سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :18

 

ٺٽي جا بزرگ

 

شعر جي گلستان جو سو کائتو سير ڪري، هاڻي اسين وري ٺٽي جي بزرگن جي بات جي تان تنواريون ٿا.

111: مولانا مصلح الدين لاري: فقط تاريخ معصومي هن ساحب جو احوال ڏنو آهي، نهايت وڏو عالم ۽ عربي علوم جو وڏو ڄاڻو هو، مرزا شاهه حسن جو استاد به رهيو، سن 951هه/1544ع ۾ موڪلائي حج جي ارادري سان مڪه معظمه روانو ٿيو ۽ اتيئي فوت ٿي ويو، شمائل ترمذيءَ جي شرح، بنام ”شمائل نبوي“ تفسير بيضاويءَ جو حاشيو، منطق جو فارسي شرح ۽ ٻيا رسالا سندس تصنيف ڪل آهن.

112: قاضي ڪاشاني: قاضي شيخ احمد جنهن جو احوال مٿي ٿي آيو آهي، ان سان گڏ تاريخ معصوميءَ جي صاحب هن صاحب جو بيان به هڪ جملي ۾ آندو آهي، تحفته الڪرام ۾ سندس احوال ڪين آهي، باقي مقالات الشعراء ۾ مرزا محمد باقي جي همعصرن ۾ سندس نالو آيل آهي، تاريخ معصوميءَ ۾ لکيل آهي ته ”سندس ڪماليت ظاهر ڪرڻ کان هو بي نياز آهي“.

113: مير محمود پورائي: هن صاحب جو احوال به فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي، بلند اقبال سيدن مان هو، پهريائين هر مز جي رستي کان ٺٽي پهچي، شيخ بايزيد پورانيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، ان بعد بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪرائين، هن صاحب جو احوال بکر جي بزرگن ۾ اچڻ کپي ها، مگر هتي ڏجي ٿو.

نهايت زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو، هميشه گوشه نشين رهندو هو، دنيا وارن سان دل نه رکندو هو. ڪڏهين ڪڏهين عيدن جي موقعن تي سلطان محمود جي درٻار ۾ ويندو هو. سنه 977هه/1569ع جي اوائل ۾ راه فنا کان راه بقا ڏي ويو.

114: سيد شاهه منبه: پيران پير جي اولاد مان آهي، سيد ڪمال شيرازي، سيد شاهه عبدالله حسين ۽ سيد شڪر الله شيرازي جي چوياريءَ جي هڪ ڪڙي هو. هن سڳوري جي قاضي شڪر الله سان ڏاڍي محبت هوندي هئي، جتي هينئر سندس تربت آهي، اتي هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو. هن خاني جي صاحبه ۽ ان جو پٽ سندس خدمت ڪندا هئا، جي سندس پيرانديءَ کان آرامي آهن، سندس ڪرامتون ظاهر ۽ سندس مناقبن جو نشايون نشانبر آهن، تحفته الطاهرين، ۾ آيل آهي ته سندس ملاقات خواجه خضر سان به ٿي هئي.

115: پير بدر: هڪ وڏو ولي ارغونن جي ڪاهه وقت شهيد ٿيل ۽ جتن جي پاڙي ۾ مشهور آهي، هن بزرگ جي بلند مرتبي متعلق عجيب داستان ٻڌا ويا آهن. هن کي تحفته الطاهرين شاهه بدر ڪري لکيو آهي.

116: پير عباس: درويش آجر جي وقت جو هڪ بزرگ هو، سندس حالات عجيب ۽ ڪرامتون بينظير آهن، تحفته الطاهرين جي صاحب لکيو آهي ته ڪوڙهه جي مرض وارن هتان شفاياب ٿئي ٿو. پنهنجو ذاتي تجربو پڻ بيان ڪيو اٿس.

117: شاهه مسڪين: هڪ ڪامل فقير هو، ڪن روايتن موجب عالي نسب سيد هو، جتي مدفون آهي، اتيئي مقيم هو، فرنگين جي فساد ۾ شهيد ٿيو، بزرگيءَ جي برتريءَ ۽ ڪمالات جي فوقيت ۾ مشهور هو، ميان ابوالقاسم نقشبندي چوندو هو ته ”ٺٽي ۾ هن جهڙو ڪامل بزرگ ٻيو ڪو دفن ٿيل نه آهي“.

119: پير دادن: هڪ وڏي ۾ وڏو پير ۽ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي، مٿي اگهاڙو وارن کنڊڙيل ۽ تڪيه وارو فقير هو، ڪن روايتن مطابق سيد يوسف بکريءَ جو همعصر هو، مگر هن صاحب جو مذڪور شاهه صاحب سان دلي تعلق هو.

 

مڪليءُ جا مڻيا

 

هاڻي اچو ته مڪليءَ جي چند مڻين مان مخدوم صاحب جي معاصرن جو ذڪر خير ڪريونن ڪن صاحب جو ذڪر خير ته اڳ ۾ ٿي چڪوآهي ۽ ڪن جو ذڪر وري مخدوم نوح رحه جي مراد وند مريدن ۾ ٿيندو.

120: شيخ جيو: شيخ ملتانيءَ جي اولاد مان آهي، سندس والد شيخ نعمت الله سمن جي دور ۾ ٺٽي آيو، هن حساب سان هي مخدوم نوح رحه جو همعصر آهي، تاريخ وفات هن بزرگ جي معلوم نه آهي، مگر ڪرامتن جي ڪرڻن ۽ هدايت جي نور سببان کيس ”مڪليءَ جو ڏيو“ سڏجي ٿو، سندس بزرگيءَ ۽ ڪمال جي تعريف سڀني تاريخي ڪتابن ڪئي آهي. تحفته الڪرام ۾ آيل آهي ته: ”نهايت نورانيت ۾ هيءَ درگاهه سڄي مڪلي ٽڪريءَ تي ممتاز هئي“ تحفته الطاهرين لکيو آهي ته ”معرفت جونور سندس پيشانيءَ مان ظاهر هو ۽ هدايتن جا شعاع سندس جبين مان نڪتا پئي، ڪيترن ماڻهن سندس فيض تربيت ڪري، حق جي راهه ورتي ۽ ندس همت طفيل معنيٰ جي ملڪ ۾ رسيا“ ”حديقته اولاولياءَ“ ۾ سندس لاءِ وڏو قصيدو موجب آهي، جنهن مان ڪجهه پيش خدمت ڪجي ٿو:

 

آن سرور افتخار دوران

 

صدر زمن و مدار دوران،

مرات خصائل رضيه

 

خورشيد جمال شيخ جيه،

خضرد دويم و مسيح ثاني،

 

سرچشمه آب زندگاني،

مرغ چمنش ز پردهء راز،

 

هموار چنين بود نواساز.

 

         121: شيخ حسن سومرو: هي صاحب، سيد محمد حسين عرف پير مراد شيرازيءَ جي خاص مريدن مان آهي، ڪلا قوم سندس اولاد آهي ۽ هي سڀ سيد صاحب جي گهراڻي جا مريد آهن.

122: درس ڀنڀو: هي درويش سيد علي سيرازي جو هڪ ڪامل مريد ۽ سندس مقبري جي اوطر طرف آرامي آهي.

123: درويش آجر: تاريخن هن بزرگ جو نالو ”آجر“ ڏيکاريو آهي ۽ ترجمي ۾ وري هن لفظ ”آجر“ کي ”آچر“ لکيو ويو آهي، ”آجر“ لفظ جي تحقيق ڪندي معلوم ٿيو  ته آجر، آجور، آجر، (آگور لفظ مان نڪتل آهن) ۽ سندن معنيٰ ٿيندي پڪل سر، ان لحاظ سان آجر تراش جي معنيٰ سر ڪٽڻ وارو، يا رازو آهي، جيڪڏهن مذڪور لفظ جون اهي معنائون وٺجن ته اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته هي صاحب پهريائين معمار هوندو، مگر تاريخ جي ڪتابن مان ظاهر آهي ته هي صاحب ڀوڳڙي هو، سندس بزرگي هن مان ظاهر آهي ته سيد علي ثاني شيرازيءَ هن کان فيض پرايو، ان کان پوءِ مخدوم نوح رحه جو مريد ٿيو.

125: سيد شاهه عبدالله حسيني: پيران پير جي اولاد مان مٿي ڄاڻايل يارن يعني، سيد منبه، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪر الله،  ۾ وڏي ۾ وڏو يار آهي، هيءُ سڳورو شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ گجرات کان ٺٽي ۾ آيو، هي صاحب مجرد رهيو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف، چڱي وقت گذرڻ  بعد سندس قبر ڊهي وئي، سيد حافظ الله گجراتي پنهنجي خليفن شيخ يعقوب ۽ ابوالبرڪات کي مڪلي تي وڃي سندس ڊٺل نشانن کي ظاهر ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ اهو ارشاد پيران پير طرفان صادر ٿيل هو. ”تحفته الطاهرين“ لکيو آهي ته انهي بزرگ ٺٽي ۾ اچي سيد علي شيرازيءَ کي هن ساري حال کان باحال ڪيو، چون ٿا ته شيخ يعقوب ۽ خليفو ابوالبرڪات پٿر کڻي آيا ۽ سيد علي پنهنجي هٿن سان رکندو آيو، هي صاحب عبدالله اصحابيءَ جي نالي سان مشهور آهي، سندس تربت تي نئين عمارت سن 1350هه بمطابق 1931ع ۾ ٺهي راس ٿي.

126: درويش ڀرڪيولنگ: هن کي مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو ۽ ڪجهه وقت نغارو وڄائيندو هو، ٽڪريءَ واري سمن جي قبرستان جون اڪثر عمارتون خصوصن سهسي لنگ جون ماڙيون ڊاهي، انهي جي پٿرن مان هڪ وڏو منارو ٺاهيو هئائين، رات جو انهيءَ تر چراغ جلائيندو هو ته جيئن عربي سمنڊ جي سوداگرن کي سهولت ٿئي. هن صاحب کي انهن سوداگرن کان ڪافي نذرانا ملندا هئا، جنهن ڪري حاڪم مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو، جيڪو به هن وٽ ويندو هو، ان کان چاڪريءَ جو ڪم وٺندو هو، سيد علي شيرازيءَ کي به تڪليف ڏنائين، جنهن تان مخدوم نوح رحه دل ڪوسي ڪئي ۽ مرزا باقي کيس مخفي طرح شهيد ڪرائي ڇڏيو.

127: درويش سيد حليم: ڏاڍو ڪمال جو صاحب هو ۽ درويش آجر جو همعصر هو. سندس درگاهه داؤد عرف دادرس جي مزار جي ڀرسان آهي.

128: درس علاؤ الدين سومرو: سيد علي ثاني شيرازيءَ جو همعصر آهي، ٻنهي جي وچ ۾ گهڻئي سوال جواب سنڌي زبان جي بيتن ۾ مذڪور آهن، اصل شيخ بهاؤالدين ملتانيءُ يج سلسلي جو مريد آهي، هن جي مزار شيخ جميل ۽ پير پٺتي جي وچ ۾ اهل دل جو زيارتگاهه آهي.

129: شيخ عبدالوهاب: محمد طور ۾ رهندڙ عباسي خليفن مان هڪ وڏي ۾ وڏوخليفو هو، مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي پسگردائي جي هڪ ڳوٺ م رهندو هو، سندس درندا مطيع هئا، مرزا باقي هن جي دجوعات ڏسي هن کي محمد خليل مهردار هٿان شهيد ڪرائي ڇڏيو.

130: راڻو عبيد: ڌاراجا بندر جي نڪامره قوم جو سردار هو، هي صاحب سن 1000هه/1591ع ۾ زنده هو ۽ ڪڪرالي جي حاڪم ڄام جرار جو همعصر هو، هن جون ڳالهيون مشهور آهن، جي صحيح واقعات جي صورت ۾ هي صاحب پيش ڪندو هو.

131: حضرت شيخ احسن صفائي: ٺٽي جي اوليائن ۽ عالي مرتبو اٿس، سندس والده حضرت پير مراد شيرازيءَ جي خادمه هئي. ان ڪري اهڙي بزگزيدي ماحول ۾ ان کي تربيت جو موقعو مليو، حضرت شيخ صفائي پنهنجي پير و مرشد حضرت مراد جي سوانح حيات ”تذڪره المراد“ جي نالي سان مرتب ڪئي. کيس حضرت منصب ”عرضبيگي“ عنايت ڪيو، فقر، درويشي، استغنا، بي نيازيءَ ۾ وڏو مقام حاصل هوس، شاهه حسن ارغون ڪيترائي دفعا ساڻس ملڻ جي تمنا ظاهر ڪئي، مگر هو صاحب هميسه انڪار ڪندو رهيو، پاڻ 931هه/1524ع ۾ وفات ڪيائين، خير البقا مان سندس سن وفات نڪري ٿو، حضرت مراد جي پوئتان مدفون ٿيل آهي، خير البقا کي جيڪڏهن ابجد جي انگن ۾ شمار ڪيو ته سال 944هه/1547ع نڪري ٿو.

132: پير صلاح الدين: پنهنجي وقت جي وڏن صوفين مان هو ”تحفته الطاهرين ۾ لکيو آهي ته ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ هن جون ڪرامتون  ظاهر هيون، مگر ڄام فيروز انهن کي نه مڃيو. تڏهن هن درويش بد دعا ڪيس، ان جي نتيجي ۾ حڪومت تان هٿ ڌوئڻا پيس هن صاحب ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽ محله ڀائيخان ۾ مدفون آهي.

133: مخدوم بلال: هي عالم عالم ۽ اهل دل عارف هو، هن جون ملاقاتون حقيقت جي ڄاڻندڙ مخدوم جمعي سان ٿينديون رهنديون هيون، هميسه تسبيح، تهليل، صوم و صلوات ۾ مصروف هوندو هو، سندس مزار درگاهه شيخ جماليءَ جي ڀرسان مڪليءَ تي آهي.

134: سيد عبدالقدوس: هي صاحب لڪعلوي (لڪياري) ساداتن مان هو، ترخاني دور ۾ حج تي ويو ۽ اتان حضرت علي سائين جو وار مبارڪ کڻي ٺٽي ۾آيو ۽ اتي اچي رهائش اختيار ڪيائين، شهر جا ٻيا سادات ساڙ وچان هن جي سيادت کان انڪار ڪندا هئا.

135: ميان لال: شيخ عالي جي فرزند شيخ محمد واصل جو صحبتي هو، ترخاني دور جو بزرگ هو، سندس روحاني تصرفات بي انداز آهن، سندس مرقد ڪڏهن پيدا ۽ ڪڏهن ناپيدا آهي!“.

136: شيخ فريد: جام حقيقت جي خمار کان مخمود هو، علم ۽ فضل جو صاحب هو، اطاعت ۽ عبادت ۾ ڪمال هوس،  جذبهء محبت جو مقام ۽ تصوف جي غلبي ۾ رتبو عالي هوس، هن جون ڪيتريون ڪرامتون ظاهر آهن، پورچوگيزن جي حملي وقت شهيد ٿيو ۽ ٺٽي ۾ آن بازار جي محلي ۾ مدفون آهي.

137: شيخ حسن: هي پنهنجي وقت جو وڏو صاحب بصيرت هو، سندس صحبت مخدوم اسحاق اربعائي سان هئي، چون ٿا ته هر روز نماز فجر بيت الله ۾ پڙهندو هو، ٻيون به ڪيتريون ڪرامتون کانئس ظهور پذيرٿيون، آن بازار واري محله ۾ سندس مزار آهي.

138: سيد ابراهيم: فصل و ڪمال ۾ وڏو مقامي حاصل هوس، مختلف علوم متعداوله جو به استاد هو، شيخ حسن کان فيض حاصل ڪري دنيا وارن کي واٽ ڏيڻ لڳو، سندس مزار پنهنجي مرشد جي برابر آهي.

139: شيخ موسيٰ لانگاهه: صاحب حال ۽ اهل دل هو، مرزا عيسيٰ ترخان جي آخر عهد ۾ ملتان مان ٺٽي پهتو، قلندرانه مشرب هوس، سرود سان سرس سڪ هيس، پورب جي مقام تي سندس حالت عجيب ٿي ويندي هئي ۽ ٽي ڏينهن استغراق ۾رهندو هو، سائل قوالن کي وٺي هن وٽ ايندا هئا، جڏهن محفل سرود پورب وقت گرم ٿيندي هئي،تڏهين هن کان دعائون گهرندا هئا، سڀ الاهي بارگاهه ۾ مقبول ٿينديون هيون، جامع مسجد شاهجهان جي سامهون ارڪه جو قلعو هوندو هو، جنهن کي حاڪم جو قلعو به چوندا هئا، ان جي ديوار جي متصل محلي ڀائيخان ۾ سندس مزار پرانوار آهي.

140: سيد ابراهيم: هي صاحب اجل ابرار ۽ اڪمل احرار هو، سڄي عمر ڇڙو رهيو، فرنگين جي حملي وقت شهيد ٿيو، سندس مرقد مجلندن جي ڀرسان محلي سهتيه ۾ آهي.

141: پير کٿوريو: صاحب جمال ۽ اهل ڪمال مان هو، چون ٿا ته فرنگين جي شورق وقت کيس ٻه ڪاري زخم رسيا، هڪ ڪلهي تي ۽ ٻيو پيرن جي هيٺان، جنهن ڪري شهيد ٿيو، سندس تربت ڊهي وئي هئي، هڪ سئو سالن کان پوءِ کڻي کوٽين ته سندس جسم سالم نڪتو، ٻنهي زخمن مان خون جاري هو، سندس مزار مفتين جي ڳوٺ جي متصل محلي سهتيه ۾ آهي.

142: سيد ابابڪر: هي صاحب اولياءَ عظام جي گروهه جو وڏو ميمبر هو، عجيب حال ۽ استغراق ۾ رهندو هو، فرنگين جي شورش ۾ شهيد ٿيو، روايت آهي ته فرنگين جي اچڻ کان اڳي ماڻهن کي هن حادثي کان واقف ڪيائين ۽ پنهنجي شهيد ٿيڻ جي به خبر ڏنائين.

143: پير غيب: ترخاني دور ۾ هندستان کان ٺٽي ۾ آيو، قلندر سرمست هو، سندس نالو دراصل ٻيو هو، سندس مجذوبانه ڪرامتون ڪيئي مشهور آهن.

144: بيبي راڻي: خوشيءَ جو عالم آهه جو مخدومنوح رحه جي معاصرن ۾ هن ڪاملهء دور، رابعهء عصر، صاحبه عرفان جو به احوال اچي ٿو، جنهن کي دنيا وارن وٽ مشهور ڪرڻ جو سهرو مخدوم نوح جي مشهور مريد ۽ خليفي حضرت بهاؤالدين گودڙئي جي سر تي آهي. هي سڄي روايت تحفته الطاهرين ۾ آيل آهي، پهريائين بيبي صاحبه ڪنج گمناهيءَ ۾ هئي، سندس هڪ پاڙيسري کي اچي مشڪل ورايو، سو گودڙئي بادشاهه وٽ ويو ۽ ان کيس بيبي راڻيءَ تي موڪليو، جڏهن هو سائل هن پارسا جي دروازي تي پهتو، تڏهن هن صاحبه هن کي دفع بلا جي خوشخبري ٻڌائي، مگر فرمايائين ته ”هاڻي شهرهء آفاق ٿيس، منهنجو دنيا ۾ رهڻ سهڻو نه آهي“. چون ٿا ته ٽن ڏينهن کان پوءِ ان شخص جي مشڪل ڪشائي ٿي ۽ ان ساڳئي ڏينهن هن صاحبه هن دنيا مان سڌاريو.

145: شاهه ڏنو: معارف ۽ حقائق جو صاحب هو، ڏينهن روزن ۾ ۽ راتيون عبادتن ۾ صرف ڪندو هو، سيد ڪمال شيرازيءَ جو صحبتي هو، چون ٿا ته سيد ڪمال علم ظاهري هن صاحب کان حاصل ڪيو.

146: شيخ حاجي بهاؤ الدين: هي صاحب ملتانيءَ جي اولاد مان آهي، ظاهري فضل و ڪمال ڏاڍو هوس ۽ ٻه ڀيرا حج ڪيو هئائين، پير مراد جو مريد هو ۽ مرشد جي نظر بابصير سان درٻار رسول ۾ عرض بيگي جي منصب تي فائر هو، تذڪره المراد ۾سندس احوال آيل آهي.

147: پير بابو: شيخ حاجي بهاؤ الدين جو نوازيل هو، پير مراد کان به مراد حاصل هيس، سندس اصل نالو عمر هو ۽ تذڪره المراد ۾ کيس ”شهيد والا سيد“ ڪري لکيو ويو آهي، تحفته الڪرام کيس بخارا جي سيدن مان لکيو آهي، سندس رياضت ڪري پير مراد کيس بابو بمعنيٰ رياضت واري جو خطاب ڏنو، منقول آهي ته ڪڪراله جي زمين ۾ ڪهر ماڻهن جي هٿان شهيد ٿيو ۽ پاڻ سر مبارڪ هٿ ۾ کڻي مدفن گاهه تي پهتو.

148: سيد احمد بخاري: هي صاحب حال هو، ظاهري علمن ۾ ڪافي دسترس هيس، پير بابو سان محققانه صحبتون ڪندو هو، ان جي روضي جي ڀرسان سندس مرقد آهي.

149: مسڪين ترخان: هي صاحب شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ شان، مان ۽ عزت وارن امير مان هو. مرزا شاهه  حسن جو ڏاڍو معتمد هو، ايتريقدر جو مرزا جڏهن ملتان ويو، تڏهين ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جو فرزند ۽ نياڻي سندس سنڀال ۾ ڏنا ويا.

150: فرخ ارغون: مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي نامي گرامي اميرن مان نهايت بهادر ۽ مشهور بزرگ هو، سندس نشان ٺٽي جي عاليشان مسجد جامع فرخ آهي، جنهن جي شاهجهان جي ڏينهن ۾ دوباره تعمير ٿي جا هاڻي ناپيد آهي.

151: مير عليڪ ارغون: شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي اميرن مان ڪمال بهادريءَ ۽ نهايت دانائي4 ۾ مشهور هو، همايون بادشاهه جي اوج وارن ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن هن کي ڪنهن موقعي تي اوڏانهن موڪليو، اتان بنا اجازت موٽي اچي چيائين ته ”بادساهه جو اهڙو نمونو ڏٺم جو عنقريب ڪو ماڻهو سندس بدطلاف بغاون ڪندو“ حالانڪه هيءَ صورت ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به ڪانه هئي، مگر قدرت خدا جي جو سندس چوڻ سچ ٿي پيو ۽ همايتون بادشاهه شير خان هٿان دربدر ٿيو.

152: ملا بهبود: مرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو، مرزا باقيءَ کي محل مان هڪ ٻانهي پرڻائي، جنهن مان مير علي پٺ  ٺائس، پاڻ مرزا باقي جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي شهيد  ٿيو، سندس پٽ، پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي، مرزا علي سلطان سڏائڻ لڳو.

153: قاضي خميسو: اصل ۾ هڪ رول ماڻهو هو، قاضيءَ جو لقب ”برعڪس لهند نام زنگي ڪافور“ وانگر آهي، مرزا باقيءَ جي دربدريءَ واري وقت ۾ رفاقت ۽ بخت جي ياوريءَ جيبرڪت سان نالائق هوندو به، مرزا باقيءَ جي ڀاءُ مرزا صالح جون جاگيرون هٿ ڪري ساري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدارالمهام ٿيو، سندس اوج هن حد کي پهتو جو هزارن گهوڙن ۽ نوڪرن سان نڪرندو هو، مگر انسانيت ۽ اخلاق کان بنهه ڪريل هو.

154: خواجه خليل: پهريائين ته ويچارو ڳڻ ۾ ڪو نه هو، مگر مرزا باقيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ ڪري کيس مهردار جو عهدو عنايت ٿيو، پنهنجي سر بااخلاق ماڻهو هو، سندس رائنڪ مڪليءَ تي مشهور آهي، هن رائنڪ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ وصيت مزور سان ناهق ٿيل هجي، ان ڪري مون کي ان ۾ دفن نه ڪجو“ ان ڪري کيس انهيءَ کان ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ علحده گنجذ ۾ دفن ڪيو ويو.

155: ملا محمد علي: مرزا جاني بيگ جو وزير هو، ٺٽي ۾ هڪ محلو سندس نالي سان مشهور آهي، سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني وزير جعفر خان وٽ منشي هوندو هو، کيس وري ٻه پٽ محمد مقيم ۽ محمد عارف نالي ٿيا، محمد مقيم پيءُ جي گادي والاري ۽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش وٽ منشي بنيو.

156: ملا گدا علي ڀائيخان: ملا گدا علي ڀائيخان ولد مهتر علي، مرزا جاني بيگ جي اميرن مان هو، مرزا غازي بيگ سان گڏ زهر کائي گذاري ويو، ڀائيخان جو محلو سندس نالي تي اڄ تائين مشهور آهي.

157:محمد امان ترخان: جاني بيگ جي اميرن مان هو، عام طور کيس ملڪ امان چوندا هئا. چوڪ ملڪ امان“ سندس نالي مشهور آهي.

158: امير بيگ ارغون:  مرزا جاني بيگ جي لشڪر جو بخشي هو۽ ساڻس گڏ اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ ويو، اميربيگ جي بازار ان ڏانهن منسوب آهي.

159: مير احمد بيگ مزنگ: مرزا جاني بيگ جو خاص ماڻهو هو، مرزا غازيءَ کيس سلطان جو لقب عطا ڪري، وڪيل ڪل بڻايو ۽ اعتماد خان جو لقب ڏئي، قنڌار صوبي ۾ سنڀال لاءِ موڪليو، سندس پٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي ۾ مشهور هئا، پير پٺي جي درگاهه جي ڏاڪڻ جا ”کٽيءَ“ جي لقب سان مشهور آهن، سا مير شرفو جي يادگار آهي، سندنمحلي ۾ امير خاني سادات رهڻ لڳا.

160: مخدوم يوسف طيونه: هن بزرگ کي طونه ڪري لکيو ويو آهي، هن جو ذڪر تاريخ معصومي آندو، جنهن تان تحفته الڪرام واري نقل ڪيو آهي، پنهنجي وقت جي زاهدن مان هو، قرآت جي علم ۾ پوري مهارت رکندڙ هو ۽ عبادت ۽ رياضت ڪندڙ هو، سندس ڪرامتون مشهور آهن، سن 937هه/1531ع ۾ عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو.

­­­­­

پرديسي پرين

 

هاڻي انهن مڻيادار مشائخن جو ذڪر ڪبو، جن جي شهرن يا ڳوٺن جي خبر نه آهي، يا جيڪي پرديسي پرين وانگر ديس کان دور، پرديس جي پرانهن بيچرن سان پيچ پائي ويا!ٰ

1. ميان عبدالرشيد: بصيرت وارو عالم، پنهنجي وقت جو يگانو عارف، مخدوم نوح رحه جو همعصر هو.

2، 3. شيخ قاسم ۽ سندس فرزند شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي: شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائيءَ پنهنجي تصنيف ”عين المعاني“ جي تهميد ۾ پنهنجو سلسلهء نسب هن طرح لکيو آهي، عيسيٰ بن قاسم بن يوسف بن رڪن الدين بن معروف بن شهاب الدين المعروف الشهابي الجندي السندي الهندي المندن الرائي العشقي الشطاري. 947هه/ 1540ع کان 950هه /1543ع تائين، جڏهن همايون سنڌ ۾ هو ته هت سخت افراتفري پيدا ٿي، ڪيترا عالم ۽ صوبي وطن ترڪ ڪري بي وطن ٿيا، انهن مهاجرن ۾ اسان جو شيخ قاسم ۽ سندس وڏو ڀاءُ شيخ طاهر محمد محدث به هئا، پهريائين هو احمد آباد ۾ آيا، ان وقت حضرت محمد غوث گوالياري جي بيعت ڪري مرشد جي اجازت سان ايلچپور برار آيا، انهن ڏينهن ۾ برار جو حاڪم تغال خان هو، جو عالمن ۽ نيڪن جو قدر دان هو، اتي ٻه ٽي سال رهيا، 5 ذوالحج 962هه/21 آڪٽوبر 1555ع مسيح الاولياء يا مسيح القلوب شيخ عيسيٰ جي ولادت ٿئي، هن صاحب 9 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو ۽ ٻيا علم پنهنجي چاچي شيخ طاهر محدث کان حاصل ڪيا ۽ شيخ قاسم سن 981هه/1573ع ۾ فوت ٿيو، شيخ قاسم رحه بابت شيخ عيسيٰ لکيو آهي ته مون پنهنجي چاچي کان ٻڌو ته پاڻ فرمايائون ته ”منهنجو ننڍو ڀاءُ شيخ قاسم جو مشرب صوفيانه هو، هن جي دل آويز گفتار ۽ پسنديده افعال مان اخيال ۽ ڀلان جون علامتون ظاهر هيون، پاڻ شاعر به هو ۽ تاريخ گوئيءَ تي دسترس هيس، سنڌيءَ ۾ سندس بيت مشهور آهي“ 982هه /1574ع ۾ تغال خان جي فوت ٿيڻ ڪري برهاپور جي حاڪم محمد شاهه فاروقي هن خاندان کي ڇڪيو ۽ هي برهانپور ويا، شيخ طاهر محمد ۽ شيخ عيسيٰ جن جي برهانپور وڃڻ کان پوءِ اتي جا سنڌي خاندان جي هندستان جي مختلف شهرن ۾ هئا، سي به اچي برهانپور ۾ رهيا، برهانپور گويا اهل سنڌ جو مرڪز بڻجي ويو ۽ هو مستقل محلو ”سنڌي پوره“ مشهور ٿي ويو، جو اڄ به موجود آهي، شيخ عيسيٰ روهاني اڃ لاهڻ لاءِ سفر اختيار ڪيو ۽ شيخ يوسف ۽ قاضي جلال الدين ملتاني کان فيض پرايو، ان زماني ۾ حڪيم عثمان بوبڪائي برهانپور آيو، ان کان وڌيڪ عمل جو سبق حاصل ڪيائين، مگر آخر ان صاحب شيخ محمد غوث گولياري جي مريد شيخ لشڪر محمد عارف جي هٿ تي بيعت ڪري روحاني رندن جو پرو لڌو، اطاعت شيخ به واه جو ڪيائين، رياضتن ڪندي ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو، سماع جو حامي هو ۽ درس و تدريس جو خاص مشغلو هوس، شيخ عيسيٰ هيٺين فارسي ۽ عربي ڪتابن جو منصف آهي.1 روضته الحسني شرح اسماي  الاهي، 2 عين المعاني، 3 انوارا الاسرار تفسير ”هن لاءِ تحفته الڪرام ۾ ذڪر آيل آهي)، 4 رساله حواس پنجه گانه، 5 حاشيه بر اشارهء غريبه، ڪتاب انسان ڪامل، شيخ عبدالڪريم جيلي، 6 شرح قصيده برده فارسي، 7 رساله قبلته المذاهب اربع مع اشارات اهل تصوف، 8 حاشيه برشح ضيائه، مولانا جامي، 9 فتح محمدي، 10 تتميم شرح مائته عامل، 11 رساله عقود، 12 ترجمه اسرار الوحي، ازان سواءِ چند ٻيا رساله به سندس قلم مان نڪتا.

14. شوال 1013هه/22 آگسٽ 1622ع ۾ فوت ٿيو ۽ پنهنجي حجره عبادت ۾ دفن ٿيل آهي، سندس مزار خانخانان عبدالرحيم ٺهرائي، کيس چار صاحبزادا ۽ ٻه صاحبزاديون پيدا ٿيون، صاحبزادن جا نالا هي آهن، شيخ عبدالستار، شيخ فتح محمد، شيخ طهٰ شيخ هاشم سندس خليفن مان هيٺيان مشهور ٿي گذريا آهن.

1. حضرت شيخ عبدالعزيز لاهور،  2. حضرت شيخ محمد صديق ڪابلي،  3. حضرت شيخ عبدالقدوس، 4. حضرت شيخ فريد بن عبدالحڪيم، 5. حضرت نور الايمان، 6. حضرت شيخ محمد سنڌي، 7. حضرت حاجي نعمت الله، 8. حضرت شيخ برهان الدين راز الاهي، 9. حضرت شيخ اسماعيل فرحي، 10. حضرت سيد قاسم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com