سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :9

 

رابعه سهارڻ

بيوٽي ٽپس

(1) خشڪ چمڙي (Dry Skin):

ڪچو کير روزانو منهن تي گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽن تائين هڻو. ان سان چهري جي خشڪي دُور ٿيندي ۽ خشڪيءَ جو مسئلو ڪڏهن نه ٿيندو.

نوٽ:هي عمل هڪ هفتو روزانو ڪرڻو آهي.

(2) منهن جا گهُنج دور ڪرڻ لاءِ:

روزانو زيتون جي روغن جو مساج ڪريو سُمهڻ کان اڳ ۾ منهن تي زيتون جو روغن هڻي سمهڻ سان چهري جا گهنج ختم ٿي ويندا. ان جي لاءِ هڪ بهترين ماسڪ به آهي، جيڪو هفتي ۾ هڪ ڀيرو هڻڻو آهي.

زيتون جو روغن: هڪ چمچو، جوار جو اٽو: ٻه چمچا

عرق گلاب: هڪ چمچو، کير: هڪ چمچو،  کير ۾ جوار جو اٽو ملائي 2 منٽ رڌيو. پوءِ ان ۾ گلاب جو عرق ۽ زيتون جو تيل ملايو ۽ پوءِ ان آميزي کي چهري تي 20 کان 25 منٽ هڻو. هي ماسڪ تمام بهترين آهي.

(3) چهري جي تازگيءَ ۽ دلڪشيءَ لاءِ:

بيسڻ ۾ گلاب جو عرق ملائي ان جو گهاٽو پيسٽ ٺاهيو ۽ سڄو ڏينهن ان سان چهرو ڌوئو. ان سان چهرو دلڪش ۽ حسين ٿي ويندو.

(4) ميڪ اپ:

ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ توهان کي ميڪ اپ ڪرڻو هجي ۽ توهان وٽ فيشل، فيس پالش جو ٽائيم نه هجي ته ان صورت ۾ توهان آئس ڪيوب کڻي پنهنجي چهري تي ان جو مساج 10 کان 15 منٽن تائين ڪريو. ان کان پوءِ فائونڊيشن گول دائرن ۾ چهري تي هڻي پينسل جي مدد سان بلينڊ ڪريو، پوءِ 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو.

ان کان پوءِ اکين تي ميڪ اپ ڪريو. پنهنجي آئي بروز کي پنهنجي آڱر جي مدد سان ٿورو مٿي کڻي آئي شيڊ هڻو. ان کان پوءِ آئي لائنر ۽ مسڪارو هڻو.

بِلش آن هڻي آخر ۾ لپ اسٽڪ هڻڻ کان اڳ ۾ ڪا به ڪولڊ ڪريم هڻڻ کان پوءِ ٽِشو سان صاف ڪري لپ اسٽڪ هڻو.

توهان جو ميڪ اپ بلڪل فريش لڳندو. آئس ڪيوب هڻڻ سان توهان کي فيشل جي ضرورت نه پوندي.

ضروري هدايتون:

سمهڻ کان اڳ ۾ ڪو به ڪلينزنگ مِلڪ لوشن کڻي ٽِشو پيپر سان پنهنجي چهري تان چڱي طرح ميڪ اپ صاف ڪري ڇڏيو.

 

 

مارئي ميمڻ

رڌ پچاءُ

سونف ڪارن سوپ

شيون

کليل مڪئي جا داڻا: ٻه کائڻ جا چمچا

ڪڪڙ جي رانَ: هڪ عدد

پاڻي: ٽي ڪوپ

مکڻ يا تيل: هڪ کائڻ جو چمچو

ٿوم: ٻه ٽي داڻا

لوڻ: چوٿائي چمچو

سويا ساس: اڌ چمچو

بيدو: هڪ عدد

ڪارا مرچ: ضرورت آهر

ترڪيب: هڪ ديڳڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي ران سان گڏ لوڻ وجهي اُٻاريو، جڏهن گوشت ڳري وڃي ته ٿڌي ٿيڻ تي انهن جا ريشا ريشا ڪيو. هاڻي هڪ ديڳڙيءَ ۾ تيل گرم ڪيو ۽ ٿوم کي انهيءَ ۾ سنهري ڪيو. هاڻي ڪڪڙ جو گوشت ۽ مڪئيءَ جا داڻا وجهي پاڻي وجهو ۽ جنهن پاڻيءَ ۾ ڪڪڙ جي ران اوٻاري هئي اُهو شامل ڪيو. جڏهن چڱي طرح اُٻرڻ لڳن، بيدو ڦيٽي ان ۾ ڪارا مرچ ۽ لوڻ وجهي پنجن منٽن کان پوءِ کائڻ لاءِ پيش ڪيو.

سَرنهن جو ساڳ

شيون

ساڳ: هڪ ڪلو

ادرڪ: اڌ ڇٽانگ

لوڻ مرچ: ضرورت آهر

هيڊ: ٿورو چپٽي

بصر: اڌ پاءُ

ساوا مرچ: ڏهه ٻارنهن

سرنهن جو تيل: اڌ پاءُ

ترڪيب: سرنهن جو ساڳ ڏنڊين کان الڳ ڪري صفا سنهو ڪري ڪٽي وٺو ۽ پاڻيءَ سان ڌوئو. هاڻي بصر کي تيل ۾ ڀُڃي وٺو ۽ لوڻ مرچ وجهي ڪٽيل ساڳ وجهو ۽ ٿورو پاڻي پڻ وجهو. ڇو ته ساڳ جو پنهنجو پنهنجو پاڻي الاهي هوندو آهي، انهيءَ کي ڳارڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. جڏهن ساڳ جو رنگ پِيلو ٿيڻ لڳي ته ادرڪ ڪٽي وجهو ۽ لاهڻ کان ٿورو پهرئين ساوا مرچ ڪٽي وجهو. سرنهن جي ساڳ کي جيتري دير گهڻو رڌيندا اوترو وڌيڪ لذيذ ٿيندو.

ويجيٽيبل سوپ

شيون

هڪ پاءُ: پتائي گجرون

هڪ پاءُ: بند گوبي

هڪ پاءُ: ٽماٽا

هڪ پاءُ: مٽر (پِيزَ)

ٻه چمچا: ڪارن فلاور (پاڻيءَ ۾ حل ٿيل)

سوياساس: ضرورت آهر

چلي ساس: ضرورت آهر

سُرڪو: ضرورت آهر

ترڪيب:

سڀني ڀاڄين کي ڌوئي ڪَٽي وٺو.

ديڳڙيءَ ۾ پاڻي وجهي ڀاڄين کي اُٻارڻ لاءِ رکو. جڏهن ڀاڄيون ڪجهه ڳري وڃن ته ڪارن فلاور جا ٻه چمچا پاڻيءَ ۾ حل ڪري انهن ڀاڄين کي ۾ ملايو ۽ پنجن منٽن کان پوءِ لاهي وٺو ۽ ضرورت آهر سوياسا، چلي ساس ۽ سُرڪو وجهي کائڻ لاءِ پيش ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com