سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :3

فيض محمد سومرو

سنڌ جا ڳهه ڳٺا (زيور)

تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ شاهد آهي ته انسان ذات جو شروع کان ڳهه ڳٺي سان گهڻو تعلق رهيو آهي. عورت جو زيورن سان ڏاڍو پيار هوندو آهي. عورت ڪنهن به زماني جي هجي ۽ ڪٿي جي به هجي پر ڳهن سان دل هوندي اٿس.

اوائلي زماني ۾ ”موهن جي دڙي“ جي تمدن کان اڳ به عورت جي ڳهن سان دلچسپي جي حقيقت ميسر ٿيل آهي. موهن جي دڙي واري تمدن وارين عورتن کي ته اڳئين دور کان به وڌيڪ زيورن سان پيار ۽ پائڻ جو شوق هو، جو چڱيءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي. انهيءَ سڀيتا جا هت آيل زيور، جي آثار قديمه جي کاتي وارن وٽ موجود آهن، انهيءَ ڳالهه تي گهڻي روشني وجهن ٿا ته ان وقت زيورن ٺاهڻ جي فن ۾ گهڻي ترقي ٿي هئي. ذڪر ڪيل سڀيتا کان اڳ جا زيور پٿرن جا هوندا هئا پر تنهن هوندي به شروعات ٿي چڪي هئي.

ان وقت جي عورتن کي هڪ زيور خاص طور سان پسند هو جو عموماً پائينديون هيون. اهو ڳهه چيلهه جو ڳهه سڏبو هو، جو ننڍڙن گول پٿرن مان ٺهيل هوندو هو، اڄ ڪلهه جو ڪمر پٽو ان ڳهه سان مشابهت رکي ٿو. سون مان ڳچيءَ جو هار به وڏن مذهبي گهراڻن ۾ ٺهڻ شروع ٿيو هو. عام طور سان ڳچيءَ جو هار به هڪ چمڪندڙ ڌاتوءَ مان ٺاهيو ويندو هو. ڪنن لاءِ ننڍڙي قسم جي پنڙن ۽ آڱرين لاءِ مُنڍن جو انهيءَ وقت به عام رواج هو.

سنڌ جي تمدن ۾ بيشمار زيورن جو وقت بوقت بيان ٿيل آهي. هن وقت گهڻو ڪري ڳچي، نڪ، ڪن، مٿي، چيلهه، پيرن وغيره جي زيورن جو رواج آهي. ڪنوار لاءِ جديد ٽِڪو گهڻو ڪري سون جو ٺهندو آهي، جو امير ۽ پڙهيل خاندان ۾ ٽِڪي جو عام رواج آهي. اهو ننڍڙو گول هلڪو زيور پيشانيءَ تي سينڌ جي سامهون پايو ويندو آهي، جنهن کي هڪ سنهي سهڻي ڌاڳي سان جن ۾ موتي پوتل هوندا آهن، مٿي جي پٺيان ٻڌو ويندو آهي. ڪڏهن هن جي گولائي اڌ انچ کان مٿي نه ٿيندي آهي. اڄ ڪلهه تاري جي شڪل ۾ ٺهڻ جو رواج آهي. غريب ماڻهو ننڍڙن ڪوڙن موتين مان ٺاهيندا آهن. وڏن گهراڻن ۽ جاگيردارن ۾ اهو سچن هيرن مان ٺاهيو ويندو آهي.

ڪنن لاءِ ته گهڻائي زيور آهن، جن مان واليون، پنڙا، جهامٽيون ۽ والا بيان جي لائق آهن. انهن مان جهامٽيون يا ڪنن جو گل گهڻو استعمال ۾ اچي ٿو. اهو زيور هميشه چانديءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. جهامٽين ۾ ننڍڙن گول شڪل جي گولين جو سنهڙي چانديءَ جي زنجيرن سان انچ جي چوٿين حصي جي وٿيءَ تي لڙڪڻ ڪري هڪ قسم جو هلڪو هلڪو هلڻ سان آواز نڪرندو آهي جنهن جو ڪنوار جي شخصيت کي ڪشش سان ڀرپور ڏيکارڻ ۾ حصو هوندو آهي. جهامٽيون ڪنن جي سوراخن ۾ پايون وينديون آهن يا ته چانديءَ جي زنجير ۾ اٽڪيل هونديون آهن جو زنجير ڪنن جي مٿان وريل هوندو آهي. انهيءَ زنجير جي ڪنن جي مٿان ورائڻ ۾ ڪنن جي پاپڙين تي بار نه وجهڻ جو راز رکيل آهي. اهو ياد رهي ته عورت جو حسن هر هڪ ڳالهه جي خيال رکڻ سان پائدار رکي سگهجي ٿو.

سنڌي زيورن ۾ ڳچيءَ جو زيور گهڻي ۾ گهڻو قيمتي آهي. دهريءَ جو هرهڪ سنڌي عورت کي پائڻ جو شوق آهي.

ياد رهي ته دهري هميشه سون مان ٺهندي آهي. ٽن کان ستن لڙين جي ٺهيل هوندي آهي. هن جي شڪل چنڊ وانگر هوندي آهي، دهريءَ جي هرهڪ لڙيءَ ۾ سون مان ٺهيل گول موتي پوتل هوندا آهن.

نڪ جي زيورن ۾ نٿ ۽ بولو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي ٻئي ڳهه سون جا ٺهيل هوندا آهن. نٿ بولي کان وڏي هوندي آهي، جا شڪل ۾ گول هوندي آهي. بولو شڪل ۾ چنڊ وانگر هوندو آهي. اهي ٻئي زيور نڪ ۾ سوراخ ڪري پاتا ويندا آهن. نڪ ۾ سوراخ ڪرڻ جو رواج سنڌ ۾ عام آهي. ننڍڙي عمر ۾ ڇوڪرين جي نڪ ۽ ڪنن کي سوراخ ڪڍيا ويندا آهن ۽ سنڌي عورتن کي انهن ٻنهي زيورن جو پڻ گهڻو شوق هوندو آهي. ياد رهي ته سماٽ قوم گهڻو ڪري نٿ يا بولو نه پائيندي آهي. سما ۽ سومرا خاندان اڄ به پنهنجي عورتن کي نٿ ۽ بولو نه پائڻ ڏيندا آهن. اها هنن ۾ هڪ قسم جي سؤءَ آهي، جا سومرن حاڪمن جي شهيد ٿيڻ سان تعلق رکي ٿي.

نٿ جو سوسائٽيءَ جي هڪ حصي جي عورتن جي عصمت سان پڻ تعلق آهي، جنهن جو ذڪر وڌيڪ ذڪر نه ڪرڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿو. بينسر هڪ ٻيو نڪ جو زيور آهي جنهن جو سنڌي عورتون پنهنجي خوشيءَ جي موقعن تي ڳيچن ۾ ذڪر ڪنديون آهن.

ڳچيءَ جو ٻيو زيور ڪٺمال آهي جنهن کي ڳچيءَ جو وڏو هار به چئي سگهجي ٿو. اهو زيور پڻ هميشه چانديءَ مان ٺاهيو ويندو آهي ۽ مائرون پنهنجي ڪٺمال پنهنجي نُنهن لاءِ رکنديون آهن جنهن کي پٽ جي آس (شادي) سان شامل ڪيو وڃي ٿو. ڪٺمال کان پوءِ هن جو ذڪر ضروري آهي. اهو پڻ چانديءَ مان ٺهيل هوندو آهي. ياد رهي ته هس زيورن ۾ ڳري ۾ ڳرو زيور آهي. سندس شڪل چنڊ جهڙي هوندي آهي. مِيرن پِيرن ۽ جاگيردارن ۾ هن وقت نئين نموني جي ڳچيءَ جي زيورن جو رواج آهي، اهو رواج حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو ۽ سکر ضلعي جي قبائلي ۽ ٽالپر خاندان ۾ به اچي چڪو آهي. پڙهيل ۽ سڌريل خاندانن ۾ پڻ نئين قسم جي ڳچيءَ جي هارن جو رواج شروع ٿي ويو آهي.

تنهن هوندي به ڪن سجاده نشينن ۽ پراڻي خيال وارن ۽ زياده مذهبي  قسم جي ماڻهن ۾ اڃا تائين پراڻي ڳچيءَ جي زيورن جو رواج قائم آهي. اهڙن ڪن خاندانن ۾ اڳين پيڙهين جا زيور اڃا تائين وڏن جي نشاني جي خيال کان پاڻ وٽ محفوظ آهن جن کي هو ڪنهن به قيمت تي الڳ ڪرڻ نٿا چاهين. ليلان چنيسر جي داستان ۾ نولکي هار تي ڪيئن ليلان پنهنجو ايمان هاري وڌو، سو هر ڪنهن سنڌيءَ کي ياد هوندو. حقيقت ۾ زيور عورت جي هڪ وڏي ڪمزوري پڻ آهي.

ٻانهن ۾ پائڻ وارن ڳهن ۾ اڄ ڪلهه پاڪستان جي ٻين ماڻهن وانگر بازو بند جو رواج سنڌ جي عورتن ۾ به گهڻو مروج ٿي ويو آهي. هي هڪ جهجهي قسم جو ڳوڙهو ڳهه آهي، جو هٿ جي مٿئين ڀاڱي تي آڱرين جي ٻپڃن ۽ ٻانهن جي ڪرائيءَ واري حصي تائين پايو وڃي ٿو. هي ٻاهريون ڳهه آهي، جنهن هن وقت سنڌي ڳهن ۾ پنهنجو وجود پوريءَ طرح سمائي ڇڏيو آهي. هن ۾ اڌ گول مڻين جي شڪل جا سونا يا چانديءَ جا مڻيا پوتل آهن، جي وري هلڪين سونين زنجيرن ۾ ڦاٿل آهن، جي ڪارائي ۽ هٿ جي مٿئين حصي کان وٺي آڱرين جي ڇيڙن واري حصي کي نهايت سهڻو ڪن ٿا. هن ڳهه جي ڇيڙن تي خوبصورت ريشمي ڌاڳا هوندا آهن جن سان هو ٻانهن سان ٻڌبا آهن. هن قسم جو زيور اهڙن خاندانن ۾ شروع ٿي ويو آهي جن ٻين تمدن ۽ تهذيبن کان ڪجهه حاصل ڪيو آهي يا انهن کي پنهنجي تمدن ۾ جاءِ ڏيڻ مناسب سمجهيو آهي.

پاڪستان جي وجود کان اڳ پونچي جا هميشه سون جي ٺهندي آهي، ڪجهه وقت سنڌي زيورن ۾ شامل هئي. هيءَ هڪ قسم جي واچ جي پٽي وانگر چئجي ته مناسب آهي. ٻانهن جي ڪارائيءَ ۾ پائي ويندي آهي. هندو عورتون ۽ مرد گهڻو ڪري هي زيور پائيندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ هيءَ ويچاري پاڻ سنڌ جي زيورن جي دنيا مان لڏي وئي آهي. اهڙي ئي قسم جو هڪڙو ڳهه ڪجهه وقت لاءِ ڪن خاندانن ڳچيءَ لاءِ تيار ڪرائي استعمال ڪيو، پر اهو گهڻو وقت نه هليو ۽ خودبخود گم ٿي ويو.

ٻانهن جي زيورن مان چوڙيون سنڌ جي ڳهن ۾ خاص حيثيت رکن ٿيون. چوڙين تي سونارا پنهنجي فن جو پورو پورو مظاهرو ڪندا آهن. ڏاڍو شانائتو ڳهه آهي. عورت ته چوڙيون ضرور پائيندي آهي انهيءَ مان هوءَ اها ڳالهه به ظاهر ڪري ٿي، ته سندس گهوٽ زنده آهي ۽ هوءَ ڀاڳ واري آهي. قدرت جي سڏ تي جڏهين ڪنهن عورت جو مڙس لبيڪ چوندو آهي ته هوءَ پنهنجي چوڙين کي انهيءَ وقت ڀڃي ڇڏيندي آهي. اهو رواج پاڪستان جي ٻين ڀاڱن ۾ پڻ موجود آهي. چوڙين جا گهڻا ئي قسم آهن ڪي گول، ڪي اٺڪنڊيون، ڪي ساديون ته ڪي وري چٽن واريون. هاڻي ته رنگارنگي چوڙيون به ميدان ۾ اچي ويون آهن. وڏن گهراڻن ۾ چوڙين ۾ هيرا به لڳايا وڃن ٿا. پر عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته هر ڪا عورت شيشي جي چوڙين کي وڌيڪ پسند ٿي ڪري.

ڪڙيون، جي گهڻو ڪري چانديءَ جون ٺهيل هونديون آهن، سنڌي عورتن جي پيرن جو عام زيور آهن. ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ته خاص شوق هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي انهن ڪڙين ۾ گول گول مڻين جي شڪل جا چانديءَ جا مڻيا هيٺين حصي تي لڳايل هوندا آهن، جن جو وک وجهڻ سان سٻاجهو آواز نڪرندو آهي، ۽ پري کان آواز ٻڌي، محسوس ڪري سگهبو ته سنڌ جي ڪا سگهڙ پئي وڃي. ڪڙيون انهيءَ لاءِ پايون وينديون آهن ته پيرن جي سوڀيا وڌيڪ اثر واري ٿئي. ياد رهي ته ڪڙين پائڻ واري عورت کي انهيءَ زيور پائڻ جي خوشي تڏهن حاصل ٿئي ٿي، جڏهن سندس جيڏيون ڪڙين کي ڏسي پيرن جي نزاڪت جي تعريف ڪن ٿيون. اها حقيقت عورت جي متعلق آهي، ۽ هوءَ انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿي.

سنڌ جي تمدني تاريخ ۾ زيورن جو خاص ذڪر آهي سنڌي تهذيب کي اوائلي ڳهن حاصل ٿيڻ ڪري، سڀ کان پراڻي تهذيب چئي سگهجي ٿو.

ڪيترن مصنفن، مشاقن، شاعرن ۽ سفيرن سنڌ جي زيورن کي محبت جي داستانن جي مرڪزي چيز بڻايو آهي. منڊين جو خاص طرح محبت جي داستانن ۾ ذڪر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪٺمال جي پڻ محبت جي داستانن ساڻ صحبت رهي آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي لاثاني شعرن ۾ سنڌ جي ”عمر مارئي“ ”سهڻي ميهار“ ۽ ”سسئي پنهونءَ“ جي محبت جي داستانن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي ڪن خاص زيورن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن حقيقت تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي عورتون ٻين پاڪستاني عورتن وانگر موقعي ۽ نزاڪت جي خيال کان ڳهه پائينديون آهن. هرهڪ ڳهه لاءِ پائڻ جو وقت مقرر ڪيل هوندو آهي. پر ڪي اهڙا ڳهه آهن، جن جو پائڻ روزانه پائڻ واري فهرست ۾ اچي وڃي ٿو، مثلاً منڊيون، پر منڊين جو عام طور استعمال ڪنهن خاص عدد تائين محدود هوندو آهي. اصلي پراڻي نموني واريون وڏيون چانديءَ ۽ ميناڪاريءَ واري ڪم واريون منڊيون اڃا تائين سنڌ جي پراڻن خيالن وارن خاندانن ۾ ۽ ڪن ڪن هنڌ پاتيون وڃن ٿيون. ٿرپارڪر ضلعي جي، ڏيپلي، ڇاڇري، مٺي ۽ حيدرآباد ضلعي جي بدين، ماتلي ۽ ٺٽي ضلعي جي سجاول، جاتي تعلقه وارين ايراضين ۾ سمن سومرن، شورن ۽ ڪن آسوده بجير خاندانن ۾ انهن منڊين جو اڃا تائين استعمال ٿئي ٿو. البت اتر سنڌ ۽ وچولي علائقي يعني نوابشاهه ضلعي ۽ سانگهڙ ضلعي جي ڪن ڀاڱن ۾ انهن منڊين جو استعمال بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. چانديءَ جون منڊيون انهن سڀني اراضين ۾ استعمال ٿين ٿيون، پر پڙهيل ۽ نئين خيالن وارن خاندانن ۾ چانديءَ جي منڊين جو استعمال بلڪل بند ٿي چڪو آهي، جتي ڪٿي سون جون منڊيون پاتيون وڃن ٿيون، جن تي گهڻئي نمونن جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو، جيتوڻيڪ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص جا سونارا ڪوشش ڪري سون جون منڊيون خاص شهري نموني جون ٺاهيندا آهن، پر اڃا تائين ڪراچي جهڙي سونارن جي ڪم کي پڄي نه سگهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو آسوده ۽ پڙهيل ترقي پسند خاندان شادي مراديءَ تي پنهنجي نياڻين لاءِ سهاڳ جا ڳهه ڪراچيءَ مان اچي ٺهرائيندا آهن. اها ڳالهه اڃا تائين شايد سندن ذهن نشين نه ٿي آهي ته سنڌ جا سونارا کڻي ايترو سٺو ڪم نه ڪندا هوندا، پر اهي سون ۾ ايتري قدر کوٽ ڪونه ملائيندا آهن جيتري قدر ڪراچيءَ جا ڪي وڏن دڪانن وارا ملائيندا آهن.

سهاڳ جون منڊيون شاديءَ کان پوءِ ڪنوار گهڻي وقت تائين اهي خاص عدد منڊيون پنهنجي هٿن ۾ پائيندي رهندي آهي. گهر جون وڏيون بزرگ عورتون جيڪڏهن ڪنوار جي هٿ تان اهي سهاڳ واريون منڊيون اتفاق سان لٿل ڏسنديون آهن ته دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيندو اٿن ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ڪنوار کي سمجهائي اهي منڊيون پارائي ڇڏينديون آهن. اهڙين منڊين جو گم ٿي وڃڻ پڻ هڪڙو بدسوڻ سمجهيو ويندو آهي. گهر جون وڏيون ڏاڍو افسوس ڪنديون آهن ۽ وقت بوقت سس پنهنجي ننهن کي سمجهائيندي رهندي آهي ته هو اهي منڊيون هٿن تان نه لاهي ۽ خوشيءَ جهڙي موقعي تي ضرور پائي ٻاهر نڪرن ۽ شادي وغيره ۾ شريڪ ٿين ته اهي منڊيون سندن نازڪ هٿن تي زينت ڪري سندن سهاڳ جي راز تي روشني وجهنديون رهن.

ٻانهين يا چانديءَ جي چوڙي جو گهڻي قدر استعمال سڄي سنڌ ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ عورتن جي نازڪ ٻانهن تي شيشي جي چوڙين قبضو ڪيو آهي. چانديءَ جي ٻانهين هن وقت فقط ڪنهن خاص ڳوٺ جي رهاڪن ۾ ملي سگهي ٿي. سماٽن ۾ ٻانهين پائڻ جو رواج تمام گهڻو آهي جو اڃا تائين هليو اچي ٿو. نوابشاهه، سانگهڙ، جيڪب آباد ۽ دادو ضلعي وارين ايراضين ۾ ٻانهين جو استعمال اڃا تائين آهي، پر ڏينهون ڏينهن گهٽبو ٿو وڃي. وچولي خاندانن ۾ ٻانهين عاج جي پائي وڃي ٿي. هندو عورتون، جن جو انگريزي تعليم سان ڪو خاص واسطو نه رهيو آهي، عاج جون ٻانهيون پائينديون آهن. گهڻو ڪري اهي هندو عورتون، جن جو اڳوڻي زماني کان مسلمان خاندانن ۾ ميل ميلاپ ۽ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو آهي، ٻانهين پائيندي ڏٺيون ويون آهن. اهي هندو عورتون اڃا تائين پردو ڪنديون آهن، هڪ سفيد چادر ڍڪينديون آهن ۽ فقط هڪ اک کولينديون آهن، باقي سڀ بدن چادر سان پردي ۾ ڍڪيل هوندو اٿن. اهو ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڏٺو آهي، جو پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به رواج هلندو اچي ٿو. اهڙين هندن عورتن جا ڳهه به گهڻي قدر مسلمان عورتن جي ڳهن وانگر هوندا آهن. ڪي خاص هندو خاندان، جي اڃا تائين مسلمان (جاگيردارن، زميندارن يا وڏيرن) وٽ منشي وغيره جي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن جي عورتن جا ڳهه بلڪل مسلمان عورتن جي ڳهن وانگر آهن، فقط هڪڙو ڳهه هندو عورتون، مسلمان عورتن کان وڌيڪ استعمال ڪنديون آهن، اهو آهي بولو. هندو عورت غريب يا شاهوڪار بولو ضرور پائيندي آهي، پر انگريزي تعليم جي اثر گهڻين ترقي پسند هندن مان اهو ڳهه، ڳهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

بولي پائڻ جو رواج سنڌي مسلمان عورتن ۾ اڃا تائين آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ٻيا ڳهه وقت بوقت پنهنجي شڪل بدلائيندا رهن ٿا يعني سونارن جي ڪاريگري جي ڪري سندن نقش وغيره ۾ به ڦيرڦار ٿيندي رهي آهي، پر بولو جيئن شروع ۾ هو، اڃا تائين انهيءَ شڪل ۾ ئي ٺهندو اچي ٿو. بولو هميشه سون جو ٺهندو آهي. دهريءَ وانگر بولو پڻ فقط سون مان ٺاهيو وڃي ٿو.

بولي جو ننڍيءَ عمر وارين ڪنوارين ڇوڪرين جي چهري تي نمايان اثر ڏٺو ويو آهي. سندن سونهن سوڀيا وڌيڪ سٻاجهي ٿي پوندي آهي، پر هن ڳهه سان هڪ بي انصافي آهي جو سماٽن ۾ ڪي قبيلا بولو ڪونه پائيندا آهن، جهڙوڪ سما ۽ سومرا (جنهن جو سبب اڳئين قسط ۾ نٿ جي ذڪر ۾ ڏنل آهي).

ڇلو، منڊين وانگر سنڌي عورتن ۾ ڏاڍو مقبول آهي. ڇلي جو تعلق فقط عورتن سان نه، پر مردن سان پڻ آهي. اڃا تائين سنڌي مرد، گهڻو ڪري ملهه وڙهندڙ، اُٺ هلائيندڙ ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن وارا وڏيرا ڇلو هٿن جي آڱرين چيچ ۽ ٻاچ ۾ پائيندا آهن. ڇلي جو محبت جي داستانن ۾ به گهڻو ذڪر ڪيو ويو آهي. شاديءَ کان اڳ ۾ پاڪيزه خيالات جو اظهار (جنهن کي محبت ئي کڻي چئجي) ڇلي ڏيڻ سان شروع ڪيو ويندو آهي. اهو ڇلو مرد ڏئي يا عورت، پر اهڙي قسم جي خيال يا خبر فقط انهيءَ جوڙي تائين محدود هوندي آهي.

انسان ذات جو محبت سان روز ازل کان واسطو رهيو آهي. سنڌ جي عورتن ۽ مردن تي پڻ انهيءَ جذبي جو اثر، ٻين قومن جي فردن وانگر ٿيندو رهيو آهي. حقيقت ۾ اهو انسان، جنهن ۾ محبت جو جذبو نه آهي، حيوان جي برابر آهي. دنيا جو هي وڏو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي، جنهن کي هزارين سال ٿي ويا آهن، جنهن ۾ محبت جو جذبو هڪ مرڪزي زيور آهي، جنهن جي حاصل ٿيڻ کان سواءِ دنيا پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي ويٺي آهي.

(”نئين زندگي“ رسالي تان کنيل)

 

 

آتم ڪٿا قسط ”2“                              رتنا گوديا ”رولاڪ“

پيڙا جو پڙلاءُ

امان شانت هئي. سڀڪجهه ٻُڌي ڪري به هن جي سوچ هئي ته اُهو طوفان عارضي آهي. اڄ نه سڀان هليو ويندو. مٿان عرب شاهه جو آٿت ته اسان پهريائين پنهنجو سِر ڏينداسين، پوءِ ئي توهان وٽ ڪوئي پهچي سگهندو. اڃا ته هتي ڪوئي ڌاريو اچڻ جي همٿ نه ڪندو. پر ميٺا رام اچي چيو، ”رُڪمڻي، حالتون سٺيون نه آهن. مان ٽڪيٽن لاءِ ماڻهو موڪليانءِ ٿو، اڳو پوءِ تنهنجون به گهُرائي وٺان.“

 

امان چيو، ”ميٺارام، تون اُٻهرو ٿي رهيو آهين. عرب شاهه وڃڻ ڪين ڏيندو. ٻيو هتي ڪي غريب هاري ناري ۽ ٻيا ويٺا آهن، اُنهن جو ڇا ٿيندو؟ هتي ڪو ٻيو اهڙو آهي ڇا جو اُنهن جو علاج ڪري؟ ائين هنن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيون، اهو ٺيڪ نه آهي. پر به هيءُ اسان جو ملڪ آهي، اسان ڇو وڃون هتان؟“

ميٺارام وراڻيو، ”اسان به توکي اڪيلو ڇڏڻ نه ٿا چاهيون، پر مجبور آهيون.“

”ڪالهه به عرب شاهه اچي هٿ پير جوڙيا ته نه وڃو، حالتون اڻايون سڻايون ٿي وينديون. پر ڪالهه جيڪي ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيا آهن، اُنهن ڏڪائي ڇڏيو آهي. ساهرا به هندستان هليا ويا آهن. ٻار ننڍا آهن سو اسان رهي نه سگهنداسين. ها، حالتون ٺيڪ ٿيندي موٽي اينداسين. تون ٻڌاءِ هاڻ ڳوٺ ۾ گهڻا گهر آهن؟ هڪ پتليءَ جو گهر. هن جي جوان ڌيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوئي نه آهي. چئي ٿي، ڪيڏانهن وينديس؟ مان هتي مرنديس، هتي جيئنديس. جيڪو هوندو ڌيءَ جو ڀاڳ. سو ڪٿي به بدلي نه سگهنديس.“ چئي هُو ناراض ٿي هليو ويو. ٿورن ڏينهن ۾ بهار جا مسلمان ڳوٺ ۾ پهچي ويا، جو هنن کي ڪي جايون الاٽ ٿي مليون هيون. پاڙي ۾ اهڙن ماڻهن کي ڏِسِي، نانيءَ جو غصو امان تي اچي پيو. چي، ”رُڪي، تون سمجهه کان ڪم وٺ. پنهنجي ڌيءَ جو اُٺ جيڏو ڏَيل ڏٺو اٿيئي؟ ڳوٺ وارا ته هن کي ڌيءَ سمجهي ويٺا آهن پر هنن ڌارين جي اکين ۾ مرچ ته نه وجهندينءَ؟ ايندي ويندي پيا ليئا پائيندا.“ پوءِ پنهنجي ناٺيءَ ڏي نهاري چيائين، ”تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟ جي هتي رهڻو اٿَوَ ته مان ٻار وٺي ٿي وڃان پُٽ وٽ.“

بابا چيو، ”نه مان به هاڻ نه ٿو چاهيان ته اسين هتي رهون. توهان تياري ڪريو. مان حيدرآباد وڃي ٽڪيٽون وٺي ٿو اچان. منهنجا سڀ مائٽ هندستان پهچي چڪا آهن.“

ائين اسين وڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين، رڳو ڪپڙا کڻي، باقي سامان ڪٻٽن ۾ بند ڪري رکيوسين. ٽڪيٽون اچي ويئون. وڃڻ واري ڏينهن صبوح ساڻ ئي ماڻهن جو اچڻ شروع ٿي ويو. امان صبوح جو ئي عرب شاهه کان موڪلائڻ ويئي هئي. هن جي ايندي ئي ماڻهو پيرن ۾ اچي ڪريس. ڪن پڳڙيون لاهي اڳيان رکيس. سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. امان ڀريل من سان هنن کي چيو، ”مان هميشه لاءِ ٿورو ئي وڃي رهي آهيان. مهيني ٻن ۾ ٺاپر ٿيندي، اچي پنهنجو گهر وسائينديس. تيستائين توهان سنڀال ڪجو.“ اسٽيشن تي به گهڻيئي ماڻهو هئا. عرب شاهه پنهنجن ماڻهن سان گڏ اسان سان هلڻو هو. منهنجي آيا مراديءَ ڀاڪر پائي پار ڪڍي چيو، ”خدا انهن کي نرڳ جي باهه ۾ وجهندو، جن اسان جا ٻچا اسان کان وڇوڙيا آهن. الله، هنن تي قهر ڇو نه وسايئُه؟ شال اُهي به ٻچن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪندا رهندا.“

مون کي روئڻ اچي ويو. گاڏيءَ سيٽي هنئي، سڀ وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺا. مان به اندر اچي پنهنجو ڀنڊارو کڻي مراديءَ کي ڏيئي چيو ته، ”هن مان تون پنهنجي لاءِ ۽ فاطمه لاءِ سٺو اجرڪ وٺج. مان واپس اچِي توکي پاتل ڏسنديس.“

بابا ٻانهن کان پڪڙي اندر ڪيو. گاڏيءَ جي هلڻ جي گهوگاٽ ۽ دونهين ۾ سڀني جا بُت ڌنڌلا نظر آيا. اسان اچي حيدرآباد ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن صبوح جو اسان جي گاڏِي هئي. سڄي رات ڪنهن به ننڊ ڪانه ڪئي. عرب شاهه بندوق جهليو، پنهنجن ماڻهن سان چُپ چاپ ويٺو رهيو. ڪالهه حيدرآباد ۾ به فساد ٿيا هئا. پر بندوق ڏسي ڪنهن کي به اسان وٽ اچڻ جي همٿ نه ٿي. صبوح جو اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، پر اسٽيشن تي هزارين ماڻهو هئا، ڄڻ سڄي سنڌ جا ماڻهو هڪ وقت اچي ڪٺا ٿيا آهن. ڪومايل منهن، وڌيل ڏاڙهي، زالن جا ڍڪيل شَرير، اکڙيون ڪڍي، ٻارن کي ڪڇ ۾ کنيو پئي هليون. هو سڀ مؤت کان ڀڄڻ لاءِ هتي آيا هئا. جي ڪو اُن ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪري ٿي پيو ته لتن سان لتاڙجي چيڀاٽجي مؤت وٽ وڃي پيو پهچندو. اسان سان اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. بندوق جي ڳن تي سڀ ماڻهو پرتي ٿيندا ٿي ويا. گاڏيءَ ۾ به اسان جي جاءِ ڳوٺ جا ماڻهو والاري ويٺا هئا. اسان کي سؤلو وهاري، هو روئندا هيٺ لٿا. هي ريل جو دٻو نه هو، ماڻهن سان ڀريل گودام هو. هڪٻئي جي مٿان سٿيل سامان ۽ اُن جي مٿان ويٺل ماڻهو، جن کي هيٺ جاءِ نه ملي، سي باندرن جيان ريل جي مٿان وڃي ويٺا، مؤت کان بچڻ لاءِ مؤت جي منهن ۾ وڃي ويٺا! جي بچي ويا، سي بچي ويا، جي ڪري پيا تن کي آٿت هو ته اسان بچڻ جي پهل ته ڪئي، پر ڀاڳ! اندر سڀ خاموش هئا. ٿي سگهي ٿو ته سڀني کي اسان جيان خيال ستائيندو هوندو ته ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪيڏانهن وڃبو؟ هتان بچي به سگهنداسين يا نه؟ پنهنجي ڳوٺ وري اينداسين يا نه؟ اهڙا گهڻيئي سوال هئا سڀني جي اندر ۾، پر جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هو. ڪنهن جي ڪرڻ جي ڪِيڪ تي ڇرڪ ٿي ڀريائون، پوءِ اکيون بند ڪري اُن اڀاڳي انسان جي آتما جي شانتيءَ لاءِ پرارٿنا پئي ڪيائون. ماڙوار تي گاڏي بيٺي ته ماڻهن جو صبر ٽُٽي پيو، هڪٻئي کي ڌڪا ڏيئي ڪرندا ٿاٻڙندا هيٺ پئي لٿا. چَون متان گاڏي واپس نه مؤت جي در تي وٺي وڃي. بابا چُپ رهڻ جو اشارو ڪري، خاموش ويٺو رهيو. سڀني کان پوءِ اسان لٿاسين. ماڻهو بيٺا هئا جن اسان کي وٺي وڃي هڪ ميدان تي لڳل تنبن ۾ رهايو. هيٺان ريتيءَ تي پال وڇايل هو جو به پيرن ۾ لتاڙجي ريتيءَ جيان ئي پئي لڳو. پُوريون ۽ چانهه ڏيئي ويا. پُوريون ته ڪنهن به نه کاڌيون، چانهه اسان پيتي، کاڌو ڏسي دل نه هوندي به نانيءَ هٿ جوڙي گراهي وات ۾ وڌي، پر منٽ ۾ ٻاهر وڃي ٿُو ٿُو ڪري آئي. چيائين، ”لوڻ بدران ريتي وڌي اٿن.“ پوءِ هڪ دٻو کولي، لولو ۽ بيسڻِي ڪڍي سڀني کي کائڻ لاءِ ڏيندي چيائين، ”حال ته ٽن چئن ڏينهن جو کاڌو آهي. پوءِ ڪٿي نه ڪٿي بندوبست ٿي ويندو.“ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيائين، ”اهڙو کاڌو اسان ڍورن کي به نه کارائيندا هئاسين.“

گرمي به گرمي هئي. ٻاهر کُلِي هوا ۾ چادر وڇائي وڃي ليٽياسين پر ننڊ اصل ڪنهن کي به نه آئي. مان تارن سان ڀريل آسمان ڏسي خوش هئس. رکي رکي ريتيءَ گاڏڙ هوا جو جهوٽو پئي آيو. اُڀ ڏانهن نهاريندي نهاريندي ڪهڙي وقت ننڊ آئي، خبر ئي نه رهي. اسان ٽي ڏينهن اُتي رهياسين. اجمير ۾ به فساد ٿيا هئا ته سرڪار رستو بند ڪيو هو. ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ گهڻي رش هئڻ ڪري سرڪار ماڻهن کي اتان ڪڍي جئپور ۽ ٻين هنڌ ڪئمپن ۾ پئي موڪليو. اسان کان به پڇيو ويو پر امان چيو ته رستا کُلن ته اسين پنهنجو بندوبست پاڻ ڪنداسين. بابا چيو، ”توهان کي ڪٿي ٿانئيڪو ڪري مان ٻاريمر ويندس. ڀاءُ لکيو آهي ته مون سان اچي ڪم ڪر. جي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته راتورات وڃي حيدرآباد پهچنداسين. خبر ملي ته ميٺارام آگري ۾ آهي.

ايتري ۾ هڪ ڳوٺائي گڏجي ويو. امان کي ڏسي وڌي قرب مان ڀاڪر پائي چيائين، ”ادي، توهان هتي؟“

امان چيو، ”اجمير وڃڻو آهي، رستا بند آهن. کُلندا ته اُتي وينديس. ٻڌو اٿم ته اُتي گهڻيئي سنڌي آهن.“

هُن کلندي چيو، ”ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جو منهن ڏسي گهران نڪتو آهيان. توهان جو درشن ٿيو آهي. هلو هلو، هاڻي ئي هلو. شام جو گاڏي آهي. مان آهيان ٽِي.سِي. ڪير توهان کان ٽڪيٽ لاءِ پڇندو به نه. ادي، ائين ته منهنجو رعب آهي.“

ائين بنا ٽڪيٽ جي اچي اجمير پهتاسين. رستي تي ٻڌايائين ته حال ننڍي روم ۾ رهيا پيا آهيون. هفتي کن ۾ سرڪاري جاءِ ملي ويندي. جوءِ جو وقت به ڀريل آهي. توکي ڏسي جان ۾ جان آئي آهي. هن جي گهر ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺاسين. تنهن وچ ۾ اسان جو کجور جي چؤنڪ ۾ هڪ جاءِ جو بندوبست ڪري آيو، سؤ رپيا ڀاڙو. مالڪ گهنشام کي به ساڻ وٺي آيو. جاءِ ڏسي خوش ٿياسين. پهرئين ماڙيءَ تي چار ڪمرا، ٻئي تي هڪ تمام وڏو هال، کليل پهاڙن جي بلڪل سامهون هو. مون لڪيءَ ۾ پهاڙ ڏٺا هئا، جي ٽيڙا ميڙا ڄڻ اجهو اسان جي مٿان ڪرندا، پر سامهون پهاڙ جي چوٽيءَ تي به ٿورو سائو گاهه هو. باٿ روم ۽ رنڌڻو هو. بس، هڪ ڳالهه سٺي نه هئي، ڪاڪوس. امان چيو گهر اندر آهي، اُها نعمت سمجهه. هيٺ تر ۾ رهندڙ ته لوٽو کڻي ڪٿي ٿا وڃن، خبر نه آهي. هيٺ چمپل ٺاهڻ وارن جا دڪان هئا ۽ دڪانن جي پٺيان گهر هئا. اسان کي وهاري بابا هليو ويو ٻاريمر ڀاءُ وٽ. امان جي اسپتال چالو ٿي ويئي. پهرين پهرين بودارام جِي جوءِ ئي ويم ڪيو. پُٽُ ڄائس. بس اسپتال هلي پئي. امان سڄو ڏينهن هيٺ مريضن ۾ مشغول رهندي هئي. ناني خوش هئي ته ڌيءَ سڄو ڏينهن اکين جي سامهون ته رهندي. نانيءَ جي نه چاهيندي به مون کي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ماستر چيلارام پاڙهيندو هو ۽ شام جو ديوت شرما وٽ هندي پڙهڻ ويندي هئس. ديوت شرما هڪ سٺو ۽ آدرش ماستر هو. بنا ڪنهن سوارٿ جي هو اسان کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي سکيا ڏيندو رهندو هو. ڄڻ سڀ پڙهندڙ سندس پنهنجا ئي ٻار هئا. پدم شرما پاڙهيندو ته خود پيو شرمائيندو هو. جنهن ڪارڻ ڇوڪريون هن لاءِ پٺيان رمارڪ پاس ڪنديون هيون ته هيءُ ڇا ماستر ٿي سگهندو؟ مون کي ناز آهي ته مون هڪ سٺي ودوان ۽ بهادر انسان جي هٿ هيٺ ڪجهه سال تعليم پرائي هئي. اڄ ڪٿي آهن ديودت شرما جهڙا ماڻهو!؟ اُتي دؤلترام شرما به پڙهائيندو هو. هندي اکر سٺا نه هئڻ ڪري چيلارام روز چار پنا لکڻ لاءِ حڪم ڪندو هو. ٻن ٽن سالن ۾ اکر ته سٺا ٿي ويا پر واهپو نه هئڻ ڪارڻ اڄ سٺا نه ٿي سمجهان. روز شام جو پلازا ٿئيٽر جي پاسي واري باغ ۾ ڇوڪرين لاءِ شيوا دَل هلائيندي هئي. سيتو ملڪاڻي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي ڀيڻ رتنا ملڪاڻي. اڻ وٽ جيڪو سکيس، اُهو جيون جي هر سفر ۾ مون کي همٿائيندو رهيو آهي.

ڪجهه منهنجي اُن وقت جون سونهري يادون:

ڪانگريس جو اجلاس جئپور ۾ هو. سڀني سيوا دَل وارن کي لکيو ويو ته پنهنجا ويهه والنٽيئر وٺي اچو، جي هر حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجن. سيتو ملڪاڻيءَ سڀني چونڊ ڇوڪرين کي چيو ته گهر مان هفتي جي موڪل وٺي اچو، جنهن ۾ مون کي به چونڊيو ويو. ڀلي هن کي آرڊر هو ته ڇوڪريون ارڙهن سالن کان وڌيڪ هجن، مان ته ننڍي هئس، پر منهنجي قابليت تي هن کي ڀروسو هو. مان سٺي لٺيباز هئس. هٽِي ڪٽِي تندرست، عمر کان وڏي پئي لڳيس. ملڪاڻيءَ سمجهايو ته توهان کي ڪهڙو به ڪم ملي سگهي ٿو. انڪار ڪرڻو نه آهي. ڀلي اُهو توهان جي لائق هجي نه هجي. گهر مان بسترو، ٻه اڇا وڳا، سوئيٽر، جيڪو اندر پائي سگهو، لٺ، وِسل. ٻيو ڪجهه به نه. اُهو بوجو به خود کڻي هلڻو اَٿوَ. سڀ ڇوڪريون خوش هيون. هڪ ته ديش ڀر جا نيتا هُو پنهنجين اکين سان ڏسي سگهنديون ۽ ٻيو ته هڪ هفتو سڀ رات ڏينهن گڏ رهنديون. نئون شهر به ڏسنديون، وري اهڙو موقعو ملي نه سگهندو. سڀ اڳواڻ ته وري ڏسي سگهون يا نه. اُن وقت ماڻهو نيتائن کي پيار ۽ عزت جي نظرن سان ڏسندا هئا، نه ڪي اڄ وانگر نفرت سان، سوارٿي چئي ڌڪارين ٿا. گهڻي ڀاڱي اڄ سڀ اهڙا ئي آهن. اڳي نيتائن جي دل ۾ ماڻهن ۽ ديش لاءِ ڪجهه سٺو ڪرڻ جي ڀاونا هئي. اڄ ٿورن کي ڇڏي سڀ پئسي کي پنهنجو ايمان سمجهي وويڪ وڪڻي ويٺا آهن. ان وقت ڪنهن نه ڪنهن اڳواڻ جو فوٽو ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سنڀالي رکندا هئا، جيئن اڄ ائڪٽرن جا رکندا آهن. سڀ ڇوڪريون جوش ۾ اچي ويئون ته اسان پرڻ ٿا ڪريون ته هر ڪم ڪنديونسين. اُهو ته سڀ ٺيڪ، پر گهر وارا موڪل ڏيندا؟ ٻئي ڏينهن ڪن نالا ڏنا ۽ ڪن مجبوري ڏيکاري ته موڪل نه ٿي ملي. چون ٿا جوان ڇوڪريون اڪيلون ڪيئن موڪلينداسين؟ سڀ ته ڇوڪريون آهن. ڪوئي مرد ماڻهو ساڻ اٿن ڪونه. منهنجي نانيءَ به گوڙ ڪيو. پوءِ ڪجهه واعدا ڪرائي، سور پيئندي چيائين، ”وڃي سُک ۾ پئُه.“ امان خوش هئي ته گهر کان ٻاهر وڃي ڪجهه پرائي اينديون. هونئن به هتي اچِي ٻار ڪٿي به نه ويا آهن. نانيءَ جو موه مون ۾ هو، وس پڄيس ها ته مون سان گڏ هلي ها. اُهو پهريون موقعو هو جو ناني مون سان گڏ نه هئي. مان مقرر ٿيل شيون سڀ بستري ۾ وجهي، بسترو هٿ ۾ کڻي اسٽيشن تي پهتيس. داديءَ سڀ چيڪ ڪيو. پوءِ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ڳائيندا، وڄائيندا، کائيندا اچي جئپور پهتاسين. رات جو گاڏيون ٻاهر بيٺل هيون. هر ڪو پنهنجي پنهنجي دَلُ سان اچي شهر کان ٻاهر هڪ وڏي ميدان تي تنبن جي ٺهيل شهر ۾ پهتاسين. هڪ وڏي تنبوءَ ۾ اسان کي رهايو ويو. سڀيئي پنهنجو پنهنجو بسترو وڇائي، منهن ڌوئي، مقرر وقت تي مانيءَ جي هال ۾ وياسين، جو ٿوري دير ڪرڻ تي داديءَ جي دٻ کائڻي ٿي پئي. ٿڪل ٽُٽل جڏهن بستري تي ليٽياسين، ٻاهر ته ٿڌ هئي، پر اندر ڪمبل پائڻ کان پوءِ به سيءُ پئي پيو. ڊسمبر جو مهينو کليل ميدان، سو به پهاڙين جي نزديڪ! ڪرونڊا ٿي هڪ ٻئي کي لڳِي لڳِي، سمهي پيونسين. صبوح جو سوير اُٿَڻ جي هدايت ڪري، دادِي ٻئي ڏينهن جو پروگرام ڏسڻ ٻاهر هلي ويئي. ٻئي ڏينهن اسان سڄي شهر جي پرڪرما ڏني. نيتا ڪي کليل گاڏين ۾ ته ڪي بند ڪارُن ۾ هئا ۽ اسان پنڌ، سفيد يونيفارم ۾ ليفٽ رائيٽ ڪندي پئي وياسين. شهر ڏسي عجب ۾ پئجي ويس. سڀني جاين تي گلابي رنگ، بالڪنين ۾ بيٺل اٿاهه ماڻهو، جن جون رنگ برنگي پڳڙيون، ائين لڳو ڄڻ ڪنهن گلن جي باغ ۾ هزارين گل هڪ وقت ئي ٽڙيا آهن. اکيون اُنهن کان سواءِ ڪنهن تي ٽڪي نه سگهنديون. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت اکين جي ڏسڻ جو انداز ۽ نظريو ڪجهه ٻيو ئي هو. ان کان پوءِ به گهڻيئي دفعا جئپور ويئي آهيان، پر ان وقت جو نظارو ڪجهه ٻيو هو. سڄو سرگس اچي هڪ ميدان تي ختم ٿيو، جتي جواهر لال نهروءَ کي تقرير ڪرڻي هئي. هڪ وڏو منچ ٺهيل هو. سڀ نيتا اُتي وهندا ويا. اسان انهن جي چوڌاري پهري تي بيهجي وياسين. داديءَ اُهو سڀ سمجهائي ڇڏيو هو. اُها اسان جي خوش نصيبي هئي جو سيتو ملڪاڻيءَ جهڙي هوشيار ۽ بهادر جي هٿ هيٺ اُهو ڪم ٿيو. مان ويهن سالن کان پوءِ اجمير ويئي هئس. ڊاڪٽر چمن ٻڌايو ته سيتو هاڻ هن دنيا ۾ نه آهي. هاڻ ته ڊاڪٽر چمن به نه رهيو. هو سٺو پيار ڪندڙ ڊاڪٽر هو. امان ۽ هن جو پاڻ ۾ سٺو سهڪار هو. شام ٿيڻ واري هئي. نيتائن جو پروگرام جلدي ختم ٿيو. هو سڀ لهي هليا ويا. ان کان پوءِ واپس پنڌ ڪرڻ جو اسان جي ٽنگن ۾ ست ئي نه رهيو. بس ۾ چاڙهي اسان کي اڏي تي پهچايو ويو. ان رات جو سمهياسين ته صبوح جو داديءَ جي تاڙيءَ تي اُٿي تياري ڪئي سين. سڀني کي چئن ڏينهن جو پروگرام ٻڌايو ويو. ٻه ٻه ڇوڪريون گڏجي ڪنهن نه ڪنهن نيتا جي تنبوءَ تي ڏينهن جو پهرو ڏينديون ۽ رات جو هڪ ڇوڪري. نالا ٻڌائڻ تي ڏينهن جو پهرو ڏيندڙ ته خوش ٿيون پر رات جو مون کان سواءِ ٻين ڇوڪرين لاءِ مشڪل هو. پر حڪم حڪم هو. هڪ رات مون کي سچيتا ڪرپالاڻيءَ جي تنبوءَ تي بيهڻو پيو. هوءَ ڪافي رات تائين اچ وڃ ڪندي رهي. اڌ رات کليل ميداني هوا، سياري جي ٿڌ. هن پنهنجي ڪلهي تان گرم شال لاهي، منهنجي ڪلهن مٿان وجهي چيو، ”مرني ڪا هئه لڙڪِي!“ هڪ منٽ لاءِ گرم شال مون کي راحت ڏني. ٻئي کن مون لاهي هن کي چيو، ”مون کي آرڊر ڪونهي ته مان ڊيوٽيءَ جي وقت پنهنجي يونيفارم جي مٿان ڪجهه پايان. هن وقت مان ڊيوٽيءَ تي آهيان.“ هوءَ مشڪي هلي ويئي. هونئن به هنن نيتائن کي وقت ئي ڪٿي هو. ننڊ به ڪندا هئا ڪِي نه، اُها به ڄاڻ نه اٿم. پر هاڻ ڄاتو اٿم ته جي ڪنهن شيءِ جو جنون هجي ته ننڊ خود به خود هن کان پري ڀڄندي رهندي. اُهو جُنون ڀلي ڪمائڻ جو هجي، پڙهڻ جو هجي يا شيوا جو هجي. ٻئي ڏينهن مون سان گڏ ديويءَ کي به داديءَ پهري تي وڃڻ لاءِ چيو. هن ائين منهن بڻايو ڄڻ داديءَ ڪؤڙي دوا پيئاري هجيس. اُن ڏينهن اسان جي ڊيوٽي راجيندر بابوءَ جي تنبوءَ ٻاهران هئي. هتي ته رات به ڄڻ ڏينهن لڳو پيو هو. رات جا ٻارهن لڳا ته هڪ ماڻهوءَ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون لٺ سامهون ڪري هُن کي روڪيو، ”توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مان اندران توهان جي لاءِ موڪل وٺِي اچان.“ هُن نالو نه ٻڌائي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجو محڪم اِرادو ڏسي مون سان ڳالهائڻ لڳو، ”ها ڇوڪري، تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڪٿان آئي آهين؟“ پوءِ ته مون کي پڪ ٿي ويئي ته هيءُ ماڻهو مون کي بهلائي اندر هليو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو دشمن هجي، متان اندر گُسي نقصان پهچائي. مان هن جي سامهون ٿي بيهي رهيس. ايتري ۾ ارونا افضل علي اتان اچي لنگهي. تنهن هن ماڻهوءَ کي ڏسي چيو، ”باپوجي، اهڙِي ٿڌ ۾ ٻاهر ڇو بيٺا آهيو؟“

باپوءَ کلندي چيو، ”هيءَ ڇوڪري وڃڻ نٿي ڏي.“

يڪدم مون هُن کي سلام ڪيو. هو اندر ويو. مون کي ان وقت پاڻ تي غصو به لڳو ۽ خوشي به ٿِي ته اڄ مان هندستان جي هڪ وڏي نيتا سان ملي آهيان. منهنجي دل ۽ دماغ تي نيتا جو روپ جواهر لال نهروءَ جهڙو هو، نه هيئن - باپوءَ کي اڌ ٽنگ تي ڌوتِي ۽ ڪرتو پيل هو ۽ پير ۾ چمپل! اُهو ڪيئن نيتا ٿي سگهندو؟ هُو ته ٻهراڙيءَ جو ڪسان پئي لڳو. مون ٻئي ڏينهن ديويءَ تي غصو ڪيو ته تون پيٽ جي سُور جو بهانو ڪري هلي وئينءَ ۽ مان هن کي سڃاڻي نه سگهيس. داديءَ کي خبر پوندي ته غصي ٿيندي. ديويءَ وراڻيو، ”خبر ڪيئن پونديس“ هتي ڪنهن کي وقت آهي ته جو ڪالهه ٿيو اُهو ياد رکن؟“ داديءَ چيو ٿي ته هتي گذاريل وقت سڀني نيتائن لاءِ اتهاسڪ ڏينهن رهندا جو ايندڙ وقت ۾ ورلي شايد نه اچي. ستين ڏينهن اسان سڀ واپس ورياسين. سڀ نيتا رات جو ئي هلي ويا هئا. تنبن جو شهر ڊهڻ لڳو هو.

وري اجمير ۾ اُهي ئي ڪتاب ۽ پڙهائي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو پيءُ بيمار ٿي پيو هو. پيٽ ۾ ڳوڙهو ٿيو هوس. امان هن کي آپريشن لاءِ جوڌپور وٺي ويئي هئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ، گيارس ڏينهن اچڻي هئي. ساوڻ جو مهينو هونئن کان وڌيڪ ياد ڪيو ويندو آهي. نانيءَ کي بخار اچي ٿيو. نوڪر فروٽ جو ٽوڪرو وٺي رکي ويا، جو ناني ۽ امان گڏجي دان ڪنديون هيون. امان اڃا پهتي نه هئي. صبوح جو ٻارهن اچي ٿيا. نانيءَ جي مٿي ۾ سخت سور هو. مون هن جو سر پنهنجي گود ۾ رکي زور پئي ڏنا ۽ ڪتاب به پئي پڙهيو. نانيءَ ڪنجهڻ لڳي ته مون ڪتاب پاسي کان رکي نانيءَ کان پڇيو، ”پاڻي پيئندا؟ سُور ڪيئن اٿوَ؟“

نانيءَ اکيو کولي چيو، ”ماڻهين آئي؟“

مون ڪنڌ سان نه ڪري هُن جو وهندڙ پگهر اُگهندي چيو، ”اچي ويندي.“

هن جو جواب ڪونه ڏنو، رڳو منهنجو هٿ کڻي چميو. مون کي لڳو اڄ مان ناني ٿي ويئي آهيان ۽ ناني ڏوهٽي. ايتري ۾ مائي ٻاهران ايندي چيو، ”ٻارهان ماهي ڏينهن اوندهه ڇو ڪري ويٺا آهيو؟“ ۽ هُن اچي بتِي ٻارِي.

نانيءَ کي ڏسي ڇرڪي چيائين، ”پُٽ سگهو ڪر، نانِي ته وڃيئي پيئي. ٻاهر رکيل ٽوڪري مان ٿورو ميوو کڻي اچ ته هٿ لڳائي دان ڪرايونس.“

مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. پوءِ نانيءَ جو سِر وهاڻي تي رکي ٽوڪرو کڻي آيس. مائيءَ هٿ لڳايس ۽ پاڻيءَ ۾ تُلسيءَ جا پن وجهي پيئاري چيو، ”چئُه رام.“

نانيءَ جي چپن ڪجهه ڀڻڪيو، پر ڇا ٿي چوڻ چاهيائين، سا خبر نه پئي ۽ مون وري هن جو سِر پنهنجي گود ۾ رکيو. هن مون ڏانهن نهاريو. اُها سندس آخرين نظر هئي. مان اچي رودن ۾ پيس. امان به نه آهي. ڊاڪٽر چمن آيو. پڇيائين ته، ”رُڪمڻيءَ جو پتو آهي جتي هُن کي تار ڪري ڇڏيان؟“ اڌ ڪلاڪ اندر سڄو پاڙو اچي پهتو. ڪلاڪ کان پوءِ امان آئي. ماءُ کي ڏسي ٻئي هٿ مٿي تي جهلي بيهوش ٿي ويئي. ڊاڪٽر ويٺو هو تنهن سُئي هنئي ته ڪجهه هوش ۾ آئي. ٻارهن ڏينهن گهر ۾ اُداسي ڇانيل رهي. امان تمام دُکي هئي. جا ماءُ هيڏا سال هن جي مٿان پيار جي ڇانوَ ڪندي رهي، اُها هڪ کن ۾ تتل اُس ۾ وهاري ويندي اُها اُميد سپني ۾ به نه سوچي هئي. وري به اسپتال ۾ هن جو من بهلجي ويندو هو. مون کي اڄ به ياد ايندو آهي، جڏهن ماءُ جو مرتڪ سرير ڏسي هن جي پيرن کي چُمي چيو هو، ”امان، هڪ رات به انتظار ڪري نه ٿي سگهئينءَ؟ ٻارن کي ڪنهن جي ڀروسي ڇڏيئُه؟“

پر مان خود ته اهڙو نصيب به کڻي نه آئي آهيان جو پنهنجي ماءُ جو آخري درشن ڪري سگهان. جنهن جو دُک اڄ به مون سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. اڃا مهينو به نه گذريو ته بابا بمبئيءَ ماءُ کي ڏسڻ ويو هو، سو موٽِي آيو. رات جو امان کي چيائين، ”مان ڄيٺيءَ جو مڱڻو پنهنجي دوست جي پُٽ سان ڪري آيو آهيان، هونئن ته تنهنجي ماءُ ويٺي هئي ته مان بي اونو هوس، پر هاڻ هن کي اڪيلو ڇڏڻ ٺيڪ نه ٿيندو.“

امان هن جو وروڌ ڪندي چيو ته، ”ائين ڪيئن ٿيندو؟ اڃا عمر گهڻي اٿس؟ ٻيو هيءُ ڪو ميرن جو مُلڪ نه آهي جو ڇوڪريون کڄي وڃن، هيءُ آزاد هندستان آهي، وقت بدلجي ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ پڙهڻ ٿي چاهي.“

بابا چيو، ”مون زبان ڏنِي آهي. توکي اسان جي خاندان جي خبر آهي. وڏي ڳالهه مان وڌيڪ جِي سگهان يا نه، منهنجي حالت ڏسين ويٺي. جي تون ضد ڪندينءَ ته مان باقي جي ڇا ڪندس؟ شادي يا منهنجو مؤت.“

اُن ڏينهن به امان وري بيهوش ٿي ويئي. چمن ڊاڪٽر اچي هن کي هوش ۾ آڻي چيو، ”هن کي سخت مٿي جو سُور، جيڪو اڪثر ٿيندو آهي، اُهو خطري کان خالي نه آهي. ان ڪري ڪنهن به قسم جو دُک پهچڻ تي هوءَ بيهوش ٿِي ٿئي. آئينده خيال رکجو.

 

امان مون ڏانهن نهاري سوچ ۾ پئجي ويندي هئي. هن جي منهن تان مُشڪ موڪلائي هلي ويئي. مون گهڻو ئي گوڙ ڪيو، بک هڙتال به ڪيم. مون ورت، باسڻ ڀڃڻ، ڀڄي وڃڻ، زهر کائڻ جي ڌمڪي به ڏني. پر وريو ڪجهه به نه. امان جو ڪومايل منهن ڏسي مان خاموش ٿي ويس. ائين منهنجي شادي سورهن سالن جي عمر ۾، بمبئيءَ ۾ ٿي. گهر ۾ ڪا به زال ڪانه هئي. ٻه ڏير هئا، هڪ مون جيڏو ۽ ٻيو ٻارهن سالن جو ۽ سهرو، جي خود ئي گڏجي ماني ٺاهيندا هئا ۽ ٻه ٻه مانيون ٻڌي کڻي ويندا هئا. پر مون کي ته رڌڻ پچائڻ ايندو ئي ڪونه هو. منهنجي سهري مون کي پاسي ۾ ويهاري کلندي چيو، ”تو جيڪا چٺي لکائي موڪلي هئي، تنهن مان ڄاڻ پيئي ته تون پڙهڻ ٿي چاهين، گهر جو ڪو به ڪم نه ايندو اٿيئي. توهان پٽ جي ٻئي هنڌ شادي ڪرايو، پر توکي ڏسي، پنهنجي گهر ۾ آڻڻ جو من ۾ لوڀ جاڳيو هوم. هاڻ تون ڪا به چنتا نه ڪر، مان ويٺو آهيان. توکي ڌيءُ سمجهي، سڀ ڪم سيکاريندس.“

منهنجي ڏير شيوا چيو، ”ڀاڀي، مان ويٺو آهيان سيکارڻ وارو.“

ننڍڙو ڏير پپو، ٻاتو هو، جنهن چيو، ”الي، مان توتي اتو ڏوئي ڏيندس.“

غصي ۾ هوندي به ان ڳالهه تي مُشڪي ويٺيس. مون ماءُ وٽان پيارو ئي پاتو هو. ائين هن گهر سان موهجي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويس. سڀني گڏجي مونکي هفتي کن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهڻ سيکاريو. سڀ گهر جا ڀاتي ڪم تي هليا ويندا هئا ۽ پپو اسڪول ويندو هو. مان اڪيلي سوچيندي رهندي هئس ته ”ڇا مان اهڙي جيون جيئڻ لاءِ پيدا ٿِي آهيان؟“ ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون بي تُڪيون سوچيندي رهندي هئس تان جو پپو اچي در کڙڪائيندو هو. پپو ماءُ جي غير مؤجودگيءَ ڪارڻ صحيح سکيا پائي نه سگهيو هو. ڪمزور هئڻ ڪري ٻاتو هو. پڙهڻ هن کي نه وڻندو هو. پر شيوا جي ڊپ ڪارڻ هو اسڪول ويندو هو. واپس اچي هُن جو سڄو غصو مون کي گاريون ڏيئي ڪڍندو هو. منهنجي روئڻ تي معافي وٺي چوندو هو ته، ”ڀاءُ کي نه ٻڌائج.“ ائين سکندي، روئندي ويهه ڏينهن گذري ويا. پاڙي ۾ رهندڙ ڪماريءَ جي سسُ اچِي بابا کي چوندي هئي، ”بابا، پٺاڻي نونهن ملي اٿيئي، ڀاڳن وارو آهين. پر هن کي گهر ۾ پوري ڇو رکيو اٿيئيس. چئينس نه ته ڪماريءَ سان ڳالهيون ٻوليون ڪري دل وندرائي.“

پر منهنجي سهري جِي مامي به پاسي ۾ رهندي هئي. جا هُن کي سمجهائيندي هئي ته، ”مولچند، تنهنجي نونهن هڪ ته سُهڻي ۽ آزاد خيال آهي، اسٽيشن تي هلياسين شاديءَ کان اڳ ته مردن جيان پئنٽ ۽ قميص پئي هئس. سو بابا هتي هلي سگهي يا نه، تون خبرداريءَ کان ڪم وٺج. وڃڻ وقت ٻاهران ڪُلف پائي ويندو ڪر، چاٻِي مون وٽ رکج.“ ان ڪري سهرم ٻاهران در تي ڪلف هڻي ويندو هو. پپوءَ جي مستيءَ ڪري هن کي اسڪول مان سڌو دڪان تي وڃڻ جو حڪم هو. مان هاڻ سڄو ڏينهن اڪيلي اڪيلي رهندي هئس. پر پوءِ به ڪمارِي دريءَ وٽ اچي، ٻه ٻه ڪلاڪ ڳالهائيندي رهندي هئي، هڪ ڏينهن بيزار ٿي سهري کي چيائين، ”ڪاڪا، توهان ته ظلم ٿا ڪريو، سمجهو ٿا ته ڪي ضروري ڪم پوندا آهن، اهي گهر ۾ ته نه ٿيندا آهن. باٿ روم به ٻاهر آهي. توهان ته هن کي بيمار ڪري ڇڏيندا. پرائي ڄائيءَ کي مارڻو اَٿوَ ڇا؟“ مون کي غصو ته هو ئي، مٿان ڪو همدرد ملي وڃي ته زبان خود به خود کُلي ويندي آهي. مون سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو. مون چيو، ”مان جيئڻ به نه ٿِي چاهيان.“

بابا ٻه منٽ مون ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. اُن رات هن کي وڌيڪ دم ٿيو. هو سڄي رات در کولي کنگهندو ۽ سهڪندو رهيو. هونئن به هن کي دم جي بيماري هئي. کنگهندو هو ۽ کانگهارن سان پاسي ۾ رکيل چمني ڀرجي هيٺ وهڻ لڳندي هئي. مان روز اُها چمني صبوح جو ڌوئي صاف ڪري هيٺان پنو رکي ڇڏيندي هئس، جيئن فرش خراب نه ٿئي. مون کي شيوا جو ڀاوُ ماءُ وٽان ورثي ۾ مليو هو. مان اسپتال وڃي مريضن جي ديک ڀال ڪندي هئس. بابا (سهري) جي اهڙي حالت ڏسي، منهنجي من ۾ ممتا جاڳي اُٿي. سڄي رات هن جي پُٺيءَ تي هٿ ڦيريندي رهڻ کان پوءِ صبوح جو هن کي ننڊ آئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ته منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ سان هن جي دل کي صدمو پهچڻ ڪارڻ اسٿما جو دؤرو پيو اٿس. پر هن جي ماميءَ اچي ٻڌايو ته سالن کان هُو ڀوڳي رهيو آهي. دوائون ڪو اثر نه ٿيون ڪن. ٻئي ڏينهن بابا ٺيڪ هو. ڪم تي پئي ويو ته مون کيس چيو، ”آرام ڪيو، سڄي رات جاڳيا آهيو.“

”نه پُٽ“ چئِي هُو بنا ڪُلف لڳائڻ جي هليو ويو.

مهينو کن گذريو ته منهنجو مڙس ڪان بيمار ٿي پيو. کنگهه ۽ بخار، پاڻ وڃي پاسي واري سرڪاري اسپتال مان دوا وٺي ايندو هو. ڇهه ڏينهن ٿيا ته ڪماريءَ اچي چيو، ”ڪان کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃ.“

مون چيومانس، ”مون کي هتي ڪنهن ڊاڪٽر جي خبر نه آهي.“

”مان ٿي توکي وٺي هلان.“

بابا اتي ويٺو هو، تنهن چيو، ”مان ٿو ڊاڪٽر گدري وٽ وٺي وڃانس.“

ان وقت اسين ٽيئي ڊاڪٽر گدري وٽ پهتاسين. ڊاڪٽر هن جي جاچ ڪري چُپ ٿي ويو. بابا هُن کان پُڇيو ته، ”ڇا ٿيو ڊاڪٽر؟“

ڊاڪٽر مون ڏانهن نهاري چيو، ”ٻچا، تون ٻاهر وڃي ويههُ.“

مان ٻاهر اچي در وٽ پيل بينچ تي ويٺيس. پر ڪَن ڊاڪٽر جو آواز ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا. ڊاڪٽر ڪان کي به دوا ۽ سُئي وٺڻ لاءِ ٻاهر موڪليو. ڊاڪٽر بابا کي چئي رهيو هو، ”تو پنهنجي سوارٿ لاءِ هڪ اٻوجهه ڇوڪريءَ جو جيون برباد ڪري ڇڏيو. تنهنجي پُٽ کي ٽئين درجي جي ٽِي.بِي آهي. بچڻ مشڪل آهي. باقِي ايشور جي مرضي.“

بابا ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئي چيو ته، ”نه ڊاڪٽر، مون کي ڄاڻ نه هئي. مون سمجهيو ڪمزور آهي. جوءِ ايندس ته کاڌي پيتي جو خيال رکندس ته چڙهي پوندو. جي مون کي بيماريءَ جي خبر هجي ها ته ڇا مان پُٽ جي شادي ڪرايان ها؟ نه، نه، مون کي پنهنجي ڌيءَ نه آهي، پر هيءَ اُن کان به پياري اٿم. هيترن ڏينهن ۾ ڪنهن به ڊاڪٽر ڪونه ٻڌايو. بخار جي دوا ڏيندا هئا ته بخار لهي ويندو هوس.“

ڪان آيو. ڊاڪٽر سُئِي هڻي هن کي ڪي. ايم. اسپتال لاءِ خط لکي ڏنو ته اڄ ئي وڃي ڇاتيءَ جو فوٽو ڪڍائي اچ. ڪان اُتان ئي ڪي.ايم. اسپتال هليو ويو ۽ اسان گهر آياسين. بابا مون کي پاسي ۾ ويهاري چيو، ”پُٽ، ڊاڪٽر چيو...“

مون وچ ۾ ڪٽي چيو ته ”مون سڀ ٻُڌو آهي.“

بابا چيو، ”ٺيڪ آهي، هاڻ فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي. مان نٿو چاهيان ته تنهنجو جيون برباد ٿئي. ماءُ کي حقيقت لکي موڪل. اسان جي موڪل آهي توکي. تون وڃي وڌيڪ پڙهي پنهنجو جيون سڦل ڪر.“

مون ڪو جواب نه ڏنو. سڄي رات پاڻ سان جنگ جوٽيندي رهيس ته ڇا ڪريان؟ جي ماءُ وٽ وڃان ٿي ته هوءَ به دُکِي ٿيندي. وري ماءُ پيءُ جي وچ ۾ تناءُ وڌندو ۽ هتي جو ڇا ٿيندو؟ بابا مون کي پيءُ کان وڌيڪ پيار ڏنو آهي ۽ ڪان؟ نه نه، ڪان کي مرڻ ڪانه ڏينديس. بابا کي ۽ هنن مئل ماءُ جي ٻارن کي وڌيڪ دُک نه ڏينديس. مون کي اُن ڏينهن ماءُ وٽان لکيل چٺيءَ جو جواب آيو. منهنجي شڪايتن جي جواب ۾ ٿورا اکر لکيل هئا. پُٽ تنهنجي خط مان خبر پيئي ته تنهنجي گهر ۾ ٻه ماڻهو ته هميشه بيمار ٿا رهن. تو چاهيو پئي ته تون پڙهي ڊاڪٽر يا نرس ٿيندينءَ. تنهنجي چاهت ايشور پوري ڪئي ٿي ڏسجي. ڊاڪٽر کي مريضن جي ضرورت هوندي آهي. مريضن کي بچائڻ، هُن لاءِ چئلينج ٿيندو آهي، ٻيو جڏهن تون سمجهين ته مون تي گهڻو بوجهو آهي ته هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نهاري حساب ڪج ته تنهنجو بوجهو هن جي اڳيان نه جي برابر به نه آهي. نصيب تنهنجو، لکڻ منهنجي وس ۾ نه هو. جيڪو ٿئي ٿو اُن ۾ ڀلو سمجهي پنهنجي دک سک جي ياترا پوري ڪري منزل تي پهچڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي. وڌيڪ لکڻ مناسب نه آهي، تون خود سياڻي ڌيءَ آهين.

هزارن پيارن سان،

رُڪمڻي.

مون خط پڙهي، چُمي چيو، ”امان، مان وري ڪڏهن به توکي شڪايت ڪري دک نه ڏينديس. مون کي جيئڻ ۽ جيئارڻ جو مقصد ملي ويو.“

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com