سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :8

سمرا گلزار

تيز اُس ۾ سن گلاسز جو استعمال

اهو اسين به ڄاڻون ٿا ته توهان کي به خبر آهي ته تيز اُس توهان جي چمڙي ۽ اکين جي لاءِ نقصانڪار آهي. پر ڇا اسين ان کان بچاءُ ڪريون ٿا!؟ اکين جي حفاظت جي لاءِ سن گلاسز جو استعمال ڪريو. گاڏي ڊرائيور ڪندي سن اسڪرين استعمال ضرور ڪريو، ڇو ته ان وقت توهان جي منهن تي مسلسل اُس لڳي سگهي ٿي. پندرهن منٽ مسلسل اُس لڳڻ سان توهان جي اکين، هٿن ۽ منهن تي خراب اثر پوڻ شروع ٿي سگهن ٿا. مٿي جي وارن جي حفاظت لاءِ مرد ڪا ٽوپي پهرين ۽ عورتون رئو ڍڪين. منهن جي چمڙيءَ جي حفاظت جي لاءِ ٻه ڀيرا صابڻ سان منهن ڌوئجي ۽ ٻه ڀيرا لوشن لڳائجي. اسان اهو سڀ سوچيندا ته آهيون پر عملاً اسان پنهنجي لاءِ Time ڪڍي ڪونه سگهندا آهيون. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اسان جي چمڙي بي رونق ۽ بي ڊولي ٿي پوندي آهي.

وقت کان اڳي مُنهن تي گهنج پئجي ويندا آهن. ڪجهه عورتون ته اهڙيون سست هونديون آهن جو فنڪشن تان موٽنديون ته اهڙيون ٿڪل هونديون جو ميڪ اپ سميت سمهي رهنديون. اهو چمڙي لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي. ميڪ اپ لاهڻ جي لاءِ هميشه معياري ڪلينرز استعمال ڪريو. اکين جي هيٺان ڪارا داغ ٿي پوندا آهن. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اکين جي هيٺان واري چمڙي گهڻي نازڪ هجي. ان لاءِ توهان ڊرٽولوجسٽ جي تجويز ڪيل ڪِريمون استعمال ڪريو. اهي بهترين آهن. جيڪي اکين جي چوڌاري چمڙيءَ کي Thickness مهيا ڪن ٿيون.

ان کان سواءِ وٽامن به بيسٽ آهن. ڪوشش ڪري ديسي ڪريمون استعمال ڪريو جن ۾ وٽامن سي جا جزا شامل هجن. جڏهن چمڙيءَ جي اسپيشلسٽ کان پڇيو ويو ته چمڙيءَ جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟ ته هُن وراڻيون ته پهرين ته توهان اُهي لاپرواهيون ڇڏيو جيڪي توهان اڻڄاڻائي ۾ ڪريو ٿيون. 1. تيز اُس ۽ لُڪ يا خشڪ موسم ۾ مُنهن گهڻو صابڻ سان ڌوئو ٿيون. ائين هرگز نه ڪريو. بيوٽي سوپ ۾ به ڊٽرجنٽ هوندو آهي، جيڪو اهڙيءَ موسم ۾ توهان جي چمڙيءَ جي لاءِ نقصانڪار آهي. توهان محسوس ڪريو ته جيترا ڀيرا توهان منهن صابڻ سان ڌوئينديون، توهان جي چمڙي اوتري وڌيڪ خشڪ ٿيندي. توهان ان وقت منهن ڌوئو جڏهن توهان کي ڌوئڻ گهرجي. ائين نه سوچيو ته شام جو منهن ڌوئڻو آهي ته شام جو انتظار ڪجي. سڄي ڏينهن جي مٽي منهن تي هٿن پيرن تي ڄمي ٿي پوي ۽ اها نقصانڪار به آهي. هميشه ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئجي، گرم پاڻي منهن جي ٽشوز مان سموري نمي ۽ سڻڀ ڪڍي ٿو ڇڏي.

پر سخت سياري ۾ ڀلي گرم پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئجي.

پنهنجي مُنهن کي ٻه ڀيرا صابڻ سان ڌوئو ۽ موسچرائزڊ ڪريم هڻو. جيئن چمڙي نرم ٿئي. ان کان سواءِ تازگي برقرار رکڻ جي لاءِ تيز اُس ۾ سن گلاسز جو استعمال ضرور ڪريو. خاص ڪري اڄڪلهه جي موسم ۾ جڏهن موسم چئنج ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين توهان جي چمڙي متاثر ٿئي ٿي. اهو سڀ آهي ته تمام ڏکيو پر ان ۾ به شڪ ناهي ته ٿوري توجهه ۽ ٿوري وقت ۾ توهان پنهنجي چمڙيءَ کي آئيڊيل چمڙي ٺاهي سگهو ٿيون.

 

نسرين طاهر وفائي

گهر جي سجاوٽ ۽ سار سنڀال

(1) پرفيوم جون خالي بوتلون يا خوشبودار صابڻ جو ڪاغذ اڇلڻ جي بجاءِ ڪپڙن ۾ رکڻ سان انهن ۾ خوشبو ٿي ويندي آهي.

(2) ڦاٽل ڪپڙي کي رفو ڪرڻ وقت ان جي هيٺان ڪاغذ رکو. ائين ڪرڻ سان رفو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ڪپڙي ڌوئڻ کان پوءِ ڪاغذ پنهنجو پاڻ ان کان الڳ ٿي ويندو.

(3) چانديءَ جي ٿانون ۾ جيڪڏهن نمڪين شيون رکجن ته انهن ٿانون کي خالي ٿيڻ کان پوءِ فورن ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. ڇو ته انهن شين سان چانديءَ جي ٿانوَن ۾ داغ پئجي ويندا آهن.

(4) چانديءَ جي ٿانون کي ڪڏهن به اخبار جي ڪاغذ ۾ نه ويڙهي رکو ڇو ته اخبار ۾ استعمال ٿيل مس انهن جي چمڪ کي نقصان پهچائيندي آهي.

(5) ميڻ بتيءَ کي جيڪڏهن ٻارڻ کان ڪجهه دير پهرين فريزر ۾ رکجي ته ٻرندي وقت ميڻ گهٽ رجندي آهي.

(6) گرميءَ جي موسم ۾ گهڻو ڪري ميڻ بتيون رِجي يا چٻيون ٿي وينديون آهن. ان مسئلي کان بچڻ لاءِ ميڻ بتين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ ويڙهي فرج ۾ رکو ۽ ٻارڻ وقت ٻاهر ڪڍو.

(7) ميڻ بتين جا اسٽينڊ جيڪڏهن ميڻ ڪرڻ سبب خراب ٿي ويا هجن ته انهن کي ڪجهه دير فريزر ۾ رکو ۽ پوءِ ميڻ ڄمي وڃڻ کان پوءِ انهن کي ڪنهن ڪاٺي يا پلاسٽڪ جي شيءِ سان کرڙي صاف ڪيو. ائين ڪرڻ سان ميڻ آسانيءَ سان صاف ٿيندي.

(8) جيڪڏهن شيشي جو ڪو ٿانءُ ڀڄي پوي ته ان جا سنها ذرا ميڙڻ لاءِ ڳوهيل اٽي جو پيڙو ٺاهيو ۽ ان کي فرش تي ڦيرايو. ائين ڪرڻ سان سڀ سنها ذرا به اٽي ۾ چنبڙي پوندا ۽ فرش صاف ٿي ويندو.

(9) ڪريلن جون کلون سڪائي انهن کي ميدي، بيسڻ ۽ دالين جي دٻن ۾ وجهجي ته انهن ۾ جيت نه پوندا.

(10) ڪاٺ جا شوپيس جيڪڏهن ميرا ٿي وڃن ته انهن کي هلڪي گرم صابڻ مليل پاڻيءَ سان ڌوئڻ گهرجي ۽ فورن سڪائڻ گهرجي. سڪڻ کان پوءِ انهن تي هلڪو تيل هڻجي.

(11) ٻه حصا سرڪو ۽ هڪ حصو زيتون جو تيل ملائي، نرم ڪپڙي سان فرنيچر تي مهٽيو ته فرنيچر چمڪي پوندو ۽ نئون لڳندو.

(12) باٿ روم جا ٽب ۽ سنڪ داغدار ٿي وڃن ته پهريون انهن تي ليمو مهٽيو. ان کان پوءِ نرم ڪپڙو گاسليٽ ۾ ڀڄائي انهن کي مهٽيو. باٿ ٽب ۽ سنڪ چمڪي پوندا ۽ محنت به گهٽ لڳندي.

(13) نيل پالش ڪجهه عرصو استعمال نه ڪجي ته يا ته سڪي ويندي آهي يا وري گهاٽي ٿي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ نيل پالش کي ٻيهر استعمال جي قابل بنائڻ لاءِ ان ۾ نيل پالش رموور وجهو.

(14) ڪڏهن بجليءَ جا پلگ لڳي ته سولائيءَ سان ويندا آهن پر انهن کي ڪڍڻ لاءِ زور لڳائڻو پوندو آهي. ان لاءِ پلگ تي پينسل جي چهنب (ڪاربن) مهٽيو ته پلگ سولائيءَ سان نڪري ايندا.

(15) اڇي رنگ جا اهڙا ڪپڙا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن استعمال ٿيندا هجن، انهن کي جيڪڏهن نيري رنگ جي ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکجي ته اهي پيلا نه ٿيندا.

(16) جيڪڏهن جوتا بارش ۾ ڀڄي سخت ٿي پيا هجن ته انهن تي ويزلين هڻي استعمال ڪريو. انهن جي سختي ختم ٿي ويندي.

(17) گهڻو ڪري جڏهن کونر خشڪ ٿي ويندو آهي ته بوتل ۾ ڄمي ويندي آهي ۽ نه نڪرندي آهي. ڄميل کونر کي نرم ڪرڻ لاءِ ٿورو سرڪو کنئور ۾ ملايو. کونئر نرم ٿي ويندو. پاڻي وجهڻ جي ضرورت ناهي.

(18) پائوڊر جا خالي دٻا ضايع نه ڪيو، پر انهن کي مختلف ڪمن ۾ استعمال ڪريو. دٻن جو مٿيون حصو ڪٽي انهن کي خوبصورت ڪاغذ يا ڪپڙي سان ڪور ڪري رائيٽنگ ٽيبل تي پينون ۽ ٻيون شيون رکڻ لاءِ استعمال ڪريو. ڪچن ۾ ڇريون، چمچا ۽ ڪانٽا رکڻ لاءِ استعمال ڪريو. باٿ روم ۾ ٽوٿ برش، ڊريسنگ ٽيبل تي برش ۽ ڦڻيون رکڻ لاءِ يا وري انهن ۾ گل وجهي گلدان جي طور استعمال ڪريو.

(19) لپ اسٽڪ جا خالي ٽيوب ضايع نه ڪريو پر انهن کي صاف ڪري، انهن ۾ سيون، سيفٽي پنون ۽ بٽڻ وغيره رکو. اها ڪِٽِ توهان لاءِ سفر ۾ کڻڻ آسان رهندي.

(20) نوان جوتا پيرن ۾ تڪليف ڏيندا آهن. ان کان بچڻ لاءِ جوتن ۾ اندر ناريل جو تيل هڻو، ٻه ٽي ڪلاڪ ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ استعمال ڪريو ته تڪليف نه ٿيندي.

(21) اڇي رنگ جا جوراب ڪجهه وقت استعمال ڪرڻ کان پوءِ پِيلا ٿي ويندا آهن. انهن کي ڌوئڻ کان پهرين ٿوري پاڻيءَ ۾ ٽوٿ پيسٽ ملائي جوراب ان ۾ ڀڄائي ڇڏيو. پندرهن ويهن منٽن کان پوءِ جوراب ڪڍي صابڻ يا واشنگ پائوڊر سان ڌوئو ته صاف ٿي ويندا.

(22) وهاڻن جي پراڻن ڇَئُن ۾ فوم جي شيٽ وجهي سلائي ڪري باٿ روم جي دروازن تي وڇايو ته بهترين باٿ روم ميٽ جو ڪم ڏينديون.

(23) ڪا پراڻي قميص کڻو ۽ ان مان باٿ روم ۾ رکڻ لاءِ ٿيلهو ٺاهيو جنهن ۾ توهان پنهنجا ميرا ڪپڙا رکي سگهو. قميص جون ٻانهون ڪٽي اهي حصا سبي ڇڏيو. قميص جو اڳ ۽ چاڪ به سبي ڇڏيو. ڪلهن وٽ ٻه پٽيون لڳايو جن سان ٿيلهي کي ٽنگي سگهجي. قميص جي صرف ڳچيءَ واري جاءِ کليل رکو جنهن مان ڪپڙا وجهي ۽ ڪڍي سگهجن.

(24) اڪثر ڪري فرج ۾ رکيل پاڻيءَ ۽ فرج ۾ موجود ڀاڄين ۽ ميون جي بوءِ ٿي ويندي آهي ۽ پاڻي پيئڻ ۾ مزو نه ايندو آهي. ان بوءِ کان بچڻ لاءِ هڪڙي ننڍڙي پياليءَ ۾ ٿوري مٺي سوڊا وجهي فرج جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان بوءِ نه ٿيندي.

(25) فرج ۾ پاڻي رکڻ لاءِ هميشه ڍڪن وارا جڳ ۽ بوتلون استعمال ڪريو. ائين ڪرڻ سان به پاڻيءَ ۾ بوءِ نه ٿيندي.

(26) ڪڏهن ڪڏهن پائوڊر جي دٻن مان، پائوڊر ضرورت کان گهڻو نڪري ايندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ پائوڊر جي دٻي جي ڪجهه سوراخن تي ٽيپ هڻي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان دٻي مان پائوڊر گهٽ نڪرندو.

(27) جيڪڏهن زيورن جي دٻي ۾ گهڻا زيور هڪ ئي هنڌ رکڻا آهن ته هر زيور کي فوم جي شيٽ ۾ ويڙهي رکو. ائين ڪرڻ سان زيورن جا نگ به نه نڪرندا ۽ زيورن تي رهڙا به نه پوندا.

(28) ٺڪر جا ننڍا ننڍا مختلف شڪلين جا ٿانو کڻي انهن تي مختلف قسمن جون پٽيون ۽ ستارا وغيره جرمن گلو سان لڳايو ۽ انهن ٿانون کي گهر جي سجاوٽ ۾ استعمال ڪريو.

(29) ٻارن جي ڪپڙن کي ذاتي اسٽائل ڏيو. ٻارن کي جيڪي ڪارٽون پسند هجن اهي ٻارن جي ڪپڙن تي پينٽ ڪريو يا وري ڀرت سان ڀريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com