سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :20

9: قاضي منور بن مخدوم مراد بن مخدوم صدر الدين راهوتي: هي صاحب به پهرين قميتي لباس پهريندو هو، مگر سيد صاحب جي نظر بابصر هڻي هن کي سلوڪ جو سالڪ بنائي ڇڏيو.

 

سروري ٽوڙ

هاڻي اچو ٿا انهن الله وارن تي جن سڌي طرح سروري فيض جي پالوٽ جو پلرپي پاڻ کي سروري ٽوڙ ۾ داخل ڪيو، يعني سندن مرادوند مريد.

1: سيد علي شيرازي ثاني انجوي: سيد علي بن سيد جلال بن سيد علي ڪلان بن سيد احمد بن سيد محمد عرف سيد ميران محمد انجوي شيرازي ثم ٺٽوي شيرازي سادات جو برگزيده بزرگ هو، سير ۽ سلوڪ ۾ وڏن کان به وڌي توفيق وارو ۽ نهايت متقي هو، هن صاحب پنهنجي وڏي ڏاڏي سيد محدم کي مراد اوٺي جي ڳوٺ مان کڻائي هاڻوڪي وڏي مقبري ۾ رکايو، سندس مرقد به هن وڏي قبي ۾ آهن، حديقه الاولياء ۾ تحفته الڪرام موجب پاڻ 971هه/1563ع ۾ وفات ڪيائون، پر تحفته الطاهرين 981هه/1573ع سندس سال وفات ڄاڻايو آهي، تاريخ معصومي ۾ به 971هه ڄاڻايل آهي ۽ وفات جي تاريخ ”فات الحاتم بجوده“ 981هه مان ڪڍي وئي آهي، سال وفات جي حرفن کي ابجد جو حساب لڳائبو ته 981هه سال نڪرندو، ان ڪري 971هه سال غلط ۽ 981هه سال صحيح سمجهڻ گهرجي، نهايت حليم، زاهد ۽ سخاوت جو صاحب هو، سماع جو نهايت شوق هوندو هوس، پهريائين درويش آجر کان فيض ورتائين ۽ پوءِ تحفته الطاهرين مطابق ”بجناب فيض ماب حضرت پير ولايت، صاحب ارشاد  و هدايت، پيشوا اهل عرفان، سرد فتر اصحاب ايقان، مصباح مڪان، روح مفتاح خزائن فتوح، مخدوم نوح قدس سره العزيز رسيده، باوج عرفان تصاعد غوده واز مقام فنافي الله گذشته، بدرجه بقابا الله واصل گرويده، ان بعد مخدوم نوح رحه ۽ سيد علي صاحب جون ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن، رسول اڪرم جي شرف باريابيءَ کان مشرف ٿيندو هو، معارف الانوار، مصنف محمد صالح ٺٽي واري ۾ لکيل آهي، ته پاڻ رساله ”آداب آلمريدن“ 64 سالن يج عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هئائين ۽ سن 954هه/1547ع ۾ لکي پورو ڪيائون، هن حساب مطابق انتقال وقت سندن عمر 91 سال هوندي، هيءُ ”دين جي بزرگن جو دستور العمل آهي ۽ سندس يادگار آهي“ ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي ته هڪ دفعي سيد عبدالڪريم بلڙي واري سنڌيءَ ۾ هڪ بيت معما طور پنهنجي استاد جناب مخدوم نوح رحه کي هالين شريف موڪليو، مخدوم صاحب جواب موڪليو، ٻئي سوال جواب مير علي شيرازيءَ کي معلوم ٿيا، پاڻ انهن کي گڏي هيٺيون هڪ بيت فارسيءَ ۾ پيش ڪيائين:

 

جان بجانان ده و گرنه از تو بستاند اجل،

خود تو منصف باش اي دل، اين نڪويا آن نڪو.

 

سندس صالح فرزند سيد جلال پڻ تقويٰ ۽ ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو ۽ پيءُ جي طريقي تي هلندڙ هو، سڀني عالمن ۾ وقت جو يگانو ۽ ذهن جي لطافت ۾ بينظير ۽ ڪمال انسانيت ۽ سخاوت رکندڙ هو، تاريخ معصومي ان برزگ جي باري ۾ وڌيڪ لکي ٿي ته، ٿوري پيدائش هوندي به وٽانئس ماڻهن کي پڻس کان وڌيڪ بهرو ملي ٿو ۽ سيد جلال پيءُ کان وڌيڪ شريعت جو پابند آهي“ هن بزرگ جي گهر ۾ مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ ترخان جي نياڻي هئي، سيد جلال جي وفات بعد سندس فرزند سيد سيد مير محمد وڏي شان ۾ مشهور ٿيو ۽ ترخان نامو سندس تاليف آهي، شيرازي ساداتن جو گهرو لاڳاپو مخدوم صاحب جن سان معلوم ٿئي ٿو، اڃا به فقير عيسيٰ لنگوٽيءَ جي اوڀر ۾ هڪ ٿلهي ٿلهي تان هالن ڏي منهن ڪري معتقد دعا گهرندا آهن. سيد علي ثاني جي عرس جي سماع جو بندوبست به سروري ٽوڙ ڪندا آهن.

2: درويش قاسم جولاهه: تحفته الڪرام واري صاحب هن بزرگ جو ذڪر هالن جي بزرگن جي ضمن ۾ آندو آهي، هي صاحب ڪورڪو ڌنڌو ڪندو هو، پر مخدوم صاحب جي مريدن جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تاڃيءَ ۽ پٽي کان خوب واقف ٿيو هو.

3: ميرڻ ڪاتيار: نصرپور جي سماوات پرڳڙي جي هڪ ڳوٺ ڪاتيار ۾ رهندو هو، پهريائين ڪجهه ڏات الاهي مليس، مگر اها مٺ پٽي ساري ڪمائي ڪٽ ڪري ڇڏيائين پوءِ سيد عبدالڪريم کيس مخدوم صاحب وٽ وٺي آيو، جتان اڳي کان اڳرو ٿي ويو.

4: سيد ساجن سوائي: اصل مٽياري جو هو، پر پوءِ ڳوٺ ڪوڇي ۾ اچي رهيو، جو ونگي ۽ ولهار جي سر زمين ۾ واقع هو، مخدوم نوح جو مريد ۽ پنهنجي وقت جو عمدو شيخ طرقت ٿي گذريو آهي، سندس ڪرامتون ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن، سندس وفات واري ڏينهن اڃا به وڏو ميلو لڳندو آهي، جتي هزارن جي مال فروخت ٿئي ٿو.

5: لڌو بهار: مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو، سندس ڳوٺ وغيره بابت ٻي ڪا به حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي.

6: درويش قطب: دليل الذاڪرين“ مطابق سندس ڳوٺ ڪاهره ٻيلو هو ۽ مخدوم نوح رحه جو مکيه مريده و، بوبڪن ۾ سندس اچڻ ۽ مخدوم جعفر جي طالبن ۽ ساڻس ملاقات جو ذڪر تحفته الڪرام ۾ آيل آهي.

7: درويش صابر سومرو: بٺوري پرڳڻي جي هٽڙي ڳوٺ جو ويٺل هو، مخدوم صاحب، جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل ۽ ڪمال وارن جي خوبين سان موصوف هو.

8. درويش بادو: نيرون ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ ناهيو جو رهندڙ هو ۽ مخدوم صاحب جو مريد هو، جڏهن پهريائين مخدوم صاحب وٽ بيعت لاءِ آيو، تڏهين مخدوم صاحب قلب تي نظر رکي ڪلمو شريف پڙهايس، ڪلمي شريف پڙهڻ سان مڇي وانگر ڏڪي ڏڪي بيهوش ٿي ويو ۽ مردي وانگر زمين تي سيخ ٿي پئجي رهيو، ٽي ڏينهن ان حالت ۾ پيو هو، ان بعد چمڪيو ۽ گمراهن کي راهه ڏيکاريائين.

9: مخدوم ابومصطفيٰ ٺٽوي: هڪ زبردست عالم، مخدوم صاحب جو مراد وند مريد، معاصر ۽ متعلم هو، هو وقت جي ولي سيد للو جي نياڻي مان هو، سندس تربت ٽڪريءَ تي پير شيخ عاليم جي ڀرسان آهي، کيس هڪ برڪت ڀريو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مخدوم بايزيد هو، هي صاحب به پنهنجي وقت جو هڪ عالم ۽ ڪامل طالب هو، علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجن همعصرن ۾ استاد مڃيو ويندو هو، صفا ۽ برگزيدگيءَ ۾ ڪافي حصو عنايت ٿيل هوس، سندس پٽ ميان محمد حافظ جيد عالم هو، پني جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، ان بعد سندس فرزند ميان علي اڪبر پيءُ جي جاءِ تي ويهي نالو ڪڍيو، اولاد ڪو نه ڇڏيائين.

10: ميان مٺو فقير: مخدوم صاحب جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو، ٺٽي جي هڪ مشهور مسجد ”جامع فرخ“ ۾ گهڻو گذاريندو هو، آڪر ڳوٺ ۾ سندس حجرو مشهور آهي، مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي فقير اتي اچي گڏ ٿيندا آهن، پير آسات جي پيرانديءَ واري ڏاڪڻ وٽ دفن ٿيل آهي، سندس ملفوظات مان آهي ته ”جڏهين منهنجو مٿو بلندي ڏانهن مائل ٿو ٿئي تڏهين ”مٺو“ يعني سور جو ستايل ۽ بدحال ٿيان ٿو، جڏهين خوديءَ جو خيال ڌاري مٿو مٿي ٿو کڻان تڏهين ”مٺو“ يعني کوٽو آهيان، پر جڏهين ڪسر نفسيءَ جي ڪري پنهنجو مٿو نياز ڪري هيٺ جهڪايان ٿو تڏهين ”مٺو“ سڏينم ٿا ۽ مٺو ڪري کائينم ٿا.“

11: فقير بهاؤ الدين گودڙيو: مخدوم صاحب جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهر ڪرامتن ۾ مشهور هو، پهريائين هن صاحب درويش موسيٰ جوڻ واري کان فيض حاصل ڪيو، ان بعد سروري ٽوڙ ۾ داخل ٿيو، هيءُ بهاءُ الدين دلق پوش به سڏجي ٿو، هن جي هٿ لکيل نشاني مخدوم نوح رحه جي قرآن شريف جو نادر فارسي ترجمو قبله ”طالب الموليٰ“ جن وٽ اڃا تائين موجود آهي، اهو ساڳيو نسخو مرحوم قبله غلام حيدر نئين سراتارايو هو، انهيءَ خيال سان ته هن کي شايع ڪبو. هاڻي هن نادر ترجمي کي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ هيڊ آف اردو ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي تاليف ڪري رهيو آهي ۽ قبله طالب الموليٰ جنجلد شائع ڪرائيندا، تحفته الطاهرين ۾ مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن راهه وٺيو پئي ويو ته ڪنهن نوجوان کي ڏٺائين ته ڪنهن مجازي صنم جي عشق ۾ مبتلا دنيا کان بيخبر هو، ماڻهن ان کي پئي ملامتون ڪيون. هن نوجوان نيزريءَ سان پئي جواب ڏنو ته ”اي عزيزو! ملامت ۽ طعني زني مون تان نه ڪريو، مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو ڇو ته اقتدار جي واڳ منهنجي وس کان ٻاهر آهي“ نوجوان جو اهو ڪلام ٻڌندي ئي فقير گورڙيي وٺي هڪ نعرو هنيو ۽ بيهوش ٿي ويو، ٽي ڏينهن استغراق ۾ هو، چون ٿا ته فقير نعرو هنيو ۽ اهو جوان مجاز مان حقيقت تي پهچي ويو ۽ اهل الله جي ٽولي ۾ داخل ٿيو، مخدوم نوح رحه بابت روايت ته هن فيض حضرت عيسيٰ ۽ رسول اڪرم کان ورتو آهي، هن فقير کان صادر ٿيل آهي هن مان ظاهر اهي ته سروري ساٿ ۾ هي سڄڻ سرس هو. هن جي تربت ميان مٺو جي ڀرسان آهي، سماع جو سرور ججهو هوس ۽ ڏينهن جا ڏينهن بي هوش پيوهوندو هو.

12: سلطان کمر: جناب مخدوم صاحب جي مريدن مان هڪ فقير آهي، سندس حجرو به آڪر ۾ مشهور آهي، اتي پڻ مٺي فقير جي حجري وانگر فقير سيد علي شيرازي جي ميلي کان واندا ٿي اچي گڏ ٿيندا آهن، هتي هي واضه ڪرڻ واجب ٿو سمجهان ته مذڪور ٽن بزگرگن فقير گودڙئي، ميان مٺو ۽ سلطان کمر جون مرقدون دنيا جي بيوفائي ۽ ظالم هٿن ڪري ڊهي ويون هيون ۽ ڪنج گمناميءَ ۾ پيون هيون، مگر نومبر 1953ع واري مڪلي جي سفر ۾ قابله طالب الموليٰ جن صعوبتون وٺي سڀ حقيقتون هٿ ڪري، مذڪور ٽن بزرگن جون مرقدون قديم نقشي موجب نشان ڪيون ۽ انهن جا موجوده ڊٺل حالت ۾ عڪسي فوٽا  ورتا.

13: درويش کمڻ: هن درويش جو ذڪر فقط تحفته الطاهرين ۾ آيل آهي، باقي تحفته الڪرام هن جي بات کان عاري آهي، تحفته الطاهرين جي  صاحب هن جو بيان ٺٽي جي پسگردائي وارن بزرگن ۾ ڪيو آهي، هي صاحب مخدوم صاحب جو مريد هو، هي صاحب ڪرامات ۽ خوارق جو صاحب هو، جذبهء شوق ۽ محبت جي بيقراري ايتري هوندي هيس جو ڪڏهين به بستري تي نه ليٽيو ۽ نه وري سڌو ستو، نقل آيل آهي ته هڪ ڏينهن تنها صحرا جي طرف ويو. هن کي وجد ۽ حال اچي ويو، سماع جو آغاز ڪيائين ۽ سندس زبان تي ”احد“ جو اسم جاري هو برپٽ جا وحشي جانور اچي سندس چوڌاري جمع ٿيا ۽ ان جي وجداني حال ۾ ملافق حال رهيا، جيستائين هو سرگرم سماع هو، تيستائين جانورن به پنهنجي جان ان سان همجان ڪري ڇڏي، تحفته الڪرام ۽ تحفته الطاهرين کان سواءِ ٻين تذڪرن ۾ جن بزرگن جا نالا مخدوم صاحب جي مريديءَ جي حلقي ۾ ڏيکاريل آهن، سي هي آهن. بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ 14 شآهه محمد حسين ۽ 15 يحييٰ فقير منڊڙي جا نالا قابل ذڪر آهن، شاهه محمد حسين سيد عبدالڪريم جو ستون فرزند هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو. 

16: بيان العارفين ۽ تحفته الاولياء مان فقير عبدو ڪير يي جو به نالو ملي ٿو، جنهن مخدوم صاحب جي وصيت موجب اچي سندس جسم مبارڪ کي غسل ڏنو، تحفته الاولياء مان. 17: درويش ۽ 18. عبدالله ڏيري جا به نالا معلوم ٿين ٿا. انيس الفقرا قلمي ۾،  19: درويش حسين، 20: درويش زڪريا اگهم ڪوٽڙي، 21 درويش يحييٰ رانئٽٽؤ ۽ 22 رجب فقير رونجهي جن جا احوال ملن ٿا. لڪياري سادات مان به تمام گهڻو افراد جناب مخدوم صاحب جا مريد هئا، جن مان سيد ابوبڪر شاهه لڪياري جو ذڪر خير مٿي اچي ويو آهي. باقي سيد صدر الدين شاهه لڪعلوي جي اولاد مان 23، سيد ابوالحسن بن سيد محمد به ناليرو مريد ٿي گذريو آهي، تحفته الڪرام مطابق ڪماليت جو صاحب ۽ شريعت جو پابند مخدوم نوح عليه الرحمت جي سلسلي جو مريد هو، سندس والد سيد محمد صاحب وقت جو وڏو ڪامل بزرگ هو، سندس وفات جي تاريخ ”درود خدا بر محمد بود“ 1125هه/1713ع مان نڪري ٿي، چون ٿا ته صلوات سڳوري ورد زبان هيس، گويا تاريخ جي مٿين مصرع سندس ان شغل تي دلالت هئي، سيد ابوالحسن جو فرزند سيد عبدالرسول به بزرگيءَ ڪري وڏن جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجي وقت جي ناليرن ۾ داخل ٿيو، انهن سيد صاحبن جو ذڪر آمري جي ڳوٺ جي ساداتن جي سلسلي ۾ ٿيل آهي، ٻيو هن سيدن جو سر گروهه سيد غازي شاهه هو، جو تحفت الڪرام مطابق ظاهري خواهه معنوي ڪماليتن جو صاحب هو، آمري ڳوٺ جا جملي سيد سندس صلاح ۽ مرضيءَ جي مخالفت جائز نه سمجهندا هئا، هن صاحب پهريائين مخدوم صاحب جي مريد فقير رجب رونجهي سان روحاني ڪشمڪش ڪئي، پر پوءِ آخر سروري حضور ۾ اچي پيش پيو ۽ مريدن جي حلقي ۾ داخل ٿيو.

متعلوي سادات جي خاندانن مان به گهڻئي سروري پاڪ پاڻي پي ناميارا ٿيا، هڪ صاحب جو نام نامي ته  مٿي مخدوم صاحب جي چئن يارن ۾ اچي ويو آهي، مگر هت متعلوي سادات جي هڪ پاڙي ”موسيٰ پوٽه“ جو ذڪر ڪريون ٿا، جنهن جو وڏو 25 سيد طيب شاهه مخدوم نوح جي مکيه خليفن مان هو ۽ اڇان تائين انهيءِ خاندان جو تعلق سروري درگاهه سان هليو اچي، هن قبيلي جو ڄاموٽ سيد محمد علي شاهه صاحب جو، جو تازو انتقال ڪري ويو.

اهڙيءَ طرح سروري ندي تکي وهندي رهي ٿي، جن به ”رتيءَ جي رهاڻ“ جو صدق ۽ خلوص سان ارادو ڪيو، سي سروري سرور ۾ مست ۽ سرشار ٿي طالب الموليٰ بنجي ويندا ۽ پنهنجو جيءَ جانب جلشانه سان جڙي قادري ڪڙي ۾ ڪڙجي ”صبغت الله“ جي رنگ ۾ رڱجي، لعل ريٽا ٿي ويندا، جيئن  ”رتيءَ جي رهاڻ، جيءَ اڙايم جت سين“

يا

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لهار لپيٽيو،

منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.

(شاهه صاحب)

 

ضميمو _ 1

 

هن مقالي جون تاريخي خصوصيتون

 

هي مقالو ”مخدوم نوح رحه سرور جا سهيوگي“ اڍائي سالن جي مسلسل ڪوشش ۽ ڪاوش سان م9وجود قرطاسي طالب ۾ آندو ويوآهي.

هڪ سو ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب_عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي، خطي خواهه مطبوع حوالي طور ڏنا ويا آهن، جن جي لسٽ ضميمي نمبر  2 طور پيش ڪئي وئي آهي.

سڀني هجري سنن جا عيسيو سن ڏنا ويا آهن.

مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاريءَ دکنيءَ جي شهر آفاق ڪتاب ”گلزار ابرار“ مان مڪمل مواد هٿ ڪري، سنڌي بزرگن جي احوال ۾ نئون اضافو ڪيو ويو آهي، جو اڳ ڪڏهن به منظر عام تي نه آيو آهي.

مخدوم نوح سرور جي عصر زرين جو مڪمل تاريخي پسمنظر ڏنو ويو آهي.

سمن جي حڪومت جو تاريخي پسمنظر، هندستان جي عهد وسطيٰ سان تطبيق ڪري ڏنو ويو آهي، جيئن تاريخ سان دلچسپي رکندي برصغير هند و پاڪ جي تاريخ ۾ سنڌ جو عهد زرين متعين ڪري، مفيد ۽ علمي ۽ نتيجا ڪڍي سگهن.

معاصر مغل حاڪمن جو ادبي ۽تاريخ احوال.

معاصر ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي ادبي سرگرمين جو تذڪرو.

معاصر مغل اميرن جي تاريخ ڇنڊڇاڻ.

 معاصر ارغون ۽ ترخان اميرن جو تاريخ جائزو.

شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح کيبرائيءَ جي باري۾ تاريخي توضيحات ۽ ڪن غلط فهمين جو ازالو، جي تحفت الڪرام کان وٺي اڄ تائين تاريخ ۾ دهرايون ويون آهن.

لفظ ”هوٿياڻيءَ“ جي نسب جي علمي تحقيق.

شيخ ڀرڪئي رحه جي سن وفات جي تحقيق.

کيبر جي قديم محل و قوع جي تحقيقي.

مخدوم عربي ڌياڻي ۽ شاهه ڀٽائي جي تعلق جي وضاحت ۽ ڪن غلطين جو ازالو.

حسو فقير ٽوڙيءَ واري جي چاچي ۽ شآهه ديواني هالائيءَ جو تاريخي تعلق، جنهن متعلق اسان جو تاريخي دفتر خاموش رهندو آيو آهي.

مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي سن وفات لاءِ تاريخي بحث ۽ فيصلو.

مخدوم صڌو  لانگاهه بٺورائيءَ جي تاريخي دور.

نواب امير خان مير ابوالبقا جي ٺٽي ۾ وارد ٿيڻ جي تاريخ جي توضيعئ

مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين رضائيءَ سبزواريءَ جي ضمن ۾ ايران جي شاهن جيسمي جي تطبيق.

ميرڪي سادات جي خاندان ۽ ”جامع فتاوايٰ پوراني“  جي مصنف جي تحقيق.

ملا مبارڪ ريلائي سيوستاني ثم ناگوريءَ جو محققانه ۽ تاريخي احوال

شيخ هوٿي لاکي جي تحقيق.

شيخ ڪتين لاکي جو احوال جو اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ نه آهي.

حافظ دائود بدينويءَ جي رحلت جي سال جو وضاحت.

مخدوم ضياء الدين ٺٽوي جي پڙ ڏاڏي مخدوم الياس متعلق تاريخي تحقيق.

مخدوم عبدالرحيم بدينويءَ جي پڙ ڏاڏي مخدوم صالح جو تاريخ تذڪرو، جو اڄ تائين ڪٿي به پيش نه ڪيو ويو آهي.

شاهه ابوالقاسم ٺٽويءَ جي زماني جي تحقيق

مخدوم جمعي جي سال وفات جي تحقيق.

درويش آجر جي نالي ”آجر“ لفظ جي تحقيق.

شيخ عيسيٰ لنگوٽيو ۽ شيخ عيسيٰ جند الله بابت تحفته الڪرام جي غلطيءَ جو ازالو.

شيخ ابراهيم ڪلهوڙي، سنڌي برهانپوري جي تحقيق.

حضرت مولانا شيخ مبارڪ سنڌي برهانپوري جي سال وفات جي تحقيق

الهڏني زرگر جي نالي ۽احوال جي تحقيق.

سيد خير الدين شاهه سکر واري جو تحقيقي احوال.

شاهه عبدالڪريم رحه بلڙيءَ واري ۽ سندن مکيه خليفن ۽ مريدن جو احوال.

سيد علي شيرازيءَ ثاني انجويءَ جي سال وفات جي تحقيق.

ان کان علاوه هيٺ ڏيکاريل بزرگن جو احوال سرڪار وار ڏنل آهي:

متقدمين                               31

معاصرين

1. سرڪار بکر                         27

2. سرڪار سيوستان ۽ دشت باران    18

3. سرڪار نصرپور                     17

4. سرڪار چاچڪان                   19

5. سرڪار چڪر هالا                  8

6. سرڪار ٺٽوي                       160

7. پرديسي بزرگ                     23

8. خليفا                                       4

9. معتقد                              2

10. مريد                               25

                                        319

هن تاريخي ڇنڊڇاڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن بزرگ جي اولاد، خليفن ۽ مريدن جو احوال آندو ويو ته پوءِ هڪ هزار کان به وڌيڪ بزرگن جو تعداد ٿيندو.

-محبوب علي چنا

ڪتابن جي لسٽ جي هن مضمون جي لاءِ احوال طور ڪم آيا

(الف) عربي:

 

1: تذڪرت المراد              (خطي)

2: رحلت ابن بطوطه           (مطبوع)

3: نزهت الخواطر              (مطبوع)علامه سيد عبدالحق 1350هه

4: ابجد العلوم جزعه ثالث    مطبوع ڀوپال سنه 1295هه

5: ثقافت الهنه                         مطبوع دمشق 1958هه

 

(ب) (i) فارسي: (خطي)

 

1: تاريخ طاهري                       محمد طاهر نسياني تتوي

2: معارف الانوار               محمد صالح تتوي

3: ترخان نامه                  مير مير محمد

4: تحفت الاوليا                        حاجي محمد صالح مجاور بن

                                حافظ ويڌو مجاور 11 شعبان 1297هه

 

5: حديقت الاوليا              عبدالقادر تتوي

6: محڪ ڪمال               محمد محسن تتوي

7: محڪ خسرو                               ____

8: تذڪره يدبيضا             مير غلام علي آزاد

9: انيس الروح                 (نامڪمل)

10: رساله فتحي                       مخدوم فتح محمد بن مخدوم

امين محمد دستار دويم وفات 7

شعبان 1015هه

11: سڪينت الروح ماخذ از سفينت النوح

12: لطائف اللطيف            مرحوم مير عبدالحسين خان سانگي

 

(ii) فارسي (مطبوع)

 

1: تاريخ معصومي            تاليف شمس العلما دڪتور دائود پوتا

2: تحفته الڪرام              مطبوع بمبئي 1314هه

3: چچ نامه                    شمس العلما دڪتور دائودپوتا

4: لب تاريخ سنڌ              سنڌي ادبي بورڊ

5: مقالا الشعرا                ايضًا

6: تڪمله مقالات الشعرا      سنڌي ادبي بورڊ

7: مثنوي مظهر الاثار         ايضًا

8: تحفت الطاهرين            ايضًا

9: چنسير نامه                         ايضًا

10: تاريخ اديبات ايران        رضازاده شفق

11: ماثر الڪرام جلد اول      مير غلام علي آزاد بلگرامي

                                آگره 1910ع

12: ايضن جلد دوم           ايضًا

13: تحفهء سامي              سام مرزا طهران 1314هه

14: خزانه عامره                مير غلام علي آزادڪانپور 1900ع

15: ماثر رحيمي جلد اول      عبدالقادر نهاوندي ڪلڪته 1931هه

16: ايضن جلد دوم           ايضًا

17: ايضه جلد سوم            ايضًا          

18: منتخب التواريخ حصه دورم      عبدالقادر بدايوني ڪلڪته

1864_ 1867ع ڱ

19: ايضه حصه سوم           ايضًا

20: بيگلر نامه                        ادراڪي بيگلار

21: مڪلي نامه                       مجله مهران شماره 2_4_1956ع

                                سنڌي ادبي بورڊ

22: سوو آزاد                  مير غلام علي آزاد لاهور 1913ع

23: رياض العارفين           رضا قلي هدايت 1319هه

24: مجمع الفصحا            1295هه

25: خزينت الاصفيا جلد اول           مفتي غلام رسول لاهور لکنو 1290هه

26: ايضه جلد دوم            ايضًا
27: تفحات الانس            مولانا جامي لکنو 1925ع

28: هفت اقليم                       امين رازي ڪلڪته 1939ع

29: ماثر الامرا جلد اول        شاهنواز خان ڪلڪته 1888ع

30: ايضه جلد دوم            ايضًا 1890ع

31: ايضه جلد سوم            ايضًا 1891ع

32: تزڪ جهانگير            نو لشڪور

33: ايضه                      مرتب سر سيد احمد

34: اڪبر نامه جلد اول                ڪلڪته 1877ع

35: ايضه جلد دوم            ڪلڪته 1879ع

36: ايضه جلد سوم           ڪلڪته 1887ع

37: تاريخ فرشته               نولڪشور لکتو

38: تذڪرت الشعرا           دولت شاهه سمرقندي

39: تاريخ فيروز شاهي                سراج عفيف ڪلڪته

40: مظهر شاهجهاني                 ميرڪ يوسف سنڌي ادبي بورڊ

41: انشاي ابوالفضل جلد اول

42: انشاي ابوالفضل جلد دوم

43: انشاي ابوالفضل جلد سوم

 

(ت) سنڌي:

 

(الف) خطي:

1: انيس الفقرا

2: دليل الذاڪرين

3: ملفوفات پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد صاحب رحح

(ب) مطبوع

1: تاريخ معصومي ترجمو     سنڌي ادبي بورڊ

2: تحت الڪرام ترجمو       ايضًا

3: چچ نامه    ترجمو          ايضًا

4: ماهنا فرودس                      مخدوم نوح نمبر 1954ع

5: الوحيد آزاد نمبر            1935ع

6: تاريخ طاهري ترجمو        مرحوم محمد صديق ميمڻ

7: تاريخ سنڌ (سما ۽ سومرا)         سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي

8: ايضه (ارغون ۽ ترخان)      سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي

9: پيغام لطيف               جي ايم سيد

10: بيان العارفين و تنبه الغافلي       مرتب شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽا

11: بيگرنامه ترجمو            مسلم ادبي سوسائٽي

12: حضرت مخدوم نوح رحه سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي 1940ع

13: مخدوم نوح              مولوي عبدالحي

14: ابوالفضل ۽ فيضي        مولوي فتح محمد سيوهاڻي

15: قديم سنڌ                          مرزا قليچ بيگ ڪراچي 1925ع

16: جنت السنڌ                         مولائي شيدائي سنڌي ادبي بورڊ

17: تمدن سنڌ                        ايضًا سنڌ يونيورسٽي

18: تذڪره شعراي هالا               سليم هالائي

19: مقدمه لطيفي             ڊاڪٽر گربخشاڻي

20: لطف اللطيف             مولوي دين محم صاحب وفائي

21: احوال شاهه عبداللطيف   مرزا قليچ بيگ

22: مهراڻ جون موجون        پاڪستان پبليڪيشنس

23: رساله مهراڻ               2 سال 1956ع

24: تذڪره امير خاني         پير حسام الدين راشدي

25: سنڌي نظم                       مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽا

26: نئين زندگي پرچو        شاهه لطيف نمبر

27: شعرن جو سرتاج          نئين زندگي پبليڪيشن

28: سنڌي ٻولي جي مختصر         تاريخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

(ث) اردو

 

1: تحفت الڪرام ترجمه اردو  سندهي ادبي بورڊ

2: تذڪره صوفياي سنده      مولانا اعجاز الحق قدوسي

3: هندستان ڪي وسطي کي ايڪ جهلڪ

 سيد مصباح الدين

 دارالمصافين علي ڳڙه

4: تاريخ هندستان (اڪبري دور)      شمس العلماء محمد ذڪاءَ الله 1897ع

5: رود ڪوثر                   محمد اڪرام

6: موج ڪوثر                         ايضًا

7: آب ڪوثر                  ايضًا

8: برهان پور کي سندهي اولياءَ       سيد محمد مطيع الله راش

                                برهانپوري

                                سندهي ادبي بورڊ

9: دربار اڪبري               شمس العلما آزاد

10: بزم تموريه                        سيد مصباح الدين دارالمصنفين

                                اعظم گڙه 1948ع

11: همايون نامه                گلبدن بيگمه سيد ابن شارف

                                علي گڙه پريس دهلي

12: توزڪ بابري              ترجمه

13: سڪينت الاوليا اردو ترجمو       داراشڪو

14: تذڪره علماء هند                 رحمان علي لکهنو 1914ع

15: تذڪره علماء هندو پاڪ مسلم هسٽاريڪل سوسائٽي

16: تاريخ اوچ                         محمد حفيظ الرحمان دهلي سنه 1913ع

17: مختصر تاريخ سنده       سيد ابوظفر ندوي اعظم ڳڙه

18: تذڪره الواقعات عرف همايون نامه      

                                ازجوهر اڪبر آفتابچي ترجمه

                                احمد الدين احمد

19: اذڪار اسرار ترجمه گلزار ابرار

                                غوثي بن حسن بن موسيٰ

                                شطاري 1326هه

20: تزڪ جهانگيري          مطلوعه لاهور سنه 1960ع

21: خلق نظامي                       حيات شيخ عبدالحق دهلوي

                                مطبوعه دهلي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com