سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :24

هن اميد ظاهر ڪئي ته هن سمپوزيم  جي غور ۽ فڪر جي نتيجي طور، هن علائقي جو معاشرو نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ترقي ڪندو.

*      *      *

28کان 30 مارچ 1964ع تائين، پشاور ۾ پشاور يونيورسٽيءَ جي اسلاميه ڪاليج جي روس ڪيپل هال ۾، اسلامي تعليمات جي آل پاڪستان ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ جناب راشد صاحب سنڌي ادبي بورڊ طرفان نمائندگي ڪئي.

ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن افتتاحي ۽ مرحبائي تقريرون ٿيون ۽ ڪتابن جي نمائش ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن تقريرن جي نشست ۽ ٽئين ڏينهن مذاڪري جي مجلس منعقد ٿي، جنهن ۾ اخلاقي قدر ۽ تعليمي نظام“ جي موضوع تي قرآني علوم، ڪتاب ۽ سنت، دعوت ۽ ارشاد، فقه ۽ قانون وغيره بابت مقالا پڙهيا ويا.

*      *      *

ڪل پاڪستان چوڏهين تاريخ ڪانفرنس 29 مارچ 1964ع تي، پشاور ۾ شروع ٿي، جنهن جي افتتاحي اجلاس ۾ پشاور يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، جناب محمد علي صاحب، پنهنجي استقبالي خطبي ۾ تاريخ جي مطالعي ۽ تحقيقات جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ”تاريخ انسان معاملات جي زنده ۽ جاندار ڊرامي، قومن، معاشرن، ثقافتن ۽ فردن جي ترقيءَ ۽ زوال جو اهم داستان آهي، جو اسان کي ماضيءَ بابت فيصلي ڪرڻ، حال جي باري ۾ هدايت ۽ تلقين ڪرڻ ۽ مستقبل ڏانهن صاف ۽ شفاف فڪر ۽ خيال سان نهارڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.“

29 کان 31 مارچ 1946ع تائين ٽن ڏينهن جي انهيءَ ڪانفرنس ۾ پڻ جناب  پير حسام الدين صاحب راشدي ”سنڌي ادبي بورڊ“  جي نمائندگي ڪئي.

پنجاب يونيورسٽيءَ جي شعبه تاريخ جي سربراهه پروفيسر شيخ عبدالرشيد انهيءَ موقعي تي پنهنجي صدارتي خطبي ۾ فرمايو ته ”تاريخ جو ٻٽو مقصد آهي: انسان ۾ ماضيءَ جي معاشري کي سمجهي سگهڻ ۽ حال جي معاشري تي قابض ٿي سگهن جي صلاحيت پيدا ڪرڻ، تاريخدان کي سندس مخصوص حالتن هيٺ شايد هڪ خاص علائقي يا اجتماعي زندگي جي ڪنهن خاص زوايي سان وابسته رهڻو پوي، پر کيس انساني سرگرمين جي هڪ حصي کي ٻئي حصي سان صحيح صورت ۾ هن آهنگ ڪرڻو آهي، ته جيئن سندس فن جا بنيادي قدر کوجنا ڪرڻ ۽ اهم فهم، تجربو ۽ باريڪ بين نگاهه، جي تاريخي حقيقتن پويان پوشيده رهن ٿا، ٻين تائين پهچائڻ کان گم نه ٿي سگهن،  ڪارل بيڪر لکيو آهي ته تاريخ جو اصل قدر سائنسي نه پر اخلاقي آهي، تاريخ انسان دل ۽ دماغ ۾ فياضي آڻڻ همدردين ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ ۽ ارادي کي مضبوط ڪرڻ سان اسان کي معاشري تي نه پر پاڻ تي ضابطي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، اها اسان کي حال ۾ وڌيڪ انسانيت سان زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ مستقبل جي باري ۾ ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ نه، پر ان لاءِ تياري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.“

صاحب موصوف پاڪستان ۾ تاريخي مطالعي، تحقيقات ۽ تصنيفن جي ناڪافي هئڻ متعلق انديشو ظاهر ڪندي فرمايو ته ”اسان جي ملڪ ۾ تاريخي ڄاڻ جي اڻاٺ ڪانهي، پر اسان جي ملڪ جي ادبي پيداوار ۾ تاريخ کي اهو درجو حاصل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي اها لائق آهي. سال  1914ع ۾ پروفيسر ايڇ اي آرگب چيو هو مون اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڪو به ڪتاب نه ڏٺو آهي، جو عربستان ۾ خود عربن لاءِ لکيو ويو هجي ۽ جنهن عربن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ته  عربي ثقافت ڇا آهي، اهو رايو، جيڪو 1914ع ۾ عربن لاءِ حقيقت رکندڙ هو، سو اڄ هند_پاڪ جي ماڻهن به اهڙي ئي حقيقت رکيٿو، جن جو موجوده دور ۾ خود پاڻ کي سمجهائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون بريءَ طرح سان ناڪافي آهن ۽ سندن تهذيب جي بنياد ۽ ترقيءَ جي متعلق سندن ناواقفيت کي ظاهر ڪن ٿيون.

”ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ تاريخ بابت جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، تن جو تعداد توڙي معياري غير اطمينان بخش رهيو آهي، سچ کي قومي وقار تي ۽ معيار کي خريدارن جي ڪثرت مٿان قربان ڪيو ويو آهي، انهيءَ دور ۾ تاريخ تعليم ۽ فڪر ۾ پستي آئي آهي، جنهن اسان جي فڪر ۽ نظر جو دائرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، تاريخ جي مطالعي يا تصنيف لاءِ وڏي ۾ وڏو خطرو، عوام يا وقت جي حڪومت کي راضي ڪرڻ جو خيال رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته تاريخ نويسيءَ کي اهڙن گروهن لاءِ پروپئگنڊا جو هٿيار يا بازو بنجڻ نه ڏيون، جي گذريل دورن جي تاريخ کي ڪن مقصدرن لاءِ دوباره لکائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، هيءَ حقيقت اٽل آهي ته هر دور ۾ تاريخکي دوباره لکڻ ۽ نئين سر سمجهڻ جي ڪوششن جو سلسلو هلندو ئي رهندو، گوئٽي چيو آهي ته تاريخ کي وقت بوقت ٻيهر لکڻ گهرجي نه هن ڪري جو اڳي کان وڌيڪ نيون حقيقتون ظاهر ٿين، بلڪ هن ڪري جو نئون نقطه نگاهه پيدا ٿئي ٿو ۽ هڪ دور جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ شرڪت ڪندڙ انسان مٿانهين مقام تي بيهي ماضيءَ جي حالات ۽ واقعا کي نئين نموني ۾ ڏسڻ جهڙو ٿئي ٿو.

”تقسيم کان اڳ، هندستان ۽ پاڪستان جا اڪثر تاريخي ڪتاب برصغير جي سياسي اقتدار جي وڏن مرڪزن جي چوڌاري ڦرندڙ گهرندڙ سياسي ۽ خانداني تاريخي مطالعي تائين محدود هوندا هئا، اڄ جن علائقن تي پاڪستان مشتملآهي، تن جي تاريخ کي وڏي ڀاڱي نظرانداز ڪيو ويو هو، آزاديءَ کان پوءِ ملڪ جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ڪيئي جماعتون ۽ تنظيمون قائم ڪيون ويون آهن، جن جو خاص ڪم اهڙين شين کي ڳولي لهڻ آهي، جي ماضيءَ جي تاريخ تي روشني وجهن“

انهي سلسلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ جيڪي مکيه جماعتون ۽ تنظيمون هن اهم ڪم ۾ مصرفو آهن، تن جي ڪارگذارين تي روشني وجهندي صاحب موصوف ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ذڪر به خصوصيت سان ڪيو، هن چيو: [1]

”سنڌي ادبي بورڊ، سيد حسام الدين راشدي صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ هن کان اڳ اڻڄاتل ۽ محدود دائري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪي نهايت اهم تاريخي تصنيتون شايع ڪيون آهن، جن جو سنڌ علائقي جي ٻوليءَ، تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي گهرو اثر آهي، بورڊ جو سڀني کان وڌيڪ قابل تعريف ڪارنامو سنڌ جي تاريخي معلومات جا سرچشما شايع ٿيڻ آهي، انهيءَ موضوع تي جيڪي ڪتاب هن وقت تائين سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ منظر عام تي اچي چڪا  آهن، تن مان اعليٰ درجي جي علمي ڄاڻ ۽ تحقيقاتي ڪاوشن جو ثبوت ملي ٿو، سنڌي ادبي بورڊ ٻين ڪتابن کان علاوه چچنامي، جو سنڌي ترجمو ۽ مير معصوم بکريءَ جي تاريخ معصومي (اردو) شايع ڪري چڪوآهي، جن مان پوئين ڪتاب ۾ عالماڻا نوٽ پڻ شامل ڪيل آهن، شاهجهان جي زماني ۾ ميرڪ يوسف جي لکيل ڪتاب مظهر شاهجهانيءَ جو ٻيو حصو پڻ مقدمي ۽ وضاحتي نوٽن سان شايع ڪيو ويو آهي، ڪتاب جو پهريون حصو پڻ شايع ڪيو ويو آهي، جو مغل سلطنت جي صوبي سنڌ جي ان دور جي سياسي فلسفي، مختلف سرڪاي ڪامورن جي فرائض ۽ ذميدارين ۽ روزمزه جي انتظام جي سلسلي بابت اسان جي ڄاڻ ۾ قابل قدر اضافو ڪندو، انهن کان سواءِ سن 1959ع ۾ بورڊ طرفان تاريخ تازه نواي معارڪ جو اصل فارسي متن به شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي اهميت هن ڳالهه ۾ آهي ته ڪتاب جي مصنف سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان واسطو رکندڙ اڪثر واقعن، افغان حڪومت سان سندن ناتن ۽ انگريزن جي سنڌ ۽ افغانسان سان تعلقات متعلق اڪثر واقعن جو عيني مشاهدو ڪيو آهي، بورڊ جي ٻين اعليٰ معياري نقنيفن مان تذڪره امير خاني به هڪ آهي، جنهن ۾سنڌ جي انهيءَ دور جي سياسي ۽ فڪري ڪمالات کي پهتل اهڙن گهراڻن جي زندگي جا حالت قلمبند ڪيل آهن، جن سنڌ جي سياسي ۽ فڪري زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو.“

پروفيسر عبدالرشيد صاحب انهيءَ ضمن ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پوءِ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، ايشياٽڪ سوسائٽي آف پاڪستان ۽ پنجابي ادبي اڪيڊميءَ جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ انهن جي علمي ۽ تحقيقاتي سرگرمين جي تعريف ڪئي.

جناب پير حسام الدين صاحب راشديءَ اسلاميه ڪاليج پشاور جي ڪتبخاني جو پڻ معائنو ڪيو ۽ قديم دور جي سنڌي بزرگن جا مخطاطا خص طرح نظر مان ڪڍيا، انهيءَ موقعي تي خطي ڪتابن جي نمائش پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾راشدي صاحٻ هيٺين مخطوطن کي قدامت جي لحاّظ کان نهايت قيمتي قرار ڏنو آهي.

1: دراسات اللبيب_مخدوم محمد معين ٺٽوي

2: وفيات الاعيات_ابن خلقان (ڪتاب 722هه)

3: تاريخ حبيب السير_ مير خوند (ڪتاب 1008هه)

4: ڪتاب الاغاني_ علامه آغاني (نهايت قديم قصائد)

5: عجائب الاشعار_ مسلم بن محمود شيرازي (ڪتاب 690هه)

*      *      *

انهن اجلاس هلندي 22 مارچ شام جو 6 بجي مهل، پنجابي اڪيڊميءَ طرفان پنجاب جي مشهور صوفي شاعر وارث شاههجو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جي صدارت جناب پير حسام الدين صاحب راشديءَ کان ڪرائي وئي، راشدي صاحب پنهنجيءَ صدارتي تقرير ۾ ملڪي زبانن جي سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه چيو، تنهن ٻڌندڙن تي ڏاڍو اثر ڪيو.

 

ڀارت کان آيل سنڌي ادبين جي آجيان

جون 1964ع جي آخري هفتي ۾ پهريون ڀيرو ڀارت جا ٻه ناميارا سنڌي اديب شري آتم (ايڊيٽر ”نئين دنيا“ بمبئي) ۽ شريمتي سندري آتمچنداڻي پنهنجي اباڻي وطن سنڌ ۾مهمان بنجي آيا، هو شاهه لطيف جي سالياني ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ سنڌ جي عالمن ۽ اديبن سان روشناس ٿيڻ جي غرض سان 23 تاريخ بمبئيءَ کان هوائي جهاز ۾ روانا ٿي، ساڳئي ڏينهن ڪراچيءَ پهتا، جتي مقامي اديبن سان گڏ سندن استقبال ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، سکر۽ خيرپور جا به ڪجهه اديبن موجود هئا، 26 تاريخ حيدرآباد اچي 27 تاريخ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس جي افتتاحي نشست ۾ شريڪ ٿيا ۽ شاهه جي مزار جي زيارت ڪيائون، جنهن بعد 10 جولاءِ تائين حيدرآباد ۾ رهيا، ان بعد هو سکر ۽ خيرپور ويا جتان ٽئڪسيلا ۽ ڪوهه مريءَ جو سير ڪري، پنهنجي ماڳ موٽي ويا، پنهنجي مختصر دوري ۾ انهيءَ عرصي ۾ کين هتي جي اڪثر عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، تعليمي شخصيتن، ناشرن ۽ فنڪارن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ علمي ادبي ادارن، ڇاپخانن، لئبررين، ڪاليجن، سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي يونيورسٽين، تفريحگاهن ۽ مکيه بزارن کان علاوه، هو موهن جو دڙو، ساڌ ٻيلو، مڪلي ۽ ٻيا تاريخي ۽ تهذيبي آثار به گهميا، هر هنڌ سندن اعزاز ۾ مرحبائي دعوتون ۽ ادبي ڪچهريون ڪيون ويون ۽ سنڌي ادب ۽ زباني جي فروغ ۽ ترقيءَ جي مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ جناب جي ايم سيد، جناب پير حسام الدين راشدي، مولوي عبدالواحد سنڌي (ايڊيٽر ماهوار ”نئين زندگي“) سراج ۽ قمر شهباز ۽ امر جليل پاران کين مانيءَ ۽ چانهه جون خاص دعوتون ڏنيون ويون، جن ۾ مقامي اديب به شريڪ ٿيا.

حيدرآباد ۾ هو محترم عبدالله چنا ۽ بيگم زينت عبدالله چنا جا خاص مهمان رهيا ۽مقامي اديبن، ادبي جماعتن ۽ صحافين پاران سندن اعزاز ۾ ڪيتريون دعوتون ۽ ادبي گڏجاڻي ڪيونويون، پهرئين ڏينهن 27 تاريخ صبح جو محتره ع ق شيخ وٽ تعارفي گڏجاڻي جو اهتمام ڪيو ويو، ٻنپهرن جو محترم شيخ علي محمد (ايڊيٽر روزانه “عبرت“) وٽ مانيءَ جي دعوت ٿي ۽ شام  جو محتره محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ”اداره انسانيت“ طرفان سنڌوءَ جي ڪناري تي، ڪوٽڙي براج (ڄامشورو) جي پل وٽ، هوٽل المنظر“ جي پرفضا ماحول ۾ چانهه جي دعوت ٿي، ٻئي ڏينهن شام جو محترم حميد سنڌي (ايڊيٽر ”روح رهاڻ“)، زندگي پبليڪيشن پاران چانهه پارٽيِ ۽ ادبي گڏجاڻي جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ شعر ۽ افسانا پڙهيا ويا ۽ رات جو محترم رسول بخش خمار اداره آواز ادب پاران هوٽل فارول ۾ ڊنر ڏني، 4 جولاءِ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ پاران محترم عبدالغفور انصاريءَ بسنت هال ۾ چانهه پارٽي ڏني، جتي شري آتم کان ”ڀارت ۾ ورهاڱي بعد سنڌي ادب، زبان ۽ تهذيب جي ترقي“ جي موضوع تي ليڪچر ٻڌڻ جو انتطام به ڪيو ويو، شري آتم پنهنجي تفصيلي ليڪچر ۾ ڀارت ۾ سنڌي ادبين ۽ اڳواڻن طرفان سنڌي زبان ۽ تهذيب جي برقراريءَ لاءِ جاري ڪيل جدوجهد جي سرسري اپٽار ڪئي ۽ ادب جي هر شاخ ۾ڪيل تجربن ۽ اشاعتن، اخبارن ۽ ادارن جي ڪارگذاريءَ تي روشني وڌي، انهيءَ موقعي تي بسنت لاج جي سيڪريٽري سيد نور محمد صاحب ۽ جناب محبوب علي چنا به تقريرون ڪيون ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سنڌي زبان جي تحقيقي ڪمن لاءِ ٻنهي طرفن جي عالمن۽ اديبن جي باهمي تعلق ۽ دلي تعاون تي زور ڏنو، ان بعد ساڳئي ڏينهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي وڏي فرزند جناب مرزا اسد بيگ طرفان چانهه جي دعوت ٿي، جتي مهمانن کي مرحوم مرزا صاحب جا تبرڪات قلمي ۽ ڇاپي ڪتاب استعمال ڪيل مختلف چيزون، فوٽا وغيره، ڏيکاريا ويا، بعد ۾ سمورا حاضر اديبم، مهمانن سميت مرحوم مرزا صاحب جي مزار تي پهتا، جتي زيارت ۽ قاتحاخوانيءَ بعد محترم جواجه غلام علي الان جي صدارت ۾، مرزا صاحب جي يادگيريءَ ۾ هڪ ادبي نشست منعقد ٿي، مولانا غلام محمد گراميءَ مخدوم اميراحمد، خواجه غلام علي الانا ۽ مرزا اسد بيگ، مرحوم شمس العلماءَ جي حيات ۽ ڪارگذارين تي روشني وڌي، امداد حسيني، مرزا اسد بيگ ۽ شمشير الحيدري شعر ٻڌايا، مرزا اڪمل بيگ ۽ مسٽر محرم خان، مرزا صاحب مرحوم جا ڪلام ڳائي ٻڌايا، 5 تاريخ تي صبح جومهمانن پنهنجون اصلوڪيون رهائش جايون ڏٺيون۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي استادن ۽ شاگردن سان ڪچهري ڪئي، شام جو سٽي ڪاليج ”سنڌي ادبي مجلس“ طرفان سندن اعزاز ۾ چانهه پارٽي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪاليج جي پرنسپال، عملي، شاگردن ۽ اديبن شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ مختصر مشاعرو به ڪيو ويو، رات جو سنڌي ادبي بورد جي اسسٽنٽ سيڪريتري محترم غلام ربانيءَ دنر ڏني، 6 تاريخ سچل ڪاليج جي عملي ۽ شاگردن پاران سچل ڪاليج ۾“ چانهه پارٽي ۽ مشاعري ۽ راڳ ساز جو انتظام ڪيوويو، جنهن ۾ ٻين ڪاليجج جا استاد به شريڪ ٿيا ۽ ڪافي شاعرن ۽ ريڊيو فنڪارن ان ۾ حصو ورتو. ساڳئي ڏينهن ”ادارا ادب نو“ پاران محترم طارق اشرف ڊنر ڏني، 7 جولاءِ شام جو پريس ڪلب ۾ روزانو ”خادم وطن“ جي جوائنٽ ايڊيٽر محترم مقبول صديقيءَ چانهه جي دعوت ڪئي، جنهن ۾ مقامي صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان بعد ساڳئي ڏينهن رٽر هوٽل ۾ ٽن ادبي جماعتن ”سنڌي ادبي سنگت، ”بزم طالب الموليٰ“ ۽ ”رائٽرس گلڊ“ پاران ڊنر جي گڏيل دعوت ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽنهي جماعتن جي ڪارڪنن کان علاوه جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي) جناب پير حسام الدين راشدي (ڊائريڪٽر سنڌي ادبي بورڊ) جناب شيخ علي محمد (ڊائريٽر سنڌي ادبي بورد ۽ ايڊيٽر روزاني عبرت) جناب محمد حسين ترڪ (رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي)، جناب مولوي عبدالغفور سيتائي (ايڊيٽر روزانه نواءِ سنڌ) ۽ جناب تاج صحرائي (هيڊ ماسترطالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو) به مدعو هئا، محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ رائٽرس گلڊ پاران محترم امداد حسيني بزم طالب المولا پاران ۽ شمشير الحيدري سنڌي ادبي سنگت پاران ترتيبوار مهمان اديبن جي آجيانطور پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، طلعام واپرائڻ بعد حاضر شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، اسين ڇو لکون ٿا؟“ انهيءَ دلچسپ موضوع تي ڪن اديبن کان سندن خيال ٻڌا ويا ۽ آخر ۾ شري اتم ۽ شريمتي سندريءَ پڻ انهيءَ سوال تي پنهنجا ويچار پيش ڪيا، 9 جولاءِ تي سنڌي ادبي بورد جي لان تي مشاعرو ٿيو،  جنهن ۾ شيخ اياز، امداد حسينيءَ، شمشير الحيدري، پرواني ڀٽي، رشيد ڀٽي، پريو ناشاد ۽ ٻين شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، انهيءَ موقعي تي شريمتي سندريءَ پڻ پنهنجا بيت ٻڌايا ۽ ”دکايل“ جي مشهور ڪافي اکين مان ڇلڪي ڇلڪي ڍلڪي پوي ٿو پاڻي“ پر سوز آواز ۾ ڳائي ٻڌايو، ريڊيو فنڪار محترمه زرينه بلوچ به شيخ اياز جا گيت ۽ وايون ڳائي ٻڌايون. 10 جولاءِ آخري ڏينهن تي مهمان اديبن جناب علامه آءِ آءِ قاضي ساحب سان ملاقات ڪئي ۽ حيدرآباد کان سکر روانا ٿي ويا، حيدرآباد جي سمورين ڪچهرين ۾ مختلف موقعن تي هيٺيان اديب ۽ شاعر شامل رهيا، مخدوم محمد زمان طالب المولا (چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ) پير حسام الدين صاحب راشدي (ڊائريڪٽر سنڌي ادبي بورڊ) شيخ علي محمد صاحب (ڊائريڪٽر سنڌي ادبي بورد ۽ ايڊيٽر روزاني عبرت) مولانا عبدالغفور سيتائي (ايڊيٽر روزانه نواءِ سنڌ) مقبول صديقي (جوائنٽ ايڊيٽر روزاني خادم وطن) سردار علي شاهه (ايڊيٽر روزانه مهراڻ) مولانا غلام محمد گرامي (ايڊيٽر سماهي مهراڻ)، الياس عشقي (اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) محمد حسين ترڪ رجسٽرار، سنڌ يونيورسٽي) محمد ابراهيم جويو (اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ) خواجه غلام علي الانا (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌي اڪيڊمي) محبوب علي چنا (پرنسپال سچل ڪاليج) غلام نبي ڀنگر (پرنسپال سٽي ڪاليج) تاج صحرائي (هيڊ ماستر طالب المولا هاءِ اسڪول دادو) مير محمد نظاماڻي (اسسٽنٽ ڪنٽرولر اگزئمنيشنس سنڌ يونيورسٽي) عبدالغفور انصاري (اسسٽنٽ سيڪريٽري بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪريتري ايڊيوڪيشن) مخدم امير احمد (پرنسپال اورينٽل ڪاليج) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي (ريسرچ اسسٽنٽ شاهه ولي الله اڪيڊمي) بيگم زينت عبدالله چنا، مس رشيد شيخ، ع ق شيخ، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني، شمشير الحيدري، امداد حسيني، رسول بخش پليجو، آغا سليم، مراد علي مرزا، ممتاز مرزا، شيخ اسماعيل، حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز (سکر کان) رشيد ڀٽي (سکر کان) جمال ابڙو (ٽنڊي الهيار کان) بردو سنڌي (نوابشاهه کان) الطاف عباسي (نوابشاهه کان)خواجه سليم (ڪراچي کان) طفر ڪاظمي (ڪراچيءَ کان) محسن عباسي (ٺٽي کان) حميد سنڌي، اشفاق قاضي، رسول بخش خمار، عبدالقيوم صائب، محرم خان، مرزا اسد بيگ، جمال رند، طارق اشرف، غلام نبي مغل، ابن حيات پنهور، پروانو ڀٽي، مقبول ڀٽي، شمس الدين عرساڻي، ناصر، نياز همايوني، اقبال آگرو، پرڀو ناشاد، شبير هاتف، حسين بخش خادم، نجم عباسي، زيب ڀٽي، مظفر سومرو، عبدالوحيد صديقي، قاضي خادم وغيره بيگم چنا جي جڳهه تي مس رشيده حجاب، مس نجمه شيخ، مس نصرت چنا ۽ ٻيون اديبائون به شريمتي سندريءَ سان مليون، شڪارپور ۾ مس ثميره زرين، ڪاڪي جهامنداس ڀاٽيا ۽ ٻين اديبن سان سندن ملاقات ٿي.

خيرپور ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سندن ميزبان هو، سچل اڪيڊميءَ جا ڪارڪن ۽ ٻيا ڪيترائي اديب، نسيم کرل، غلام علي کوکر، وغيره  استاد ۽ اديب دوست ساڻن مليا. سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ رائيٽرس گلڊ پاران سندن اعزاز ۾ ادبي ڪچهريون ۽ دعوتون ڪيون ويون.

ڀارتواسي اديبن جو هي سڀاڳو جوڙو هتي جي ادبي حلقن ۾ ڪڏهن به انوکو ۽ اجنبي نه رهيوآهي، آتم ڀارت مان نڪرندڙ مشهور ماهوار رسالي ”نئين دنيا“ جو ايڊيٽر، سنڌيءَجي چوٽيءَ جي ليکڪن مان هڪ ۽ مخلص سماجي ڪارڪن آهن، سندري سنڌيءَ  جي هڪ پهرين افسانه نويس ۽ ناول نگار، آتم جي رفيقه حيات آهي، ٻنهي جون تخليقون هتي جي سنڌي رسالن۾ ٻه شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ خود ”نئين دنيا“ رسالو به هتي ڪافي مشهور آهي، ٻئي ڄڻا ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف آهن، جيڪي ادبي اهميت جي لحاظ کان سنڌ ۾ ڪافر ڪارگر ۽ مقبول ثابت ٿيا آهن، سندريءَ جي مشهور ناول پريت پراڻي، ريت نرالي“ جو ته نئون ڇاپو به تازو هتان شايع ڪيو ويو آهي.

ورهاڱي کان پوءِ هيءَ پهريون موقعو هو جو سنڌيءَ جا ٻه اديب، ڀارت کان اچي هتي جي اديبن سان مليا، مختلف ملڪن ۽ زبانن جي ادبي وفدن جو تبادلو ڪيتريقدر ضروري آهي، سا ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو، پاڪستان جي مختلف زبانن جا وفد دنيا جي پر انهن ملڪن تائين ويندا رهن ٿا ۽ خود ڀارت ۽ پاڪستان جا ردو اديب شروع کان ئي هڪ ٻئي وٽ ايندا رهن ٿا، بيحد ضروري آهي ته سنڌي زباني جي ٻنهي پاسن کان ادبي وفدن جو تبادلو متواتر جاري رکيو آهي.

 

جناب پير حسام الدين صاحب راشديءَ جي اعزار ۾ ادبي گڏجاڻي

8 جولاءِ 1964عجع تي شام جو ڇهين بجي سنڌي ادبي بورڊ جي لان تي جناب پير حسام الدين راشديءَ جي اعزاز ۾ ادبي گڏجاڻي ۽ چانهن پارٽي ڪئي وئي، جنهن ۾ کانئن سندن روس جي تاريخ دوري جا تاثرات ٻڌا ويا، پاڻ ماسڪو ۾ منعقد ٿيل آفريڪي، ايشيائي ٻولين جي ڪارڪن ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، ٽن هيفتن جي دوري بعد 28 جون 1964ع تي ڪراچي موٽيا، روس ۾ انهيءَ مختصر قيام دوران پاڻ سائبريا ۽ وچ ايشيا جو گشت ڪيائون ۽ سمرقند، بخارا، تاشقند ۽ ٻين مکيه شهرن جا علمي ۽ تعليمي ادارا، لئبرريون ۽ عجائب گهر ڏٺائون ۽ اتي جي عالمن، اديبن ۽  شاعرن سان ملاقاتون ڪيائون، آفريڪي ۽ ايشيائي زبانن بابت مذاڪري جي مجلس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري پاڻ پنهنجي ملڪ ۽ اتي جي زبانن جي نمائندگي ڪيائون.

جناب راشدي صاحب پنهنجي دوري جا تاثرات تفصيلي طرح ٻڌايا ۽ روس جي علمي، ادبي ۽ تهذيبي حالتن جو خاڪو دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو، روس ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي واقفيت بابت راشدي صاحب ٻڌايو ته سنڌي ادب کي روس ۾ وڏيءَ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اتي جا ادبي ادارا سنڌي ڪتابن کي پنهنجي زبان ۾ ترجمون ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته روس جي لئبررين ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن، مهراڻ ۽ نئين زندگي کيوڏي دلچسپي سان جمع ڪيو پيو وڃي. اتي سنڌ جا اديب، مصنف ۽ شاعر نهايت معروف ۽ مقبول آهن ۽ ڪيترا سنڌي ڪتاب روسي زبان ۾ ترجمون ڪيا ويا آهن، راشدي صاحب چيو ته سنڌ کي فني نگاهه کان روس وارا تمام گهڻو ويجهو سمجهن ٿا ۽ روسي ۽ سنڌي فن، راڳ، ادب ۽ شعر جو پاڻ ۾ ڪافي ربط ملي ٿو. هن چيوته روس جي اديبن کي سنڌيءَ جي قديم توڙي جديد شعر ۽ ادب جي مکيه شخصيتن جا ڄاڻ آهي ۽ هو سنڌيءَ کي هڪ زنده ۽ ترقي يافته زبان سمجن ۽ مڃن ٿا.

راشدي صاحب جي اعزاز ۾ ڪيل هن دعوت ۾ حيدرآبادجي مکيه علمي، ادبي ۽ تعليمي شخصيتن شرڪت ڪئي، جن مان هيٺيان نالا قابل ذڪر آهن، ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، سنڌ يونيورسٽي جون اڳيون وائيس چانسلر، مسٽر محمد حسن ترڪ، سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار، مسٽر علي محمد چاڳلا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو رينجل ڊائريڪٽر، مسٽر الياس عشقي ريڊيو پاڪستان جو اسسٽنٽ رينجل ڊائريڪٽر، مسٽر غلام علي الانا سنڌ اڪيڊمي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي جو ريسرچ اسسٽنٽ، شيخ علي محمد ڊائريڪٽر  سنڌي ادبي بورڊ، ايڊيٽر سماهي مهراڻ محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني، امداد حسيني، نياز همايوني، حميد سنڌي، اشفاق قاضي، طارق اشرف، غلام نبي مغل ۽ شمشير الحيدري، ڀارت کان آيل مهمان اديب اتم ۽ سندري ۽ سکر کان شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي پڻ انهي موقعي تي موجود هئا.

راشدي صاحب روس جي ادبي ادارن کي سنڌ ادبي بورد جا ڪتاب پڻ تحفي طور ڏنا.


* هن وقت چچنامي جو اردو ترجمو به بورڊ شايع ڪري چڪو آهي.         ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com