سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :7

علي بابا

اسين ماڻهو

 

هو تکو ڪو نه هلي سگهندو هو، هن جي کاٻي ٽنگ يا ته ڪچيءَ کان ڌڏ مان نڪتل هئي، يا شايد چنڊ گرهڻ هيس، پر مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هن جي ٽنگ ۾ مڙئي ڪو ڦير هو، جو سندس هلڻ جي لوڏ مان پيو لکائيندو هو، سدائين جهڙو ٿڪل ٿڪل، اداس، اداس، بيمارن وانگي، ڏس ته قياس پيو اچي.

هو اسان جي گڊس آفيس ۾ سيل_ مئن (sealman) هو. عمر ڪا 60، 61 سال هونديس، اٻوجهه چهرو، ننڍو قد، بت ۾ سڪل ۽ سنهڙو_پري کان ڏس ته جهڙو چوڏهن سالن جو ڇوڪرو پيو اچي سڄو ڏينهن پيو گڏهن وانگي وهندو هو ۽ ڇڙٻون ۽ گاريون کائيند هو.

”اري او ڪي بچي! جا دوڙڪي ايڪ آني ڪا برف لي آ. اري او، سيل مئن!

ڪهان مرگيا! يه پيسي لو، فٽ سي دو لفافي لي آ.“

”اري او سالي، يه تار دي آ. واپسي مين گهر سي ڪپڙي ليڪر ڌوبي ڪو ديتي آنا. ابهي، جلد جا!”

اسان جي آفيس ۾ ٻيو ڪو به چپراسي ڪو نهو، تنهن ڪري سڀ ڪم هن کي ئي ڪرڻو پوندو هو، هڪ ڪم مان جند آجي ٿيندي هيس ته ٻئي ڪم سان ڀڳو ويندو هو.

”اري او حرامي، ڪهان مرگيا ٿا، جا يه ميمو دي آ، ايڪ سي ٽي او، ڪو، ايڪ واءِ ايف او، ڪو او واپسي مين ميرا کانا ليتي آنا، ابهي او مر دود، يه ڪسي چلتا هي، جلدي جا. سالا ايڪ ميموديني مين سرا دن لگا ديتا هي!“

برسات پئي رهي هجي، آسمان مان باهه وسي رهي هجي، يا ڀلي طوفان برپا هجي، هو سڄو ڏينهن پيو يارڊ ۾ لنگڙ، لنگڙ، ڪري هلندو هو ۽ گاڏن ۾ ليبلون ٻڌي سيل ڪندو  رهندو هو، تان جو رات جا ڏهه_يارهن وڄي ويندا هئس.

مون ڪئين دفعا هن کي سندس ميرو ٽوال ( جنهن سان هو ڏينهن تتي مهل پنهنجو مٿو ڍڪيندو هو) پيٽ تي سندرو ٺاهي ٻڌل ڏٺو هو، جي کڻي پڇ ته اڙي هي پيٽ سان ٽوال ڇو ٻڌو اٿئي؟ ته چوندو هو، ”ايسي هي، جرا پيٽ مين تڪليف ٿي“ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو ڏينهن پيو پيٽ جي سور سان وٽبو هو، الائي ڪهڙي بيماري لڳي هيس جو ڏينهون ڏينهن ويو ٿي لڙهندو.

مون سان مڙئي ياراڻي هيس، سو جڏهن ڪا ڳالهه پڇڻي هوندي هيس يا گهر کان آيل چٺي چپاٽي پڙهائڻي هوندي هيس ته ٻين کي ڇڏي، منهنجو پاسو اچي وٺندو هو، آفيس جي معاملن ۾ به مون سام کلندو هو، ڪا به ڳالهه دل ۾ هونديس ته ڦري گهري اچي مون سان اوريندو هو ”بابو جي! يه ريلبي اوبر ٽائيم ڪيون نهين ديتي هئي؟ ديکونا، صبح آٺ بجي آتا هون، رات ڪي گياره بجي جاتا هون!“ يا چوندو هو ”ڀائي، يه ڪڪ آئوٽ ڪي ڪيا معنيٰ هوتي هي؟ بڙا صحب جب ڀي مجهه سي ناراج هوتا هي، ڪهتا هي، ڪڪ آئوٽ ڪر دونگا!” ڪڏهن ڪڏهن هو اهڙا سوال ڪندو هو جو مون کي کل اچي ويندي هئي ۽ ائين به ٿيندو هو جو هن جي ڪيترن سوالن جو جواب آءٌ نه ڏئي سگهندو هوس.

هڪڙي ڏينهن هو مون کي ڏاڍو خوش نظر آيو، انهيءَ ڏينهن پگهار جو ڏينهن هو، الائي ڪنهن اها ڳالهه مٿي ۾ ويهاري ڇڏي هيس ته پگهار وڌي ويو آهي، سو ڏاڍو پئي ٽڙيو. چئي : ”ڀائي، آج تو ڦلم ديکينگي! سنا هي ٽئڪسي ڊرائيبر، بڙي اڇي ڦلم هي“ ۽ ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن هو پگهار وٺي آيو ته ڄڻ هٿ وڍائي آيو هو، الائي ڪهڙن وسوسن ۾ پئي گهوتا کاڌائين. ”ڀائي، يه ميري دور روپئي ڪيون ڪاٽ ديئي؟ ميري تو سڀ حاجريان ٿين!“ مون کيس ٻڌايو ته ٻن مهينن کان جو واشنگ الائونس ملي رهيو هو، سو به ڪاٽي ورتو اٿن، پر هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته واشنگ الائونس ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي.

آفيس ۾ سڀني جو خيال هو ته هن کي ٽي، بي لڳل آهي، تنهن ڪري آفيس جي مٽ مان پاڻي پيئڻ جي کيس منع ٿيل هئي، پر مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هن کي ٽي بي يا اهڙي قسم جي ڪا به ٻي بيماري لڳل ڪا نه هئي، مان ئي ڇا، سڀني کي خبر هئي ته هن کي ڪهڙي بيماري لڳل هئي ۽ سندس بيماريءَ جو علان ڇا هو. پر اسان ڪڏهن به انهيءَ باري ۾ غور نه ڪيو هو ۽ اسين سڀئي هن کي ڏس ڏيندا هئاسين ته ڪنهن سٺي ڊاڪٽرن کان علاج ڪراءِ، نه ته مري ويندي ۽ اها حقيقت آهي ته جڏهن به آءُ هن جي پيٽ تي ميرو ٽوال ڏسندو هوس ته مون کي به هن جي صورت کان پيو خوف لڳندو هو، ڊپ اهو ٿيندو هوم ته متان پيسا نه گهري، ڇو جو هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به اهڙي قسمن جي حجت نه ڪندو هو ”ڀائي آج تو بڙي جورڪي بوک لگ رهي هي! چار آني ديو، تنکا ڪي روج ديدونگار“ هو اهڙي ته مسڪين ۽ معصوم صورت بائي ائين چوندو هو جو ڪاوڙ جي بجاءِ هن تي رحم اچي ويندو هو ۽ اهي پيسا هو پگهار جي ڏينهن ضروت موٽائي ڏيندو هو.

هڪڙي ڏينهن اسان جي آفيس جو عملو جمعي نماز پڙهڻ ويو هو ۽ اسين ٻيئي آفيس ۾ اڪيلا ويٺا هئاسين، مون کي ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪو نه هو، سو آفيس جي بينچ تي مزي سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو، سگريٽ جا سوٽا پئي هنيم ۽ اخبار به پئي پڙهيم، هن پنهنجي منهن ويٺي ٻلٽين جي ڪتاب تي ٺپا هنيا ۽ شوڪارا ڀريا، مون صحيح ڪيو ته اڄ ڪا جٺ ٿي اٿس، پر منهنجي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪا نه هئي، ڀلا ڪهڙو ڏينهن خالي هو جو هن سان جٺ نه ٿي هجي، هن پاڻيهي ڀڙڪو کاڌو.

”ڀائي“ اب تو اس نوڪري سي جي کٽا هوگيا هي، آج ڦر بڙي صاحب ني چارج ڇيٽ ديد يا هي، ڀلا مئين ڪوئي پڙها لکا هون جو روج روج بيٺا چارج ڇيٽ ڪا جواب لکون!“

”ڪس بات ڪا چارج ڇيٽ هي؟“ مون پڇيو

”آج بڙي بابو ني مجهي روئي ڪي بورون مين سوتي ديک ليا، ديکونا، ڀائي، مئين ڀي انسان هون، صبح آٺ بجي ڪام پي آتا هون، رات ڪو درس_دس گياره_گياره بجي جاتا هون، تم اپنهنجي ايمان سي ڪهو، ڪڀي يه لوگ مجهي چين سي بيٺني ديتي هئين؟ اور تو اور، آتبار ڪي روج ڀي ڪام پي آنا پڙتا هي، ڦر ڀي آگر ڪسي روج ٿوڙا دير سي آجائون تو يه لوگ هجار باتين سناتي هئين او چارج ڇيٽ ٿما ديتي هئين، سچ، مئين تو روج روج ڪي جهگڙي سي تنگ آگيا هون، سوچتا هو، نوڪري ڇوڙ دون!“

”اور ڪيا ڪروگي؟“

هن منهنجي جو ڪو جواب نه ڏنو، الائي ڪهڙيءَ سوچ  ۾ ٻڏي ويو هو، مان سندس گهريلو حالتن کان واقف هوس، مان ئي سندس گهران آيل خط کيس پڙهي ٻڌائيندو هوس، مون کيس چيو ”پگلي! ايسا خيال ڪبهي دل ۾ نهلانا، نوڪري بڙي مشڪل سي ملتي هي، اور ڦر تم اڪيلي تو نهين هو، تماري پيڇي پوري سات افراد کاني والي هئين، ان ڪا ڪيا هوگا؟“

      ”ڦر يه لوگ مجهي چين سي ڪيون نئين رهني ديتي؟“

      ”ڀائي، تم نهين جانتي، مئين پهلي هي ڪتنا دکي هون!“

هن پنهنجو ڪنڌ ميز تي جهڪائي، منهن تي ٻانهن ڏئي ڇڏي، هن ڳوڙها ڪو نه ٿي وهايا، هن سڏڪا ڪو نه ٿي ڀريا، پر هو روئي رهيو هو. هو ائين ئي روئندو هو_ سدائين پيو روئندو هو:

تنهن کان ٻئي ڏينهن، هڪ ضروي ڪم سان مون کي حيدرآباد وڃڻو پيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن آءٌ صبح جو سويري آفيس پهتس ته نظاموءَ جي جڳهه تي هڪ ٻئي ڇوڪري کي آفيس جون يزون ڪرسيون صفا ڪندي ڏٺم، مون سوچيو، ڪو نول ڀنگي آهي، جو ٻهاري ڏيڻ سان گڏ آفيس جون ميزون ڪرسيون جهاڙڻ به پنهنجي ڊيوٽي سمجهي ٿو. سو، ڌوڙ کان بچڻ لاءِ، آءُ آفيس کان ٻاهر ٽيلار ڪرڻ لڳس.

اها مون کي پوءِ خبر پئي ته نظاموءَ کي ڊسچارج ڪيو ويوآهي، هن ڪنهن واپاريءَ کان سيل لڳائڻ جا پيسا گهريا هئا ۽ هن جو ٻيون به گهڻيون ئي شڪايتون هيون، تنهن ڪري کيس نوڪريءَ کان خارج ڪيو ويو هو.

جڏهن مون افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان جو هڪ بابو صاحب ڪاوڙجي ويو، چئي ”اري“ تم نهين جانتي، وه سالا ڪتنا حرامي هو گيا ٿا، ميان، وو هم تم سي زياده ڪيا ليتا ٿا، خدا ڪي قسم، سيل لگاني ڪي لئي ايڪ روپي سي ڪم نئين ليتا ٿا!”

     مون چيو ”ڪهان يار! وه تو بيچاره سارا دن بوکا مرتا ٿا“

انهيءَ تي منهنجي هڪ ٻئي ساٿيءَ بل کاڌو ”اري تمهين ڪيا معلوم! وه تو سالا ميري لوڊنگ ڪي پيسي ڀي کاجاتا ٿا، جو نيا بيوپاري آتا، اس سي ڪهتا، پيسي نڪالو تو تيرا مال جلدي گاڙي ۾ ڀجوادونگا، جڀي تو مين سالي سي جلتا ٿا، سالا حرامي ڪمذات!“

اتي اسان جي هڪ پنجابي بابوءَ کان به نه رهيو ٿيو، هڪدم چيائين: ”اجي، آس دي ڪي گل ڪردي هو، او تي ساڍا ڀي باپ بڻيا سي! مينون ڪهدا سي، بابو جي! تسي اتي پيسي ڪماندي هو، ڪدي سانون ڀي چاءَ پاني ڪرائين! مين سالي دي مون تي چٽاخ سي چاٽا ماريا تي سالي دا مون ئي لال هوگيا، سور دي اولاد!“

انهيءَ ڳالهه تي ٽهڪڙو مچي ويو، سڀني نظاموءَ کي گاريون ڏئي پئي خار ڪڍيا.

وري هو مونکي ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو، ها، سندس وڃڻ کان پوءِ جلد ئي هن جو هڪڙو خط مون کي مليو، جو اڃان تائين مون وٽ رکيو آهي، چونڊا آهن ته پرائو خط پڙهڻ اخلاقي جرم آهي، پر مان توهان کان لڪايان نٿو. هن جو خط مون پڙهيو آهي. هونئن به، هن جا خط مان ئي کيس پڙهي ٻڌائيندو هوس،  شايد انهيءَ ڪري هن جو خط پڙهندي منهنجي ضمير مون کي ڪا ملامت نه ڪئي، اهو خط مان توهان کي به ٻڌائڻ چاهيان ٿون، گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي، مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته انهيءَ خط ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، جنهن کي توهان جو ضمير ٻڌڻ لاءِ آماده نه ٿئي، هي هڪ ماءُ جي ڏنگن ڦڏن اکرن سان لکيل، هڪ سڌو سادو خط آهي، اسان جي ملڪ جي ڪروڙين انسانن جي هڪ دردڀري ڪهاڻي، جنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، پر انهيءَ باري ۾ ڪڏهن به غور نٿا ڪريون، نظاموءَ ڏانهن سندس ماءُ جي لکيل انهيءَ خط جي عبارت ڪجهه هن طرح آهي.

”نورچشم نظام الدين، خدا توکي سدا سلامت رکي!

”هن کان اڳ به هڪ خط توکي موڪلي چڪي آهيان، پر تو انهيءَ جو ڪو به جواب نه ڏنو، هتي آءٌ سخت پريشان آهيان، تنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي طبيعت سخت خراب آهي، مدي جو بخار ٿي پيو اٿس، ڊاڪٽر چوي ٿو ته سيون لڳنديون، نه ته ... منهنجو ته هينئون ٿو ڦاٽي! سٺا پٽ، ڪيئن به ڪري، اڌار سڌار وٺي، ويهه روپيا موڪل. بيماري جدا، ته گهر جو وري هي حال آهي جو شام لاءِ اٽو به ڪونهي، دڪان واري اڌار ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ٻيو ته هن واري مڙئي ڪفايت سان هٿ هلائجانءِ، ٻڌو اٿم ته سيل، مئن کي وڌيڪ ڪمائي ٿيندي آهي، سو ڪوشش ڪري هن واري سڄو پگهار موڪلجانءِ، رڳو دڪان واري جائي پنجيتاليهه روپيا ٿي ويا آهن، تنهن کان سواءِ به ٻي گهڻيئي ڏيڻي، وٺڻي آهي، تنهنجي وڏيءَ ڀيڻ جو چولو صفا ڦاٽي، ليڙون ٿي ويو آهن، هن کي ڏسي ته منهنجو اندر ٿو کامي، تنهن جي چاچي به مون سان مائٽي ڇني وڃي ڌارين سان ناتو ڳنڍيو آهي، ڀلا پاڻ غريبن جي نياڻي کين ڪيئن پسند ايندي! ٻيو ته اڳئين خط ۾ تو لکيو هو ته تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، انهيءَ ڏينهن کان منهنجو سک ڦٽي ويو آهي، مٺا پٽ، اڄڪلهه جي بيماري تمام خطرناڪ آهي. پنهنجي دوا دارونءَ جو خيال رکجانءِ، ۽ تو کي ڏٺي ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا آهن، سو جيڪڏهن پگهار نه ڪٽجي ته ڪڏهن اچي منهن ڏيکاري وڃ. هاڻ تنهنجي لاءِ روح ڏاڍو ٿو سٽون کائي، پنهنجي صحت جي باري ۾ ضرور لکجانءِ ته منهنجيءَ دل کي ڏڍ ٿئي، ٻيو هي، ته تو کي ڪوارٽر ڪڏهن ملندو؟ مٿينءَ  ڳالهه جو خيال رکجانءِ ۽ هن خط کي تار سمجهي، ويهه رپيا ڪيئن به ڪري موڪلجانءِ، خدا تنهنجي روزگار ۾ برڪت وجهندو_ فقط، تنهنجي ماءُ...“

 

سمر سيٽ ماهم

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

 

مـــــســــــرت

 

ٻين جي زندگيءَ جو رخ موڙڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي، مون کي اڪثر سياستدانن، مصلحن ۽ قسم قسم جي ٻين ماڻهن جي خود اعتمادي ڏسي ڏاڍو عجب لڳندو آهي ته هو ڪهڙي نه اطمينان سان هزارين ماڻهن کي سندن عادتن ۽ هلت چلت کي مٽائڻ تي مجبور ڪندا آهي، مان هميشه کان وٺي ٻين کي صلاح مشورو ڏيڻ کان نٽائيندو رهيو آهيان، ڇو ته جيستائين مان انهن کي ايتريقدر چڱيءَ طرح نه سڃاڻا، جيتريقدر پنهنجو پاڻ کي سڃاڻان ٿو، تيستائين  کين صلاح ڪيئن ٿو ڏئي سگهيان ۽ اهو ته خدا ٿو ڄاڻي ته پنهنجي متعلق به منهنجي ڄاڻ نه هئڻ جي برابر آهي، وري زندگي اهڙي شي آهي جو صرف هڪڙو دفعو حاصل ٿيندي آهي ۽ انهيءَ ۾ اڪثر ڪري اهڙيون غلطيون ٿي وينديون آهن جو انهن جي سزا عمر ڀر ڀوڳڻي پوندي آهي، انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو مون کان صلاح مشورو وٺڻ ايندا آهن، تن کي آءٌ ائين چئي ڇڏيندو آهيان ته جيئن زندگي گذري، تئين ئي گذاري ڇڏيو: مون وٽ پنهنجي زندگي جون پيچيدگيون ڪي گهٽ آهن؟ پر دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن، جي هر و ڀرو به غلط رستي تي هلندا آهن ۽ خطائون پيا کائيندا آهن، سو مون کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙن شخصن کي پنهنجي مرضيءَ جي خلاف صلاح ڏيڻي پيئي آهي.

هڪڙي دفعي مون يقينن صحيح صلاح ڏني هئي. اهو منهنجي نوجوانيءَ جو زمانو هو ۽ مان لنڊن ۾ وڪٽوريا اسٽيشن کي ويجهو هڪڙي معمولي فلئٽ ۾ رهندو هوس، هڪڙي ڏينهن جڏهن مان سڄي ڏينهن جو ڪم ختم ڪري چڪو هوس، منهنجي دروازي جي گهنٽي وڳي، دروازو کوليم ته سامهون هڪڙي اجنبيءَ کي بيٺل ڏٺم، هن مون کان نالو پڇيو ۽ مون کان اندر اچڻ جي اجازت ورتائين، مان کيس اندر وٺي آيس ۽ ويهڻ لاءِ چيم، هو البت هراسيل ڏسڻ ۾ پئي آيو.

”مهرباني ڪري منهنجي هتي اهڙي نموني اچڻ تي دل ۾ نه ڪندا“ هن ڏاڍيءَ گهٻراهٽ سان چيو ”منهنجو نالو اسٽيفن آهي، مان ڊاڪٽر آهيان، مون کي پتو پيو ته اوهين به ڊاڪٽر آهيون“

”ها، پر مان پرئڪٽس ڪو نه ڪندو آهيان“

جي ها، انهيءَ جي به مون کي خبر آهي. گذريل هفتي اسپين متعلق مون توهان جو ڪتاب پڙهيو هو، انهيءَ متعلق مان توهان کان ڪجهه پڇڻ آيو آهيان.“

”پڇو پڇو، بيڌڙڪ پڇو“ مون وراڻيو

هو گهڙي پلڪ چپ ٿي ويو ۽ پنهنجي ٽوپلي کي گوڏن تي رکي، آڱر سان ان کي طبلي جيان وڄائڻ لڳو. منهنجي خيال ۾، انهيءَ مان سندس خود اعتماديءَ جو جذبو تقويت وٺي رهيو هو.

”مان توهان کي پنهنجي زندگيءَ جو جيون ڪهاڻي ته ڪو نه ٻڌائيندس، پر _“ ايترو چئي هو بيهي رهيو.

جڏهن ماڻهو مون کي ائين چوندا آهن، تڏهن مون کي يقين ٿي ويندو آهي ته هاڻي هو ضرور پنهنجي زندگيءَ جو داستان ٻڌائيندو، پر مون کي دل ۾ ڪو به خيال ڪو نه ٿيندو آهي، بلڪه ان سان ڪافي دلچسپي ٿيندي اٿم.

”ننڍڙائيءَ ۾ ٻن پوڙهين ماسين مون کي بپايو هو، مان اڄ تائين ڪيڏانهن ٻاهر نه ويس.

شادي شده آهيان، ڇهه سال اڳ شادي ڪئي هيم، اولاد ڪو نه اٿم، اڄڪلهه مان هڪ محتا جخاني جو ميڊيڪل آفيس آهيان ۽ انهيءَ يڪسان زندگي کان تنگ ٿي پيو آهيان“

هن جي گفتگو جو اندازو عجيب هو. ننڍڙن جملن جي انهيءَ استعمال مان سندس عزم جي خبر ٿي پئي، مون اڃان تائين کيس غور سان ڪو نه ڏٺو هو، هينئر چڱيءَ طرح سندس جائزو ورتم، هو قد جو پورو پنو ۽ بدن جو ڀريل هو، عمر ٽيهن جي لڳ ڀڳ هيس، گول ۽ ڳاڙهو منهن هوس ۽ اکيون ننڍڙيون پر چڪمندڙ هيس، کيس هڪڙو پراڻو نيرو ڪوٽ پهريل هو.

”محتاجخاني جي ميڊيڪل آفيسر جي زندگي به ڪا زندگي آهي! ايترو يڪسانيت آهي، جو انسان جلد ئي تنگ ٿي پوي. روزاني ساڳيو ڪم... ڀلا توهين ٻڌايو، اها به ڪا زندگي آهي؟“

”پيٽ ڀرڻ جو سامان ته ميسر آهي!“ مون جواب ڏنو.

”ها، اها ته مون کي به خبر آهي ته انهيءَ ڪم ۾ آمدني خاصي آهي.“

”هاڻي توهين اهو ٻڌايو ته مون وٽ ڪهڙي سلسلي ۾ آيا آهيو؟“

”مان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪڙو انگريز ڊاڪٽر اسپين ۾ وڃي رهي سگهي ٿو، يا نه ؟“

؟اسپين ۾ ئي ڇو؟“ مون پڇيو.

”خبر نه آهي ته ڇو“ پر اسپين سان مون کي محبت ٿي وئي آهي.“

”ڪتابي اسپين ۽ حقيقي اسپين ۾ وڏو تفاوت آهي.“ مون مرڪندي چيو.

”پر حقيقي اسپين ۾ به وندرائيندڙ شامون ته ٿينديون آهن، مشروبات جو توازن آهي، ۽ ٻيو به ڪيتريون ئي رنگينيون آهن.... ڳالهه اها آهي ته مون ٻڌو آهي ته اسپين ڪيترن ئي سهرن ۾ انگريز ڊاڪٽر موجود آهن، سواءِ طليطه جي. سو، هاڻي اها صلاح ڏيو ته مان طليطه ۾ وڃي رهي سگهان ٿو يا نه؟“

”توهان جي زال جو ڪهڙو خيال آهي، انهيءَ باري ۾؟“ مون پڇيو.

”اها به راضي آهي.“

”مان يقيني طور ته ڪجهه نٿو چئي سگهان.“

”اهو ته صحيح آهي، پر اوهين جيڪڏهن وڃڻ لاءِ چوندا ته مان هليو ويندس ۽ جيڪڏهن منع ڪندا ته ڪو نه ويندس.“

هن پنهنجيون چڪمندڙ اکيون منهنجين اکين ۾ ڄمائي ڇڏيون. مون کي يقين هو ته هو جو ڪجهه چئي رهيو آهي سو صحيح آهي. مون ٿوري دير سوچي جواب ڏنو: ”اهو ته توهان جي پوري مستقبل جو سوال آهي. انهيءَ جو فيصلو توهان کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، پر هڪڙي ڳالهه مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته جيڪڏهن توهان جو مقصد پيسا ڪمائڻ هنه آهي ۽ رڳو رکو سکو کائي گذران ڪري سگهو ٿا ته پوءِ بيشڪ اسپين هليا وڃون، اتي توهان جي زندگي ڏاڍي خوشگوار ۽ دلچسپ بنجي ويندي.“

هو هليو ويو، هڪ_ٻه  ڏينهن ته انهيءَ واقعي جو مون کي خيال رهيو، پر پوءِ مڪمل طرح وساري ڇڏيم.

ڪيترن سالن کان پوءِ، گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن کان پوءِ، منهنجو طليطه شهر مان گذر ٿيو، اتي رهڻ دوران مون کي ڪجهه تڪليف ٿي ته مون هوٽل جي بيري کان پڇيو ته هن شهر ۾ ڪو انگريز ڊاڪٽر به آهي، هن مون کي هڪڙي ڊاڪٽر جو ڏس ڏنو، مان گاڏيءَ ۾ چڙهي اتي پهتس، در کڙڪايم ته هڪڙو قد  جو پورو پنو، ٿلهو ماڻهو ٻاهر آيو.

”مون ساڻ ملڻو آهي، توهان کي؟“ هن پڇيو ”مان ئي انگريز ڊاڪٽر آهيان.“

مون پنهنجي شڪايت بيان ڪئي. هن مون کي اندر اچڻ لاءِ چيو. سندس گهر عام اسپيني طرز جو هو. هڪڙي طرف دواخانو هو،جيڪو ردي ڪاغذن، ڪتابن ۽ دوائن سان ڀرپور هو، اهو نظارو جهڙي تهڙي مريض کي ته ڀڄائي ڇڏڻ لا3 ڪافي هو. هن منهنجي معائنو ختم ڪيو. مون في پڇي.

”ڪا به في نه!“

”اهو وري ڪيئن؟“

”مون  کي سڃاتو ڪو نه توهان؟ مان توهان جي ئي ڪري ته اڄ طليطه ۾ موجود آهيان. توهان ئي منهنجي زندگيءَ جو رخ مٽائي ڇڏيو. مان اسٽيفن آهيان!“

مون کي ڳالهه ذرو به سمجهه ۾ڪا نه آئي ته سندس مطلب ڇا آهي. آهستي آهستي هن سڀ پراڻا واقعا مون کي ٻڌايا ۽ مون کي سڀ ڳالهيون دل سان لڳنديون ويون.

”مون کي اميد ته ڪا نه هئي ته ڪو توهان ساڻ ڪڏهن ملاقات ٿيندي“ هن چيو،

جيتوڻيڪ دل ڏاڍو ڪڍندي هئي ته هڪ دفعو توهان جو شڪريو ادا ڪريان، توهان مون تي وڏا احسان ڪيو.“

”ته پوءِ چئبو ته منهنجو هيءُ تجربو ڪامياب ٿيو.“

مون ائين چئي ڏانهنس ڏٺو. هو هاڻي ٿلهو ۽ گنجو ٿي ويو هو، پر سندس اکيون اڳئين جهڙيون چڪمدار هيون ۽ سندس ڳاڙهي ۽ ڀوري منهن تي اڳئين وانگر مرڪ رقصان هئي. هن کي ويڪرا اسپيني ڪپڙا پاتل هئا ۽ وڏو اسپيني ٽوپلو پيل هوس، هو ڊاڪٽر گهٽ معلوم ٿي رهيو هو ۽ پيئڻ  پيئارڻ جو مشتاق وڌيڪ.

”توهان جي زال به ته هئي؟“ مون پڇيو.

”منهنجي زال کي اسپين پسند ڪو نه پيو. هوءَ واپس لنڊن هلي وئي.“

”مون کي ڏاڍو افسوس آهي.“ مون چيو.

اڃان اهي لفظ سندس وات مان نڪتا ئي مس هئا ته هڪڙي اسپيني عورت اندرئين دروازي ۾ اچي بيهي رهي. هن اسپيني ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر کي ڪجهه چيو. مان سمجهي ويس ته ڊاڪٽر جي گهر ٻار اها ئي سنڀاليندي آهي.

مون کي دروازي تي ڇڏيندي، ڊاڪٽر چيو: پندرهن ورهيه اڳي توهان مون کي ٻڌايو هو ته اسپين ۾ رکي سکي ته ملي ئي ويندي، پر هونئن زندگي ڏاڍي سٺي گذرندي. توهان جو اهو خيال بلڪل درست هو، مان غريب هوس ۽ هميشه غريب رهندس. پر خدا جو قسم، هن زندگيءَ ۾ لطف ۽ مزو اچي ويو اٿم! جيڪڏهن ڪو مون کي عيوض ۾ ڪٿان جي بادشاهت ئي کڻي ڏئي، ته به هوند مان پنهنجي هيءَ زندگي نه ڇڏيان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com