راز، خواجه غلام علي الانا، شيخ اياز، اياز قادري، انيس انصاري، جمال ابڙو، غلام رباني، سراج..... (14)

ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، هڪ ٻئي ڪتاب ۾ انيس انصاريءَ جي افساني جي ٽيڪنڪ جي تعريف ڪرڻ سان گڏ سندس گهٽ لکڻ جو ذڪر به ڪري ٿو ته ”الله بخش انيس انصاري به گهڻي وقت کان لکي رهيو آهي، پر ڪڏهن لکندو آهي ته ڪڏهن خاموش هوندو آهي. سندس افسانا فني لحاظ کان نهايت ڪامياب افسانا هوندا آهن.“(15)

انيس انصاري نه صرف هڪ سٺو افسانه نگار هو، پر ساڳئي وقت شعر و شاعري ۾ به پاڻ مڃايائين. ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ انيس انصاريءَ لاءِ آيل آهي ته ”ڪن شاعرن غزل جي روايت کي نباهيندي ان ۾ هڪ انفرادي رنگ پيدا ڪيو آهي. شيخ راز، شيخ عبدالحليم جوش، مخدوم طالب الموليٰ، اياز قادري، ذوالفقار راشدي، نورشاهين، انيس انصاري، عبدالجبار جوڻيجو، نواز علي شوق ۽ عبدالحميد شهيد جي غزل ۾ جدت ۽ انفراديت ملندي.“ (16)

انيس انصاري جي فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ايم فل لاءِ پيش ڪيل ٿيسز ”نواز علي نياز جي شاعري“ جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته ”خود لاڙڪاڻي جي سرزمين ڪيترن ئي عروضي شاعرن کي وجود ڏنو، جن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: حاجي محمود خادم، غلام سرور ”فقير“، علي محمد قادري، نواز علي نياز جعفري، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، غلام عباس ”جوش“ قادري، لعل چند عرف لعل محمد مجروح، اياز حسين قادري، ”انيس“ انصاري ۽ مولوي نور الدين ”نور“ وغيره. (17)

ڊاڪٽر عبدالعفور ميمڻ، آزاديءَ کان اڳ شايع ٿيندڙ رسالي ”اديب سنڌ“ ادب ۾ جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي، ان کي ساراهيندي لکي ٿو ته: ”رسالي اديب سنڌ جيڪي نوجوانن مان سٺا شاعر پيدا ڪيا آهن، انهن مان پروفيسر عطا محمد حامي خيرپوري، اياز حسين ”اياز“ قادري، الله بخش ”انيس“ انصاري، عبدالله ”اثر“ چانڊيو، مولوي نورالدين ”نور“، الطاف حسين قادري ۽ احمد خان آصف جا نالا قابل ذڪر آهن. (18)

انيس انصاري نثر ۾ افساني، تحقيقي مضمون ۽ رپوتاز کان سواءِ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ ڀرپور انداز سان پنهنجي ڏات اجاگر ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۾ هن انداز سان آهي: ”الله بخش ولد احمد بخش انصاري عام طور انيس انصاري جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ 26 جولائي 1923ع تي تولد ٿيو. غزل، گيت ۽ دوها وغيره لکندو آهي.

ڏٺو مون بندگي ۾ هڪ مقام آ،
جتي حاصل خدائي ٿي رهي آ.
لڪائي چنڊ ڇڏ پنهنجي نظر کي

سندس جلوه نمائي ٿي رهي آ. (19)

انيس انصاري کي علم ادب سان چاهه هئڻ ڪري مطالعي جو بيحد شوق هو، انڪري سندس ذاتي لئبريري هزارن ڪتابن تي مشتمل آهي. ان لئبريريءَ مان ڪيترائي علم جا پياسا اچي اُڃ اُجهائيندا هئا، جيئن ماهوار ”سوجهرو“ ۾ آهي ته ”اسان جنهن گهر ۾ اک کولي ته گهر جي ڀاتين کان سواءِ هزارين ڪتاب به اسان جي خاندان جو ڄڻ حصو هئا. ان دور ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن کان سواءِ ماهوار توڙي هفتيوار رسالا، آج ڪل، ليل و نهار، نئين زندگي، سوجهرو، ريڊرس ڊائجسٽ، لائف، ٽائيم، وغيره گهر ۾ باقاعدگي سان ايندا هئا.“ (20)

لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪتبخانن ۾ انيس انصاري جي ذاتي ڪتبخاني جي به وڏي اهميت آهي، جنهن جو ذڪر مختلف هنڌن تي ڪيو ويو آهي. ”جناب الله بخش انصاري، جيڪو ادبي حلقن ۾ انيس انصاريءَ جي نالي سان مشهور آهي ۽ تازو ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ڪيو اٿس، سنڌي ادب جو هڪ بهترين ليکڪ آهي.... وٽس پنهنجي هڪ وڏي ذاتي لئبريري موجود آهي.“ (21)

انيس انصاري ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. هو سرڪاري مصروفيتن جي باوجود وقت ڪڍي مشاعرن، ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ تصويرن جي نمائشن کان وٺي گلن جي نمائشن تائين پيو حاضريون ڀريندو هو. راڳ جو ته ڄڻ شيدائي هو. ماهوار ”سوجهرو“ ۾ آهي ته ”لارڪاڻي ۾ علمي ادبي محفلن جو رواج هو. اسان ننڍپڻ ۾ والد صاحب (انيس انصاري) سان گڏ مهدي حسن، استاد محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، فريده خانم، اقبال بانو ۽ ٻين کي روبرو ٻڌو. ساڳئي وقت ملڪي ليول جي مشاعرن ۾ بهزاد لکنوي، جوش مليح آبادي ۽ ٻين شاعرن کي لاڙڪاڻي ۾ سامهون ڏٺو ۽ ٻڌو.“ (22)

انيس انصاري پاڻ به ڪيترن ئي ميڙاڪن ۽ ادبي محفلن ۾ مهمان خاص طور ايندا هئا. ان کان سواءِ پاڻ جڏهن شڪارپور جا ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هئا ته اُتي ٿيندڙ ”شڪارپور صدين کان“ سيمينار جا ڪنوينر هئا. اهو شڪارپور جي تاريخ ۾ هڪ بهترين سيمينار سمجهيو وڃي ٿو.

انيس انصاري رٽائرمينٽ کان پوءِ مستقل طور اچي پنهنجي اَباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ رهيا ته اُتي لاڙڪاڻه هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جا باني ميمبر هجڻ سان گڏ اُن جا پهريان سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيا. هو لکن ٿا ته ”هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، مسز مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، زيب عاقلي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ مان وياسون. مون کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. سر شاهنواز لائبريريءَ ۾ هڪ آفيس به ڏنائون. ڊپٽي ڪمسنر صاحب (محمد هاشم ميمڻ) 50000 رپيا سوسائٽيءَ کي ڏنا ۽ محترمہ حميده کهڙو 5000 رپيا ڏئي لائف ميمبر ٿي.“ (23)

ان دوران انيس انصاري ٻين هم خيال دوستن سان گڏجي سوسائٽيءَ جو دستور به ٺاهيو هو، ان جو ذڪر به پنهنجي ذاتي ڊائري ۾ هن انداز سان ڪيو اٿن: ”ڊاڪٽر عبدالمجيد، پروفيسر عبدالمنان ۽ مون گڏجي لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي دستور تي ڪم ڪيوسين.“ (24)

لاڙڪاڻه سوسائٽيءَ جو مونوگرام به انيس انصاري جي ذاتي ڪوشش سان منصور عالم ابڙي کين ٺاهي موڪليو هو. لکن ٿا: ”مسٽر منصور عالم سوسائٽيءَ جو مونوگرام ٺاهي موڪليو آهي. مٿان اسٽوپا ڏيکاريل آهي ۽ هيٺان The Larkano Distt: Historical Society لکيل آهي.“ (25)

انيس انصاري سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري هئڻ جي ناتي مختلف اديبن سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڏيساور کان ايندڙ ڪيترن ئي اديبن جي وفدن کي آجياڻو پڻ ڏنو. خاص ڪري موهن جي دڙي تي ايندڙ اديبن جي مان ۾ ميڙاڪا پڻ ڪيا. هو لکن ٿا ته ”اڄ ڀارت کان آيل هيٺين اديبن سان ملڻ لاءِ مان، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر عبدالمنان ۽ مسٽر محسن چنا وياسون. ڀارتي اديبن ۾ ڪنور مهندر سنگهه بيدي، پروفيسر مسعود حسين، پروفيسر حميد ڪشميري، پروفيسر مسز رفيع سلطانه، مسز آدرش سرا ۽ ڊاڪٽر فهميده بيگم هيا. ساڻن گڏجي سائيٽ تي وياسين. ميوزيم ڏٺوسين ۽ گڏجي لنچ ڪئي سين. ڪنور مهندر سنگهه بيدي ’سحر‘ پنهنجو نعتيه ڪلام ٻڌايو. موهن جي دڙي تي مسٽر غلام رباني سان ملڻ ٿيو. هو اديبن سان گڏجي آيل هو. رباني صاحب هاڻي  اسلام آباد ۾ اڪئڊمي آف ليٽرس جو ڊئريڪٽر جنرل آهي.“ (26)

سوسائٽيءَ طرفان انيس انصاريءَ جي ڪوششن سان پاڪستان جي ٻين صوبن کان ايندڙ وفدن سان به ادبي رهاڻيون ڪيون وينديون هيون. پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو اٿس ته، ”اڄ چترالي اديبن کي لائبريريءَ ۾ سڏايو هيم ۽ هتان جا اديب پڻ گهرايا هيم، انهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر محمود شاهه، پروفيسر عبدالمنان، غلام مصطفيٰ مشتاق، لقمان حڪيم، علي بخش جمالي، اياز گل، ادل سومرو، زيب سنڌي ۽ ٻيا هئا. ڪافي ڪچهري رهي(27).

انيس انصاري تاريخ ۽ تحقيق سان شوق جي ڪري ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا هئا. سنڌ جي ڪيترن ئي قديم آثارن جو معائنو پڻ ڪيو هئائون. موهن جي دڙي تي ته هزارين ڀيرا ڀريا هئائون. ان ڏس ۾ هن سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تي آرڪيالاجي جي  گهڻن ئي غير ملڪي ماهرن کان ليڪچر پڻ ڪرايا هئائون. هو لکن ٿا ته، ”اڄ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي طرفان سنڌو ماٿريءَ جي پراچين سڀيتا جي جدا جدا پهلوئن تي ليڪچرن جو بندوبست ڪيل هو. ليڪچر سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ رکيا ويا هئا. ليڪچر ڏيندڙ اولهه جرمني جي آخن يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر مائيڪل جينسن ۽ اٽلي جو ڊاڪٽر مسميع وڊال ۽ سنڌ جو مسٽر غلام مصطفيٰ شر هيا. سلائيڊن ذريعي ليڪچر ڪيا ويا.“ (28)

اهڙيءَ طرح انيس انصاري 1993ع تائين هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جا سيڪريٽري ٿي رهيا.

مختيار گهمرو ”انيس انصاري“ سان پنهنجي عقيدت جو اظهار هن سهڻي انداز سان ڪيو آهي:

الف:   الفتون ارپي پيو ڌرتي ڌڻين کي دوستو،
        ڇا چوان هي شخص سڪ جو سربسر سنسار آ.
ن:      نفرتون دل ۾ رکي نفرت جي نالي کي سدا،
        ورنه هي بس ننهن کان چوٽي پيار جو پرچار آ.

ي:     يار ويسيءَ ۾ يگانو يار آ يڪتا يڪو،
        ڪونه هن ڌاريو اڃا ڪو غير يا اغيار آ.
س:    سڪ سيني ۾ رکي ٿو سنڌ ڌرتيءَ جي سدا،
        سوڀيا هن شخص جي ٿي ساهه جو سينگار آ.
ا:       ايڪتا اتحاد کي ٿو عام چاهي عام ۾،
        دوستو! دوئي دغا کان بي شبه بيزار آ.
ن:      نينهن جو ناتو رکي ان کي نباهڻ ٿو گهري،
        انس، الفت، آجپي پاٻوهه جو پينار آ.
ص:    صدق سيني ۾ رکي ٿو پاڪ پنجتن سان پيو،
        محبتي محبوب جو، حيدر سندو حبدار آ.
ا:       اجنبي آيو تڏهن ڀي واس وٺندو ٿو وڃي،
        خوب ٿو خوشبوءِ ارپي قرب جو گلزار آ.
ر:      رات ڏينهان تات دل ۾ علم جي عرفان جي،
        شاعريءَ جي فوج جو سُورهه وڏو سالار آ.
ي:     ياد ٿو سڀ جون رکي پياريون ادائون هي پيو،
        عيب اوڻايون وسارڻ جو وڏو ويسار آ.
        هيءُ ”انصاري انيس“ آهي عجب ماڻهو مٺو!
         مون ڪيو من هن سندو جنهن کي کڻي مختار آ.
                                                     (29)

حوالا

(1)     پروفيسر بشير احمد پٺاڻ- ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، ص 343

(2)    ساڳيو

(3)    ساڳيو، صفحو 334

(4)    ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ- ”رسالي اديب سنڌ جو سنڌي علم ادب ۾ حصو“ مونوگراف (قلمي).

(5)     ساڳيو، ص30

(6)    ساڳيو- صفحو 78

(7)    ساڳيو، صفحو 96

(8)    ”اديب سنڌ“، ماه مئي 1949ع ضميمو صفحو 11، (حوالو ڊاڪٽر عبدالغفور صفحو 99-100)

(9)    ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ- ”رسالي اديب سنڌ جو سنڌي علم ادب جو حصو“ مونوگراف (قلمي) صفحو 133

(10)   ساڳيو، صفحو 184-183

(11)   حميد سنڌي- ماهوار ”سوجهرو“ 2004- صفحو 18

(12)   انيس انصاري، ذاتي ڊائري، 8 آگسٽ 1958ع

(13)   ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي علم ادب“ (اصول ۽ اهڃاڻ) عجائب اسٽور سکر- 1971ع صفحو 41

(14)   ساڳيو صفحو 52

(15)   ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ عجائب اسٽور سکر، 1976 صفحو 186.

(16)   ساڳيو- صفحو 205

(17) ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ- ”نواز علي نياز جي شاعري“ صفحو - ب

(18)   ساڳيو- صفحو 25

(19)   ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق- ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، 1984، صفحو 301

(20)   اشتياق انصاري- ”سوجهرو“ مارچ 2001ع صفحو 20.

(21)   ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ- لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، 1984ع، صفحو 293

(22) ڊائري اشتياق انصاري- ”سوجهرو“ مارچ 2001 صفحو 21

(23)” انيس انصاري ذاتي ڊائري 27 سيپتمبر 1985ع

(24) ” 9 آڪٽوبر 1985ع

(25) ” 7 جنوري 1986ع

(26) ” 10 جنوري 1986ع

(27) ” 7 فيبروري 1986ع

(28) ” 13 مارچ 1986ع

(29) ” مختيار گهمرو ”هلال پاڪستان“ 1 آڪٽوبر 1998ع.

 


 

مير علي احمد ٽالپر ڏانهن مخدوم ”طالب الموليٰ“ جا خط

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

خط لکڻ  هڪ فن آهي. اهو جيترو آسان ۽ دلچسپ آهي، اوترو ئي ڏکيو پڻ. اهو انسان جي ادراڪ ۽ احساس جو ترجمان به ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪن سنجيده مسئلن تي ڪيل گفتگو کان سواءِ ڪن  داخلي احساسن جو اظهار به ڪيل هوندو آهي. اهڙن اظهارن ۾ انشاء پردازيءَ جو جوهر خوب سمايل هوندو آهي. شعر، سخن ۽ قولن جي استعمال سبب ان ۾ جاذبيت پڻ پيدا ٿي پوندي آهي. سموئيل جانسن چواڻي: ”خط ۾ انساني روح جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.“

خط لکڻ وارو عمل تڏهن کان آغاز ۾ آيو هوندو، جڏهن کان رابطي لاءِ لکپڙهه وجود ورتو. اوري پري ڪو نياپو/ سنيهو لکت ۾ موڪلڻ واري قرطاس کي خط چيو ويو هوندو. ڌرتيءَ جي ڪهري به ٽُڪر تي ڪنهن قوم جي وجود وٺڻ ۽ ان جي شعوري ارتقا ۾ خط لکڻ جو رواج آڳاٽو ضرور هوندو. خط جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اهو ڪنهن به آڳاٽي وجود ۾ آيل رسم الخط جيترو ئي ڪُهنو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته رسم الخط جي گهرج به خط لکڻ جي ڪري محسوس ڪئي ويئي هجي. بهرحال خط جي قدامت کي ڪنهن به حوالي سان مڃڻ واجب ٿيو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح مهذب قومن ۾ ئي ان جي آڳاٽي وجود جا اهڃاڻ ملي سگهن ٿا. قرآن مجيد جي اُڻويهين پاري جي سورت النمل ۾ حضرت سليمان عليہ السلام جي خط جو ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه نبي پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلٰہ وسلم جن جا روم، حبش، ايران، بحرين، عمان، دمشق ۽ يمامه جي حاڪمن ڏانهن لکيل خط ۽ خلفاءِ راشدين جا خطاسلامي تاريخ جو اهم موضوع آهن. اهڙيءَ طرح صوفي بزرگن ۽ شيخن مشائخن جا ظاهري توڙي باطني تربيت کان علاوه روحاني ۽ سماجي مسئلن تي ڪيل گفتگو تي مبني خطن جا مجموعا ان فن جو سرمايو آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به خطن جو خاصو ڇپيل ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي، سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، پير علي محمد راشدي، محمد امين کوسي، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي، عبدالقادر جوڻيجي ۽ طارق اشرف جا خط شايع ٿيل آهن. ساڳيءَ ريت ڪيترن ئي ڇپيل مجموعن ۾ مختلف عالمن ۽ شخصيتن جا خط ترتيب ڏنل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن، توڙي دانشورن، شاعرن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي خطن جا ذخيرا اشاعت ۾ نه اچڻ ڪري اڳوڻي علمي ذخيري ۽ ادبي اثاثي وانگر متان ضايع ٿي وڃن، انڪري بيحد ضروري آهي ته اهڙن اهم ذخيرن ڏانهن سُتت ڌيان ڏيئي، انهن جي حفاظت لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ کپن، جن مان اڳتي هلي اسين گهڻ طرفا علمي فائدا حاصل ڪري سگهنداسين. خطن جي اهڙي ئي هڪ ذخيري مان ڪجهه خط هيٺ ڏجن ٿا، جي سنڌ جي ٻن قابل صد احترام علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جي دوستيءَ جو ڦل آهن. اهي شخصيتون مير علي احمدخان ٽالپر ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نالن سان اسان جي ٻولي ۽ ادب ۾ نشانبر آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادب جي نهايت غير معمولي شهرت رکندڙ هستي هو. پاڻ هڪ ئي وقت نامور شاعر کان علاوه بهترين نثر نويس به هو. شاعريءَ ۾ سندس نازڪ خيالي ۽ منفرد انداز بيان کان علاوه نفاست پڻ نمايان آهي. سندس طبيعت ۾ به نفاست هئي، جنهن لاءِ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته، ”محترم سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن نهايت نفيس طبيعت جا مالڪ هئا. انڪساري ۽ فضيلت سندن شان هوندو هو. ادب ۽ فن سان دلي ذوق هئن. سنڌي علم و ادب لاءِ سندن ڪيل خدمتون ڪڏهن به وسرڻ جون نه آهن.“ جهڙو هو طبيعت جو نفيس سائين طالب الموليٰ، تهڙو هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ دلڪش شخصيت جو مالڪ مير علي احمدخان ٽالپر. مير صاحب جو علمي، ادبي ذوق پنهنجن همعصرن ۾ مثالي هو. نه رڳو سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر وڏيءَ سڪ سان سندس ايوان تي حاضر ٿي علمي ڪچهريون مچائيندا هئا، پر اردوءَ جا ليکڪ به وٽس هيج مان هليا ايندا هئا. مير صاحب وسيع مطالعي جو صاحب هو. سندس ذاتي لئبرريءَ ۾ لاتعداد ڪتاب موجود هئا، جي سنڌيءَ کان سواءِ اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين ۾ گهڻا هئا. ڇاپي ڪتابن کان علاوه اڻلڀ قلمي نسخا به موجود هئا، جن تان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن تحقيقي استفادو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪيترنئي سياستدانن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا ڏانهس آيل خط به محفوظ ڪيل هئا، جن مان اڄ هتي رڳو سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا لکيل خط پيش ڪجن ٿا، جن مان ٻنهي صاحبن جي هڪ ٻئي ڏانهن اُڪير جو بخوبي اندازو ٿي سگهي ٿو. هڪ ٻئي سان رلڻ ملڻ ۽ اٿ- ويهه ۽ اچ وڃ به آڳاٽي هئن. حيدرآباد ۽ هالا جي وچ ۾ ڪو گهڻو مفاصلو به ڪونه هو، جو خَط پٽ جو سهارو وٺن، مگر پوءِ به ڏسجي ٿو ته گهڻي مصروفيت سبب سندن هڪ ٻئي سان ملڻ ۾ دير پوندي رهي، جنهن ڪري اڌ ملاقات تي اڪتفا ڪرڻي پين. جي پنهنجن شهرن کان ٻاهر به رهيا، ته هڪ ٻئي کي ته ائين وڌيڪ ساريندا رهيا. ان جي نتيجي ۾ يادگيري ۽ حال احوال ڏيڻ لاءِ خط جو سهارو وٺڻو پين. سائين طالب الموليٰ جن مير علي احمد خان ٽالپر ڏانهن خط لکندا هئا ته لازماً مير صاحب به جوابي خط لکندو هوندو. هت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا مير علي احمد خان ٽالپر ڏانهن لکيل ڪجهه خط ڏجن ٿا.

(1)

هالا

22 مئي 1962ع

صديقِ مڪرم!

السلام عليڪم! اڄ تائين ٽپال کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ ڳوليم، مگر اوهان جو عيد ڪارڊ يا خط هٿ ڪونه آيو. المطلب ته خط آڻيندڙ شخص پنهنجو احوال ظاهر ڪندو. اميد ته حتي المقدور سندس مدد ڪندا ته طرفين لاءِ دعاگو رهندو.                                 محمد زمان

(2)

پنڊي

28 جون 1962ع

صديقِ مڪرم!

محبت ۾ اگر پيمان شڪني نه ٿئي ته ٻيڻي ڪشش ۽ پختگي عهد ڪيئن پيدا ٿيندي. دانسته وعده خلافي واقعي جرمِ محبت آهي، مگر نادانسته طور ته پاڻ اهڙا گناهه بخشش جي قابل ٿيندا آهن ۽ ويجهي ٿيڻ جو بهانو. هڪ فارسي شاعر نهايت سٺو مثال ڏنو آهي ته:

محبت بيشتر قائم شود جون بشکند پيمان
شگوفه اول افشاند درخت آنگه ثمرگيرد

اوهان پنڊي ۾ اچڻ جو وعدو پورو نه ڪري سگهيا ۽ اهو عمل ناگاهه ۽ نادانسته طور ٿيو ۽ جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته منهنجي دل ۾ اوهان جي محبت وڌيڪ زور ورتو ۽ خط جي صورت ۾ آءٌ پاڻ خود لفافي ۾ لڪي اچي اوهان وٽ پهتس ۽ وري جيڪو اوهان جو جواب مليو انهي هيڪاري لطف اندوز ڪيو. ملفوف ۾ صرف ڪاغذ ۽ رواجي لفظن جي ڀرمار ڪانه آهي پر گلن سان پُر ٿيل آهي. هن خشڪ ماحول ۾ اوهان جي مضمون آفريني ۽ سخن نوازي باغ و بهار ڪري ڇڏيو.

اسيمبلي اجلاسن جو بهانو هٿ لڳي ويو آهي. حقيقت ۾ زماني جي ڪاروبار ۽ دماغ سوز فيصلن کان هاڻي فرصت ملي آهي. ڀانيان ته جولاءِ ۾ موٽان. عزيزيامين به ڏينهن ٻن ۾ هِت اچي ٿو. ڀانئجي ته هفتو کن مري، ايبٽ آباد ۽ ڪاغان ڏسڻ جي بهاني وڃي غم غلط ڪري پوءِ ڳوٺ موٽجي.

اصحاب هوش سان گڏ رهي نه ٿا سگهون. هڪڙا اقتدار جا طالب ته ٻيا وري عهدن جا خواهان. انهن لالچن هڻي همراهن جا وچ ڪڍي وڌا آهن. نفس کي اگرچه انهن شين مان لطف ايندو آهي مگر روح بيزار هوندو اٿن. درحقيقت تخت و تاج جي مٿان هميشه تلوار لٽڪيل رهندي آهي. پر دماغ اٿن ته سمجهن ڪونه ٿا، اکيون اٿن ته ڏسن ڪونه ٿا ۽ پير اٿن پر هلن ڪونه ٿا. اسان کي پنهنجي قبله و مرشدي والد صاحب جي نصيحت هميشه ياد آهي ته:

شکوة تاج سلطاني که بيمِ جان درودِ جست
کلاة دلکش است اما بدردِ سرنمي ارزد

دنيا عبرتگاهه آهي. عجيب و غريب واقعا ۽ حادثا رونما ٿي رهيا آهن. جهان هڪ تماشه گاهه به آهي، جنهن ۾ داغ دهلويءَ جي چوڻ موجب.

اي دلِ نافهم! دنيا يه تماشه گاهه هي
جو تماشه ديکهني آيا، تماشه بن گيا هي

روزانه صبح جو اسيمبليءَ ۾ وڃي ڪن ڳڻائي اچبو آهي. پوءِ سارو ڏينهن بند ڪمري ۾ قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب ئي همنشين و همنوا ۽ هم صحبت رهن ٿا. ڇو ته بقول حافظ شيرازي:

خدارا کم نشين باخرقه پوشان
رخ از رندانِ بي سامان مپوشان
درين خرقه بس آلودگي هست
خوشا وقتِ قباي مي فروشان

هت نه آهن بي سامان رند ۽ نه آهن مستانا مي فروش، تنهنڪري پنهنجي لاءِ سڀڪجهه پاڻ آهيون. حضرت جوش مليح آبادي جي غزل جو قافيو ۽ رديف وٺي ساڳي زمين ۽ ساڳئي وزن تي غزل لکڻ شروع ڪيو اٿم. غزل جي مطلع ۽ ٻئي شعر عرض رکان ٿو:

بهار آئي، جنونِ فتنه سامان کي مبارڪ ڏيو
وڙهيا عشق و خرد، جيب و گريبان کي مبارڪ ڏيو
وري قيدِ سلاسل مان ٿيا آزاد مستانا
اچن ٿا جلد، هي دشت و بيابان کي مبارڪ ڏيو
وري ڦُلڻن منجهان اڄ خار پنهنجي پياس لاهيندا
خدارا زود تر خارِ مُغيلان کي مبارڪ ڏيو
نوازڻ ٿو اچي حسنِ خرامي سان صنم سهڻو
گلن سان گڏ وڃي اهلِ گلستان کي مبارڪ ڏيو
اجهو حاضر ٿيان ٿو ۽ سرِ تسليم خم آهي
ڪمندِ زلفِ پيچان، مشڪ افشان کي مبارڪ ڏيو

صائب ويچاري فرياد ڪيو آهي ته:

صائب! دو چيز مي شکند قدرِ شعر را
تحسين ناشناس و سکوتِ سخن شناس

اوهان به سخن شناس آهيو ۽ سخن فهم. انهيءَ ڪري پنهنجا اشعار لکي يا ٻڌائي اوهان جي سمع خراشي ٿو ڪريان. معافي         طالب الموليٰ

(3)

هالا

14 سيپٽمبر 1962ع

حبيبِ محترم و صديقِ مڪرم!

سلام مسنون- انشاءَ الله بخير و عافيت آهيو ۽ خوش و خرم هوندا. آمين

اوهان جي قربدار ۽ علمي ادبي رهاڻين جو ڪيف دماغ تي طاري آهي. بقول لطيف ڀٽائي:

اِن تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.

وارو معاملو اسان سان به هر وقت لاڳو آهي ۽ اوهان جي ياد هر لمحي دامنگير رهي ٿي.

28- آگسٽ کان هلڪو بخار شروع ٿيو ۽ 4 سيپٽمبر تي لٿو. انهيءَ کان ضعفِ جسم ۽ دردِ ڪمر بيحد پهتو. اگرچه ٻنهي حالتن ۾ ڪمي به آهي، تاهم ايتري توفيق نه آهي جو ماڻهن سان ڪمن ڪارن لاءِ ويهي سگهجي. اها تڪليف 24 ۽ 25 آگسٽ واري دادوءَ جي سخت گرميءَ کان پهتي. ڊاڪٽر جي مشوري سان 16 سيپٽمبر تي ڪوئٽا روانو ٿيندس ۽ انشاءَ الله 28 سيپٽمبر تي موٽندس. جيڪڏهن حيدرآباد ۾ هوندا ۽ ديارِ حسن و جمال (ڪراچي) نه اُسهيا ته آڪٽوبر جي 4 يا 5 تاريخ حيدرآباد ۾ اوهان جي رهاڻ مان لطف اندوز ٿبو. آخر ۾ پنهنجي هڪ فارسي غزل جو هڪ شعر به پيش ڪريان ٿو:

بدامِ زلفِ پيچان بارها آويختم رستم

که صيدِ هوشيارم طبع بي باکانه مي دارم

                                طالب الموليٰ

(4)

ڪوئٽا

19 سيپٽمبر 1962ع

تومي سوزي بعشقِ من و عن درعشقِ تو سوزم

تو  طبعِ شمع داري، من دلِ پروانه مي دارم

(طالب الموليٰ)

حبيب محترم!

سلام مسنون. هالن مان لکيل خط به اميد ته پهتو هوندو. رسول بخش ڊرائيور جي هٿان اوهان جو خط مليو. يادگيري لاءِ بيحد ممنون آهيان. افسوس اٿم جو سيد شاهه محمد شاهه کي اوهان جي ڏنل دعوت ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس.

هت بخير و عافيت پهتس. طبيعت ۾ اڃا به ضعف ۽ ڪمر جو درد موجود آهي. الحمد لله آهستي آهستي ٻيون تڪليفون گهٽجي رهيون آهن. هت سرد موسم جي ڪري طبيعت تي آب و هوا جو سٺو اثر پيو آهي. انشاءَ الله الرحمٰن 1- آڪٽوبر تي سڌو هالين پهچندس جو ماهانه سومار آهي. ان بعد جيڪڏهن اوهان اُتي هوندا ته اچي ديدار ڪبو ۽ ادبي صحبت مان لطف اندوز ٿبو. هت پرديس ۾ اوهان جي دستخط پڙهڻ لاءِ خاص طرح منتظر آهيان.

                                    دعاگو

                                طالب الموليٰ

(5)

ڪراچي

1 جنوري 1963ع

مشفقيم و محبيم جناب مير صاحب!

السلام عليڪم: منهنجي زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو نئين عيسوي سال جي اوهان کي مبارڪ لکي رهيو آهيان. ڇو ته ڏينهن ٻه ٿيندو ته اوهان جو مبارڪ نامو پهتل آهي. عيسوي سال اگرچه اسان مسلمانن جو سال نه آهي، تاهم به عيسوي زبان (انگلش) دفتري زبان هئڻ ڪري گويا ذري گهٽ اسان جي زبان بنجي وئي آهي يا بنجڻ تي آهي. اها زبان اهڙي ته اسان ۾ وچڙي وئي آهي يا اسين ان ۾ وچڙي ويا آهيون جو جيڪڏهن هڪ صدي انگريزي زبان کي انهيءَ دلچسپيءَ سان ۽ انهيءَ هلندڙ تيزيءَ سان جاري رکيو ويو ته پوءِ شايد.....!

ڪالهه هت پهتس. فون تي معلوم ٿيو ته اوهان اڃا خير سان حيدرآباد آهيو. اگرچه ٽيون ڏينهن ڪنهن صاحب ٻڌايو ته اوهان ڪراچيءَ روانا ٿي ويا. دل گهريو پئي ته ڪي چند گهڙيون اچي حاضري ڀرجي ۽ روح رهاڻ ڪجي. ڪيترن ئي ڏينهن کان اوهان سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ دل بيتاب آهي. هالين به اوهان پنهنجا قرب ۽ ڪرم ڪري آيا، پر ادبي رهاڻ جو خاص وجهه ڪونه مليو. انشاءَ الله الرحمان ته اجهو وٺبو. حقيقت ۾ آءٌ ئي ڪافي عرصو ڳوٺ کان ٻاهر رهيو آهيان. اچي رهاڻ ۽ صحبت نه ڪرڻ جي ميار به مون تي آهي. اسان عاشق ماڻهو آهيون، تنهنڪري اسان کي ئي اهي نعمتون حاصل ڪرڻيون آهن. اوهان اسان جا محبوب آهيو. اهو چوڻ ته اوهان جو ملڻ ڪونه ٿو ٿئي، سراسر غلط آهي. هيءُ هڪ ويچاري جي ڳالهه وانگر يعني هڪ شخص شاهه جي جمع تي راڳ ٻُڌڻ لاءِ پري کان پنڌ ڪري اچڻ جي سبب ٿڪجي پيو ۽ ننڊ اچي ويس. راڳ ڪونه ٻڌي سگهيو ۽ صبح جو آيو ڳوٺ. ڳوٺ وارن راڳ جي خبر پڇيس، جواب ۾ چيئين ته ”يار! رات فقيرن کي ننڊ اچي وئي، تنهنڪري راڳ ٿيو ئي ڪونه!“

ڪاشيگر کي سڏيم ۽ سندس چڱي پالش ڪيم. هن چيو ته جيڪو مال جڏهن هالن مان کنيو وڃي ته اُتي ڏسجي ته بهتر. جيڪو مال ڪسو هجي اُهو نه کڻجي ته ان جي بدران ٻيو تيار ڪري ڏجي. هي به ٻڌايائين ته ڪاشي هميشه جي دستور موجب ڀت ۾ چروليءَ سان لڳائڻ گهرجي ۽ لڳائڻ بعد معمار سيمنٽ ڪاشيءَ تي لڳائي وري اُگهي ٿو، اهو به بند ڪرائڻ گهرجي ڇو ته سيمنٽ جو ذرڙو به رهجي وڃي ٿو ته اتي ڳوڙهي رهجي ٿي وڃي. انشاءَ الله بخير عافيت آهيو.

                                خيرانديش

                                   طالب الموليٰ

(6)

راولپنڊي

محرم الحرام 1383هه

25- مئي 1963ع ڇنڇر

حبيب مڪرم!

قتلِ حسين اصل مين مرگِ يزيد هي

اسلام زنده هوتا هي هر کربلا کي بعد

اڄ اسان جو نئون اسلامي سال شروع ٿيو آهي. اهوئي اُهو مهينو آهي جنهن مهيني جي ڏهين تاريخ تي اسلام جي وڻ ۾ ميوو پچي تيار ٿيو. حقيقت ۾ هئڻ هينئن گهرجي ته روزِ عاشوره حضرت امام حسين سيد الشهداءَ جي برسي اهڙيءَ طرح ملهائي وڃي جو دنيا جون اکيون کلي وڃن ۽ حق پرستي اهڙيءَ طرح ملهائي وڃي جو سرفروشيءَ جو سبق هزارين ماڻهو حاصل ڪن. هي اهو مردِ ڪامل هو، جنهن لاءِ ميرزا دبير فرمايو آهي ته:

الله ني جب پيدا کيا رنج و بلا کو
تقسيم هوئي سب وهي خاصانِ خدا کو
اور سب سي سوا حصه ملا آلِ عبا کو
تحرير کا فرمان هوا کلکِ قضا کو
آغاز مصيبت تو لکهه نامِ نبي پر
اور خاتمه باالخير حسين ابن علي پر

يعني جنهن چيز کي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم شروع ڪري ڪمال تي پهچايو، ان کي سندس ڏوهٽي پنهنجي ۽ پنهنجن مڙني ڀاتين ۽ ساٿين سميت پنهنجو خون ڏئي پخته تر ڪري ڇڏيو. وري هڪ ٻئي هنڌ ميرزا صاحب انهيءَ جري جوان جي تعريف هن طرح ڪئي آهي:

کس شير کي آمد هي که رن کانپ رها هي
رن ايک طرف، چرخِ کهن کانپ رها هي
رستم کا جگر زيرِ کفن کانپ رها هي
خود عرشِ خداوندِ زمن کانپ رها هي
شمشير بکف ديکه کي حيدر کي پسر کو
جبريل لزرتا هي سميٽي هوئي پر کو

چنانچه اهڙي متبرڪ مهيني سان اسان جو نئون سال شروع ٿئي ٿو. آءٌ پنهنجي طرفان اوهان کي نئين سال جي نيڪ تمنائن جو تحفو پيش ڪريان ٿو.

                                طالب الموليٰ

(7)

مري

11- جون 1963ع

حبيبِ مڪرم!

سلامِ محبت! آءٌ جيئن 8- جون تي هالن کان هت پهتس ته اوهان جو خط اڳ آيل مليو. پڙهي بيحد مسرت حاصل ڪيم. اميد اٿم ته هت دور دراز هنڌ تي گاهي ماهي ياد ڪندا ته ممنون رهندس. ڪنهن شاعر جي هڪ شعر جو هي مصرع عوام اڪثر ورجائيندو آهي ته ”زمانا يا تو نه سازد، تو با زمانه بساز“. علامه اقبال انهي مصرع ۾ هن طرح اصلاح ڪيو آهي:

زمانه يا تو نه سازد، تو با زمانه سيز

سو درحقيقت آهيون اسين به اقبال واري موڊ ۾، تنهنڪري انهيءَ حالت ۾ اوهان جو محبت ڀريو خط باهه تي اچيو ڇنڊو هڻي.

اصل ڪافرستان ته هتان ڪافي دور آهي، مگر اسان لاءِ ته پنجاب به ڪافرستان آهي. هتي جا بُت آذر جي صنعت کي به شهه ڏيو بيٺا آهن. ڀلا ڪٿي ماڻهوءَ جا ٺاهيل پٿر جا بُت ۽ ڪٿي خدا جا ٺاهيل جيئرا جاڳندا ۽ هلندا گهمندا بُت! مريءَ جي شام هوشربا شام آهي. هڪ سياه پوش ڪافر کي ڏسي هڪ نظم لکڻ شروع ڪيو اٿم. مڪمل ڪرڻ بعد انشاءَ الله روبرو عرض ڪندس. اوهان آهيو ادب نواز ۽ سخن فهم ۽ شاعري ڪرڻ جو هڪ مقصد هي به آهي ته اهلِ ذوق کي ڪلام ٻڌائي صحيح داد وٺجي. سو روڙها رنڊيو اچيو اوهان جي آڏو رکون.

غم و اندوه جي شدت اڃا تائين اها آهي
درازيِ شبِ فرقت اڃا تائين اها آهي
دلِ مجروح جي حالت اڃا تائين اها آهي
منجهس برداشت جي طاقت اڃا تائين اها آهي.

                                خيرانديش

                                  طالب الموليٰ

(8)

ڪوهه مري

9-8-1963ع

حبيبِ مڪرم و صديق محترم

سلام محبت قبول پون.

3 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ صرف اوهان جو انتظار ئي حاصل ٿيو ۽ هي شعر ياد رهيو:

انتظار ان کا عبث اي دلِ مشتاق نه کر

وه کسي اور کي مهمان بني بيٺهي هين

بهرحال محبوبن جون اهي ئي ته رمزون موهينديون آهن نه! بقول غالب:

هم هين مشتاق اور وه بيزار

يا الٰهي يه ماجرا کيا هي

اوهان جي مرضي.

                                خيرانديش

                                   طالب الموليٰ

(9)

هالا

30- آگسٽ 1964ع

مشفقم و محترم جناب مير صاحب

السلام عليڪم: اميد آهي ته بخير و عافيت آهيو. هن طرف به بحمد لله هر طرح خير و عافيت آهي. اوهان وعدي موجب (27 آگسٽ خميس) نڪو حيدرآباد آيا ۽ نه وري اچڻ ۽ ڪڏهن اچڻ جو اطلاع مليو.

انتظار ان کا عبث اي دلِ مشتاق نه کر

وه کسي اور کي مهمان بني بيٺهي هين

پر اسين انتظار نه ڪرڻ وارن مان نه آهيون ۽ انتظار هميشه رهندو.

جو مزه انتظار مين آيا، نه کبهي وصل يار مين آيا

المطلب ته 5 سيپٽمبر شام جو انشاءَ الله عمره ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿيندس. 15 سيپٽمبر يا ڏينهن ٻه اڳ پوءِ موٽي هت پهچندس. اڄ کان وٺي (2 سيپٽمبر کان سواءِ) جمعيت الشعراءَ سنڌ جي ميٽنگ ۽ محفل مشاعره لاءِ حيدرآباد هوندس. ڪمن سارو صرف هالا ۾ ڪونه هوندس. اوهان به شايد ويجهڙائيءَ ۾ حيدرآباد نه اچو، تنهنڪري مناسب ٿيندو ته موٽي اچڻ بعد ملجي. فيصلا ڪرڻا آهن، مشورا وٺڻا آهن ۽ مددون وٺڻيون ۽ ڏيڻيون آهن. سڀ وقت اندر ٿيڻ گهرجي.

                                طالب الموليٰ

(10)

هالا

20- آڪٽوبر 1964ع

حبيبِ محترم و صديق مڪرم

آداب و سلام: مسٽر غلام محمد سان به مليو آهيان ۽ سندس حريف سان- سندس حريف يعني قاضي عبدالرحمٰن. جيئن رات ٻڌايو هئم ته نه اوهان ٻڌايو ته غلام محمد هالن مان بيهندو ۽ نه وري آخر تائين غلام محمد ٿي آيو. مون جيئن رات ٻڌايو هو ته مون کي اهوئي خيال هو ته غلام محمد پنهنجي ڳوٺ واري تڪ مان بيهي ٿو، تنهنڪري اسان قاضي مذڪوره جي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مسئلو مشڪل پيو ڏسجي. اهو اوهان جو قرب ٿيندو جو مسٽر غلام محمد کي وهاري ڇڏيو. آءٌ به صبح جو ساڻس ڳالهايان ٿو. مگر اندازو هي اٿم ته اوهان جي حڪم جي ئي کيس ضرورت آهي.

مير صاحبن سان مليس ۽ سندن بابت به صلاح و مشورو ڪيو ويو. اميد ته چڱي ٿيندي. مگر هيترو ضرور آهي ته  ميرصاحبن کان انتهائي دير ٿي آهي. تاهم به جي سخت محنت ۽ همت ڪيائون ته پوءِ ڪاڪا محمد جي اندازي موجب ڪم وڃي چڱو ٿيندو. جيڪڏهن ٻي ڌُر ڪم جي اندر اچي نڪتي ته پوءِ زياده سولائي ٿيندي. مگر هيترو به ٻڌائڻ مناسب سمجهان ٿو ته ڪاميابي ٿئي نه ٿئي، ٻي ڌُر جا ستايل مير صاحبن ڏي هليا آيا ته پوءِ ڪافي فرق پوندو.

                                محمد زمان

(11)

هالا

غره شوال 1384هه

4- فيبروري 1965ع

حبيبِ مڪرم

السلام عليڪم: اڄ عيد جو ڏينهن آهي. عيد جون تمام گهڻيون مبارڪون قبول ڪندا.

اپني خوشي مين ميري بهي غم کو نباه دو

اتنا هنسو که آنکهون سي آنسو نکل پڙين

                                طالب الموليٰ

(12)

هالا

22- فيبروري 1966ع

حبيب محترم جناب مير صاحب

السلام عليڪم: اوهان جو قربن ڀريو خط پڙهي بيحد مسرت حاصل ڪيم. جيڪڏهن صرف عيد مبارڪ جو ئي شڪريو ادا ڪيل هجي ها ته ضرور فڪرمند ٿيان ها، پر جيئن ته مٺڙا مٺڙا ڏوراپا به خط ۾ لکيل آهن، تنهنڪري نهايت بشاش آهيان. ڇو ته محبت کان سواءِ ڏوراپا ڏبا ئي ڪونه آهن. آخر ۾ خواجه حافظ شيرازي جي شعر ۾ ٿورڙي ترميم ڪري عرض رکان ٿو:

چه خوش گفتي و خورسندم عفاک الله نکو گفتي

جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شکر خارا

ريڊيو تان منهنجي غزل جا چند شعر ٻڌي پسند ڪيا اٿو. ان لاءِ انتهائي خوشي ٿي اٿم. دعاگو آهيان ۽ دعائن جو طلبگار آهيان.                 طالب الموليٰ

(13)

ڪلڪته

24- اپريل 1962ع

           سڄڻ سائين!

وه اگر مجهکو کرين ياد تو بهولين کس کو

مين اگر بهلاؤن تو کسي ياد کرون

نه ڪڏهن وسريا آهيو ۽ نه ڪڏهن وسري سگهو ٿا. ڀلا هجو وسارڻ جهڙا ته وسرو. پنهنجو پاڻ پاڻهي ٿا ياد ڏياريو. الله پاڪ شال سلامت رکندو، آمين.   طالب الموليٰ

(14)

لاهور

17- جون 1962ع

حبيبِ محترم

سلام مسنون! ڪنهن شاعر جي لکڻ موجب ته

نگاهين درپه لگي هين اداس بيٺهي هين

کسي کي آني کي هم لي کي آس بيٺهي هين

سو اسان پنڊيءَ ۾ اوهان جو ڏاڍو انتظار ڪيو. خبر تڏهن پئي جو سرڪار وڃي حيدرآباد پهتي. اوهين اسان جا محبوب دوست آهيو نه، سو محبوب وڃڻ تي ايندا آهن ته ٻڌائيندا ئي ڪونه. بهرحال جنهن زندگيءَ ۾ ڪنهن جو انتظار نه آهي، ڪم از ڪم آءٌ انهيءَ زندگيءَ کي زندگي ڪونه چوندو آهيان. ويچاري شاعر چيو آهي ته:

جو مزه انتظار مين آيا

نه کبهي وصلِ يار مين آيا

انشاءَ الله باخيريت پهتا هوندا ۽ باخيريت آهيو. اسين به الحمد لله خيريت سان آهيون. هت سنگت ۾ نه آهي ڪو اديب ۽ شاعر يا سخن فهم ۽ نه آهي ڪو موسيقي پسند ۽ موسيقار. اچو ها ته رهاڻ ڪري دل ٺاريون ها. هاڻي ته بند ڪمري ۾ پنهنجي پاڻ سان موسيقاري به آهي ته شاعري به. ڀانيان ته گهڙي کن لاءِ اوهان کي عشقيه دنيا ۾ وٺي هلان يعني پنهنجي شاعريءَ سان اوهان کي روشناس ڪرايان. خط جي آخري صفحي تي غزل جا چند شعر لکان ٿو ۽ پنڊيءَ ۾ خط جي جواب جو انتظار ڪندس.

هت ڪالهه شام جو 8 بجي آيس. اڄ شام يا صبحاڻي پنڊي ويندس. هت ڪجهه وزارت بابت ڪم ۽ ٻيو ادبي بورڊ جو ڪم آهي. مير رسول بخش خان ۽ ٻين صاحبن کي سلام ڏيندا، جن سان اوهان جي ڪري روشناسي آهي.

                                مشتاقِ ديد

                                   طالب الموليٰ

غزل

اسين مڪينِ سرِ رهگذارِ يار آهيون
اسين فدائي نگاهِ شرار بار آهيون
رهياسون زلفِ گره گير جا سدا قيدي
اهوئي آهي سبب جنهن کان مشڪبار آهيون
شرابِ لعل جي هرگز نه آڇ ڪر ساقي
اسين لبِ مئي گلگون جا باده خوار آهيون
جي دست بوسي عطا ٿي ته پو زهِ قسمت
اسين ته پير چُمڻ لئه به بيقرار آهيون
جبين جهڪائي سون، اهلِ ڪمال جي در تي
ٻين جي آڏو ته با عزو باوقار آهيون
اسان جو عشق هميشه کان آهي غيرتمند
اسين به مملڪتِ دل جا شهريار آهيون
اوهين به حُسن جي ڪشور جا بادشاهه آهيو
اسين به ملڪِ محبت جا تاجدار آهيون
اوهان جي ڌار ڪيو دلربا ته ڇا ٿي پيو
اوهان جي درد سان هر وقت همڪنار آهيون
اسان کي دل سان گهري جيڪو ان جا آهيون غلام
مگر سدا سرِ دشمن تي ذوالفقار آهيون
اسان جي لاءِ بس آهي سڪونِ ڪُويء حبيب
اسين نه طالبِ گلزار و مرغزار آهيون
اسين ته برابر غيرن جي دل جو آهيون داغ
۽ پاڻ طالبِ مولا نه داغدار آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com