سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :19

معلوم هجي ته تحفته الڪرام جي غير معلوم سهرن ۽ ڳوٺن جي بزرگن جي باب ۾ شيخ عيسيٰ جند الله جو ذڪر ساڳيو آيل آهي، سندس سن وفات ۽ سندس فرزند شيخ عبدالستار جو ذڪر به آيل آهي، مگر شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي ضمن ۾ان صاحب ان کي شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري لکيو آهي جو سراسر غلط آهي، ڇو ته عيسيٰ لنگوٽيه جي وفات سن 831هه/1437ع ۾ ٿي ۽ شيخ عيسيٰ جند الله جي سن 1031هه/1622ع ۾ يعني ٻن صدين جو فرق. هيءَ مير قانع جي کليل غلطي آهي.

4. شيخ طاهر محدث:  مسيح الاولياءَ جو چاچو، ڪمال جو اهل الله هو، ڪن روايتن مطابق پاڻ شهاب الدين سنڌي جا شاگرد هئا ۽ ڪن روايتن مطابق حضرت جعفر بوبڪاري جي والد مخدوم ميران جا فيض يافته هئا ”برهانپوري سنڌي اوليائن جو سرموڙ“ هو ۽ شيخ عيسيٰ رحه جو استاد ۽ نگران. سندس انتقال 1004هه/1595ع ۾ ٿيو، سندس اٺ ڪتاب تفنيف ٿيل مشهور آهن. تفسير مجمع البحار، مختصر قوه القلوب، منتخب مواهب لدنه، ملتقط جمع الجوامع سيوطي، موجز قسطلاني، تفسير مدارڪ، اسامي رجال صحيح بخاري، رياض الصالحين.

سندس ننڍو ڀاءَ شيخ طيب به الله وارو ٿي گذريو آهي، سن 950هه/1543ع ۾ فوت ٿيو.

5، 6. شيخ معروف ۽ شيخ عثمان: هي ٻئي ڀائر مسيح القلوب جي والده صاحبه جا چاچا ۽ شيخ طاهر يوسف جا سوٽ هئا، انهن جو وطن پاٽ هو، پر هو بکر ۽ ملتان جي سرحد سيتپور ۾ وڃي رهڻ لڳا، افسوس جو تحفته الڪرام هنن صاحب جو ذڪر خير سيتپور جي بزرگن ۾ نه ڏنو آهي، مگر گلزار ابرار جي مصنف مولانا غوثيءَ آندو آهي، شيخ طاهر محدث رحه تي انهن صاحب جو گهرو اثر هروي، طاهر صاحب فرمائيندو ته ”سنڌ ۾ انهن بزرگن وحت الوجود جو چرچو هلايو“ هي بزرگ قاضي قاضن سنڌيءَ جا مصاحب هئا.

7. مولانا يوسف لاکو: هن بزرگ جو ذگر خير فقط مولانا غوثيءَ جي مشهور تذڪري گلزار ابرار ۾ ملي ٿو، هن جي تعليم ۽ بصيرت ۾ حضرت غوثيءَ گوالياريءَ جي مشهور خليفي شيخ وجيه الدين علوي ۽ قاضي عيسيٰ احمد آباديءَ جو هٿ هو، قاضي عبدالغني، سيد ابراهيم بکري، شيخ نظام الدين ابن ڪبير، ملا طيب سنڌي ۽ قاضي اسحاق آسيري سندس مشهور شاگرد هئا. مصرع

 

بادا انيس جا نش شوق خدا شناسي.

 

8. ميان وجيو سنڌي: هن صاحب جو احوال برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ ۾ آيل نه آهي ۽ نڪو ڪنهن ٻئي تذڪري ۾ آيل آهي، فقط گلزار ابرار ۾ آيل آهي، هي صاحب ٺٽي جي نزديڪ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. عبدالرحيم خانخانان کان مسيح زمان (شيخ عيسيٰ جند الله) روايت آندي آهي ته خانخانان چيو ته ”شيخ وجيو سنڌي جي ڳوٺ جي نزديڪ جڏهن هو صاحب ويو ته کيس بي وقت ننڊ اچي وئي. لشڪر شيخ جي ڳوٺ کي لٽيو، اهو ڏک اڃا مون کان ڪو به ويو آهي ان ڪري مان هٿ برهاپور ۾ جڏهين آيو آهيان 1007هه1598ع، تڏهن سڌو اوهان جي مسجد وٽ هليو ويو آهيان، ان  جي بيان مطابق شيخ وجيو هڪ اهو شخص هو، جنهن جي دل هميشه درد ۽ طلب کان مالا مال هئي، سندس اکيون پشيمانيءَ جي ڳوڙهن سان ڀريل هيون ۽ زبان ياد هق سان لبالب هئي.

 

مصرع -        چشم و زبان و دلش باد پر از معرفت

 

9. شيخ طيب: پاڻ حافظ، عالم، قاري،  بي تڪلف، شڪسته دل ۽ نمناڪ چشم هو، چون ٿا ته مخدوم هارون جي فرزندن مان هو، ظاهري علم ۾ سندس استاد ملا يونس مفتي سنڌي آهي، ايلچيور برابر جي طرف کيس تقدير کڻي آئي. هن جي زماني ۾ شيخ طاهر محدث زنده هو، انهن بزرگن جي درميان ايتري محبت وڌي جو شهر جاماڻهو کين ڀاءُ ڪري سمجهندا هئا، رساله غوثيه تي شرح ۽ مشڪواه تي حاشيه لکيائين مسيع القلوب (شيخ عيسيٰ) اصول فقه ۽ ڪلام ۾ سندس شاگرد هو، برهانپور ۾ آيو ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي ڏهين حصي ۾ 991هه/1583ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين، خوابگاهه شيخ ابراهيم عمر سنڌيءَ جي خطيره ۾ آهي. باد طيب همچو نامش خاڪ او.

10. شيخ ابراهيم ڪلهوڙو: سنڌ جي جن بررگن هجرت ڪئي، انهن مان هي صاحب پيش پيش آهي، خبر نه آهي ته ڪڏهن هن صاحب وطن ڇڏيو، مگر ڏهين صدي هجريءَ جي آغاز ۾ برهانپور ۾ موجود هو، سندس استادن يا مرشدن جي به خبرنٿي پوي، مگر علم و فضل جي زيور سان آراسته هو، دنيا وارن کان بيزار ۽ دست غيب کان امداد ملندي هيس، پاڻ شاهه منصور مجذوب فاروقيءَ، برهانپوريءَ جو معاصر هو، سندس خانقاهه شهر کان ٻاهر هئي،ليڪن بزرگن جي ملاقات لاءِ برهانپور ايندو هو، پاڻ سن 956هه/1549ع ۾ فوت ٿيو، جڏهين سندس عمر 95 سال هئي، هن حساب سان پاڻ مخدوم نوح رحه جو متقدم هو،شيخ وهيون سندس مريدن مان هو، همايون بادشاهه به سندس معتقد هو.

11. شيخ وهيون سنڌي: شيخ ابراهيم ڪلهوڙي جو مريد هو ۽ وحدت حقيقيءَ ۾ فنا هو ۽ توحيد وجوديءَ جو قائل هو، جيڪو به خيال ڪندو هو يا چونڊ هو، ائين ٿي پوندو هو، هڪ دفعي نامحرم عورت تي اوچتو نظرپيس، قلب روشن ملامت ڪيس، نظر ختم، پوءِ سوز و ساز ۽ محبت جي عالم ۾ ڳائيندو ڦرندو رهندو هو، سندس انتقال برهانپور ۾ ٿيو ۽ اتي مدفون آهي.

12: قاضي عبدالسلام سنڌي: هن صاحب جو ذڪر مخدوم عباس هنڱورجائيءَ جي ضمن ۾ اچي ويو آهي، سنڌ ۾ مخدوم مذڪور جي فيض نظر کان ايترو مالامال ٿيو، جو جڏهين برهانپور آيو، تڏهن عادل شاهه فاروقيءَ کيس ”قاضي القضات“ جي مسند تي ويهاريو، ايتري فضل و ڪمال هوندي به حڪيم عثمان بوبڪائيءَ جو شاگرد بنيو، پنهنجن استادن جو تمام گهڻو احترام ڪندو هو،مخدوم عباس جي لاءِ چوندو هو ته ”دين، ديانت، دانش ۽ بينش، طبيعت ۾ نرمي ۽ اختلاط ۾ گرمي. هي اوصاف يقينن مخدوم صاحب جي سرشت ۾ داخل هئا“.

13: حضرت شيخ ابراهيم بن عمرسنڌي: پاڻ 974هه/1566ع کان اڳ مبارڪ شاهه فاروقيءَ جي عهد ۾برهانپور آيو. سندس حالات غوثي صاحب کان سواءِ ٻئي ڪنهن به تذڪري ۾ آيل ڪين آهن. حضرت شيخ ابراهيم لوڪ جي لياڪن کان بيزاري ۽ دنيا جي علائقن کان ڪناره ڪش هو.  سندس وفات جي سال جو پورو پرو نه آهي، پر مبارڪ شاهه فاروقيءَ جي عهد 974هه/1566ع ڌاري وصال ڪري چڪو آهي.

14. حضرت مولانا شيخ مبارڪ سنڌي: پاڻ شيخ طاهر محدث جو هموطن ۽ مخلص دوست هو. جيئن شيخ طاهر جي وڏن، پاٽ ضلعي دادوءَ جو قبضو آباد ڪيو، تيئن شيخ مبارڪ جي وڏن جو به هن ڳوٺ جي آباديءَ ۾ اتحاد عمل هو. سندس ولادت پاٽ ۾ ٿي. پرورش ۽ درس و تدريس به اتي. حضرت مخدوم عباس بن شيخ جلال سنڌيءَ جو شاگرد رهيو. احمد آباد ۾ مسجد ناصر المالڪ جي مدرسي ۾ معلم ٿيو. بعد ۾ شيخ طاهر محدث وٽ ايلچپور آيو، ۽ اتي به اچي مدرس ٿيو.، ان بعد ۾ برهانپور آيو،. بادشاهه کيس چوپڙي جي ڳوٺ ۾ قاضي مقررڪيوم، مگر شيخ طاهر جون صحبتون ۽ شيخ لاد جيو سنڌيءَ جي دلنواز نغمن کان محروم رهيو. ان ڪري استعفا ڏيئي واپس برهانپور آيو ۽ آزاد منش ٿي رهيو. مسيح الالياءِ به کانئس ڪتابن جو درس وٺندو هو. حضرت شيخ لشڪر محمد عارف کان بيعت ڪري، شرح مينريءَ جو مقدمه پڙهيائين. سن 988هه/1540ع ۾ فوت ٿيو. مگر گلزار ابرار ۾ 988هه/1570ع  لکيل آهي، سو درست نه آهي.

15. حضرت مولانه شيخ موسيٰ بوبڪائي: پاڻ حڪيم عثمان بوبڪائي جو هموطن ۽ همدرس هو، قاضي محمود مورپي جي درس ۾ حڪيم عثمان ۽ پاڻ علم نحو جا ڪتاب گڏجي پڙهيا. برهانپور جي اتر ۾ متصل اتاولي ندي عادلپور ۾ مدرس هو. افسوس جو شيخ صاحب جي تاريخ وفات ۽ مزار جي متعلق ڪابه صراحت نه آهي.

16. حضرت شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي: سندس آبائي وطن سنڌ هو. شيخ لشڪر محمد عارف بالله جو برگزيده خليفو هو.، صاحب ڪيفيت ۽ ظاهري ۽ باطني فضل و ڪمال سان سينگاريل هو. چند قسمن جي استادانه خط لکڻ ۾ زبردست ماهر هوندو هو. فن تجويد تي حيرت انگيز عبور حاصل هوندو هوس. دلگذار آواز سان قرات پڙهي، ٻڌندڙن کي مسحور ڪري ڇڏيندو هو. حضرت مسيح الاولياءِ ۽ سندن پير شيخ لشڪر علم قرات ۾ سندن شاگرد هئا. جڏهين حضرت غوث گوالياري احمد آباد آيو ۽ حضرت شيخ لشڪر سندس بيعت ڪئي، تڏهن هيءَ بزرگ اتي نماز پڙهائيندو هو. ۽ هن کي غوث الاولياء ”مرغ لاهوتي“ جو خطاب ڏنو هو، رياضت ۽ استغنا ۾ مشهور هو. هن جي مريدن مان خليفو شيخ عبدالرحيم ڪپر ونجي مشهور آهي، پاڻ 991هه/1883ع ۾ وفات ڪيائين، مادهء تاريخ ”صاحب فيض“ 991هه آهي. شيخ ابراهيم بن عمر رحه جي مقبري جي لاڳيتو، عادلپوره بهانپور ۾ سندس مزار پروانوار آهي.

17: حضرت سيد ابراهيم بکري رحه: سندن تولد جي جاءِ بکر ملڪ سنڌ آهي، ڪتابي علم جا اعليٰ مدارج ان زماني جي جيد عالم ۽ بافيض مدرس مولانا يونس لاکي جي خدمت ۾ طئي ڪيائين، مولانا يونس جي ٻين شاگردن ۾ شيخ نظام الدين ابن ڪبير، ملا شيخ طيب سنڌي، شيخ جلال متورحه جو مريد ٿيو، هيءَ صاحب حضرت شيخ شرف الدين شهباز رحه جو ممتاز خليفوهو ۽ بادشاهه وقت ميران مبارڪ شاهه فاروقيءَ ان جو وڏو عقيدتمند هو، سيد صاحب پير صاحب جي والهانه عقيدت جو ڪري سنڌ خدمت ۾ مقيم ٿيو ۽ رب تعاليٰ کيس ايتري فضيلت عطا فرمائي، جو ان وقت ٻيا ڪيئي بزرگ سندس درگاهه ۾ ايندا هئا، خصوصن مسيح الاولياءَ سندس ٽن پٽن هوندي به شيخ نظام سندس جانيشين بنيو، زان سواءِ شاهه امان الله اماني برهانپوري ۽ مولانا عبدالرزاق بانسوي سندس خليفا هئا، سيد صاحب جو وصال 998هه/1590ع ۾ ٿيو، پنهنجي خانقاهه ۾ دفن ڪيو ويو، مادهء تاريخ: ”ذوالڪرام“  998هه آهي، مبارڪ شاهه جي ٻئي فرزند، ميران جي علي خان عادل شاهه فاروقيءَ مزار تي عاليشان گبنذ ٺهرايو، جو اتاولي نديءَ جي لڳ دولت ميدان جي رستي ۾ زيارتگاهه آهي.

18: حضرت شيخ لادجيو سنڌي: پاڻ عين جوانيءَ جي عالم ۾ سنڌ کان هجرت ڪري برهانپور پهتو، کيس حسين صورت ۽ حسين سيرت سان گڏ، مٺو سر به عنايت ٿيو هو، نغمه سنجي سندس فطري جوهر هو.  سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪمال مهارت حاصل هيس، خصوصن سنڌي ڪافي ايتري درد و سوز ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙ مست و مگن ٿي ويندو هئا، سندس ڪافين جي اثرانگيزيءَ جو هر عالم هو، جو مولانا شيخ مبارڪ سنڌي ايلچپور هليو آيو، تقريبن 70 سالن جي عمر ۾ 1007هه/1598ع ۾ وفات ڪيائون ۽ حضرت شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري ۾ دفن ٿيا.

19: حڪيم عثمان بوبڪائي: پاڻ شيخ عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقيءَ سنڌيءَ جا فرزند هئا، سندن ولادت سيوستان جي مضافات بوبڪ جي ڳوٺ ۾ ٿي، حصول علم ۽ خدا طلبيءَ جي شوق کيس احمد آباد پهچايو، تصوف جا درس مولانا وجيه الدين علويءَ احمد آباديءَ کان حاصل ڪيائين، تقسير ۽ حديث جا سبق قاضي محمود مورپي کان مليس ۽ منطق و معاني، حضرت شيخ حسين بغداديءَ کان عطا ٿيس، صاحب گلزار ابرار لکي ٿو ته حڪيم عثمان بوبڪائيءَ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن مان مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ويس ۽ چاهيم تن علمي ڪمالات جي حصول لاءِ دعا گهران، اڃا اها ڳالهه ضمير تائين محدود هئي ته پاڻ فرمايائون واتقوالله يعلمڪم، ان وقت کان منهنجي پرهيزگاري ۽ علم روز افزون آهي، 985هه/1575ع ۾ برهانپور آيو ۽ بادشاهه وقت محمد شاهه بن مبارڪ شاهه فاروقي کيس اعليٰ منصب تي مامور ڪيو، پاڻ 27 سال درس، فتويٰ نويسي، تصنيف و تاليف ڪيائون، سندن نامور شاگردن مان مسيح الاولياءَ قاضي عبدالسلام  سنڌي، قاضي برهانپور، شيخ صالح سنڌي، قاضي نصر الدين بن سراج محمد بنبائي ۽ شيخ سکجي بنگالي هئا. سن 1008هه/1599ع ۾ اڪبر جي ڪاهه وقت پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن سترهن رفيقن سان شهيد ٿيا.

20: حضرت شيخ اسحاق قلندي سنڌي: سندس وطن مسيح الاولياء وارو ساڳيو وطن پاٽ شريف هو، آزاد منش هو، ڏهن سالن جي سياحت بعد سن 958هه/1551ع ۾ برار ۾ پهچي شيخ طاهر محدث جي دوستي اختيار ڪيائين ۽ ڪڏهن هن حياتيءَ خواه هن حياتيءَ ۾ ان کان ڌار نه ٿيو، سندس رحلت سن 1010هه/1601ع ۾ ٿي ۽ حضرت محدث صاحب جي مزار جي قريب مدفون ٿيو.

21: مولانا شيخ صالح سنڌي: پاڻ شيخ عثمان بوبڪائي جو شاگرد رشيد ۽ ناٺي هو، علم و فضل  ۽ تقويٰ ۽ عمل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، استاد جي شهادت (يعني 1008هه/1599ع) بعد پاڻ مسيح الاولياء جي مجلس ۾ شريڪ ٿيندو هو، شعبان جي مهيني 1013هه/1604ع ۾ پاڻ مسيح اولاولياء جي هڪ وڏي مجلس ۾ شريڪ هو، جنهن جو خاص رڪن عبدالرحيم خانخانان هو. سندس وڌيڪ احوال نٿو ملي.

22: حضرت شيخ بابو سنڌي: پاڻ حضرت شيخ لشڪر محمد عارف جو مريد ۽ مسيح  الاولياء جو مرشد ڀائي هو، هو محلي سنڌي پوريءَ ۾ حضرت مسيح الاولياء جو خانقاهه جي اتر-اولهه طرف ڪچين ۽ ننڍين ديوارين جي حجري ۾  رهندو هو، هي حجرو سندس لاءِ سڀڪجهه هو، اجڙيو ته به ڪو نه سڌاريائين،  هي آهي دنيا جي شين کان بي تعلقي جو ڪمال پاڻ سن 1015هه/1605ع ۾ وفات ڪيائون، علامه غوثي مناسب حال، شعر تي سندس ذڪر خير ختم ڪيو آهي.

 

دراين خانه بي لوح است غوثي ازخرنبود.

پئي پاس متاعش رخنئه ديوار بستن.

 

23: تاج العاشقين شيخ محمد ابن شيخ عبدالله سنڌي: سندن ولادت ۽ پرورش برهانپور ۾ ٿي، مسيح الاولياء جو شاگرد، مريد ۽ خليفو هو، ملا غوثي کيس غلطيءَ وچان حضرت شيخ محمد عارف جو خليفو ڄاڻايو آهي، جڏهين مسيح الاولياء حڪيم محمد عثمان بوبڪائيءَ وٽ پڙهيو هو، تڏهن شيخ صاحب به اتي پنهنجي پير سان گڏ همدرس هو، مسيح الاولياء هن کي بندر ڊاڀيل متصل سورت ڏانهن خلق خدا جي رهنمائيءَ لاءِ موڪليو، پنهنجي پيرن سان والهانه محبت رکندو هو، ان ڪري کيس تاج العاشقين جو خطاب مليو، گجرات کان واپسيءَ بعد مسيح الاولياء جي خدمت ۾ رهيو، اڪبر جي خانديش تي لشڪرڪشيءَ جي عالم ۾ هي، درويش به نظربند ٿي آگري پهتو، جتي غوث الاولياء جي سفارش سان آزاد ته ٿيو، پر قليچ خان جي نگرانيءَ ۾ موڪليو ويو، جڏهين قليچ خان لاهور جي مهم تي ويو، تڏهن ان کي به ساڻ وٺي ويو،سن 1005هه/1596ع کان 1011هه/1602ع جا واقعات آهن، پاڻ پهرين جمادي الاول 1013هه/1604ع ۾ پنجاب ۾ راجپوتن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.

 

مــخـدوم نــوح رحــه جـا مـعـتـقـد ۽ مــريــد

 

مخدوم صاحب جن جي معتقدن ۽ مريدن جو ڪاٿو ئي ڪو نه هو، مگر جيڪي به ملڪوتي موتي مون کي قرطاسي قلزم ۾ غوطه زني ڪندي مليا آهن، اهي قارئين ڪرام جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو.

مخدوم نوح جن باشرع بزرگ هئا ۽ سنت نبويءَ جا باقاعدي تابع، کين رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي چئن يارن وانگر چار اصحاب هئا، انهن مان پهريون سيد ابوبڪر شاهه لڪياري سادات جو فرد فريد هو، جو سيوهڻ لڳ آراضيءَ ڳوٺ ۾ رهندو هو. مخدوم صاحب جن کي اهڙو مرغوب هو، جوپاڻ کيس وفات وقت به هيٺين اکرن ۾ ساريائون:

 

”ابوبڪر آءُ، سامين سفر سنباهيو،

متان ٿي پئان، سارين، سنياسن کي“

 

مڪاشفي ذريعي شاهه صاحنب کي نياپو پهچي ويو ۽ ائين تنواريندو اچي حاضر ٿيو.

 

”اچان ٿو اچان، ڪجو ڪا جٽا،

متان ٿي پئان، ساريان سنياسين کي“

 

2. ٻئي يار جو نالو درويش عمر بودلو چيو ويو آهي، جنهن جو احوال تحفت الڪرام ۾ اگهم ڪوٽ جي بزرگن جي ضمن ۾ آيل آهي، هي صاحب مجذوب مطلق ۽ خد سان واصل هو، خانه بدوش هو، پوين ڏينهن ۾ اچي اگهم ۾ رهيو، پنهنجي يا پنهنجي سامنا جي خبر کان به بيخبر هو، ڪو به ماڻهو کانئس بي مراد نه موٽيو، درويش ونهيين چانيهي جو صحبتي هو، پر درگاهه جي مجاورن مطابق سندس تربت درگاهه واري مقام ۾ آهي.

3. ٽئي يار جو نالو حضرت عثمان چاڪي هو، هي به ڪرامات ۽ خوارقات جو صاحب هو، سندس مرقد درگاهه مخدوم نوح رحه جي ڏاکڻي واري پهرين چوڪنڊيءَ ۾ آهي، تحفته الاولياء جي مصنف جي لکيت موجب، هن کي فقير رشيد الدين به ڪري سڏيندا هئا، نو لک مريدن  يعني نو لکي گودڙي واري روايت هن فقير کان ٿيل آهي، جڏهين مخدوم صاحب جن ٺٽي ويا هئا ۽ اڻکٽ مريدن جي ميڙن مخدوم صاحب جي هٿ تي اچي بيعت ڪئي هئي.

4. ڇوٿين يار بابت درگاهه جي مجاورن کان معلوم ٿيو ته سيد علي ثاني ٺٽوي آهي، مگر اها ڳالهه محقق نظر نٿي اچي، دليل الذاڪرين، انيس الفقرا ۽ ٻين ڪتابن موجب سندن چوٿون يار سيد عبدالله شاهه ولد يعقوب شاهه متعلوي هو، جنهن کي پنهنجي دختر نيڪ اختر عقد ۾ڏئي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي متابعت ڪيائون.

 

حضرت نوح سرور جا معنقد

 

سندن معنقد جي لڙهه مان هيٺيان مڻيا نام ڪٺيا ۽ نشانبر وڌيڪ آهن.

شاهه خير الدين بغداري ثم سکري: شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين سيد احمد بغداديءَ جو فرزند ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، بغداد ۾ انهيءَ ساڳئي سال ڄائو، جنهن سال ۾ مخدوم نوح رحه هت سنڌ ۾ تولد ٿيو، يعني 911هه/1505ع  اوائلي عمر ۾ بغداد مان مڪي شريف آهي ۽ برابر چوڏهن ورهيه حرمين شريفين ۾ تحصيل علم ڪندو رهيو، لب تاريخ جي صاحب لکيو آهي ته هو صاحب جڏهين 40 سالن جو ٿيو، تڏهن مڪي شريف ۾ آيو. ان بعد کيس سنڌ جي سرسبز زمين ڇڪيو ۽ اچي مخدوم نوح رحه جي صحبت ۾ هالين رهيو، هتان گهڻو ئي فيض حاصل ڪري سکر طرف راهي ٿي، هڪ ٽڪريءَ تي اچي عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو ۽ پير ڌڻيءَ سيد محمد راشد جي ملفوظات ۾ آيل آهي، انيس الفقراء ۾ آهي ته مخدوم نوح رحه جي مريد درويش ذڪريا اگهم ڪوٽ واري سان شاهه صاحب ڏاڍيون محققانه صحبتون ڪيون، شاهه خير الدين جي خليفن مان مير معصوم جو پوٽو مير محمد زڪريا، سيد نصير الدين متعلوي، فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين جا خاص نالا قابل ذڪر آهن، سيد نصير الدين شاهه صاحب جي وفات بعد مخدوم نوح رحه جي خليفي درويش يحييٰ رائنٽيه جي صحبت ۾ رهي گهڻو فيض حاصل ڪيو، مخدوم نوح رحه جو هڪ مريد درويش حسيني هڪ دفعي ذڪر ڪيو ته شاهه خير الدين  وجد جي حالت ۾ اچي چيو ته ”مخدوم نوح جا سنگتي قيامت جي ڏينهن حضرت خاتون  جنت جي فرزندن حضرت حسنين جا پاڙيسري ٿي رهندا.“

آخر عمر ۾ ٽڪري ڇڏي شاهه صاحب پراڻي سکر شهر ۾ انهيءَ هنڌ اچي رهيو، جتي سندس مقبرو آهي، اتي ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جن هنن شاهه صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا، شاهه صاحب 27 رمضان 1027هه بمطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو، سندس وفات جي تاريخ، هيٺين قطعي جي پوئين مصرع مان ملي ٿي.

 

شاهه خيرالدين  مه برج شرف،

مقبل درگاهه ايزد سروري،

سال تاريخ وصالش عقل گفت،

”مــرشـــد ڪـــامـــل طــريـــق احــمــــدي.“

                        1027/هه

فقير جمال الدين جي اولاد مان سندن مجاور ٿيندا آيا، ميان غلام محمد اڳوڻي ننڍي روضي کي ڊهرائي، موجوده روضو تيار ڪرايو، جنهن جي تاريخ 1174هه/1760ع هئي، هر رمضان شريف جي 27 تاريخ هت مريدن ۽ معتقدن جو اجتماع ٿيندو آهي.

2. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو: هي سيد صاحب سيد للو جو نور نظر متعلوي (مٽياري) ساداتن جو هڪ مڻيا وارو ۽ مڻيادار جوتي جواهر هو، سندس ولادت سن 944هه/1537ع ۾ ٿي، سندس عبادت رياضت ۽ صبر ضرب المثال آهي ”دست به ڪارو دل به يار“ وارو مصداق هن صاحب تي سهڻو ٺهڪي آيو ٿي، تحفت الڪرام وارو صاحب لکي ٿو ته قصه مختصر سندن ڪرامتون ۽ بلند مقامات حد ۽ حساب کان ٻاهر آهن“ ڪتاب بيان العارفين و تنبيه الغافلين انهن مان ڪن ٿورين سان ڀريل آهن، سيد محمد يوسف رضوي بکري، مخدوم نوح، مخدوم آدم سميجو ۽ ٻين وڏن وڏن مشائخن سان محبتون ڪري فيض پرايو هئائين، حضرت مخدوم نوح وٽان ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، سندس اشاري موجب اچي بلڙي وسايائين. پوءِ مخدوم صاحب جي حاضريءَ لاءِ بلڙي مان ڪهي هالين ايندو هو، سندس ملفوظات ۾ آيل آهي ته هڪ ڏينهن فرمايائون ته ”اسان جي دل ۾ آيو ته مست اگهاڙا ٿي گذاريون ۽ هيءَ ٿڪائي جي گودڙي لڱن تان لاهي ڇڏيون، پر جڏهين زماني جو عارف مخدوم نوح رحه ڏٺوسون، تڏهين اهو خيال لاهي ڇڏيوسون. (1) پوءِ هيٺيون  بيت فرمايائون:

 

صورت ليکي هت، معنيٰ لکي ماروئين،

عمر مون جي چت اوتاڪون ٿرن ۾.

 

سندس وفات بلڙي شريف ۾ سن 1030هه/1620ع ۾ ٿي، کين اٺ فرزند هئا، جن جو مختصر طرف بيان ڏجي ٿو.

1: سيد للو: هن تي ڏاڏي سائينءَ جو نالو رکيل هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو.

2: سيد عبدالرحيم: هن سيد بابت ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحه چيو هو ته هن جي ڄمڻ ۽ وڏي ٿيڻ تي خدا جو شڪر بجاءِ آندم ۽ چيم ته الحمد الله جو سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو آهي، وڏي درجي جو صاحب هو، اتفاقن پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.

3: سيد جلال: هن تي چاچي سائين جو نالو رکيل هو، پنهنجي وقت جو عابد هو، والد جي حياتيءَ ۾ هڪ ڏينهن هالن کان موٽيو ٿي آيو ته کيس چورن شهيد ڪري ڇڏيو.

4: سيد برهان: شاندار ڪماليتن جو هڪ برهان پيدا ٿيو هو، هيءُ پڻ پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.

5: سيد للوثاني: هڪ مجذوب سالڪ هو، سير و سياحت ۾ مشغول رهندو هو، پيءُ بعد ڪجه وقت زنده رهيو.

6: سيد دين محمد: والد جي زماني ۾ گوشه نشين هو، نهايت شان شوڪت ۽ بيپرواهي جو مالڪ هو، پڻس وفات وقت هن کي سڏي ولايت جي امان ڏني، چون ٿا تهاڳ ڪپڙن پائڻ جو شوقين هو، هو پيءُ بعد مٿو ڪوڙائي ڪفني ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهي تي اوڙهي، سجاده نشين جي حيثيت سان گاديءَ تي ويٺو ۽ پيءُ جو نالو هر لحاظ سان بزرگيءَ ۽ عزت سان قائم رکيائين.

7: سيد محمد حسين: سيد عبدالڪريم هن کي خادم الفقرا جو لقب ڏنو هو ۽ خادمن کي چيو هئائين ته جنهن وقت دعا جي ضرورت پئيو ته هن کي عرض ڪجو.

8: سيد عبدالقدوس: ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، مگرننڍڙي هوندي وڏائيءَ جا آثار نمايان هئس ۽ ٻارن کي گڏ ڪري حلقو ٻڌي ذڪر کي لڳي ويندو هو، سيد دين محمد بعد سيد عبدالدليل ۽ ان بعد سندس فرزند سيد عبدالغني ان بعد سندس فرزند، سيد عبدالواسع ڪريمي رنگ کي پکيڙيندا رهيا، ڪريمي معتقدن ۽ مريدن جي لسٽ به لنبي آهي، جن به صاحب جو پرومون لڌو آهي، انهن جو ذڪر پيش خدمت ڪريان ٿو:

 

ڪريمي فقراء

 

1: درويش مهرار نهڙيو: پنهنجي وقت جو هڪ بزرگ هو، ابتدائي ۾ ٻيو مرشد هوندو هو، جو فوت ٿي ويو، ان بعد سيد صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين ته ”ڪيترو وقت ٿيو جو منهنجو (روحاني* مڙس مري ويو آهي ۽ هاڻي حضرت جن کي مڙس ڪيو اٿم“

2: درويش احمد: پنهنجي وقت جو يگانو ۽ ان وقت جو بزرگن جهڙوڪ مخدوم حامد دودائي، درويش عبداللطيف، مخدوم ضياءُ الله، درويش سمو، مخدوم عيسيٰ ۽ سندس پٽ ميان عبدالقدوس سان صحبتون هيس، خاص ڪري سيد عبدالڪريم جو فيض يافته هو.

3، 4: ميان عبدالله ۽ درويش هارون: سيد صاحب جي نظر جا نوازيل هئا.

5: درويش الهڏتو لوهر: سيد صاحٻ جو مريد ۽ وڏي ڪرامت جو صاحب، مڪليءَ واري عيد گاهه جو ڏکڻ ۾ آرامي آهي.

6: تحفته الطاهرين ۾ درويش الهڏنو زرگر جو ذڪر خير به آيو آهي جنهن جي روحاني تصرف ڪري کاري ڳوٺ جي پيرزادن کي جي سيد عبدالڪريم جي فقيرن جي خلاف هئا، نمائي ڪريمي درگاهه جو پانڌيئڙو بنايائين، شيخ بهاؤ الدين زڪريا رحه جي اولاد مان شيخ ڪالوني قريشي جي اولاد جي ذڪر ۾ آيل آهي، ته سندس پڙپوٽو شيخ سلام الله سيد عبدالڪريم جي اولاد ۽ سجاده نشين سيد عبدالغني جي صحبتن مان ۽ الهڏني زرگر جي زيارتن مان فيض پرائيندو هو، هڪ نڪتو قابل غور آهي ته.

تحفته  الڪرام جي مترجمن هن کي الهڏتو زرگر لکيو آهي، مگر تحفته الطاهرين ۾ الله دنه زرگر آهي.

7، 8: سيد قاسم مشهدي ۽ سيد جعفر بکري: سيد احمد مشهد ئي جي اولاد مان سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد دائود شهيد حق جي طالبن جي فهرست ۾ داخل ۽ حال جو صاحب ٿي گذريو آهي، هو سيد جعفر رضوي بکري، سيد يوسف بکري جي پوٽي جي هٿان سيد صاحب جو خليفو ٿيو، پير جي ميلي تي ٺٽي جي خلق کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۽ موٽائي آڻڻ سندس ذمي هو، شعبان مهيني ۾ هڪ خلاصو ميلو ٺٽي ۾ سندس جاءِ تي ٿيندو هو، جنهن ۾ فقير ٽولين ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا، سندس وفات جي تاريخ ”في جنته عاليته“ 1054هه/1644ع مان ڪڍي اٿن.، تحفته الطاهرين ۾ سندس فرزند سيد لطف الله بابت به لکيل آهي ته ”صاحب حال ۽ صاحب ڪرامت هو“ ٻنهي مٿين صاحبن جون تربتون سيد محمد يوسف بکري جي پاڙي ۾ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com