سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :4

محقق ٿيڻ سولو نه آهي. تحقيق لاءِ نه فقط اهرمن جو آنڊو چيرڻو ٿو پوي پر يزدان جي گُجيءَ ۾ به ليئو پائڻو پوي ٿو.

- سنڌ ۾ هر ڳورپٽ محقق آهي،
- هر مساڻ جو چٻرو محقق آهي،
- هر ڪفن چور محقق آهي.

شايد محقق لفظ حقي مان نڪتو آهي، ڇو ته محقق ۾ به بڙ بڙ گهڻي هوندي آهي، ۽ پرائي ٽانڊي تي ٽيڳرجي دونهان ڪڍندو آهي.“

ڊاڪٽر جوڻيجي، شيخ صاحب جي هن راءِ تي، پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ صفحي 115 تي تنقيد ڪئي آهي. هوُ لکي ٿو ته:

”هن ڌنڌي (تحقيق) ۾ ڪي ڳورپٽ هوندا. سنڌ کان ٻاهر به هوندا. منهنجي خيال ۾ اياز کي ڪن نقادن کان شڪايت رهي. انساني ڪمزوريءَ ڪري هن سخت لفظ لکيا.“

سندس طبع ۾ جا شگفتگي هئي اها منفرد آهي.“

12 - (الف) پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته خود شيخ صاحب جا، سندس شاعريءَ جي پهرئين دور جا غزل به ته فارسي زده هئا، ۽ موضوع به فارسي شاعرن وارا ڪم آندا اٿس، جيڪي حوالي طور، هن ڪتاب ۾ صفحي 69 کان 74 تائين، فخر وچان ڏنا ويا آهن. اُنهن ۾ به گل ۽ بلبل، شراب ۽ مئه خاني ۽ شمع ۽ پرواني کان سواءِ، رومانيت جا ڪئين مثال ملن ٿا: مثال طور، صفحي 67 تي فرمايل آهي:

اَي اسيرانِ شب ٻڌو مون کان
ڪنهن جي زلفن جو داستان هان مان،
دامنِ تر تي وڃ نه اي واعظ
چشم فطرت جو رازدان هان مان.

صفحي 69 تي ڏنل هي ٻه مثال، ملاحظه ڪريو:

قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،
ڪري ويو ڪير بارشِ مَئه، خمار آلود ٿيا زمانا.

اهڙيءَ طرح صفحي 69 تي ڏنل ٻيو مثال ڏسو:

ڏٺم آسمان و زمين، تون ڪٿي آنهه؟
ڪٿي آنهه منهنجا پرين، تون ڪٿي آنهه؟

(ب) محقق صاحبان، وڏي فخر وچان لکن ٿا ته گل ۽ بلبل، مئه خانو ۽ شمع پرواني جو ذڪر اياز هن ريت ڪيو آهي (ص 69 ۽ ص 70):

اي سراپا شباب ويجهو آءُ،
مثلِ شعر و شباب ويجهو آءُ،
ڪيترو وقت آ خدا معلوم،
هي جهانِ خراب ويجهو آءُ.
مرمرين جسم، احمرين اکڙيون،
هاءِ تنهنجو شباب، ويجهو آءُ.
شبنم آلود لب کڻي مون وٽ
مثلِ برگِ گلاب، ويجهو آءُ.
سينئه ساز تي هڻي مضراب،
روحِ چنگ و رباب، ويجهو آ.

پابجولان آ رخشِ عمرِ روان،
تون به ٿي هم رڪاب، ويجهو آءُ.
ياد آيو اياز کي هو جسم،
اي شبِ ماهتاب ويجهو آءُ.

(ت) شيخ صاحب جي غزلن جي انهن ٿورن مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته سندس بيان ۽ تنقيد ۾ ڪيترو نه تضاد آهي؟ حقيقت هيءَ آهي ته شيخ صاحب تي جن جن نقادن تنقيد ڪئي هئي سي ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جا دوست ۽ احباب هئا، انهيءَ ڪري ئي سندس تنقيد جا نشان به اُهي ئي شاعر هئا، جيڪي ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جا دوست ۽ احباب هئا، پر حقيقت هيءَ آهي ته هن پاڻ سانگي، گدا شاهه ۽ فاضل شاهه جي تقليد ڪئي آهي، ۽ سانگيءَ جي تقليد لاءِ پاڻ پڏايو به اٿس.

(ث) هن ئي ڪتاب ۾، صفحي 75 تي، ارجن ’شاد‘ جي حوالي سان محققن لکيو آهي ته:

”اياز نج سنڌي تلفظ، لب ۽ لهجي ۾ پنهنجو غزل پيش ڪندو ٿو اچي. ايتري قدر جو هن کي سنڌ ۾ شاهه لطيف کان پوءِ هڪ نئين شاعريءَ جو باني ڪري تسليم ڪيو ويو آهي. اياز دوهي ۽ غزل کي نئين جان عطا ڪئي آهي، بلڪه سندس هٿن ۾ اهي ٻئي صنفون ائين پيون لڳن، ڄڻ يڪ وجود آهن......

شيخ اياز جي شروعاتي غزلن ۾ پارسي ترڪيبن جو اثر نمايان آهي، پر جلدئي هن پنهنجي غزل جو رنگ مٽائي ڇڏيو ۽ حقيقت ۾ اُن ۾ هڪ قسم جو نئون انقلاب آڻي ڇڏيائين، ايتري قدر جو هن پارسي بحر وزن جي استعمال کي به گهٽائي ڇڏيو ۽ غزل ماترائن جي حساب موجب لکي ٿو:“

شيخ اياز بيشڪ دوهي، غزل ۽ وائيءَ کي نئين جان ڏني، پر ارجن ’شاد‘ صاحب جي اها دعوا هرگز قبول ڪري نٿي سگهجي ته لطيف کان پوءِ اياز ئي هڪ اهڙو شاعر پيدا ٿيو، جنهن کي نئين شاعريءَ جو باني تسليم ڪيو وڃي.

(ج) مون کي ارجن شاد صاحب جي هن راءِ تي به حيراني آهي ته ”شيخ اياز، غزل ماترائن جي حساب موجب لکي ٿو“. جيڪا صنف ماترائن جي وزن تي لکجي تنهن کي غزل ڪيئن چئبو؟ جيڪڏهن ماترائن جي وزن واريءَ صنف کي غزل چئبو ته پوءِ تنقيدي ادب جا اصول بدلائڻا پوندا. اهڙا اصول نه ڊاڪٽر الله داد ٻوهيي پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيا آهن ۽ نه ئي وري گرامي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙي دعوا ڪئي. هن دعوا جي دليل لاءِ محققن پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 76 تي غزل جو هڪ مثال ڏنو آهي ۽ لکيو اٿن ته:

”جيئن ته شيخ اياز غزل جو سڄو سنڌي ٺاٺ ڏيڻ چاهي ٿو، انڪري اُن مان اِهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته هن شعوري طور سنڌيءَ جي ڪافي، وائي ۽ ڏوهيڙي جي گهاٽ جو نمونو اختيار ڪيو آهي.“

مثال طور، پنهنجي  هن دعوا جي دليل لاءِ جيڪو مثال ڏنو اٿن، اُهو هر لحاظ کان غزل نه آهي، جيئن ملاحظ ڪريو:

پويون پهر، جدائي جاڳ
اُڀ ۾ چندرما جي آڳ
آس اَسوُنهان، رڻ ۾ رات
گهايل گهوڙا، بيوس واڳ

پهتا نيٺ ڪلالن ڪُوءِ

ڀٽڪي ڀٽڪي مُنهنجا ڀاڳ

ولهه ۾ وينا ڇيڙ، اياز
ڀنڀٽ بڻبا تنهنجا راڳ

هاڻ نقاد فيصلو ڪن، ته هن مثال کي غزل ڪيئن چئبو؟ هيءُ گهاڙيٽو غزل جو هرگز نه آهي. غزل واريءَ صنف لاءِ نقادن ڪي اصول مقرر ڪيا آهن. سنڌي غزل جي مضمون ۾ ته سنڌ جي اُستاد شاعرن تبديلي آندي، پر غزل جي گهاڙيٽي ۾ هنن به ڪا ڦير ڦار ڪانه ڪئي. لهاذا مٿيون مثال، غزل هرگز قبول نه ڪبو، چاهي اسان جا ڊاڪٽر صاحبان ڇا به چون. هوُ ته شيخ صاحب جا وڪيل بڻيل آهن. اُهي پنهنجي مؤڪل جي غلط دعوا کي صحيح چوڻ جي اجائي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

(ج) محققن هروڀرو اياز کي پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اياز کي سنڌي ادب ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور صفحي 76 تي لکن ٿا:

”اياز پارسي علامتن لاءِ پنهنجا سنڌي لفظ چونڊيا آهن، ۽ اُن ريت تغزل جي مفهوم ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو اٿس. هو غزل ۾ ساقيءَ جي بجاءِ ’ڪلال‘ لفظ ڪتب آڻي ٿو.“

پر اسان جا پروفيسر صحابان پنهنجيءَ راءِ تان ڦري وڃن ٿا ۽ لکن ٿا ته:

”اهو نمونو پهريائين اسان کي سچل سرمست جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر اياز اُن جو وسيع پيماني تي استعمال ڪيو آهي،“

جيڪڏهن ائين آهي ۽ سچل ڪلال لفظ جو استعمال شيخ اياز کان اڳ ڪيو هو ته پوءِ اياز کي انقلاب آڻيندڙ شاعر ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ منهنجي انهن دوستن کي گذارش آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ جا اڃا به پويان پير کڻو، ۽ لطيف جو مطالعو ڪريو، يا انب گوپانگ صاحب جا لطيف وارا درس پڙهو ۽ ٻڌو. لطيف جي رسالي ۾ کين ’ڪلال‘ وارو لفظ موکي ۽ متارا واري سر ۾ ڪئين دفعا ڪم آندل نظر ايندو. اهڙا ٻيا به ڪيترائي تز سنڌي لفظ، شاهه لطيف رسالي ۾ ڪم آندل آهن. اياز ته لطيف جي تقليد ڪئي آهي، انهيءَ ڪري اياز کي انقلاب آڻيندڙ شاعر سڏڻ بدران، اهي ۽ اهڙيون ٻيون صفتون لطيف سائينءَ ۽ سچل سرمست جي نالن اڳيان ڪم آڻجن، ته چئبو ته هن تنقيدي ۽ تحقيقي ڪتاب ۾ هو (نقاد) ڌُر نه بڻيا آهن. محقق صاحبن، هن ڪتاب جي صفحي 71 تي شيخ صاحب جي مجموعي ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ جي حوالي سان لکيو آهي ته:

”اياز جي مجموعي ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۾ سندس غزل جا رنگ ئي اور آهن. سياست، ادب، جنگ جي باري ۾ رمارڪ ۽ رايا به ڏنا اٿس. مثلاً:

”ناگاساڪي ڪافي ناهه،
سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان.“

(خ) شيخ صاحب جتي پنهنجن متقدمين شاعرن کي تسليم نٿو ڪري، اُتي احمد چاڳلا، نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ، شيخ عبدالستار، سرائي اُميد عليءَ، خانچند درياڻيءَ، آسانند مامتورا، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، لالچند امر ڏني مل ۽ پرمانند ميوارام جهڙن برک ناول نويسن، ناٽڪ نويسن ۽ مضمون نگارن کي به ڪا اهميت نٿو ڏي. انهن سڀني عالمن ۽ فاضلن لاءِ شيخ صاحب جي جيڪا سوچ آهي، اُن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ نقادن طرفان پنهنجي ايماندارانه راءِ ڏيڻ کپندي هئي.

شيخ صاحب جتي سنڌي زبان جي پنهنجن متقدمين ۽ همعصر اديبن ۽ شاعرن کي، پنهنجي ڀيٽ ۾ تُڇ سمجهيو آهي، اُتي هن پشتو زبان جي وڏي ۽ قوم پرست شاعر خوشحال خان خٽڪ کي به بخشيو نه آهي. مثال طور هن ڪتاب جي صفحي 134 تي، شيخ صاحب جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته:

”ٽانگي وارو پٺاڻ هو. مون هن کان پڇيو ته شاعر خوشحال خان خٽڪ جو نالو ٻڌو اٿئِي؟ ته وائڙو ٿي ويو ۽ مون کان پڇيائين ته ڪٿي رهندو آهي؟ مون کي تعجب آيو ته تعليم يافته پٺاڻ چوندا آهن ته خوشحال خان خٽڪ اسان جو قومي شاعر آهي، پر هڪ عام پٺاڻ کي جو مالاڪنڊ جو رهاڪو آهي، اُن جي نالي جي به خبر نه آهي! اُن جو سبب اهو آهي ته خوشحال خان جي شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي نه آهي، جا هن کي عوام ۾ مقبول ڪري سگهي.“ اُن لحاظ کان اسان جي سنڌڙيءَ جي سائينءَ لطيف جو مثال پاڪستان ڀر ۾ نه آهي. سنڌ ۾ ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن لطيف سائينءَ جو نانءُ نه ٻڌو آهي.“

اياز صاحب جي حوالي سان اڳتي لکيل آهي ته:

”مون پشتو اڪيڊميءَ جو شايع ڪيل خوشحال خان جو ڪلام پڙهيو آهي، ۽ معنوي ۽ غنائي لحاظ کان هن جي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ايترو فرق آهي، جيترو هڪ اڻ گهڙيل پٿر ۽ گوتم ٻڌ جي خوبصورت مجسمي ۾.“

پڙهندڙن جي لاءِ اطلاع عرض آهي ته مون نه صرف سرحد صوبي جو ڳچ حصو ڏٺو آهي، پر هزاره وارو حصو به گهميو آهيان. دراصل خوشحال خان کي گمنام رکڻ ۾ سرحد صوبي جي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو به هٿ آهي. درسي ڪتابن ۾ ههڙي عظيم شاعر تي غدار ۽ ملڪ دشمن جهڙا الزام هڻي، هن کي پري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته خوشحال خان مغل شهنشاهه اورنگزيب خلاف جنگيون ڪيون هيون. خود شيخ صاحب به منهنجي هن دليل تي اڳ لکيو هو. شيخ جي حوالي سان، هن ڪتاب جي صفحي 135 تي ڄاڻايل آهي ته:

”هن جي ڪلام ۾ جيڪو اُن سنگدل بادشاهه اورنگزيب لاءِ نفرت جو شديد اظهار آهي، سو واقعي قابلِ داد آهي.“

دراصل اهوئي سبب آهي جو خوشحال خان جو ڪلام اڄ ڏينهن تائين سرحد صوبي جي ڪئريڪيولم بورڊ طرفان، نصاب ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي. مون کي ذاتي طور معلوم آهي ته سرحد صوبي جو هر پشتو ڳالهائيندڙ، خوشحال خان کي پنهنجو قومي شاعر مڃي ٿو. ٽانگي وارو، جنهن جو شيخ صاحب ذڪر ڪيو آهي، اُهو ڇاڇي پٺاڻ هوندو، جن جي مادري زبان پشتو نه، پر تنؤلي/ڇاڇي آهي. ٽئڪسيلا ۾ مالاڪنڊ جو پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻ ٽانگو هلائيندو هجي، اهو ممڪن ئي نه آهي.

(د) مون هن کان اڳ اهو عرض ڪيو آهي ته شيخ صاحب، پاڻ پڏائيندي، پنهنجن متقدمين توڙي همعصر شاعرن ۽ اديبن لاءِ سٺا لفظ ڪم نه آندا آهن. هن پاڻ کي نثر توڙي نظم ۾، دنيا جو هڪ اعليٰ شاعر سمجهيو آهي، ايتريقدر جو هن شاهه لطيف جهڙي سنڌ جي سداحيات شاعر ۽ مفڪر کي به شروع ۾ پاڻ کان گهٽ سمجهيو. انهيءَ سلسلي ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾، صفحي 18 تي، پيش لفظ ۾، شيخ صاحب جي ڪتاب ’چنڊ ڳليون‘ جي مهاڳ جي صفحي 9 جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته:

”اياز جي تخليقن تي معيار جي لحاظ کان تحقيق جي شروعات ڪرڻ کپي. اياز هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي لکيو آهي ته: ’مون ايترا بيت ۽ سلوڪ لکيا آهن، جو شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا سڀئِي بيت ۽ سلوڪ ڪٺا ڪندؤ، تڏهن به تعداد منهنجي بيتن جو انهن سڀني جيترو هوندو.“

ڊاڪٽر جوڻيجو اڳتي لکي ٿو ته:

”هوڏانهن سنڌ جي باري ۾ ’سانجهي سمنڊ سپون‘ جي مهاڳ ۾ لکيائين: ڀٽائيءَ جي ساري رسالي ۾ فقط هڪ سٽ سنڌ جي باري ۾ آهي: ’سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.“

جوڻيجو صاحب، شيخ صاحب سان اختلاف جو اظهار ڪندي، پيش لفظ جي صفحي 18 تي لکي ٿو ته:

”شاهه صاحب جي عظمت نه اکرن ۾ اَڙيل آهي ۽ نه سٽن ۾ ڳڻبي، پر هيءَ رڪارڊ جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ هڪ سٽ سان گڏ، شاهه جي رسالي ۾، سنڌ لاءِ ٻيون به سٽون آيل آهن. مثال طور، سُربلاول ۾:

سنڌ، سورت هند هاڻ، جهڙس ڪونه جهان ۾.

        ۽ رامڪليءَ جي هڪ وائي:

نه سري نه سنڌ ڪا، نڪا هند ههڙي.“

جوڻيجو صاحب اڳتي صفحي 23 تي لکي ٿو:

”شيخ اياز هڪ وڏو شاعر آهي. معيار جي پرک ڪرڻ کپي، نه بيتن ۽ سٽن جي ڪري ڪا ڳڻپ ڪمائتي ٿيندي.“

انهيءَ ساڳئي موضوع تي، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي اديب ۽ شاعر، قمر شهباز، سهڻي رسالي جي اياز نمبر 2 ۾ صفحي 13 تي لکيو آهي ته:

”اياز تي شاعري ائين وسندي آهي، جيئن سانوڻ جي برسات ٿر مٿان اوهيرا ڪري برسي. ستن ڏينهن اندر شاهه جي رسالي کان ٻيڻو ڪلام چوڻ وارو اياز، پنهنجي تخليق جي ڪابه تحسين (credit) وٺڻ لاءِ هرگز تيار ناهي. چوي ٿو ته: مون کي فقط ايتري ڄاڻ آهي ته مون کي هر روز اڌ رات جو ننڊ مان ڪوئي جاڳائي ڇڏيندو آهي، ۽ مان قلم کڻي لکڻ ويهندو آهيان، ۽ پرهه ڦُٽيءَ تائين لکندو آهيان. هڪ سٽ لکڻ کان اڳ ئي ٻي سٽ لکجڻ لاءِ بيتاب ملندي اٿم.“

قمر شهباز صاحب جي انهيءَ راءِ تي آءٌ ڪجهه به نٿو چوان، پڙهندڙ پاڻ سوچين.

13 - (الف) گرامي صاحب واري ڪتاب جي مهاڳ ۾ مون صفحي 32 تي، گرامي صاحب جي اُن نقطي تي لکيو آهي، جنهن ۾ گرامي صاحب اها ڳالهه واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي ڀيٽ جو ذڪر ڪيو آهي. گرامي صاحب جو حوالو ڏيندي، مذڪور ڪتاب جي مهاڳ ۾ صفحي 32 تي ڄاڻايل آهي ته:

”اياز متعلق اها به غلط فهمي پيدا ڪئي وئي آهي ته هو لطيف ثاني هجڻ جو مدعي آهي. ان سلسلي ۾ اياز جو ترديدي خط به شايع ٿيو آهي. اُن سان گڏ لطيف کي مخاطب ٿي جي اياز بيت چيا آهن، اُنهن کي به نظرانداز ڪرڻ نه جڳائي. لطيف کان ڪيترو متاثر ٿيو آهي، اُن لاءِ اياز لکي ٿو:

”وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:

سرتيون جي مون وِسَهو، ننڊ نه هيريو نيڻ

اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساري روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي جنهن ۾ منهنجو هنئون جهولي رهيو آهي، ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي، اُن ۾ ڪهڙو معنيٰ ڀريو ميٺاج.“

(ب) گرامي صاحب پنهنجي هن مقالي ۾ اياز جي خط جو متن به ڏنو آهي، جيڪو ماهوار نئين زندگيءَ جي مئي 1963ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو. اهو خط ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ جي مهاڳ واري حصي ۾ صفحي 32 تي ڇپيل آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب اهو اعتراف ڪيو آهي ته:

        ”مون دنيا جي گهڻن ئي عظيم شاعرن جو مطالعو ڪيو آهي، پر مون تي ڪنهن به شاعر جو ايترو گهرو اثر نه پيو آهي، جيترو شاهه لطيف جو. مان هن کي پنهنجي دور جي عظيم شخصيت سمجهندو آهيان ۽ منهنجو هن جي ڪلام سان ايترو ته والهانه لڳاءُ آهي، جو مون راتين جون راتيون جاڳي، هن جي پوري رسالي جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“

ان کان پوءِ شيخ صاحب، شاهه سائينءَ متعلق پنهنجا چيل بيت ڄاڻايا آهن، اُنهن مان فقط ٻه هت پيش ڪريان ٿو:

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙيئي بيت، تو وٽ آهن آيتون.

-

ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه - ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي.

حيرانيءَ جي ڳالهه آهي ته 1963ع ۾ شيخ اياز، لطيف سائينءَ لاءِ اهڙا انتهائي عقيدت سان ڀريل بيت چيا آهن، پر 1990ع ۾، ”پرک“ رسالي کي، جنوري جي مهيني ۾، انٽرويو ڏيندي، پاڻ شاهه لطيف کان به وڏي شاعر هجڻ جي دعوا ڪئي اٿس. هيٺ مذڪور انٽرويو مان اهو حصو هوبهو نقل ڪري ڏجي ٿو: مثلاً:

سوال: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۽ اوهان جي شاعريءَ ۾ ڪهڙو بنيادي فرق آهي؟

اياز: ڀٽائي مون کان اڍائي سو سال اڳ ۾ پيدا ٿيو هو، (کلندي) بس فرق اهوئي آهي. بنيادي فرق اهو آهي ته هُن ڇڙو بيت ۽ وائي لکي ۽ مون هر قسم جي صنف تي لکيو آهي. مون پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿي لکيو آهي، هُن پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿي لکيو آهي. مون ته اهڙو شعر به لکيو آهي ته ’آءٌ ڀٽائي ناهيان‘ جيڪو منهنجي تازي ڪتاب ’جهڙ نيڻان نه لهي‘ ۾ آيل آهي. هُن جي پنهنجي ڳالهه هئي، منهنجي پنهنجي ڳالهه آهي. هُن جي شاعري پنهنجي دور جي آئينه دار هئي، منهنجي پنهنجي دور جي آهي. هن جا ڪي بنيادي سچ هئا: ممڪن آهي ته هن جا ڪيترائي بنيادي سچ، منهنجي شاعريءَ ۾ به هجن. منهنجي پنهنجي به سمجهه آهي، ۽ ڪيترا منهنجا به بنيادي سچ آهن. اها ته اجائي ڳالهه آهي ته ٽي. ايس. ايليئٽ کان پڇجي ته تو ۾ ۽ شيڪسپيئر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

سوال: تخليقي عمل وقت اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟

اياز: شاعري مون تي الهام وانگر ايندي آهي. مان جڏهن توکي ٻڌايو ته ٽن مهينن ۾ مون ايترو لکيو آهي جيترو ڀٽائيءَ اڌ زندگيءَ ۾ لکيو هو، اهو به بيماريءَ جي حالت ۾، بستري تي سمهي ڪري، ۽ رات جو ٻين کان ڇهين بجي صبح تائين. اها اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جنهن کي ماڻهو جنون سان ڀيٽ ڪري سگهي ٿو.

”پرک“ رسالي ۾ ڏنل انٽرويو جي انهن جوابن پڙهڻ کان پوءِ آءٌ ته هن نتيجي تي پهتو هوس ته شيخ اياز ڀيٽ ڪرڻ جي تلقين جي باوجود پاڻ کي شاهه لطيف کان وڏو شاعر هجڻ جي دعوا ڪندي چيو ته:

”ٽن مهينن ۾ مون ايترو لکيو آهي، جيترو ڀٽائيءَ پنهنجي اڌ زندگيءَ ۾ لکيو هو. اهو به بيماريءَ جي حالت ۾، بستري تي سمهي ڪري ۽ رات جو ٻين کان ڇهين بجي صبح تائين.“

اهوئي سبب آهي جو مدعي سُست گواهه چست واريءَ چوڻيءَ مطابق قمر شهباز صاحب ائين فتوا ڏني ته:

”ستن ڏينهن اندر شاهه جي رسالي کان ٻيڻو ڪلام چوڻ وارو اياز پنهنجي تخليق جي ڪابه تحسين (credit) وٺڻ لاءِ هرگز تيار ناهي.“

آءٌ قمر شهباز صاحب جي هن حيران ڪندڙ راءِ تي، هن مقالي جيڏو مقالو لکي سگهان ٿو.

(ت) شيخ اياز جي وڏي شاعر هجڻ کان ڪوبه شخص انڪاري ڪونهي. اياز لاءِ وڏي واڪي ۽ فخر سان چئي سگهجي ٿو ته هو ويهين صديءَ جي جديد ادب جو هڪ عظيم شاعر آهي، پر اها هام هڻڻ ته ”هن ستن ڏينهن اندر شاهه جي رسالي کان به ٻيڻو ڪلام چيو، اِن هام هڻڻ سان شيخ اياز جي عظمت نه، پر سندس خوشامد ڪري، سندس توهين ڪئي وَئي هئي. ڇو ته هن ته پاڻ جهول جهلي، شاهه سائينءَ کان شعر پنيا هئا، ڏات جي خيرات گهري هئي ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن کي آيتون سڏيو هو.

(ث) ڀٽائي هر دور جو شاعر آهي. لطيف نه فقط اُن دور ۾، بلڪ اڄ به برصغير ۾، مڙني علمن جو شمس آهي. هو علم ادب جي دنيا تي اڄ به ڇانيل آهي. ڀارت جي برک سنڌي عالم ۽ نقاد، اُتم، ”سهڻي اياز نمبر 2“ ۾ صفحي 34 تي لکيو هو ته:

”هر ساهتڪار ۽ ڪلاڪار کي پنهنجو ادبي ورثو ٿيندو آهي. شاهه لطيف جي شاعري اسان لاءِ هڪ اهڙو ورثو آهي. نه رڳو اهو سنڀالڻو آهي، پر شاهه جي روايت کي اڳتي وٺي هلڻو آهي ۽ شيخ اياز، هن جي ٻوليءَ، ڪردار ۽ ماحول وغيره کي اڄ جي زماني مطابق ڪم آڻي، شاهه جي روايتن ۾ اضافو ڪيو آهي. شاهه جو اثر رڳو اياز تي ڪونهي، پر ٻئي وڏي شاعر نارائڻ شيام تي به آهي. هن به ڪيترا لفظ، ڪردار ۽ خيال ڪم آندا آهن. خود ٻين شاعرن به شاهه جو اثر جهٽيو آهي، ايم ڪمل سميت. اياز ته شاهه جي لفظن، متروڪ لفظن کي وري جيئاري، سنڌي ٻوليءَ جو ڀنڊار ڀريو آهي.“

ساڳئي رسالي، ”سهڻي اياز نمبر 2“ ۾، صفحي 72 تي گوبند مالهيءَ لکيو ته:

”اياز، سنڌ جي ساعرِ اعظم، شاهه لطيف جي اَڍَ پڪڙي ۽ هن کي سنڌ جي سجاڳيءَ جو سکاني ۽ پنهنجو ساڻي بنايو. هن شاهه جيان بيت چيا، وايون چيون، شاهه جا ويچار دُهرايا ئي نه، وقت جي تقاضا جا ترجمان بڻايا.“

گوبند مالهي ساڳئي رسالي جي صفحي 30 لکيو هو ته:

”هُن لکيو به آهي ته مان ڀٽائيءَ ۽ درازيءَ جي روايت جو وارث آهيان.“

14 - (الف) اها هرهڪ سنڌيءَ کي خبر آهي ته شيخ اياز عالمي ادب ۽ ادب جي عالمي نظرين جي سلسلي ۾ وڏو مطالعو رکندو هو. هن مغربي ادب جو گهڻو مطالعو ڪيو هو. هو پنهنجي دور جو هڪ Legend هو. جنهن شخص جو ايڏو وڏو مطالعو هجي، اُن کي ڊاڪٽر هدايت ۽ ڊاڪٽر هَڪڙي، ڏهن صفحن اندر بيان ڪري، ڪا کيپ ڪانه کٽي آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي ادب ۽ عالمي ادبي نظرين جي سلسلي ۾ انهن ٻنهي صاحبن جو ايترو مطالعو ئي نه آهي جو هو شيخ اياز جهڙي ادبي Legend جي فڪري لاڙن تي لکي سگهن. دراصل شيخ صاحب جي فڪري لاڙن جي سلسلي ۾ لکيل اهي ڏهه صفحا ڊاڪٽر هڪڙي جي Ph.D واري مقالي مان نقل ڪيا ويا آهن، جيڪي ايم - اي جي نوٽس جي معيار جا آهن. هن ڪتاب جي صفحي 35 ۽ 36 تي، محققن طرفان لکيل جملا، شيخ اياز جي انقلابي شاعر هجڻ جي ثبوت لاءِ ڪافي نه آهن، ڇاڪاڻ ته اياز جي هر مصرع، سندس انقلابي شاعر هجڻ جي دعوا لاءِ وڏي دليل طور پيش ڪري سگهجي ٿي. محققن، صفحي 35 تي لکيو آهي:

”اڄ روس جي انقلابي (مواد اندر انقلابي بدران انقلاب لکيل آهي) شاعر مايا ڪووسڪيءَ وانگر اياز جو ٻڌندڙ اياز جو عوام آهي. اياز جون علامتون به اُهي آهن، جن مان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. انهن علامتن وسيلي هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جدوجهد ۾ سندس ٻڌندڙ سنڌ جو سمورو عوام اڄ مصروف آهي.“

ساڳئي صفحي 35 تي محقق صاحبان اياز جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ جويي صاحب جي سند پيش ڪن ٿا، پر پاڻ پنهنجي ڪابه راءِ نٿا ڏين، جيتوڻيڪ پروفيسر صاحب پاڻ به هن موضوع تي ڪافي ڪجهه لکي سگهن ها، پر هنن هن سڄي ڪتاب ۾ نقال جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٻين جي راين کي پنهنجي هٿيار طور ڪم آندو اٿن، جيڪا ڳالهه تحقيق لاءِ مناسب ڪانهي. جويي صاحب جي راءِ هيءَ آهي:

”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دور جي ڪاياپلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بڻبا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ ٻيا اديب به ڏنا آهن. هن سرزمين تي انساني تاريخ جي عظيم انقلاب جي سج-اُڀار جا اُهي به داعي آهن ۽ سڀ گڏجي اُن جو سبب بنيا. اسان جي سنڌي شعر ۽ ادب جو اڄ اهوئي مقصد آهي. اسان جي هر مادي ۽ روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج اهوئي آهي. اسان مان جيڪو به هن ڏس ۾ جيترو حصو وٺندو ۽ اُن جي پورائيءَ جي جيتري ڪوشش ڪندو، اوترو هو پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن شمار ٿيندو ۽ تاريخ به اوترائي ڳڻ ڳائيندي.“

اهي ته ٿيا محترم محمد ابراهيم جويي جا خيال، پر نقاد صاحبان پاڻ هن راءِ جي نقل ڪرڻ سان ڇا ٿا بيان ڪرڻ چاهين، اهو ته گهٽ ۾ گهٽ لکن ها.

هونئن به جويي صاحب جي اها راءِ فقط شيخ اياز جي شاعريءَ سان ڇو لڳائجي؟ سنڌ جي اوائلي شاعري به سنڌي ٻوليءَ جي ميدان ۾ ڪرشمي طور آهي. ٻوليءَ جا اهڙا ڪرشما هر دور ۾ نظر اچن ٿا. هن موضوع تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. اُن لاءِ منهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ (جيڪو اڃا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سرد خاني ۾ پيل آهي) ۾ ڪافي مواد ڏنل آهي.

پر جويي صاحب جي سند طور ڏنل راءِ مان اياز جي فڪري لاڙن لاءِ ڪهڙو مواد آهي؟ اها ڳالهه ته سڄي ٻوليءَ جي باري ۾ آهي. هن پئراگراف ۾ اياز جي فڪري لاڙن لاءِ خود جويي صاحب به ڪجهه ڪونه فرمايو آهي، البت صفحي 36 تي، يارهن مصرعون ۽ صفحي 37 تي اياز جي غزل جي باري ۾ 8 مصرعون ڏيئي، محققن سمجهيو ته هنن اياز سان وڏو انصاف ڪيو آهي. انهن مصرعن مان هرهڪ مصرع بيشڪ وڏو مفهوم رکي ٿي. انهن مصرعن جي مطالعي جي آڌار تي اياز جي فڪري لاڙن جي باري ۾ ڪافي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته ٻنهي محققن اياز جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي، انهيءَ ڪري هو ڪجهه لکي نه سگهيا آهن، شيخ صاحب جي فڪري لاڙن جي سلسلي ۾ گرامي صاحب جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي ها، ۽ اُن مان ڪي حوالا ڏنا وڃن ها، ته هن ڪتاب جي اهميت ڪجهه ٻي هجي ها، پر صفحي 38 تي عالمي ادب جي مفڪرن جا نالا ڏيئي پوءِ فقط هيئن چوڻ ته:

”هنن سمورن عالمن ۽ دانشورن جي پيغام کان شيخ صاحب گهڻو متاثر آهي.“

اِهو ڪو ثبوت ڪونهي. دراصل اِهي ۽ اهڙا ٻيا جملا، شاگردن کي جديد ادب جي مطالعي لاءِ نوٽس طور ڏنا ويندا آهن، ۽ ائين سمجهبو آهي ته شاگرد پاڻ وڃي وڌيڪ مطالعو ڪندا، پر اهڙن جملن جي تحقيقي ادب ۾ ڪابه حيثيت ڪانهي. اسان مان ڪيترن کي خبر آهي ته وڪٽرهيوگو ڪير هو ۽ اُن جا فڪري لاڙا ڪهڙا هئا؟ ڪير ۽ ڪيترا اُستاد ٻڌائي سگهندا، ته والٽيئر ۽ رابرٽ برنس ڪير هئا ۽ اُنهن جي فڪري لاڙن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وڏا وڏا نالا ڏيئي ۽ عالمي ادب جي قداور شاعرن ۽ اديبن جا نالا لکي، هن ڪتاب ذريعي سنڌي ادب جي ڪهڙي خدمت ڪئي وَئي آهي؟ اسان جا نقاد ايمانداريءَ سان چئي سگهندا، ته انهن عالمي ادبي مفڪرن مان پاڻ ڪهڙن ڪهڙن مفڪرن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي؟

اهو لکڻ به متقدمين اديبن ۽ شاعرن جي توهين ڪرڻي آهي، جيئن صفحي 38 تي لکيو ويو آهي:

”...... هنن اڳئين زماني جي اديبن ۽ شاعرن جي خيالي ڪاڪ محلن کي ترڪ ڪري عام انسانن جي عملي جدوجهد ۾ شريڪ (ٿي) سموري انسانيت جي روشن مستقبل واسطي جدوجهد ڪئي. هنن سمورن عالمن، دانشورن جي پيغام کان شيخ اياز تمام گهڻو متاثر آهي.“

(ب) حيرانيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي محقق صاحبان کي شيخ صاحب کان اڳ يا شيخ صاحب جي همعصر بزرگن ۽ مفڪرن مان برصغير جا ڪي دانشور نظر ئي نه آيا؟ اسان وٽ اسلام جي اچڻ واري زماني کان وٺي هر دور ۾ چوٽيءَ جا عالم ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن، جن جو ذڪر عرب سياحن ۽ خاص ڪري بزرگ بن شهريار ۽ البيرونيءَ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي. ڏهين ۽ يارهينءَ صديءَ کان وٺي بابا فريد گنج شڪر، خواجه معين الدين چشتي، شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني، داتا گنج بخش، لال شهباز قلندر، شاهه شمس ملتاني، پير صدر الدين ۽ اُنهن کان پوءِ ماڌو لال شاهه حسين، بابا بلي شاهه، ڀڳت ڪبير، قاضي قادن، سلطان باهو، بابا گرونانڪ، انهن کان پوءِ شاهه ڪريم، مخدوم نوح سرور، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات، شاهه عنايت شهيد، سچل سرمست، روحل، سامي ۽ بيدل جي خيالن کي ڪاڪ محل سمجهيو آهي. محققن کي ويهين صديءَ ۾ فقط روس وارو انقلاب نظر آيو، پر اُن کان اڳ سيد احمد بريلويءَ جي تحريڪ ۽ حر تحريڪ ۾ ڪيل جدوجهد نظر ڪانه آئي. پنهنجي ديس جي هر شيءِ کي ديسي مال سمجهي نظرانداز ڪرڻ کي شايد اهي صاحب تحقيق سمجهن ٿا.

15 - (الف) جيڪڏهن محقق صاحبان گرامي صاحب جو ڪتاب پڙهن ها،  تقابلي اڀياس لاءِ ڪن چونڊ مفڪرن جي فڪري لاڙن جو حوالو ڏين ها ۽ اهو ٻڌائين ها ته انهن مفڪرن ڇا ڇا لکيو آهي، ۽ اُنهن جي ڪهڙن ڪهڙن فڪري لاڙن کان شيخ صاحب متاثر ٿيو آهي، ته سمجهجي ها ته اسان جي نقادن ڪجهه پڙهيو ضرور آهي، پر فقط شيخ صاحب جي ڪتابن ۾ ڏنل نالا نقل ڪري، اها دعوا ڪرڻ ته شيخ صاحب انهن مفڪرن کان گهڻو متاثر آهي، ڪو منطقي دليل ڪونهي.

(ث) مون کي انهن محققن جي مطالعي مان اهو معلوم ڪري تمام گهڻي حيراني ٿي، ته سنڌي ادب ۾ Ph.D. جي ڊگري رکندڙ ۽ سنڌي شعبي جا پروفيسر جيڪي M.Phil ۽ Ph.D ڊگرين جي شاگردن جا رهبر (guide) به آهن، تن کي ’ترقي پسند تحريڪ‘ جي بنياد پوڻ ۽ اُن جي ارتقا جي تاريخ جي به ڄاڻ ڪانهي!  مذڪوره ڪتاب جي صفحي 39 تي ڏنل سندن راءِ مان ائين ٿو ثابت ٿئي ته هو هن موضوع کان بلڪل اڻڄاڻ آهن.

صفحي 39 تي سندن راءِ مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته شيخ اياز، ترقي پسند تحريڪ جو باني آهي، جيڪا دعوا بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي ۽ گمراهه ڪندڙ آهي. مثال طور لکن ٿا ته:

”شيخ اياز ترقي پسنديءَ جي مشعل ٻاري، ايندڙ نسل لاءِ سهائو ڪيو ۽ راهه ڏيکاري.“

(ب) ٻنهي ڊاڪٽر صاحبن جي اها راءِ بلڪل غلط،بي بنياد ۽ نه فقط نئين نسل کي گمراهه ڪندڙ آهي، پر اهو ثابت ٿو ٿئي ته اِهي ٻئي صاحب پاڻ به اَڻڄاڻ آهن. شيخ اياز، ترقي پسنديءَ جي مشعل ٻاريندڙن مان نه هو، بلڪه هو ته جڏهن ادبي ميدان ۾ گهڙيو هو، اُن کان سالها سال اڳ، ترقي پسند تحريڪ جوان ٿي چڪي هئي. شيخ صاحب کي ته پاڻ هڪ نه پر ڪئين مشعلون ٻرندي نظر آيون هيون.

(ت) اسان جا محقق فقط هڪ دعوا ڪرڻ کان ڊنا آهن. اُها دعوا اها آهي ته سنڌ ۾ اسلام به شيخ صاحب جي والد مسلمان ٿيڻ کان پوءِ آندو، نه ته هر ڳالهه جي شروعات ڪندڙ لاءِ هو شيخ صاحب جو نالو اڳيان آڻين ٿا. هنن کي کپندو هو ته هن سلسلي ۾ ڇپيل ڪتاب پڙهن ها. هن سلسلي ۾ گوبند مالهيءَ جي ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ جي ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل Ph.D ٿيسز پڙهن ها، جيڪا ٽي سال اڳ ڇپجي چڪي آهي.

ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، پنهنجيءَ ٿيسز جي صفحي 322 تي، گوبند مالهيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”گوبند مالهيءَ جي چوڻ موجب، 1936ع ۾، ڀارتي ساهتيه ۾ مارڪسواد جي اثر هيٺ، ترقي پسند ليکڪن جي آغاز کان اڳ ئي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ سنڌي ڪهاڻيءَ کي ترقي پسند موڙ ڏيئي ڇڏيو هو. مرزا نادر بيگ، آسانند مامتورا ۽ امرلال هڱوراڻيءَ به، اڻسڌيءَ طرح، ڄيٺمل جي ترقي پسند نظرئي واري اثر کان آجا نه رهيا. اها ساڳي ويچار ڌارا، گوبند مالهيءَ جي رچنائن ۾ به نظر اچي ٿي. ’اڳتي قدم‘، ’رک چپٽي‘ ۽ ’ناني سگهڙ سياڻي‘ ڪهاڻيون اهڙي حامي ڀرين ٿيون.“

ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”گوبند مالهي ٻئي دور جو ڪهاڻيڪار آهي. هو 1942ع کان پوءِ، سوشلسٽ ويچار ڌارا جي اثر هيٺ، هارين نارين ۽ مزدورن جي ويجهو آيو. سندس پهرين ڪهاڻي ’هاري حقدار‘ اُن اثر جي اُپج آهي. هيءَ ڪهاڻي 1946ع ۾ لکي وئي هئي ۽ جديد ڪهاڻيءَ جي دفعي ۾ داخل ٿي.“

هن حوالي مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ترقي پسند تحريڪ جي پهرين مشعل شيخ اياز صاحب هرگز ڪانه ٻاري هئي. اها هڪ غلط بياني آهي، جيئن هنن محققن جي گمراهه ڪندڙ ۽ غلط بيانيءَ جي باري ۾، هن کان اڳ به واضح طور عرض ڪري آيو آهيان.

(ث) جديد سنڌي ڪهاڻي جيئن ته ترقي پسند دور جي پيداوار آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند دور کان متاثر ٿيڻ ڪري، جديد سنڌي ڪهاڻي، پنهنجي شروعات واري دور کان وٺي، سنڌي ماڻهن جي جيوت جي عڪاسي آهي.

(ج) تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ به آهي، ته انهن ٻنهي محقق صاحبن، پنهنجي شعبي جي ساٿيءَ، محترمه ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي Ph.D. ڊگريءَ لاءِ پيش ڪيل ۽ ڇپيل ٿيسز: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ جو به مطالعو نه ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نور افروز صاحبه، پرم آنند ابيچنداڻيءَ جي ’سنڌي سار‘ رسالي ۾ ڇپيل مقالي مان حوالا ڏيئي، ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروع ٿيڻ“ سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اثر جي سلسلي ۾ ڀرپور طريقي سان، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

پروفيسر نور افروز صاحبه جي ڪتاب جو باب پنجون، صفحي 236 کان وٺي صفحي 269 تائين، مختلف عالمي ادبي نظرين/ فلسفن، ۽ اُنهن نظرين جي سنڌي ناول ۾ عڪاسيءَ جي باري ۾ آهي. هن باب (باب پنجين) ۾، پروفيسر نور افروز صاحبه، وجوديت واري نظرئي (ص 237 کان 256 تائين)، مارڪسي نظرئي (ص 256 کان 260 تائين) ۽ نفسياتي نظرئي (ص260) جي باري ۾، سنڌي ناولن مان حوالا ڏيئي وضاحت ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح هن صاحبه صفحي 268 کان وٺي، ترقي پسند نظرئي جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي. پروفيسر نور افروز لکيو آهي ته:

”ترقي پسند نظرئي جو ويچار، مارڪسي نظرئي جي بنياد تي ٻڌل نه آهي، پر ترقي پسنديءَ جو ويچار بذات خود هڪ نسبتي ويچار آهي. تنهن کان سواءِ، ترقيءَ جا معيار ۽ ماپا، وقت جي مطابق ڦرندا گهرندا رهن ٿا. انسان پنهنجي ابتدا کان وٺي بتدريج ترقي ڪندو رهيو آهي.“

پروفيسر نور افروز صاحبه، ترقي پسند رجحان جي شروع ٿيڻ جي سلسلي ۾، پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 261 تي لکي ٿي ته:

”دراصل علم ادب ۾ ترقي پسند رجحان، هڪ ليفٽسٽ هلچل جي پيداوار هئي، اُنڪري هن هلچل ۾ گهڻائي ليفٽسٽ شامل هئا، پر اها هلچل مارڪسي هلچل ڪانه هئي ۽ نه ئي وري اها مارڪسي هلچل ٿي سگهي ٿي. هيءَ هلچل، آزاديءَ جي هلچل سان گهرو جڙيل هئي ۽ 1947ع ۾ جڏهن آزادي حاصل ٿي، ته اُن هلچل ۾ به ڦيرو اچي ويو.“

پروفيسر صاحبه، ساڳئي صفحي تي اڳتي لکي ٿي ته:

”هن رجحان جا اهم بنياد وجهندڙ ’ايم- فاسٽر‘ (M.Foster)  انگلئنڊ ۾، ’آندري ماريو‘ فرانس ۾، ’ٿامس مانِ‘ جرمنيءَ ۾ ۽ ’مئڪسم گورڪي‘ روس ۾ هئا. انهن 1935ع ۾، پئرس ۾ هڪ بين الاقوامي اَئنٽي فاشسٽ ليکڪن جي ڪانفرنس سڏائي. هن نظرئي جي ماهرن جا هن نظرئي متعلق هڪ ٻئي سان اختلاف هئا، پر هنن ترقيءَ کي فقط هڪ سوچ يا نظريو سمجهيو، پر اُن کي هڪ جمهوري سوچ ۽ نظريو ڪري کنيو، ۽ هنن جو خيال (نظريو) هو ته اُن ڌارا (رجحان) کي ادب سان لاڳو ڪرڻ سان، سڄيءَ انسانذات کي نه رڳو موجوده حالتن کان واقف ڪري سگهجي ٿو، پر اُن جو مستقبل به ٺاهي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري، يورپ ۾ سماجي، سياسي ۽ منطقي رُخن طرف ليکڪن جا جيڪي بدليل رجحان ۽ لاڙا هئا، اُنهن کي هنن ترقي پسند رجحان يا لاڙا سڏيو.“

پروفيسر نور افروز خواجه، اڳتي صفحي 262 تي لکي ٿي ته:

”يورپ ۾ فاشزم پنهنجو سر مٿي کڻي رهيو هو. برلن جي گهٽين ۾ ڪتاب ساڙيا ويا، ۽ دنيا ۾ نازي نعريبازيءَ جو پڙاڏو گونججي رهيو هو. هن آزار کي منهن ڏيڻو هو ۽ دنيوي چيزن ۽ ادب جي اهميت کي بچائڻو هو. گورڪي، رومان رولان، ٿامس مانِ، هينري بربوس ۽ ٻيا ليکڪ پاڻ ۾ گڏيا، جنهن جي نتيجي ۾، 1935ع ۾ پئرس ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. سجاد ظهير ۽ ملڪ راج آنند اُن وقت لنڊن ۾ شاگرد هئا، ۽ هو به اُن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. اُن وقت هندستان ۾ نهروءَ ۽ ٽئگور، فاشزم جي خلاف آواز اُٿاريو. ٿورن ئي مهينن کان پوءِ، سجاد ظهير ۽ ملڪ راج آنند، ترقي پسند ليکڪن جي پهرئين منشور جو مسودو تيار ڪيو ۽ اُهو منشور ئي هو، جنهن هندوستان جي ٻولين جي ادب ۾ ڦيرو آندو، ۽ پهريون ڀيرو ترقي پسند ڌارا (رجحان) وجود ۾ آئي.“

پروفيسر نور افروز خواجه اڃا به اڳتي صفحي 263 تي لکي ٿي ته:

”برصغير، پاڪ- هند ۾ هن هلچل جو جنم، پهرينءَ ترقي پسند ليکڪن جي ڪانفرنس سان ٿيو، جيڪا اپريل 1936ع ۾، لکنوءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي. هن ڪانفرنس ۾، هڪ ننڍو منشور، منشي پريم چند جي صدارت هيٺ منظور ڪيو ويو. هيءُ اهوئي منشور هو، جنهن جو مسودو سجاد ظهير ۽ ملڪ راج آنند لنڊن ۾ تيار ڪيو هو.“

(ح) پروفيسر نور افروز خواجه اهي سڀ ڳالهيون، پرم ابيچنداڻيءَ جي مضمون جي حوالي سان لکيون آهن.

پرم ابيچنداڻيءَ حيدر بخش جتوئيءَ ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ کي، سنڌي ادب ۾، ترقي پسند نظرئي جا اوائلي ۽ بنيادي شاعر بيان ڪيو آهي، جنهن جا حوالا ڊاڪٽر نور افروز صاحبه پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ صفحي 264 ۽ 265، ۽ قوميت پسندي يا قوم پرستيءَ واري نظرئي جي وضاحت جي سلسلي ۾ صفحي 266 ۽ 267 تي تفصيل سان بيان ڪيا آهن، پر ڇاڪاڻ ته ٻنهي محقق صاحبن، هن موضوع تي لکيل ڪتابن پڙهڻ جي تڪليف ئي ڪانه ڪئي آهي، انهيءَ ڪري هو ڌُڪا هڻندا ويا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ شيخ اياز کي ”باني“ سڏيندا ويا آهن.

(خ) هاڻ پڙهندڙ خود فيصلو ڪن ته جنهن زماني ۾، يعني 1936ع واري ترقي پسند هلچل جي برصغير ۾ ۽ پوءِ سنڌ ۾ شروعات ٿي هئي، اُن زماني ۾ شيخ اياز صاحب جي عمر اڃا 13 سال مس هئي. ڇا اُن عمر (13 سالن جي عمر) ۾ شيخ اياز ترقي پسند تحريڪ جي مشعل ٻاري، ايندڙ نسل لاءِ سهائو ڪيو هوندو؟

16- (الف) هن ڪتاب ۾ محقق صاحبن نه ڄاڻ ڪهڙي خيال کان صفحي 39 تي، شيخ صاحب جو هڪ شعر ڏيئي، ان جي ٽيڪ وٺندي/ڏيندي، لکيو اٿن ته:

”جاگيرداري قدر ۽ روايتون نهايت سگهاريون هيون. اُنهن ۾ ڏار وجهڻ جي ضرورت هئي. شيخ اياز انهيءَ وقت وڏي واڪي چوي ٿو:

اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ،

اسان لاءِ شاعر وڏي بات آ.

هي شعر انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته شاهه لطيف جي حيثيت سندس ذات سبب نه، پر سندس فڪر ۽ شعر جي ڪري آهي. سندس ذات پات، مرشد مريد، عربي عجمي جي فرق خلاف هيءَ بغاوت سنڌ ۾ روشن خياليءَ جو اُهڃاڻ آهي.“

لطيف سائينءَ، پنهنجي رسالي ۾ ڪٿي به پنهنجي سيد هجڻ تي فخر نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي وري پاڻ کي ڪٿي وڏو شاعر ڪوٺيو آهي. مرزا بيگ جي نياڻيءَ لاءِ چوڻ ته: ’جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾، تنهن کي نڪو لهر نه لوڏو‘ واري ڳالهه به لطيف جي رسالي ۾ ڪٿي به ثابت نٿي ٿئي. لطيف جي رسالي ۾ ڪابه اهڙي مصرع نٿي ملي، جنهن ۾ هن چيو هجي ته ’سيد جي حيثيت ۾ اسين سماج ۾ اعليٰ آهيون‘. ۽ نه ئي وري ائين فرمايو اٿن، ته ’اسان جي شاعري ئي سڀ ڪجهه آهي‘. لطيف سائين سنڌي زبان جو عظيم شاعر ته بيشڪ آهي، جنهن جو اعتراف شيخ صاحب به ڪيو آهي، پر سندن عظمت سيد هجڻ سان به يقيناً ظاهر آهي. شيخ صاحب ڇاڪاڻ ته پنهنجي عمر جي آخري زماني کان اڳ اشتراڪيت جو قائل هو، انهيءَ ڪري هو ڀلي چوي ته ”سيد هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، پر شاعر هجڻ وڏي ڳالهه آهي.“

(ب) مرشد ۽ مريد جي فرق واري بغاوت، اڃا تائين ته سنڌ ۾ ڪانه آئي آهي. اهڙي سوچ، ڏيپلائي صاحب، پنهنجن ڪتابن ۾ شروع ڪئي هئي، پر پوءِ خود ڏيپلائي صاحب، پنهنجيءَ هن سوچ تان هٿ کڻي ويو، جنهن جو ثبوت هن پنهنجي رسالي ’انسان‘ جي سرورق تي ڏنو آهي، جنهن تي هن، اسماعيلي عقيدي جي اُڻونجاهين امام، شاهه ڪريم الحسينيءَ جي تصوير، سندس امامت جي وصيت جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڇاپي هئي. اهو رسالو مون وٽ موجود آهي. محققن جون اهڙيون بي بنياد ڳالهيون، شيخ اياز کي وڏو ماڻهو نه پر ننڍو ماڻهو ثابت ٿيون ڪن.

17- (الف) مون کي هت اهو بحث ڪرڻو نه آهي ته شيخ اياز ڪميونسٽ هو يا نه، پر هو اشتراڪيت واري نظرئي جو قائل ضرور هو. هن سلسلي ۾، گرامي صاحب وڏو بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب جي صفحي 40 تي، خود شيخ صاحب جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته:

”مان ڪميونسٽ ناهيان، جيتوڻيڪ اڃا تائين مون کي اشتراڪيت جو تسلي بخش نعم البدل ڪنهن به فلسفي ۾ نه مليو آهي. مون کي هر ظلم و تشدد کان نفرت آهي. منهنجي نظر ۾ جيڪو به زندگيءَ جو فلسفو يا نظام، انسان ۽ خصوصاً  اديب ۽ فنڪار کان فڪر ۽ عمل جي آزادي کسي، اهو نفرت خيز آهي. مون ڪنهن به انسان جي حرف کي حرف آخر تسليم نه ڪيو آهي، پوءِ اهو ڪارل مارڪس جو هجي. ٻئي ڪنهن پيغمبر جو. هر انسان جو بنيادي حق آهي، ته  پنهنجي لاءِ بي انتها آزاديءَ سان پنهنجو فلسفه حيات ڳولهي.“

آءٌ اسلامي فلسفي جي سلسلي ۾ بلڪل ’ٻُڙي‘ آهيان، پر هڪ مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ ايتري ڄاڻ ضرور رکان ٿو، ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ سندن وصي حضرت علي ڪرم الله وجہ جن جي سيرت پاڪ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ سندن وصي، انسانذات جي آزاديءَ جا مبلغ هئا. حضرت علي ڪرم الله وجہ جو ’نهج بلاغه‘ شروع کان آخر تائين اهڙي درس سان ڀريو پيو آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم به ته اهوئي سيکاريو ته هر انسان جو بنيادي حق، سندن لاءِ آزادي آهي. شيخ صاحب جن جو به پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مبارڪ زندگيءَ تي وڏو مطالعو هو، جيئن سندن تقريرن مان ظاهر آهي.

(ب) اهو بلڪل صحيح آهي ته شيخ اياز، پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ وڏو ادارو هو. هن بين الاقوامي فلسفن، ادبي نظرين ۽ فڪر کي پڙهيو هو، جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي. شيخ صاحب جا مٿي بيان ڪيل ويچار، سندس پوئين دور واريءَ زندگيءَ جا نه آهن. ٻنهي محققن به صفحي 40 تي قبول ڪيو آهي، ته ”شيخ اياز، پنهنجي حياتيءَ جي آخري حصي جي ڪجهه سالن جي عرصي ۾، تاريخ، فطرت، ادب ۽ زندگيءَ بابت ڪجهه اهڙا ويچار پيش ڪيا آهن، جيڪي فڪري لحاظ کان غير منطقي به آهن.“

عجيب ڳالهه ته اها آهي جو جڏهن شيخ صاحب جا ويچار يا زندگيءَ بابت هن پنهنجا ويچار، نظريا ۽ خيال بدلايا، تڏهن محققن کي شيخ صاحب جي اهڙيءَ تبديليءَ واري ڳالهه ڪانه وڻي، ۽ محققن صفحي 40 تي اهو فرمايو ته:

”شيخ صاحب ڪجهه اهڙا ويچار پيش ڪيا آهن، جيڪي فڪري لحاظ کان غير منطقي آهن.“

خير!.... اختلاف رکڻ جو حق هرهڪ ماڻهوءَ کي آهي، پر هنن ٻنهي صاحبن کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته لکن ته:

”شيخ اياز جي ويچارن ۾ تبديلي ۽ تغير فڪري لحاظ کان غير منطقي آهن.“

اهي ٻئي صاحب صفحي 40 تي هيئن ٿا فرمائين:

”جيتوڻيڪ فطرت، زندگي ۽ اُن نسبت سان ويچارن ۾ تبديلي ۽ تغير هڪ فطرتي لقاءُ آهي، ۽ اُن حوالي سان اياز جي سوچ ۽ فڪر ۾ انهن تبديلين کي ڪنهن حد تائين Justify ڪري سگهجي ٿو، پر ڳالهه رڳو تبديليءَ جي ناهي. ڳالهه اُن تبديليءَ جي جوهر جي آهي. جو اها تبديلي، اياز جي فڪر ۽ سوچ کي اڃا وڌيڪ منطقي، گنڀير ۽ فطرت جي سائنسي حقيقتن سان ٺهڪندڙ آهي، ته پوءِ ٺيڪ آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اُن جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي.“

(ت) مون اياز جو ڪتاب ’اُٿي اور الله سين‘ پڙهيو نه آهي، پر اهو ته محققن به قبولڪيو آهي ته اياز جي سوچ ۽ فڪر ۾ سندس زندگيءَ جي آخري حصي ۾ تبديلي آئي هئي، جيڪا ڳالهه محققن کي نٿي وڻي، ڇاڪاڻ ته هنن اهو چاهيو ٿي ته اياز پنهنجي آخري زندگيءَ ۾ به اهڙائي شعر دهرائي، جهڙا هن اوائلي زندگيءَ ۾ چيا هئا. اهڙي هڪ شعرجي مصرع آهي:

        اچو اچو!

        نچو نچو!

        نچي ڪيو سجود ڪام ديو جو، اچو اچو!

جيڪڏهن اياز شروعاتي زندگيءَ کان وٺي، مرڻ گهڙيءَ تائين اهائي ڪام ديو واري مضمون واري شاعري ڪندو رهي ها، ته اياز جي شاعريءَ ۾ قوم پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ وارو رجحان هرگز پيدا نه ٿي سگهي ها، جنهن جا حوالا هن ڪتاب ۾ صفحي 36 تي پيش ڪيا ويا آهن.

18- (الف) شيخ اياز جهڙو ودوان ۽ گهڻو مطالعو رکندڙ شخص، پنهنجن ڪتابن ۾ يا ته ڪن ڪتابن جا نالا غلط لکي ويو آهي يا ته وري ڪن ڪتابن جي مصنفن جا نالا کانئس غلط لکجي ويا آهن، مثال طور ’رهنماءِ شاعري‘ ڪتاب جي مصنف جو نالو ’ساهيوال جيل واري ڊائريءَ ۾‘ ’محمود خادم‘ ڄاڻايو اٿس. محقق صاحبن کي يا ته درست نالي لکڻ جي همت ڪانه ٿي آهي يا ته چشم پوشيءَ کان ڪم ورتو اٿن. ايم- اي جا شاگرد به ڄاڻن ٿا ته ’رهنماءِ شاعري‘ ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو ۽ نه ڪه حاجي محمود خادم. سنڌي شعبي جي استادن ۽ هن ڪتاب جي محققن، صفحي 64 ۽ 65 تي، شيخ صاحب جا لفظ، جيئن جو تيئن نقل ڪيا آهن، ۽ پنهنجي ڪابه راءِ ڪانه ڏني اٿن. مثلاً شيخ صاحب فرمايو آهي:

”منهنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن لاءِ اها هدايت آهي ته هو فارسي بحر ۽ وزن جو مطالعو ضرور ڪن. ائين برابر آهي ته فارسي هاڻي اسان جي تعليمي نصاب ۾ زبردستي مسلط نه ٿي ڪئي وڃي، ۽ ٿورا ماڻهو پارسي ڄاڻن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ اردوءَ جي ذريعي اسان جي شاعرن لاءِ لازمي آهي ته هو فن عروض جو غور سان مطالعو ڪن. مون ته ٻئي درجي ۾ اُن موضوع تي پهرين محمود خادم جو ڪتاب رهنماءِ شاعري پڙهيو هو ۽ مون کي بحر وزن جي مشق ٻه چار سال ڪرڻي پيئي هئي.“

منهنجي خيال  ۾ ساهيوال جيل  واري ڊائري لکڻ وقت شيخ صاحب کان ’رهنماءِ شاعري‘ ڪتاب جي مصنف جو صحيح نالو وسري ويو هو. دراصل شيخ صاحب هن دعوا ڪرڻ ۾ پاڻ پڏايو آهي. ’رهنماءِ شاعري‘ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1936ع ۾ پڌرو ٿيو هو، اُن زماني ۾ شيخ صاحب جي عمر 13 سالهئي، ۽ هو يقيناً ٻيو درجو پڙهندو هوندو. ايتريءَ عمر ۾ هن علم عروض کي سمجهيو هوندو، اهو فيصلو آءٌ عبدالقيوم ”صائب“ تي ڇڏيان ٿو، جيڪو هن علم ۾ ڄاڻ رکي ٿو.

(ب) هن ئي سلسلي ۾ ڪتابن ۽ مصنفن جي غلط نالن جي باري ۾ شيخ صاحب جي ڪتابن ۾ داخل ٿي وڃڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو، پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾، شيخ صاحب طرفان اسڪالرن تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي لکيو آهي ته:

”حوالا نه وٺڻ  ۽ ڪتاب نه ڏسڻ سبب غلطيون ٿين ٿيون. اُن جو شيخ اياز جي هن ئي ڪتاب ۾ مثال موجود آهي.“

ڪتابن جي غلط نالن جي سلسلي ۾، ساڳئي صفحي 14 تي ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو:

”شيخ صاحب جهڙو سڄاڻ مفڪر ڪٿي ڪٿي سنڌي ڪتابن ۽ اُنهن جي مصنفن جا نالا غلط لکي ويو آهي.“

ڊاڪٽر جوڻيجو، اهڙو حوالو ڏيندي، مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ جي صفحي 15 تي لکي ٿو:

”هو منگهارام اوجها جي ڪتاب جو نالو صفحي 25 تي پراڻو پارڪر صحيح طور لکي ٿو ۽ صفحي 239 تي پئرا ۾ اُن جو ليکڪ رائچند کي ڄاڻائي ٿو، ته ٻئي پئرا ۾ ڪتاب جو نالو تاريخ پارڪر ڄاڻائي ٿو.

”ائين خداداد خان جي ڪتاب ’لُب تاريخ سنڌ‘ کي عبدالحي خان جو لکيل ڄاڻائي ٿو. مسودي کي وري ڏسڻ ۽ ڪتاب اڳيان رکڻ سان غلطي نه ٿئي ها.“

(ت) اهڙيءَ طرح جوڻيجو صاحب پنهنجي ساڳئي ڪتاب ”شيخ اياز هڪ مطالعو ۾“ اياز جي ڪتاب ’چنڊ ڳليون‘ جي صفحي 69 ۽ 70 جي حوالي سان لکي ٿو:

”بقول اياز، اڪثر اوندهه ۾ لکڻ ڪري ڪن ڳالهين ۾ غلطيون به ڪري ويو آهي. هو لکي ٿو:

’مون ڪشف المحجوب جي مصنف جي درگاه تي دعا گهري، هن کان پڇيو: ’تون جو شڪر گنج آهين، منهنجو منهن مٺو ڪڏهن ڪرائيندين؟ اڃا ته اهو زهر سان ڀريو پيو آهي.“

جوڻيجو صاحب، شيخ صاحب جي غلطي درست ڪندي، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 147 تي لکي ٿو:

”حقيقت ۾ شڪرگنج حضرت بابا فريد پاڪ پتڻ واري جو لقب آهي ۽ نه حضرت علي هجويري داتا لاهوري مصنف ڪشف المحجوب جو.“

درحقيقت بابا فريد جو لقب ’گنج شڪر‘ آهي ۽ نه ڪه شڪرگنج.

(ٿ) شيخ اياز جهڙي سنڌي زبان جي قداور شاعر، پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي پهاڪن جو استعمال به صحيح نه ڪيو آهي. اسان جا محقق صاحب ان سلسلي ۾ خاموش آهن، پر ڊاڪٽر جوڻيجي پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 115 تي، شيخ صاحب جي اهڙيءَ ڪمزوريءَ جي به نشاندهي ڪئي آهي. جوڻيجو صاحب لکي ٿو:

”ڪن پهاڪن کي اُبتو به ڪيو اٿس. اڪثر پهاڪا ڪٿي ڪٿي بي اثر به نظر ايندا آهن. اياز ڪن کي پنهنجا مقولا به  بنائي ڇڏيو- مثلاً:

- هرڪو ڪاسائي پنهنجي پاءِ ٽنگبو.

(اصل پهاڪو آهي: هرڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي)

- بکيو مٿو کنهي نه ڍائي جو مٿو وڃي.

(اصل: جيسين ڍائو پيٽ کنهي، تيسين بکئي جو ساهه وڃي)

- رتو راس ٿئي ته واهه نه ته ڀڳي سان ئي ڀيرڻ اياڻپ آهي.

(اصل: جاسين راتو راس نه ٿئي، تاسين ڀڳي سان ئي ڀير)

- ڳاڙهن گهوٽن جا مڙهه مقامن ۾ ته نه هوندا آهن!

(اصل: ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾)

- سوٽي به ساڻ نه هجي، گڏهه به گوهي نه ڪري

(اصل: سوٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري)

19- (الف) نثر نويسيءَ واري باب ۾ صفحي 117 ۽ 118 تي، شيخ صاحب جي ڪهاڻين جي مجموعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ صفحي 119 تي، سندس خطن تي مشتمل ڪتابن ۽ پوءِ سندس آتم ڪهاڻين، جيل جي ڊائرين، سندس تقريرن ۽ صفحي 132 کان سندس سفرنامن جو ذڪر آهي. ڪهاڻين واري حصي ۾ صرف ڪهاڻين يا اُنهن جي مجموعن جا عنوان ڏيڻ سان، محققن، پڙهندڙن کي اياز جي ڪهاڻين بابت ڇا ٻڌايو آهي؟ هنن ائين به ڪونه لکيو آهي، ته اياز جي ڪهاڻين جا موضوع ڪهڙا آهن؟ سندس ڪردار ڪير آهن؟ سندس ڪهاڻين ۾ طرز تحرير ۽ حسن بيانيءَ جي لحاظ کان ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون آهن؟ سندس ڪردارنگاري ڪيئن آهي؟ سندس اُسلوب بيان ڪهڙين ڪهڙين خوبين سان ڀريل آهي؟ منظرنگاري، ماحول جي نقاشي ۽ حقيقت نگاريءَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون سندس ڪهاڻين ۾ شامل آهن؟ اهڙيءَ طرح افسانه نويسيءَ لاءِ تنقيد جا جيڪي اصول آهن، اُنهن کي سامهون رکي، شيخ صاحب جي ڪهاڻيءَ جي باري ۾ راءِ ڏيڻ جي ضرورت هئي. شيخ صاحب جي ڪهاڻين کي پرکڻ کپندو هو. اُنهن جي خوبين ۽ خامين کي نروار ڪرڻ کپندو هو. باقي صرف ائين لکي ڇڏڻ ته فلاڻي ڪهاڻي، فلاڻي سال ۾، فلاڻي رسالي ۾ ڇپي يا فلاڻو مجموعو فلاڻي سال ۾، فلاڻي اداري ڇپايو واري مواد کي تحقيق نه، پر لائبريري سائنس جي شعبي جي شاگردن لاءِ ڪئٽالاگنگ لاءِ معلوماتي مواد چئبو.

20- (الف) شيخ صاحب جي نثر نويسيءَ وارن مثالن ۾ محققن ٻن ڳالهين تي خاص زور ڏنو آهي. اُنهن مان هڪ ڳالهه آهي شيخ صاحب طرفان ’پاڻ پڏائڻ‘ ۽ ٻي ڳالهه آهي شيخ صاحب جا معاشقا. هن باب ۾ اُن ڳالهه تي به زور  ڏنو ويو آهي ته شيخ صاحب جي ڪتابن جا مهاڳ ڪهڙين ڪهڙين خواتين لکيا. پنهنجن معاشقن جو ذڪر شيخ صاحب ته ٻڍاپڻ واريءَ عمر ۾ ’لذتِ نفس‘ خاطر ڪيو، پر لڳي ٿو ته محققن به اُن مان خوب حِظ ورتو آهي، ورنه اَهڙن جملن لکڻ کان پرهيز ڪرڻ کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب سنڌي شعبي جي پبليڪيشن طور شايع ڪيو ويو آهي. شيخ صاحب بيشڪ ڪن خواتين سان اکيون اڙايون هيون. اهڙين ڳالهين جو ذڪر يورپ ۽ آمريڪي ادب ۾ عيب نه آهي، پر اسان جو سماج، خاص ڪري سنڌي سماج، اهڙي ذڪر کي اُگهاڙپ ٿو سمجهي ۽ اجازت نه ٿو ڏئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com