سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :9

 (انور ۽ شهناز جا ٽهڪ، پهاڙن ۾ پڙاڏي سان ٻڌجن ٿا)

شهناز: ڪنوار وانگر گلن سان سينگاريل وادي اسان جي خوشيءَ ڀريل ٽهڪڙن جو جواب ڏئي رهي آهي (کلي ٿي ۽ وري پڙاڏو ٻڌجي ٿو.) ٻڌءِ!

انور (کلندي) فطرت اسان جي محبت جي آجيان پئي ڪري، شهناز: ڏس موسم ڪيتري رنگين ٿي پئي آهي! هو ڏس، برفپوش پهاڙن جي چوٽين تي، سفيد ڪڪريون هٿ هٿ ۾ ڏئي ناچ ڪري رهيون آهن، ٿڌي ٿڌي، وٺندڙ ۽ خوشبوءِ سان ڀريل هوا مبارڪباد جو پيغام ڏئي رهي آهي.

شهناز  (ٽهڪ ڏيندي) اڄ آءٌ ڪيتري نه خوش آهيان، انور! پنهنجي هيءَ ننڍڙي دنيا سچ پچ ته جنت آهي.

انور: شهناز اچ ته هڪٻئي سان وعدو ڪريون ته هن جنت مان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرنداسين، شهناز صرف انور لاءِ هوندي ۽ انور صرف شهناز لاءِ.

شهناز: آءُ واعدو ٿي ڪريان، انور!

انور: ۽ آءُ به واعدو ٿو ڪريان!

شهناز: انور، ڇا سچ پچ اسين هميشه اهڙا ئي خوش رهنداسين؟

انور: ها، شهناز، پنهنجيءُ محبت وانگر هيءَ خوشي به سدائين قائم رهندي.

شهناز: انور منهنجا انور!

انور: ڇا پئي سوچين،  شهناز؟

شهناز؛ انور هي سڀڪجهه رڳو خواب ته نه آهي؟

انور: محبت جي حسن، زندگيءَ جي هر حقيقت کي خواب جهڙو دلڪش ۽ حسين ڪري ڇڏيو آهي، جيستائين اسان جي محبت زنده آهي، هيءُ حسين خواب ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، شهناز!

شهناز : هون!

انور: مون ڏانهن ڏس، منهنجين اکين ۾ ڪجهه نظر آيو تو کي؟ ڇا نظر آيو؟ منهجي محبت!

شهناز: نه منهنجي محبت جو پاڇو!

(ٻئي کلن ٿا ۽ پهاڙن ۾ وري گونج پيدا ٿئي ٿي)

(موسيقي)

*      *      *

ناصر: ڊاڪٽر ڏسين پيو، هوءَ مون کان ڪيترو نه بيزار آهي! ڪالهه کان هن مون سان ڳالهايو به نه آهي، مون ڏانهن ڏٺو به نه اٿس، جنهن کي مون پنهنجي زندگي ڏني، اها هاڻي مون کي پنهنجو دسمن ٿي سمجهي!

ڊاڪٽر: زندگي ڪنهن جي ملڪيت ناهي.

ناصر: هن کي هٿ کان وٺي هٿ ۾ هڪڙي نسل کان ٻئي نسل ۾منتقل ٿيندو رهڻ گهرهي. تون زندگي کي صرف پنهنجي ملڪيت سمجهي رکڻ ٿو گهرين، اهو ئي تنهنجو گناهه آهي. ناصر: نه اهو منهنجو گناهه نه آهي آءُ هڪ مظلوم انسان آهيان، جنهن کي دوکو ڏنو ويو، هن جي ماءُ مون سان وعدو ڪيو هو ته آءُ تو کان ڪڏهن به جدا نه ٿينديس، پر هن مون سان بيوفائي ڪئي، هوءَ مون کي ڇڏي هلي وئي، پر مون کي هن سان محبت هئي، مون هن جي نشانيءَ کي ڳلي لڳايو، مون پنهنجي زندگي کي خواب بنائي ڇڏيو، مون کي ڪهڙي خبر هئي، ڊاڪٽر، ته قسمت  مون کان هي ڪوڙو خواب به ڦري وٺندي! تون انهيءَ هوندي به مون کي گنهگار ٿو چئين!

ڊاڪٽر: اها آدم جي اولاد جي تقرير آهي، ناصر!

ناصر: پر هي حوا جون ڌيئون اسان کان ڪهڙيءَ ڳالهه جو انتقام ٿيون وٺن؟ محبوبه بڻجي زال بڻجي، ڌيءُ بڻجي!

ڊاڪٽر: اها هنن جي تقدير آهي، فطرت انهن کي رڳو ماءُ بنائڻ ٿي چاهي.

ناصر؛ ڪيتري نه خوفناڪ آهي، تقدير جي راند! چڱو ائين ئي سهي، هن کي سڏ ڪر، آءُ کيس انور سان شادي جي اجازت ڏئي ڇڏيان، کيس چئه ته آءَ ساڻس ڳالهائڻ ٿو گهران.

(وقفو)

شهناز: بابا توهان مون کي سڏيو ڇا؟

ناصر (گنڀير لجهي ۾) ها، ويهه مون کي تو سان ڪجهه ڳالهائڻ آهي.

شهناز: جي

ناصر: تو کي يقين آهي ته تون انور سان خوش رهي سگهندينءَ؟

شهناز: جي؟

ناصر: سوچي وٺ! ڪالهه تائين منهنجو خيال ڪجهه ٻيو هو، تو کي روڪيان نٿو، آءٌ رڳو ايترو گهران ٿو ته ان باري ۾ سڀ کان پهرين تون انهن ذميدارين تي ٿڌيءُ دل سان سوچ ويچار ڪر. انور هڪ جذباتي نوجوان آهي، هن اڃا پنهنجي تعليم به پوري ڪا نه ڪئي آهي، هن وٽ نه پنهنجي دولت آهي، نه ڪا جائداد...

شهناز: جي

ناصر: ۽ تو کي هي به صاف صاف ٻڌائي ڇڏيان ته تو کي هڪ سڃي، بيڪار ۽ نااهل نوجوان سان شادي ڪندي ڏسي مون کي ڪا به خوشي ڪا نه ٿيندي.

شهناز؛ مون کي اميد آهي، بابا، ته انور توهان جي مدد کان سواءِ پنهنجو ۽ منهنجو بار کڻي سگهندو.

ناصر: هون. هر ڇوڪري ائين ئي سوچيندي آهي، پر زندگي رڳو اميدن تي نٿي گذاري سگهجي، خير، اهي تنهنجي سوچڻ جون ڳالهيون آهن، جيڪڏهن تون پنهنجي فيصلي تي قائم آهي، ته منهنجي طرفان تو کي اجازت آهي، تون انوار سان شادي ڪري سگهين ٿي.

شهناز: مون کي توهان مان اها ئي اميد هئي، بابا! توهين ڪجهه ڏينهن کان مون سان ناراض آهيون، اهو خيال مون کي ڏاڍو ستائيندو آهي هو پر...پر هاڻي مون کي معاف ڪريو، بابا!

ناصر: زندگي انهيءُ جو ئي نالو آهي، بيمار آهيان، هاڻي ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته منهنجو وقت اچي پورو ٿيو آهي.

شهناز: بابا!

ناصر: پر اها منهنجي خود غرضي ٿيندي، جيڪڏهن آءُ تون کي رڳو پنهنجي آرام خاطر پنهنجي سڪون ۽ راحت لاءِ، شاديءَ کان منع ڪريان، هن وقت آءٌ محسوس پيو ڪريان ته منهنجن ڪلهن تان هڪ تمام وڏو بار لهي ويو آهي، باقر رهي دولت ۽ جائداد جي ڳالهه، سو تون شايدمون کي هڪ ظالم پيءُ ڪي سمجهين، ظالم ۽ ڪنجوس، جنهن کي اولاد کان وڌيڪ پنهنجي دولت پياري هوندي آهي.

شهناز: نه، بابا

ناصر: منهنجي ڳالهه ٻڌ، آءٌ تنهنجي اڳيان صفائي پيش ڪرڻ نٿو گهران ۽ نه وري تو کي خوشنوديءَ جي اظهار ڪرائڻ جو خواهشمند آهيان، مون هي فيصلو رڳو هن ڪري ڪيو آهي، جيئن ضرورت وقت اهو تنهننجي ڪم اچي، مون کان پوءِ ڊاڪٽر منصور انهيءَ جائداد جي نظرداري ڪندو ۽ وقت اچڻ تي تنهنجي حوالي ڪندو، تو کي ڪجهه چوڻو آهي؟

شهناز: نه

ناصر: تون وڃي سگهين ٿي.

شهناز: بابا، بابا مون کي معاف ڪريو! بابا مون کي معاف ڪريو! مون شايد توهان کي گهڻو ڏک ڏنو آهي، مونم کي معاف ڪريو، بابا!

ناصر: وڃ، انور کي وڃي منهنجو فيصلو ٻڌاءِ مٿين مهيني آءٌ پنهنجي فرض کان آجو ٿي ويندس،

(شاديءَ جي موسيقي اڀري ٿي ۽ فيڊ آئوٽ ٿئي ٿي)

*      *      *

ناصر: هوءَ هلي وئي، ڊاڪٽر! هوءَ علي وئي!

ناصر: ڊاڪٽر ڇا هوءَ مون کي وساري ڇڏيندي؟ هن کي ڪڏهن هي گهر ياد نه ايندو، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا ارڙهن سال گذاريا! اهيج اکيون ياد نه ايندس، جن تي ارڙهن سال صرف هن جي صورت ڏسندي ڏسندي ڌنڌ چڙهي ويو آهي!

ڊاڪٽر: ها ياد اينديون، پر هڪ وساريل خواب وانگر، جيڪو ماضيءَ ۾ گم ٿي چڪو هجي.

ناصر:  نه ڊاڪٽر، نه ائين نه چئه، هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن هوءَ مون کي ياد ڪندي، وساريل خواب انتقام وٺندي آهن، ڊاڪٽر، هن کي واپس اچڻو پوندو، هتي ئي، هن پراڻي گهر ۾، جنهن کي هوءَ ماضيءَ جي امانت سمجهي ويٺي آهي، هوءَ ايندي... سندس اکين ۾ ڳوڙها هوندا ۽ هڪ تنا ۽ اداس روح وانگر هوءَ هن گهرجي ويرانين ۾ ڦٿڪندي!

(موسيقي)

شهناز: انور تو کي ياد آهي اڄ بابت کي وفات ڪئي پنج سال ٿي ويا آهن!

انور : (طنز سان) هون، وساري سگهان ٿو، ڀلا ! ڪالهه کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار دفعا ته ياد ڏياري چڪي آهين!

شهناز؛ ياد نه ڏياريان ته شڪايت ڪندا آهيو ته پهرين ڇو نه چيئي.

انور: انهيءَ جو مطلب اهو ته نه ٿو ته تون ڀڳل رڪارڊ وانگر هڪ ئي ڳالهه کي ورجائيندي رهين.

شهناز: ڇا ڳالهه آهي، توهين ايترو ڪاوڙجو ڇو ٿا؟

انور: پوءِ ڇا ڪريان! ڪا هڪ ڳالهه هجي ته منهن ڏيان، آفيس جي ڳڻتي هڪ طرف، تنهنجون فرمائشون ٻئي طرف، ڪڏهن ننڍڙي جو سالگرهه آهي ته ڪڏهن بابا جي ورسي آهي!

شهناز: ائين چؤ ته گهر جون ڳالهيون اوهان سان نه ڪندي ڪريان.

انور: هزار دفعا چيو اٿم، مون کي تنهنجي هن گهر سان ۽ ان جي ڳالهين سان ڪا دلچسپي نه آهي.

شهناز: الائي، اوهان کي ڇا ٿي ويوآهي.

انور: مون کي ته ڪجهه ڪو نه ٿيوآهي، مون کان رڳو هڪ غلطي ٿي آهي، جو مون تو سان شادي ڪئي.

شهناز: انور!

انور: وڏڙن جو چوڻ سچ آهي ته محبت رڳو هڪڙو دوکو آهي، ڍونگ آهي، مصيبت آهي ! شاديءَ کان پوءِ مڙس رڳو پيٽ پالڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ هوندو آهي ۽ بيگم صاحب کي ڪپڙن ڌوئڻ کان ئي فرصت ڪا نه ملندي.

شهناز: جڏهن توهان کي اهو سڀڪجهه معلوم هو ته پوءِ شادي ڇو ڪيو؟

انور: مون کي ڪهڙي خبر هئي ته شادي کان پوءِ، سائيجن کي دنيا جي هر شئي جي ضرورت پوندي، سواءِ منهنجي، ٻارن لاءِ ڪپڙا گهرجن، جتي گهرجي، رانديڪا گهرجن، ڪتاب کپن ۽ مون کي ڪجهه نه کپي، زال جي محبت به نه کپي!

شهناز:  آخر توهين چوڻ ڇا ٿا چاهيو؟  هي گهر رڳو منهنجو ته نه آهي، ٻار به ته اوهان جا ئي آهن!

انور: جي ها، گهر به منهنجو آهي، ٻار به منهنجا آهن، رڳو تون منهنجي ناهين!

شهناز: انور!

انور: مري ويو! انور انهيءَ ڏينهن مري ويو، جنهن ڏينهن هن شهناز سان شادي ڪئي! ڪيترائي نه رنگين خواب ڏٺا هئم!... (لهجو بهاڙي) ”انور صرف شهناز لاءِ هوندو ۽ شهناز صرف انور لاءِ!... اسان جون خوشيون اسان جي محبت وانگر هميشه  سدا بهار هونديون!... اسان جو گهر جنت جهڙو هوندو!“... واهه جي جنت آهي! هن جنت تي جيڪڏهن دوزخ جي نظر پوي ته اهو به جيڪر شرمائجي وڃي! (ڪشيدگي جي انداز ۾) ها ها، خوب هانءَ ڦاڙي روءُ، ۽ دعا گهر ته آءُ مري وڃان! ان کان پوءِ تون پنهنجي ننڍڙي اختر کي ۽ پنهنجي گهر کي چنبڙي  ويٺي هججانءِ!

(شهناز روئيندي رهي ٿي.)

(موسيقي)

*      *      *

ڊاڪٽر: اچ شهناز! ايتري ماٺ ڇو آهين؟

شهناز: اڄ بابا جي پنجين ورسي آهي، ڊاڪٽر

ڊاڪٽر: ها، چڱو ٿيو جو تون اچي وئينءَ مرحوم جو روح خوش ٿيندو.

شهناز: ڊاڪٽر، مون کي يقين نٿو اچي ته بابا مون کي دل سان معاف ڪيو هو.

ڊاڪٽر: نه، شهناز، تو کي اهڙيون ڳالهيون نه سوچڻ گهرجن، هو تو سان محبت ڪندو هو، محبت هميسه معاف ڪري ڇڏيندي آهي. ها، انور ڪو نه آيو؟ (شهناز چپ رهي ٿي.) ڇو ڇا ڳالهه آهي، شهناز؟

شهناز: (ڀريل آواز ۾) سندن طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر. اڄ صبح کان هلڻ لاءِ پئي چيائين، پر مون جهليومانس.

ڊاڪٽر: هن جي طبيعت خراب آهي ۽ تو مون کي ٻڌايو به نه! شهناز، ناصر پنهنجي جائداد جي سنڀال مون کان سپرد ڪري، مون تيوڏو ظلم ڪيو آهي، تون منهنجي باري ۾ الائي ڇا سوچيندينءَ، هيءَ سموري ملڪيت تنهنجي پيءُ جي آهي، آءُ بدنصيت ان تي نانگر وانگر ويٺو آهيان.

شهناز: نه، ڊاڪٽر، انهيءَ ۾ اوهان جو ڪهڙو ڏوهه.

ڊاڪٽر: آءُ جڏهن سوچيندو آهيان ته انور پريشان آهي ۽ ان سان گڏ تون ۽ تنهنجا ٻار به تڪليف ۾ آهن، ته سمجهندو آهيان ته اهو سڀ ڪجهه مون ڪيو آهي، شهناز، مون کي معاف ڪر!

شهناز: نه، ڊاڪٽر، توهان جي دل ۾ خبر نه آهي، ته ڇو اهو خيال آيو.

ڊاڪٽر: تو مون کي انور جي بيماريءَ جي خبر به نه ڏني، ڪڏهن به مون کي پنهنجي گهر جي ڪا ڳالهه نه ٻڌائي، آءُ پاڻ وڃي پنهنجن  اکين سان ڏسان ته ٻي ڳالهه آهي، باقي تو ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته آخر منهنجي دل ۾ به تنهنجي لاءِ محبت آهي، اهو سچ آهي ته منهنجي توسان ڪا به مائٽي ڪانهي، پر تو کي ياد هوندو ته تنهنجو بابا مون کي پنهنجو پاڇو ڪري سمجهندو هو.

شهناز: مون کي سڀ ياد آهي، ڊاڪٽر آءُ ڄاڻان ٿي ته توهان مون سان بابا وانگر محبت ٿا ڪريون، پر، ڊاڪٽر، هڪ سگهڙ عورت کي پنهنجي گهر جون ڳالهيون ٻاهر نه ڪڍڻ گهرجن.

ڊاڪٽر: ٻاهر؟ تڏهن تون مون کي ڌاريو ٿي سمجهين!

شهناز: نه نه، ائين ناهي، آءُ توهان کي بابا جهڙو ڪري ٿي سمجهان.

ڊاڪٽر: ته پوءِ ٻڌاءِ، ڌيءُ!

شهناز: بابا!

ڊاڪٽر: منهنجي ڌيءُ، منهنجي شهناز!

شهناز: بس، هاڻي آءُ توهان کي بابا ڪري سڏينديس، هاڻي ته اوهين خوش آهيو نه؟

ڊاڪٽر: ها ڌيءُ!

شهناز: (کلندي) بابا!

ڊاڪٽر: ڌيءَ ناصر وصيت ڪئي هئي ته سندس جائداد ۽ دولت ان وقت تنهنجي حوالي ڪئي وڃي، جڏهن تون واپس هن گهر ۾ موٽي اچين، ناصر جو خيال هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو، هن چيو هو ته جڏهن توهن هتي اچي رهي، تڏهن آءُ سموري ملڪيت تنهنجي حوالي ڪري پنهنجي فرض کان آجو ٿيان.

شهناز: نه، بابا، هر ڪنهن عورت کي پنهنجو گهر جدا وسائڻو پوي ٿو، جتي هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان گڏ رهي سگهي.

ڊاڪٽر: مڙس ۽ ٻار ته هتي به رهي سگهن ٿا. شهناز.

شهناز: پر هي گهر انهن جو پنهنجو نه هوندو، آدم جو اولاد جيڪڏهن نوان گهر نه وسائي ها ته دنيا ڪڏهن به آباد نه ٿئي ها.

ڊاڪٽر: پر ڌيءَ هتي سڀڪجهه آهي... اتي ته تون ڏکي آهين!

شهناز: نه، بابا، انور جيڪي ڪجهه مون کي آڻي ڏيندو آهي، انهيءَ ۾ ئي آءٌ خوش هوندي آهيان ۽ ان ۾ ئي مون کي آرام ملندو آهي، چڱو، هاڻ آءٌ وڃان ٿي، وري ڪنهن ڏينهن ايندس، خداحافظ!

ڊاڪٽر: خدا حافظ!

(موسيقي)

*      *      *

انور: شهناز! شهناز! (کلي ٿو) اڙي هيڏانهن اچ...جلدي! ڏس تنهنجي لاءِ ڪهڙي نه سٺي ساڙي وٺي آيو آهيان! هي ڏس! سائينجن کي انهيءَ جي جواب ۾ اسان جي وڏي مهرباني مڃڻي پوندي!

شهناز: (کلندي) مهرباني، مهرباني، سچ پچ، ڏاڍي سٺي آهي، چڱو جناب، ڏيکاريو، ٻيو ڇا آندو اٿو؟

انور: ٻيو ته...ٿورو اکيون بند ڪريو... جهٽ پٽ! بند...بند...اڃا  نه کوليو...ها هاڻي ڏسو

شهناز: آها!...لاڪيٽ! الله الله،ڏاڍو سٺو آهي! مون کي ڏيو.

انور: اون هون پهريون مهرباني!

شهناز: وڏي وڏي مهرباني (ٻئي کلن ٿا.) چڱو ڏيکاري، ٻيو ڇا آندو اٿو؟

انور: بس سائين، ٻيو ڪجهه به نه، اڄ ڪمپنيءَ مان بونس مليو هو، جيڪو سڀ اوهان جي نظر ٿي ويو.

شهناز: ۽ ننڍڙي لاءِ ڪجهه ڪو نه آندو؟

انور: ننڍڙي لاءِ؟ ها ها، آندو اٿم، هي ڏس، هيءَ ننڍڙي چون، چون ڪندڙ جهرڪي، ڪيتري نه سٺي آهي!

شهناز: غضب ڪري ڇڏيو توهان... سيارو اچي مٿان بيٺو آهي، پنهنجي لاءِ ۽ ننڍڙي لاءِ ڪجهه گرم ڪپڙائي وٺندا اچو ها. اوهان ته منهنجي سڄي خوشي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي!

انور: شهناز!

شهناز: انهيءَ ۾ چڙڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي، يقين ڪريو، جيڪڏهن پنهنجي لاءِ سوٽ جو ڪپڙو ۽ ننڍڙي لاءِ ٻه.. چار ننڍڙيون وڏيون شيون وٺي اچو ها ته مون کي هن ساڙهيءَ ۽ لاڪيٽ جي ملڻ کان وڌيڪ خوشي ٿئي ها.

انور: ته باهه ۾ وجهي ڇڏ انهن کي! کڻي وڃ!

شهباز: ڪاوڙ نه ڪريو، ڪجهه ٿڌيءَ دل سان سوچيو.

انور: چپ ڪر! توکي منهنجي خوشيءَ جي ڪا به پرواهه ناهي. توکي صرف پنهنجي خوشي گهرجي: پنهنجي مڙس ۽ اولاد جو آرام گهرجي. توکي ان انور جي ڪا به پرواهه ناهي، جيڪو خاوند ٿيڻ کان پهرين تنهنجو محبوب هو.

شهباز: اوهو، آءٌ توهان کي ڪيئن سمجهايان!  وقت ۽ موسم سان گڏ ته زندگيءَ جون ضرورتون به ڦرنديون رهنديون آهن......

انور: پر تو مون سان واعدو ڪيو هو ته اسان ٻنهي کي هڪٻئي کان سواءِ ڪنهن به ٻيءَ شيءِ جي ضرورت نه پوندي. ياد آهي توکي؟

شهناز: ها، ياد آهي.

انور: تو مون کي دوکو ڏنو آهي، شهناز! تو مون سان ڪوڙ ڳالهايو. توکي هاڻ مون سان محبت ڪانهي. توکي هاڻي صرف هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جيڪو توکي ۽ تنهنجن ٻارن کي پالي سگهي. اهو ڪم يتيمخاني جو سنڀاليندڙ به ڪري سگهي ٿو.

شهناز: انور!

انور: پري ٿي منهنجي اکين کان! ٽري وڃ!

شهناز: انور: خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر! مون تو سان ڪو به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، مون تو کي ڪو به دوکو نه ڏنو آهي. مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، انور! مون کي معاف ڪر!

انور: نه نه، ٽر منهنجين اکين کان. آءٌ تنهنجي صورت  ڏسڻ نٿو چاهيان!

شهناز: مون کي معاف ڪر ! تون هڪ عورت جي دل کي نٿو سمجهي سگهين، ڪڏهين به نه سمجهي سگهندين.

(موسيقي)

*      *      *

شهناز: اچو، بابا اوهين هن وقت ڪيئن آيا؟  ڇا ڳالهه آهي، بابا، ايترو پريشان ڇو آهيو.

ڊاڪٽر: انور ڪٿي آهي؟

شهناز: ڇو بابا، ڇا ڳالهه آهي؟ ڇا ٿيو، بابا اوهان جي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آهن؟

ڊاڪٽر: ڌيءُ...

شهناز:  چئو، بابا!

ڊاڪٽر: ڌيءُ تو مون کان ڇو لڪايو! تو مون کي ڇو نه ٻڌايو ته انور تو سان محبت نٿو ڪري!

شهناز: ڪير ٿو چوي، بابا، ڪنهن چيو توهان کي؟ آءُ سچ ٿي چوان ته اهو بلڪل غلط آهي، ڪوڙ آهي، ضرور ڪنهن دشمن اوهان کي چيو هوندو.

ڊاڪٽر: مون کان نه لڪاءَ ڌيءَ !

شهناز: نه بابا، اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي، گهر ۾ ته ننڍيونوڏيون ڳالهيون ٿينديون ئي رهنديون آهن، پر ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ته ڪا نه ٿي آهي جو...

ڊاڪٽر: آءُ ڄاڻان ٿو، ڌيءُ تون مون کي ڪڏهين به نه ٻڌائيندينءَ، گهرو عورت لاءِ سندس خاوند ۽ ٻارن کان سواءِ سڄي دنيا ڌارين هوندي آهي، هن جي پيءُ به_۽ آءُ ته ڌارين کان به ڌاريو آهيان.

شهناز: نه بابا، آءُ ته اوهان کي ڌاريو نٿي سمجهان، يقين ڪريو، دنيا ۾ انور ۽ ننڍڙي اختر کان پوءِ توهين ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه آهيو،

ڊاڪٽر: ها، تون سچ ٿي چوين، پر منهنجي لاءِ صرف تون ئي سڀڪجهه آهين، صرف تون.

شهناز: بابا!

ڊاڪٽر: (ضبط ڪندي) اڄ... انور مون وٽ آيو هو... پر مون سان ملڻ کان سواءِ، رڳو هي لفافو ڏئي واپس هليو ويو.

شهناز: لفافو؟

ڊاڪٽر: ها_ هي  سندس خط آهي.

(انور جي آواز ۾) ڊاڪٽر صاحب مون شهناز سان نڀائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پرممڪن نه ٿيو، پنجن سالن جي تجربي مان آءُ سمجهي ويس ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ذري جيتري به محبت نه آهي. ڪپڙن سبڻ ۽ رڌ_پچاءَ جو ڪم، درزيءَ ۽ بورچي کان به وٺي سگهجي ٿو، ٻارن کي خيراتي يتيمخاني وارا به پالي سگهن ٿا، مون کي زندگيءَ ۾ ڪنهن ٻيءَ شي جي ضرورت  هئي، جيڪا شهناز کان نه ملي سگهي، انهيءَ ڪري ان شي کي هٿ ڪرڻ لاءِ، آءُ ڪنهن ٻئي طرف وڃان پيو، شهناز کي چئي ڇڏجو ته هاڻي هوءَ منهنجو انتظار نه ڪري. هن جو گهر ۽ هن جا ٻار کيس مبارڪ هجن!“

شهناز: انور! (روئي ٿي)

ڊاڪٽر: ڌيءُ!

شهناز: کين ڳوليو، بابا!ٰ تلاش ڪريو!

ڊاڪٽر: خط پڙهڻ شرط آءُ سڌو ايئرپورٽ ويس، معلوم ٿيو ته هو هوائي جهاز ۾ چڙهي ولايت هليو ويو.

شهناز:  هي تو ڇا ڪيو، انور! هي تو ڇا ڪيو!

ڊاڪٽر: دل نه لاهه، ڌيءُ، آءٌ پاڻ هن جي پٺيان ولايت ويندس.

(موسيقي)

*      *      *

ڊاڪٽر: تقدير جڏهن ڦٽائڻ تي اچي ٿي ته ڪوپ به ان کي ٺاهي نٿو سگهي، انور جو ڪٿي به پتو نه پيو، صبر کان سواءِ هاڻي ٻي ڪا به واهه ڪانهي، هاڻي تو کي مون سان گڏ هلڻُ پوندو، پنهنجي گهر ۾،

شهناز: نه بابا، منهنجو گهر اڃا موجود آهي، انور هليو ويو، پر هن جي نشاني، ننڍڙي اختر، مون وٽ آهي، آءٌ هن گهر کي ڇڏڻ نٿي چاهيان.

ڊاڪٽر: پر، ڌيءٌ...

شهناز: (وچ ۾) اوهين منهنجو فڪر نه ڪريو، عورت جي زندگيءَ ۾ اهڙا حادثا ته ٿيندا ئي رهندا آهن، منهنجو ننڍڙو اختر جلد جواب ٿي ويندو، مصيبت جا ڏينهن به گذري ويندا، بابا!

(موسيقي)

*      *      *

(مهمانن جي کلڻ ۽ ڳالهائڻ جا آواز)

ظفر: مون کي اوهان جي نظريي سان بلڪل اتفاق ناهي، محمود صاحب! توهان رڳو گهوڙي کي گاڏيءَ جي اڳيان ٻڌڻ جي ڪوشس ڪئي آهي، تخليق جي علامت عورت نه، بلڪي مرد آهي، جيڪڏهن توهان جو خيال صحيح هجي ها ته پوءِ هوا کي آدم کان پهرين پيدا ٿيڻ گهربو هو.

طاهر: ۽ نه آدم جي پاسريءَ مان!

ظفر: ها، بلڪل! ڪيئن، نزهت صاحبه، اوهان جو ڇا خيال آهي؟

نزهت: (کلندي) منهنجو خيال ته توهان ته فيصلو ئي ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي ڪنهن جي مجال آهي جو اختلاف ڪري سگهي! پر سائيجن اهو نه سوچيو ته تخليق جون اهي سڀ نشانيون اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، جن ۾ برتريءَ جو رتبو مرد کي حاصل آهي، ان جي برخلاف، جيڪڏهن اوهين انهن قومن جي تاريخ ڏسو، جيڪي فطرت جي سادن اصولن مطابق عورت جي برتريءَ واري نظريي تي قائم هيون، ته اتي اوهان کي تخليق جي علامت عورت جي صورت ۾ ملندي.

محمود: جي ها، اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي.

ظفر: ته ان جو مطلب هي ٿيو ته مرد ۽ عورت جو سڀ کان وڌيڪ پاڪ، سڀ کان پراڻو سڀ کان وڌيڪ وڏو رشتو ماءُ ۽ پٽ جو آهي.

نزهت: جي ها! ۽ جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته پنهنجي ميزبان، مسٽر اختر ۽ سندس ماءُ کي ئي کڻي ڏسو،

سڀ: هيئر هيئر!

ظفر: خواتين حضرات!...

طاهر: فرمايو سائين، فرمايو!

ظفر: جي سائين، اسين رڳو هي فرمائي رهيا هئاسين ته انهيءَ مثال ته اسان کي به قائل ڪري ڇڏيو، ڇو ته پنهنجي عزيز دوست اختر کي ڏسي هڪ نيڪ ۽ فرمانبردار پٽ ۽ ان جي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو خيال اچي ئي نٿو سگهي.

(ٽهڪ. مليل جليل آواز)

اختر: نزهت!

نزهت: هون

اختر: نزهت، منهنجي اما تون کي ڪيئن لڳي،

نزهت: (کڪي ٿي)...

اختر: ڇو، کلين ڇو ٿي؟

(کلندي) مون سمجهيو ته ڪا رومانٽڪ ڳالهه پڇندؤ!

اختر: (شرمائيندي) ها، ڳالهه ته مون ڪا ٻي ٿي پڇي، هي ته مون ائين ئي چيو.

نزهت: (کلندي) بلڪل غلط، مون کي خبر آهي ته توهان پنهنجيءَ ماءُ کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ئي نٿا سگهو.

(ظفر، طاهر، محمود ۽ نزهت جي ڳالهائڻ جا مليل آواز)

سڀ: مبارڪ! اختر، مبارڪ! يار، ڪمال ڪري ڇڏيئه، بي، ايس سي ۾ فرسٽ ڪلاس! واه واه، خوب!

اختر: مهرباني، مهرباني.

نزهت: چڱو، مبارڪون ته گهڻئي قبول ڪري چڪؤ‍، هاڻي هلو مون سان گڏ، منهنجي گهر، بابا توهان جو انتظار ڪندا هوندا.

اختر: پر نزهت، اسان کي پهرين...

نزهت: اوهان يج گهر هلڻ گهرجي! ائين نه؟

سڀ: (کلن ٿا) وڃڻ ڏينس، نزهت، نه ته گهر ۾ اچڻ تي بندش پئجي ويندس! (ٽهڪ)

نزهت: هر وقت اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏيو، پاڻ ڏسو، توهان جا ساٿي ڪيڏيون چٿرون ٿا ڪن، اچو مون سان!

اختر: هل

(موسيقي)

*      *      *

ڊاڪٽر: مبارڪ هجيئي، ڌيءُ! اختر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو آهي، خدا نيٺ منهنجي ٻڌي، پر هو آهي، ڪٿي؟ ڇا ڳالهه آهي، ڌيءُ!

شهناز: ڪا خاص ڳالهه ناهي، بابا آءُ پاڻ سندس انتظار پئي ڪريان.

ڊاڪٽر: پر هو ويو ڪيڏانهن؟

شهناز: شايد دوستن سان گڏ هليو ويو هوندو.

ڊاڪٽر: دوستن سان گڏ، پر هن کي سڀ کان پهرين پنهنجيءُ ماءُ وٽ اچڻ گهربو هول. ڌيءُ تنهنجن اکين ۾ ڳوڙها!

شهناز: هي ته خوشي جا ڳوڙها آهن، بابا  اڄ منهنجو پٽ ڪامياب ٿيو آهي.

ڊاڪٽر:  ها، بيشڪ بيشڪ، پر ڌيءُ مون کي اها ڳالهه ڪجهه سٺي نه لڳي، هن پکي دوستن سان گڏ وڃڻو هو ته پوءِ به وڃي سگهيو ٿي، دوست ماءُ کان وڌيڪ ته خوش نٿا ٿي سگهن، آءُ ٿو چوان ته هن اهو سوچيو ڇو نه، توهن مون کان لڪائي رهي آهين، ڌيءُ پر دل جو درد ته تنهنجي چهري مان ظاهر آهي.

شهناز:  (روئيندي) نه بابا، نه اڄ مان ڏاڍي خوش آهيان، ڏاڍي خوش آهيان، اڄ منهنجي محنت سجائي ٿي آهي، اڄ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته زندگيءَ  مون کي سڀڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي، سڀڪجهه!

(موسيقي)

*      *      *

اختر: اما، اچي ڪالهه توهين منهجي دير سان اچڻ تي ايترو ناراض ٿي رهيو هيون، اڄ ان جي بدلي آءُ توهان کي هڪ وڏي خوشخبري  ٿو ٻڌايان.

شهناز: ڪهڙي خوشخبري آهي، پٽ؟

اختر: ترسو، پهريان سڄي ڳالهه ٻڌي وڃو، پهريون ته خوشخبري ٻڌڻ شرط توهان کي مٺائي کارائڻي پوندي!

شهناز: (کلي) اڙي، تون ڳالهه ته ٻڌاءِ!

اختر: ٻيو ته مٺائي رڳو اسين ڪو نه کائينداسين، پر اسان جا سڀ دوست به کائيندا ۽ جيتري اسين سڀ ملي ڪري کائينداسين، اوتري اڪيلي نزهت جي لاءِ سندس گهر به ويندي!

شهناز: اوهو، شرط ڇو پيو ڳڻائين، ڄڻ ڪڏهن کارائي ڪا نه اٿم!

اختر: ٽيون ته خوشخبري ٻڌڻ کان پوءِ، خوشيءَ کان بيهوش ٿيڻ جي بلڪل منع آهي!

شهناز: آخر ڪجهه چوندين به، يا...

اختر: ها ٻڌو، خوب غور سان ٻڌو، خوشخبري هيءَ آهي ته اوهان جا فرزند ارجمند، جناب اختر حسين صاحب، ايندڙ هفتي پنجن سالن لاءِ ولايت روانا ٿي رهيا آهن!

شهناز: (ڳنڀير مرڪ سان) ولايت پنجن سالن لاءِ!

اختر: ڏس اما، ڏاهي آهين نه مون کي دعا ڪر! هي سڀ نزهت جي پيءُ ڪيو آهي، انهيءَ ڪري نزهت کي ڏسڻ لاءِ وڃڻ به ضروري آهي. ڪيئن امان، ويندين نه!

شهناز: (ڀريل آواز ۾) ها پٽ.

اختر: ڇا ٿيو، اما! ڇو، ڇا ڳالهه آهي؟

شهناز: ڪجهه ناهي پٽ، ڪجهه ناهي، خوشيءَ کان منهنجو جسم نستو ٿي پيو آهي، مون کي سهارو ڏئي ويهار.

اختر: اما!

شهناز: گهٻراءِ نه پٽ، آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان.

اختر: (کلڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي) آءٌ ته گهٻرائجي ويو هوس، مون ته سمجهيو، خبر نه آهي ڇا ٿي ويو آهي، توهان کي، پاڻي کپيو؟

شهناز: ها، پاڻي.

اختر: مون ته پهرين ئي چيو هو امان ته خوشي کان بيهوش ٿيڻ بلڪل منع آهي... پر امان، منهنجي زندگي سڌري پوندي، پنج سال ولايت ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن توهان جو پٽ واپس ايندو تڏهن هو تمام وڏو ماڻهو هوندو ڪيئن اما!

شهناز: ها پٽ

(موسيقي)

شهناز هو وڃي رهيو آهي، بابا! انور وانگر هو به وڃي رهيو آهي، انور کي مون کان شڪايت هئي، بابا تنهن ڪري هو هليو ويو، پر اختر کي ته مون کان ڪا به شڪايت ڪانهي، پوءِ هي ٿو وڃي ؟ چوي ٿو ته جڏهن آءٌ موٽي ايندس تڏهن تمام وڏو ماڻهو ٿي ويندس (ڦڪي کل) وڏو ماڻهو، خدا ڪري هو ٿي پوي، پر ماءٌ ته پنهنجي ٻچي کي صرف پنهنجو پٽ ڪري چاهيندي آهي، آءٌ ڇا ڪريان؟ بابا ! آءٌ ڇا ڪريان؟

ڊاڪٽر: هر ماءٌ کي اهو غم سهڻو پوندو آهي، ڌيءٌ

شهناز: پر آءٌ هي غم ڪيئن سهي سگهنديس، منهنجو ته ٻيو ڪو به سهارو ڪونهي، انور کان سواٰءِ مون صترف انهي هڪ ئي اميد ته ڏينهن ڪاٽيا ته هڪ ڏينهن منهنجو ٻڄڙو وڏو ٿيندو جيڪو منهنجي رت ۽ گوشت مان پيدا ٿيو آهي، جيڪو صرف منهنجو آهي، ماءُ جو پٽ تي تمام وڏو حق ٿيندو آهي، ڪيئن، بابا، ٿيندو آهي نه مون انور جي جدائي برداشت ڪئي، پر اختر منهنجي زندگي آهي، هن کي روڪيو، بابا منهنجي زندگي مون کي واپس آڻي ڏيو!

ڊاڪٽر: زندگي مستقبل جي امانت آهي، ڌيءُ اها نه ڪنهن کي ڏيئي سگهجي ٿي ۽ نه ڪنهن کان ڦري سگهجي ٿي، اسان جو فرض صرف ايترو آهي ته انهيءَ کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچائيندا رهون، ڦرندڙ گهرندڙ موسم کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، بهار ڪنهن جي ملڪيت نه آهي، تو پنهنجي موسم گذاري ڇڏي، هاڻي ٻين جو حصو ڦرڻ جي ڪوشش نه ڪن.

شهناز: مون پنهنجي موسم گذاري ڇڏي... ڪيتري نه منحوس موسم هئي!

ڊاڪٽر: پنهنجي زندگي جو توهين نه ڪر، ڌيءَ جيڪڏهن زندگي سان ڀرپور ڪا گهڙي تو کي ميسر ٿي آهي ته ان کي غنيمت ڄاڻ، گلن کيڏس. ٿوريءَ دير لاءِ ڪنڊن جي جهوليءَ ۾ ٽڙن ٿا، پر مرڪندي فطرت جي جهوليءَ ۾ سمهي ٿا پون، انهن ته ڪڏهن به موسم جي شڪايت نه ڪئي!

(اختر ۽ نزهت جي کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو)

شهناز:  هو اچي پيو، شايد موڪلائڻ لاءِ ۽ ماءُ کي هي چوڻ لاءِ ته هو رڳو ماءُ جو ٿي ڪري نٿو رهي سگهي، هن جي سامهون هڪ پکڙيل درياءُ آهي، جنهن ۾ دولت آهي، عزت آهي، سيرت آهي ۽ اها آهي، جنهن لاءِ هو هي سڀڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. نزهت!

ڊاڪٽر: هيءَ ٻي ماءُ آهي. (آهستي کلي ٿو) کين کڪندي موڪل ڏي، ڌيءُ !

اختر: هئلو، اما! آءٌ توهان کان موڪلائڻ آيو آهيان، مون کي دعا ڪريو (کلندي) تئنڪ يو، اما! اما، توهان  کي منهنجي وڃڻ جي خوشيءَ آهي نه؟

شهناز: ها پٽ

اختر: نزهت مون سان آهي، اما. مون کي اتي ڪا تڪليف نه ٿيندي، آءٌ اتي بلڪل خوش رهندس، ڏاڍي ترقي ڪندس، ٿي سگهي ٿو ته پنجن سالن کان پوءِ به نه موٽي سگهان... پر تون مون سان واعدو ڪر ته افسوس نه ڪندينءَ، مون کي ياد ڪري ڏک نه ڪندينءَ،... واعدو ڪر، اما!

شهناز: ها پٽ...

اختر: (کلندي) منهنجي مٺڙي اما!... جهاز اڏامڻ جو وقت اچي ٿيو آهي، ... اما، منهنجي اما! (کلندي) ٿئنڪ يو، اما!

(موسيقي)

*      *      *

شهناز: زندگيءَ جي شام جا پاڇا لڙندا پيا وڃڻ، بابا! هر شي اونداهيءَ ڏانهن موٽندي پئي وڃي، آءٌ به موٽي آئي آهيان، بابا صرف اوهان جي شهناز بڻجي.

ڊاڪٽر: منهنجي شهناز!

شهناز: هتي اونداهي آهي، سڪو آهي. سڪو آهي، ۽ يادگيريون آهن، يادگيريون، جيڪي ڪڏهن حقيقت هيون ۽ هاڻي خواب ٿي ويون، اهڙا خواب، جيڪي پنهنجو تعبير پاڻ آهن، هر شي سڪون طرف موٽي رهي آهي، مان به موٽي آئي آهيان، بابا، صرف اوهانجي ڌيءُ بڻجي.

ڊاڪٽر: منهنجي ڌيءُ!

شهناز: اوهان کان جدا ٿي وئي هيس، بابا. مون هڪ ٻئي دنيا جا خواب ڏٺا هئا، جتي زندگي آهي، بهار آهي، روشني آهي، پر اتي موسمون ڦري ٿيون وڃن ۽ موسم سان گڏ، محبت به نه ڦرڻ واري موسم رڳو موت جي آهي. اسين ٻئي خوش رهنداسين، بابا.

ڊاڪٽر: ها ڌيءُ.

شهناز: آءٌ ماءٌ ٿيس ۽ ناڪام رهيس، مون ٻڌو هو ته ڪائنات جو سڀ کان پهريون، سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان پراڻو رشوت ماءُ ۽ پٽ جو آهي، پر هيءُ ازلي درد ۽ ادي جدائي جو رشتو آهي، ماءُ صرف هڪ گذرگاهه آهي، جنهن تان گذري ٻار پهرين پٽ ۽ پوءِ مرد ٿئي ٿو، انور مون سان محبت ڪئي ۽ هليو ويو ۽ پر آءٌ خوش هيس، منهنجو پٽ مون سانهو، پر هر اختر، هڪ ڏينهن انور ٿيپوندو آهي، اهو ئي ماءُ لاءِ سڀ کان وڏو ڏک آهي.

ڊاڪٽر: تو ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، ڌيءُ ۽ مون به، پر شايد اسان ٻنهي جي تڪميل اهڙيءَ ئي طرح ئي هئي.

شهناز: اختر ۽ انور منهنجي لاءِ مري چڪا، يا شايد آءٌ انهن لاءِ مري وئيس، آءُ ته رڳو اوهان جي ڌيءُ جي روپ ۾ زنده آهيان، مون کي پنهنجي هنئين ۾ لڪايو، بابا!

ڊاڪٽر: ها ڌيءُ تو گهڻيون منزلون طي ڪيون آهن، تون منهنجي دل، منهنجون پهريون ۽ آخري سهارو آهين!... (افسرده کل_ پڙاڏو) خداوندا آءٌ موٽي آيو آهيان! تو مون کي جنت ۾ جاءٌ ڏني، آءٌ تنها ۽ اداس هوس تو مون مان حوا کي پيدا ڪيو، حوا_ ڪائنات جي پهرين ڌيءُ، پهرين زال ۽ پهرين ماءُ، ماءُ جي تقدير اها آهي ته هوءَ نئون گهر وسائي حوا جنت  کي ڇڏي، پنهنجو گهر وسايو. اهو اسان جو گناهه هو، پر هاڻي اسين ٻئي موٽي آيا آهيون، ندامت کان سواءِ_ گناهه جو ڪفارو ادا ٿي ويو. خدا وندا، ڇا اڃا به تنهنجي جنت جا دروازا اسان لاءِ نه کوليا ويندا.

(پڄاڻيءَ جي موسيقي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com