سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

 

ڪنول سميجو

پنهنجا ڪير؟ پرايا ڪير!

آءٌ هميشه امان کان پڇندي هئس ته ”امان تنهنجي شادي حيدرآباد ۾ ٿي ۽ آءٌ به اتي ئي ڄائيس، پوءِ تون پنهنجو شهر ڇڏي ڪراچيءَ ۾ ڇو اچي رهينءَ؟“ پر ڪڏهن به امان مون کي صحيح طريقي جواب نه ڏنو، پر هڪ ڏينهن منهنجي گهڻي ئي چوڻ تي امان مون کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.

ڌيءُ اڄ توکي سڀڪجهه ٿي ٻڌايان. تنهنجي پيءُ جو ۽ منهنجو پيار جو پرڻو هو. ان شاديءَ ۾ نه منهنجا مائٽ خوش هئا نه تنهنجي پيءُ جا. اسان ٻنهي ڪورٽ ميريج ڪئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان وارن جي گهران هڪ ماڻهو آيو ۽ اهو پيغام ڏئي ويو ته ”اڄ کان پوءِ تنهنجو پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪو به رشتو نه آهي ۽ انهن چيو آهي ته ڪڏهن به اسان جي در تي اچڻ جي همت نه ڪجانءِ،“ ائين چئي هو هليو ويو. تنهنجي پيءُ اها سڄي ڳالهه ٻڌي ورتي هئي ۽ مون کي چيائين ته شائسته، تون فڪر نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ ان وقت جيڪڏهن بلاول مون کي همٿ نه ڏياري ها ته آءٌ بلڪل ٽُٽِي وڃان ها. اسين ٻئي خوشحال زندگي گذاري رهيا هئاسين، پوءِ اسان جي زندگي وڌيڪ خوشگوار ٿي وئي جڏهن تون اسان جي زندگيءَ ۾ آئينءَ. جنهن ڏينهن تون ڄائينءَ ان ڏينهن تنهنجا چاچا ۽ پڦيون جيڪي اسان کان ناراض هئا اهي به آيا ۽ اسان سان ناراضگي ختم ڪري ڇڏين. اسين سڀ تمام گهڻا خوش هئاسين. بلاول ڪڏهن به مون سان ڪاوڙ ۾ نه ڳالهايو هو. اڃا به مون سان اوترو ئي پيار ڪندو هو، جيڪو اڳي ڪندو هو. هڪ ڏينهن تنهنجو چاچا ۽ تنهنجون پڦيون آيون ۽ چين ته ”اسين لاهور گهمڻ ٿا وڃون ۽ توهين به اسان سان گڏ هلو، تون ٻن سالن جي هئينءَ.“ بلاول چيو ته ”توهين ڀلي وڃو مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي، ڪنهن ضروري ڪم سان.“ پر هنن تمام گهڻيون منٿون ڪيون ته توهين هلو نه ته اسين به نه ٿا وڃون. بلاول چيو ته ”توهين شائسته کي ۽ ننڍڙيءَ کي وٺي وڃو، هونءَ به آءٌ ڪراچيءَ هليو ويندس، هيءَ هتي اڪيلي ويهي ڇا ڪندي.“ تنهنجا چاچا ۽ پڦيون مون کي چئي ويون ته ”ڀاڄائي سامان تيار ڪري رکجانءِ، پاڻ صبح جو ڇهين وڳي هتان نڪرنداسين.“ ائين چئي موڪلائي هليا ويا. مون بلاول کي چيو ته آءٌ توکان سواءِ ڪيڏانهن به نه وئي آهيان ۽ آءٌ اڪيلي ائين ڪيئن وينديس.“ بلاول چيو ته ”تون اڪيلي ڪٿي آهين صائمه توسان گڏ آهي. ٻي ڳالهه ته ادا ۽ اديءَ وارا به ته آهن.“ بلاول جي تمام گهڻي چوڻ تي آءٌ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس ۽ هو صبح جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچي ويا. آءٌ بلاول کان موڪلائي نڪتيس. بلاول چيو ته پنهنجو ۽ صائمه جو خيال رکجانءِ.

ٻن پهرن جا ٻه ٿيا، مسلسل گاڏي هلندي رهي. نيٺ اچي هڪ جابلو علائقي ۾ پهتاسين. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پري پري تائين ڪو به شهر نظر نه پئي آيو. نيٺ مون پڇيو ته ”ادا توهان هي ڪٿي آيا آهيو ۽ گاڏي ڇو بيهاري ڇڏي اٿوَ!؟“ ته هي سڀئي زور زور سان کلڻ لڳا ۽ تاڙيون هڻڻ لڳا. آءٌ گهٻرائجي ويس ته آخر هيءُ آهي ڇا؟ تنهن تي چين ته ”گهٻراءِ نه اجهو ٿي خبر پونئي“ ٿوري ئي دير ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد آيا، انهن جو لباس ۽ ڳالهائڻ جو انداز پٺاڻن جهڙو ٿي لڳو، انهن کي ڏسندي ئي ڊپ ٿي لڳو. انهن جي هٿ ۾ بريف ڪيس هو. ادا وارن چيو ته”توهان جي امانت حاضر آهي ۽ اسان جي امانت اسان کي ڏيو.“ هنن اها بريف ڪيس کولي جيڪا پئسن سان ڀريل هئي. ان مائيءَ مون کي ڇڪي گاڏيءَ مان هيٺ لاٿو ۽ توکي منهنجي هٿن مان کڻي ورتو ۽ منهنجا هٿ پويان ڪري ٻڌي ڇڏيائين، مون گهڻيون رڙيون ڪيون ته ”ادا هي ڇا پيا ڪريو، مهرباني ڪري ائين نه ڪريو، توهان جيترا پئسا گهرندا مان توهان کي ڏئي ڇڏينديس، پر مهرباني ڪري منهنجي زندگي تباهه نه ڪريو. هن معصوم ٻارڙيءَ توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، هن جو ته ڪجهه خيال ڪريو.“ پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ هو اتان هليا ويا. اها عورت مون کي گهليندي گهليندي اچي هڪ جهوپڙيءَ ۾ وٺي آئي. اتي هڪ ڪرسي پئي هئي جنهن تي مون کي ويهاري ان ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ توکي ٻاهر کڻي وئي. آءٌ تمام گهڻو رنس پر مون سوچيو ته ائين روئڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. مون کي همٿ ڪرڻي پوندي. پوءِ مون تمام گهڻي ڪوشش ڪري ان ڪرسيءَ جو رسو کوليو ۽ آرام آرام سان ٻاهر ويس، ڏٺم ته ٻي جهوپڙي به ان جي برابر ۾ ٺهيل هُئي، جنهن ۾ اها عورت ۽ مرد هئا ۽ انهن سان گڏ تون به هئينءَ، تون ان وقت گهڻو ئي رنينءَ پئي، ان عورت توکي نيٺ چپ ڪرائي سمهاري ڇڏيو. ان مائيءَ ۽ مرد پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيون ۽ مون انهن جون ڳالهيون غور سان پئي ٻڌيون. هنن چيو ته ”هاڻ سمهي ٿا رهون، صبح جو ڇهين وڳي هتان نڪرڻو آهي ۽ سائينءَ جي حوالي هيءَ مائي ۽ ڇوڪري ڪرڻي آهي.“ مائيءَ چيو ته ”سمهڻ کان پهرين ان عورت کي ته ڏسي اچان“. آءٌ يڪدم ڪرسيءَ تي وري رسا ويڙهي سمهي رهيس. اِها مائي مون کي ڏسي هلي وئي ۽ وري اٿيس ۽ ايترو انتظار ڪيم ته جيئن ئي هنن کي گهري ننڊ اچي ته توکي هتان کڻي ڀڄي وڃان. ٿوري دير کان پوءِ هو کونگهرا هڻڻ لڳا. آءٌ آرام آرام سان اندر ويس ۽ توکي اتان کنيم.

پيرين پنڌ اڳيان هلڻ لڳيس. مون کي ڊپ به گهڻو پئي ٿيو ته ڪٿي هو پويان نه اچي وڃن يا اهڙي جاءِ تي نه وڃي نڪران جتي ڦاسي پوان. ٿورو اڳيان وڌيس ته درياءُ نظر آيو جنهن ۾ هڪ ٻيڙي به بيٺي هئي. الله توهار ڪري چڙهي ويٺيس ۽ ٻيڙيءَ اچي ڪناري ڀيڙو ڪيو ۽ سامهون هڪ ڳوٺ نظر آيو. ٻيڙي مان توکي کڻي لٿس. مون کي تمام اڃ ۽ بک لڳي هئي، چڪرائجي آءٌ اتي ڪري پيس. پري کان هڪ مائي ڊوڙندي پئي آئي، جنهن توکي ڪڇ تي کنيو ۽ مون کي ٻانهن مان جهلي اندر ڪمري ۾ وٺي وڃي کٽ تي ويهاري ڇڏيائين. مون کي پاڻي پياريائين ۽ ٿوري دير ۾ آءٌ ڪجهه صحيح ٿيڻ لڳيس، پوءِ هن مون کان منهنجو نالو پڇيو، مون پنهنجو نالو به ٻڌايو ۽ سڄي ڳالهه ٻڌائي مانس. هن مون کي ماني کارائي ۽ ڪجهه پئسا به ڏنائين، مون نه ورتا پر چيائين ته ”ادي وٺ رستي ۾ ڪم ايندئيءِ، رکي ڇڏ.“ ڪجهه دير کان پوءِ اها عورت ۽ مرد به اچي ان ڳوٺ ۾ پهتا ۽ منهنجي باري ۾ ان مائيءَ کان پڇيائون، ان ٻڌاين ته ”نه هتي ڪير به نه آيو آهي.“ تنهن تي هنن گهڻو ئي ڌمڪايو ته جي اسان کي خبر پئي ته اها عورت اتي آئي هئي ته تنهنجو هي سڄو ڳوٺ ساڙي ڇڏينداسينءِ، پر هن ڪجهه نه ٻڌايو. نيٺ ٿوري ئي دير ۾ واپس هليا ويا. هوءَ اندر آئي ۽ مون کي ٻڌايائين ته ههڙي قسم جي هڪ مائي ۽ مرد آيا هئا، مون انهن کي چيو ته هتي ڪير به نه آيو آهي ۽ پوءِ هو هليا ويا.

”ادي تو مون تي ايڏا ٿورا ڪيا آهن، جيڪي آءٌ ڪڏهن به نه ٿي لاهي سگهان.“ هن چيو ته ادي ٿورا ڪي به نه آهن، بس الله جو شڪر ادا ڪر ته تنهنجي ۽ هن معصوم جي جان بچي وئي آهي. هاڻي ته سج لهڻ وارو آهي، تون صبح جو سويل هتان هلي وڃجانءِ. تنهنجو هتي رهڻ ڪنهن خطري کان خالي نه آهي.“

صبح جو سوير اٿي هُن مون کي نيرن ڪرائي، پوءِ آءٌ هن کان موڪلائي نڪتيس ۽ اچي حيدرآباد نڪتيس. منهن تي چادر اوڍي هئم ته جيئن مون کي ڪير به هتي سڃاڻي نه سگهي. گهر ويس ته گهر کي تالو لڳو پيو هو. گهر کي تالو لڳل ڏسي ڏاڍي پريشان ٿي ويس ۽ پاڙي جي ماڻهن کان پڇيم ته ”گهر کي ڇو تالو لڳو پيو آهي؟ رئيس بلاول ڪيڏانهن ويو آهي؟“ تنهن تي هنن چيو ته”رئيس بلاول هن دنيا ۾ نه آهن“، اهو ٻڌي آءٌ چپ ٿي ويس ۽ ڳالهائڻ جي وڌيڪ همت نه رهي، ٿوري دير کان پوءِ وري پڇيم ته ”ادا پر هُو ته بلڪل ٺيڪ هو.“ ”ادي دراصل رئيس جي گهر واري ۽ ننڍڙي ٻارڙي رئيس جي ڀائرن، ڀيڻن سان گڏ گهمڻ لاءِ لاهور ويا هئا، رستي ۾ هنن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ سندس ڌيءُ ۽ زال گذاري ويون ۽ رئيس جي ڀيڻن ڀائرن کي به ڌڪ لڳا هئا، پر اهي بچي ويا. اهو ٻڌي رئيس کي سخت صدمو پهتو ۽ دل جو دورو پيس ۽ گذاري ويو.“ ايڏي وڏي ڳالهه ٺاهي هئي تنهنجي چاچي ۽ پڦين. پهرين ته مون سوچيو ته آءٌ انهن جي خلاف ايف.آءِ.آر داخل ڪرايان، پر مون وٽ ڪنهن جو سهارو نه هو ۽ هو تنهنجي ۽ منهنجي جان جا به دشمن هئا پر هاڻ ته هنن جي خيال ۾ اسين الائي ڪٿي آهيون ۽ زنده به آهيون يا نه، بهتر اهو ئي هو ته آءٌ چپ چاپ ڪري هن شهر مان ئي هلي وڃان، پوءِ آءٌ ڪراچي هلي آيس ۽ اتي مون کي سرڪاري اسڪول ۾ نوڪري به ملي وئي ۽ آرام سان پنهنجو گذر سفر هليو پئي، پر بلاول جي بنان آءٌ هڪ لاش جيان آهيان، صرف تنهنجي ڪري جي رهي آهيان نه ته آءٌ ته خودڪشي ڪري ڇڏيان ها، جي تنهنجو به سهارو نه هجي ها. امان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

امان آخر ڇو انسانُ، انسانَ جي رت جو پياسو ٿي پيو آهي. آخر انسان جي پوري وجود ۾ ايڏو زهر ڇو آهي؟ انسان ته هن ڌرتيءَ جي سونهن آهي، پر انسان هن خوبصورت ڌرتيءَ کي نفرتن سان ڀري ڇڏيو آهي. امان پکين کي ته ڏس، انهن ۾ ڪيڏو نه پيار آهي، پر انسان ۾ ڇو نه...؟

 

ترجمو : سڳنڌ آزاد

کاڌ خوراڪ ۽ رنگ الرجي جو سبب بڻجن ٿا

سڄي دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪري الرجيءَ جي مرض ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي. اڪثر ڪري ٻار هن مرض جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿا. ٻارن جي واڌ ويجهه صحيح نه هئڻ ڪري انهن جو پورو جسم متاثر ٿئي ٿو. کير پيئندڙ ٻار غذائي الرجيءَ جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. ان جو سبب ماءُ ڇا کائي ٿي؟ ۽ جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي مان ڪير به هڪ اِلرجيءَ جو شڪار آهي ته ان جو اثر ٻار تي ضرور ٿئي ٿو. ماهرن جي چوڻ موجب وِرثي ۾ ٻارن کي ملندڙ الرجي جو ريشو 33 سيڪڙو آهي ۽ جيڪڏهن ماءُ پيءُ الرجيءَ کان محفوظ آهن ته انهن جي ٻارن ۾ 10 سيڪڙو امڪان موجود هوندا آهن. ماءُ جي کاڌي ۾ اهڙي غذا جنهن سان اِلرجيءَ ٿئي، اُها پڻ ٻار لاءِ نقصانڪار آهي. گهڻو ڪري ڊاڪٽر ننڍي عمر وارن ٻارن لاءِ ماءُ جي کير کي اوليت ڏيندا آهن ۽ هڪ سال تائين آنو ۽ مٿيون کير پيئڻ کان منع ڪندا آهن. ايترن ننڍڙن ٻارن ۾ الرجيءَ جي سڃاڻپ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي ۽ گهڻو ڪري اهو ڏٺو ويو آهي، ڏهن سالن جي عمر پهچڻ تائين غذا جي الرجيءَ جو اثر به گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي جنهن جو سبب جسم ۾ Resistant Power مضبوط هئڻ آهي.

ٻارن ۽ وڏن ۾ کاڌي پيتي ۾ الرجي مختلف هوندي آهي، ضروري نه آهي ته جن غذائن ۾ ننڍي هوندي ٻارن کي الرجي ٿئي ته وڏي هوندي به انهن ئي غذائن ۾ هنن کي الرجي ٿئي.

ماهرن جي چوڻ موجب ڪجهه ٻارن ۾ ڄمڻ کان وٺي سخت غذا کائڻ جي قوت گهٽ هوندي آهي. اهڙن ٻارن ۾ گليٽن (gluten) جيڪا اصل ۾ پروٽين آهي جيڪا گهڻين بيمارين کي جنم ڏئي ٿي، اها گهڻو ڪري سلائيس، ڪيڪ، پستا، مڇي يا کير ۾ ٺاهيل مختلف شين ۾ هوندي آهي جنهن جي کائڻ سان ئي ٻارن جي جسماني سرشتي ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ دست، الٽي، نڪ وهڻ ۽ پيٽ ۾ تمام گهڻو سور پوڻ. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر پڻ گليٽن فري کائڻ لاءِ چوندا آهن ۽ هڪ هڪ ڪري ٻارن کي کائڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي ۽ مشاهدو ڪيو پيو وڃي ته ٻار ڪهڙي مسئلي ۾ ورتل آهي يا ڪجهه وقفي وقفي سان ڏيڻ کپي. هن عمل ۾ ماءُ کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ هُن کي جلديءَ ۾ ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ٻار ڪهڙي کاڌي کائڻ سان الرجي جو شڪار آهي.

رنگ:

ماضيءَ ۾ رنگن جي حوالي سان مختلف تصور ذهن ۾ ايندا هئا ۽ انهن کي علاج واسطي به استعمال ڪيو ويندو هو. مثال طور ڪنهن کي ماتا نڪرندي هئي ته انهيءَ کي اهڙي ڪمري ۾ سمهاريو ويندو هو جنهن جا در ۽ ڀتيون ڳاڙهي رنگ جون هجن ته جيئن هو جلد صحتياب ٿي سگهي.

ماهرن جي چوڻ موجب رنگ اسان جي مزاج، موڊ تي اثر انداز ٿيندا آهن، ڪن ماڻهن تي وڌيڪ ته ڪن تي گهٽ. رنگ ۽ روشنيءَ جو انسانن جي ذهن ۽ دل ۽ دماغ تي پڻ گهرو اثر ٿئي ٿو.

گهر جي سجاوٽ، انسان جي بنيادي خواهش آهي. ان لاءِ انٽيريئر ڊيڪوريٽر کي ته سڏيو ويندو آهي، پر هن ڳالهه جو خيال گهٽ ڪيو ويندو آهي ته رنگ ڪهڙي قسم جو استعمال ڪرڻ گهرجي. ڪجهه ماڻهو اهڙا به حساس هوندا آهن جن جي گهر جي ڀتين، در درين تي ڪيل رنگ ڪري به الرجيءَ جي شڪايت ٿيندي آهي.

گهر کي سجائيندي جيڪڏهن ٿورو احتياط ڪيو وڃي ته شايد الرجيءَ جهڙي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

گهرن ۾ اڪثر ڪري جيڪو رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي اهو Voatile Organic Compound تي مشتمل هوندو آهي. جنهن جي سُڪڻ کان پوءِ اُهي چڱي عرصي تائين ننڍا ننڍا ذرڙا هوا ۾ شامل ڪن ٿا. انهيءَ کان سواءِ وارنش، چِپِ بورڊ لڳائڻ ۾ استعمال ٿيندڙ گِلو وغيره اهڙيون مصنوعات آهن جنهن جا بخارات خراب هوا ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. انهيءَ کان سواءِ رنگن ۾ استعمال ٿيندڙ گلائڪول ايٿرس(glycol ethers) پڻ ڏاڍو نقصانڪار آهي، رنگ پسند ڪرڻ مهل هميشه اهو خيال ڪيو وڃي ته (Oil Based) رنگ جي نسبت (Water Based)رنگ کي اهميت ڏيو، جنهن ۾ پِتل، شيشو، ڪاپر زنڪ وغيره بنيادي عنصر شامل ڪيا ويندا آهن،  جڏهن ته ان ۾ (Glycol ethers) شامل نه هوندو آهي. هن دور ۾ اِلرجيءَ تي موجوده طبي تحقيق کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ ۾ هينئر اينٽي اِلرجي رنگ ۽ وارنش موجود آهن، جيڪي (Voc's) تي مشتمل نه آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com