سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :5

تنوير جوڻيجو

اچو ته قانون سکون

وقف جو قانون

ڪنهن به شيءِ جي نفعي نقصان کي خير جي مقصدن لاءِ صدقو ڪرڻ، اهڙيءَ ريت جو ملڪيت، وقف ڪندڙ وٽ ئي رهي پر ان جا فائدا ۽ نفعا شرطن مطابق استعمال ٿين.

ملڪيت وقف ڪندڙ کي ”واقف“ ڪوٺيو ويندو آهي ۽ واقف کي اهو اختيار به هوندو آهي ته هو پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت واپس وٺي يا ان کي وڪڻي ڇڏي.

بشرطيڪ واقف، پنهنجي ملڪيت دائمي طور وقف ڪري ڪنهن ”وليءَ“ جي حوالي نه ڪئي هجي. يا وري ڪنهن عدالت اهو فيصلو نه ڏنو هجي ته واقف جو ملڪيت سان ڪو تعلق ڪونهي يا وري اهو واقف گذاري وڃي.

عام طرح هنن ٽن صورتن ۾ وقف لازم هوندو آهي.

1. حاڪم وقت جي حڪم موجب:

موت کان پوءِ وقف ڪرڻ: جيڪو وصيت جي شڪل ۾ هوندو آهي ۽ هڪ ڀاڱي ٽي جي صورت ۾ نافذ ڪيو ويندو آهي.

2. مسجد لاٰءِ وقف ڪرڻ:

۽ جڏهن ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ انهيءَ مقصد لاءِ نماز ادا ڪئي ته اهو عمل نفاذ لاءِ سمجهبو. وقف جي وصف جي حوالي سان ڪيترن عالمن ۾ اختلاف موجود آهي. امام ابو حنيفهرح  جي راءِ آهي ته وقف، واقف جي ملڪيت رهندو. رڳو فائدو ۽ نفعو انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيندو.

تقريباً اهو ئي مسلڪ امام مالڪرح جو به آهي. پر هن قانون جي تشريح ۾ ٻين عالمن جي راين کي به آڏو رکيو ويو آهي.

اهي ماڻهو جي وقف ڪري سگهن ٿا

هر مسلمان عاقل بالغ ۽ جائداد جو قانوني مالڪ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري سگهي ٿو.

وقف ڪرڻ جو طريقئه ڪار

وقف زباني يا تحريري ٻنهي صورتن ۾ ڪري سگهجي ٿو. وقف جي اعلان کان پوءِ جيڪڏهن ملڪيت Moveable ڦرندڙ صورت ۾ آهي ته اها متوليءَ حوالي ڪرڻ ئي ڪافي آهي. پر جي ملڪيت اڻ ڦرندڙ صورت ۾ آهي ۽ ان جي قيمت هڪ سو يا هڪ سو کان وڌ آهي ته ان کي پاڪستان جي رجسٽري ايڪٽ 1908ع تحت رجسٽر ڪرائبو، پر جي واقف پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت جو پاڻ واحد متولي بڻجي ٿو ته ان صورت ۾ وقف جو اعلان ئي ڪافي رهندو. جيئن ته واقف ۽ متولي هڪڙو ئي شخص آهي ته ان صورت ۾ حقيقي قبضي جي منتقليءَ جي صورت پيش نه ايندي، پر ٻي صورت ۾ وقف ان وقت تائين ڪامل نه ٿو ٿئي جيستائين واقف وقف جي اعلان کان پوءِ، جائداد جو حقيقي قبضو متولي حوالي نه ڪري.

ڪنهن ٻئي متوليءَ کي جائداد ڏئي ۽ پوءِ وري واپس وٺڻ ۽ متوليءَ کي برطرف ڪرڻ جو اختيار، واقف کي ناهي. البت جيڪڏهن وقف نامي جي شرطن ۾ اهو اختيار، واقف پاڻ لاءِ رکيو آهي ته پوءِ هو اهو عمل ڪري سگهي ٿو.

وقف جا شرط

وقف هميشه لاءِ عمل ۾ ايندو، انڪري ڪنهن خاص معياد يا وقت لاءِ وقف نه ٿيندو. وقف جا مقصد به دائمي رهندا. جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي سموري ملڪيت وقف ڪرڻ چاهي ته پنهنجي حياتيءَ دوران اهو عمل ڪري سگهي ٿو، پر مرڻ کان پوءِ سندس ملڪيت جو فقط ٽيون حصو وقف ڪري سگهبو، جيڪو وصيت ذريعي ٿيندو.

وقف جا مقصد

اسلامي شريعت پٽاندر وقف جا مقصد، مذهبي خيراتي ۽ ڀلائيءَ وارا ٿي سگهن ٿا. ڪو شخص پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جي حق ۾ به وقف ڪري سگهي ٿو. عام طرح وقف لاءِ هيٺيان مقصد ٿي سگهن ٿا:

1. مسجدن جي تعمير: امام جو پگهار ۽ مسجد جي سار سنڀال لاءِ خرچ وغيره.

2. تعليمي ادارا کولڻ ۽ ان جي انتظام سنڀالڻ لاءِ خرچ.

3. پُلين، رستن، سرائن جي تعمير ۽ انتظام لاءِ خرچ.

4. غريبن ۽ محتاجن جي مالي مدد ۽ حج ڪرائڻ.

5. محتاج ۽ دست نگر مائٽن ۽ ٻين ماڻهن جي سار سنڀال واسطي.

اصل سائپرس

جيڪڏهن ڪنهن وقت جا مقصد پورا ٿي وڃن ته وقف جي آمدني اهڙن ئي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

قرض خواهن کي فريب ڏيڻ

جيڪڏهن ڪا جائداد يا ملڪيت قرض خواهن کي قرض جي ادائگيءَ کان محروم رکڻ لاءِ وقف ڪئي وئي آهي ته قرض خواهه ڪورٽ ذريعي ان کي وقف کان منسوخ ڪرائي سگهن ٿا.

متولي

وقف قائم ٿيندي ئي ملڪيت جو قبضو متوليءَ حوالي ڪيو ويندو آهي. جيڪو جائداد جو منتظم هوندو آهي. واقف پنهنجي وقف لاءِ ڪنهن به شخص توڙي اهو مرد هجي يا عورت مسلمان هجي يا غير مسلم، ان کي متولي مقرر ڪري سگهي ٿو. البت جيڪڏهن وقف ڪن خاص ڪمن لاءِ آهي ته اتي فقط مناسب متولي مقرر ڪيا ويندا. مثال جيڪڏهن وقف مسجد لاءِ آهي ته متولي مسلمان ٿيندو، غير مسلم نه. اهڙيءَ طرح نابالغ يا ذهني معذور کي به متولي مقرر ڪري نه سگهبو. پر ڪو واقف نابالغ يا ذهني معذور کي متولي مقرر ڪري ته عدالت ان تي قدم کڻي سگهي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي شخص کي عبوري طور متولي مقرر ڪري سگهي ٿي.

 

متوليءَ جي مقرري:

1.واقف کي اختيار آهي ته پهريون متولي پاڻ مقرر ڪري يا متولين جي نالن جو تعين ڪري رٿابندي ڪري يا اهڙا شرط يا متولي ٿيڻ لاءِ اهليت به متعين ڪري جنهن جي پيش نظر متولي مقرر ڪري سگهجن. اهڙيءَ طرح واقف، متولي مقرر ڪرڻ لاءِ اهو اختيار پهرين متوليءَ کي به ڏيئي سگهي ٿو ته سندس موت کان پوءِ ڪو متولي هو پاڻ چونڊي.

2. جيڪڏهن مقرر ٿيل متولي فوت ٿي وڃي يا ڪو متولي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري يا ڪا ڪورٽ پنهنجي حڪم سان برطرف ڪري ته ڪورٽ کي اختيار آهي ته هو ڪو ٻيو متولي، واقف جي هدايتن کي آڏو رکندي، مقرر ڪري.

متوليءَ جي خدمت جو معاوضو

متوليءَ جي خدمت جو معاوضو واقف پاڻ مقرر ڪري سگهي ٿو. اهو معاوضو ڪا مقرر رقم يا وقف جي خرچ پکي کان پوءِ بچندڙ ڪا رقم ٿي سگهي ٿي.

پر جي واقف، متوليءَ لاءِ معاوضو مقرر ناهي ڪيو ته ڪورٽ سڳوري ان لاءِ معقول رقم مقرر ڪري سگهي ٿي. پر اها رقم وقف جي آمدنيءَ جي ڏهين حصي کان وڌيڪ ٿي نه ٿي سگهي.

جيڪڏهن متوليءَ کي ٿورو معاوضو ملي رهيو آهي ته عدالت ان لاءِ الائونس به مقرر ڪري سگهي ٿي.

متوليءَ جي برطرفي

عدالت ڪنهن به متوليءَ کي، وقف جي مقصدن خلاف ڪم ڪرڻ تان برطرف ڪري سگهي ٿي. البت متوليءَ کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪو ٻيو متولي مقرر ڪري، البت جيڪڏهن واقف کيس اهو اختيار ڏنو آهي ته هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ملڪيت جي سار سنڀال ۽ پنهنجي مدد لاءِ ڪو نائب به مقرر ڪري سگهي ٿو.

وقفِ ۽ ٽرسٽ ۾ فرق

وقف جي صورت ۾ ملڪيت الله تعاليٰ حوالي ڪئي وڃي ٿي ۽ متولي فقط منتظم هوندو آهي. جڏهن ته ٽرسٽ جي شڪل ۾ ملڪيت ٽرسٽيز (Trustees) وٽ هوندي آهي ۽ اهي ئي منتظم به هوندا آهن.

(هي مواد قانون ۽ انصاف ڪميشن، حڪومت پاڪستان جي ڇپايل ڪتاب ”قانون فهمي“ تان کنيو ويو).

 

 

اسما ميمڻ

تعارف

روما صالح

اسما ميمڻ پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿي ته منهنجو جنم ڪراچي شهر ۾ ٿيو. پيدائش 1980/12/15 جي آهي. اسٽار قوس Sagittarius آهي. ڀائرن ڀينرن ۾ نمبر چوٿون آهي. پيار ۾ گهر ڀاتي نوال جي نالي سان سڏيندا آهن.

اسما وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ننڍي هوندي الاهي شرارتي هوندي هئس. لطيفا ڏاڍا سٺا ٻڌائيندي آهيان ۽ آواز سٺي هئڻ ڪري ڪنهن فنڪشن ۾ فرمائش تي ڪو گانو به ٻڌائي وٺندي آهيان.

دوستيءَ جي باري ۾ آءٌ الاهي محتاط هوندي آهيان، اِن ڪري منهنجون هڪ ٻه ئي دوستون آهن، پر ڏاڍيون مخلص آهن. جن سان هر ڳالهه شيئر ڪندي آهيان. گهر ۾ بابا منهنجو بهترين دوست به آهي ۽ رهنما پڻ. انگلش ميڊيم پڙهڻ ڪري سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، پر جيئن ته اسان جي پنهنجي ٻولي آهي، گهر ۾ به اسان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائيندا آهيون، پر هاڻي ڪوشش ڪندي آهيان ته سنڌي سٺي لکي پڙهي سگهان. ان لاءِ بابا کان به مدد وٺندي آهيان ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب گهرائي پڙهندي آهيان.

ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪري وٺندي آهيان ۽ لکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي.

گهر جِي سجاوٽ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي، مهيني کان پوءِ چاهيندي آهيان ته سڄي گهر جي سجاوٽ کي تبديل ڪريان.

کاڌن پچائڻ جو به ڏاڍو شوق آهي. رڌ پچاءَ جا کوڙ سارا ڪتاب مون وٽ آهن. ٽي.وي تي ته باقاعدگي سان رڌ پچاءَ جا پروگرام ڏسندي آهيان. انهيءَ سلسلي ۾ ڊائريون پڻ کوڙ ساريون گڏ ڪيون آهن، جن کي پڙهي کاڌا رڌيندي آهيان. ڪَيڪَ ته مون کي ڏاڍا سٺا ٺاهڻ ايندا آهن. گهر ۾ ڪنهن جي به سالگرهه ٿيندي آهي ته ڪيڪ مان ئي ٺاهيندي آهيان.

توهان ائين نه سوچجو ته مان صرف انهن ڪمن ۾ مهارت رکان ٿي، پر پڙهڻ ۾ به وري اوتري ڀڙ آهيان. ڪراچيءَ جي ايس.ايم.سي ۾ وڪالت جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهي آهيان. ننڍي هوندي کان پوزيشن هولڊر رهي آهيان. وڪيل ٿيڻ جو منهنجو ننڍي هوندي جو شوق هو. ٽي.وي تي اهڙا ڊراما يا ڪي پروگرام شوق سان ڏسندي هئس ۽ وري گهر ۾ وڪيل ٿيڻ جي ايڪٽنگ به ڪندي هئس.

سال ۾ ٻئي عيدون جڏهن اينديون آهن ته اسان جي وڏي گهر هئڻ ڪري سڀ مائٽ اسان وٽ عيد ڪرڻ ايندا آهن. اسان جا پڦاٽ، پڦيون، چاچا، چاچيون، سڀ مون کي مختلف ڊشز کارائڻ جون فرمائشون ڪندا آهن ۽ مان خوشيءَ خوشيءَ سڀ فرمائشون انهن جون پوريون ڪندي آهيان، ٿڪجي به پوندي آهيان پر خوشيءَ ۾ ڪا خبر ئي نه پوندي آهي. شادين ۾ ڪنوارن کي پڻ تيار سٺو ڪري ويندي آهيان، صرف پنهنجي خاندان جي ڇوڪرين کي ئي تيار ڪندي آهيان. واندڪائيءَ مهل ميوزڪ ٻڌندي آهيان، ڪتاب پڙهندي آهيان. سلائي به سُٺي ڪندي آهيان. پنهنجي ڪپڙن تي ڊزائننگ پاڻ ڪندي آهيان. مختلف وقتن تي ڪورس به ڪندي رهندي آهيان، جن ۾ انٽيريئر ڊيڪوريٽر ڪورس، پارلر ڪورس، فلاور ميڪنگ ڪورس شامل آهن.

 

ثميره زرين

سوريءَ سزاوار

”ٻڌءِ - !“

”ها“

”عرفان ته انهيءَ حد تائين چئي ڇڏيو ته، جيڪڏهن توهان کيس انڪار ڪيو ته، پوءِ هُو ڪٿي به شادي نه ڪندو.“

”مون کي اڳ ۾ ئي اها خبر هئي.“

”توکي چيو هوندائين.“

”سندس نموني مان ظاهر هو، مون کي چيو ته ڪين هئائين.“

”چاچا پئي چيو ته، هو توکان پڇي پوءِ جواب ڏيندو.“

”هون.....“

”پوءِ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ - “

”ڏسجي. “

(ٽونڪ مان) ”خير معاملو اهڙو ئي آهي، جو توکي مڙيو ئي سوچڻو پوندو. باقي هونئن اٿوَ ته پاڻ ۾ ڏاڍي بي تڪلفي!“

”ها، اهو ته آهي.“

”چاچا هڪ لڱا ڏاڍو چڱو قدم کنيو آهي، جو توکان رايو پڇيو اٿس. بهرحال آهين خوشنصيب!“

”(کلي) بلڪل، ان ۾ شڪ ئي ڪهڙو آهي.“

”سچ، توکي ته سندس شڪر گذار ٿيڻ کپي.“

”مون کي!....ڇو؟....“

”توکان رايو جو پڇي ٿو.“

(سنجيدگيءَ سان) ”اهو ته سندس فرض آهي. نه پڇڻ جي حالت ۾ مٿس وڏي ذميواري رهي ها.“

”۽ تنهنجو ڄڻ ڪجهه نه ٿئي ها! خير، ڪيئن به، بهرحال توکي چڱو چانس ملي ويو. من! هاڻي چاچا جي نقش قدم تي هلي سڀ پاڻ موکائين!“

(کلي) ”توکي پنهنجو فڪر لڳو آهي نه. پر هنوز دلي دور است. فيروز کي اڃا هڪ سال پڙهڻو آهي.“

”اونهن!...ڀلا، منهنجو هن سان ڪهڙو واسطو! ڪيڏو نه ڊسٽرب ٿي ڪرين، اهڙيون ڳالهيون ڪري.“

”من! تنهنجو واسطو ته خير هن سان ڇا ٿيندو. باقي پڦو جان جو ته آهي.“

”الا! تون ڪيڏي ظالم آهين. مون توکي خوشخبري ٻڌائي. تون وري منهنجي دل کي نشتر ٿي هڻين!“

”بس، مون توبهه ڪئي، هن جي نالي کڻڻ کان. باقي، ڪهڙي دل آهي، جنهن نشتر نه کاڌا آهن!“

...      ...      ...

رشيده هلي وئي ته، هوءَ ڪر موڙي اٿي بيٺي ۽ ڪمري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳي. جيئن چوڏهينءَ جي چنڊ تي سامونڊي ڇوليون وڌي وار ڪنديون آهن، تيئن اڻ ڳڻيا خيال هن جي ذهن کي وڪوڙي ويا.

ڪالهه کيس اها خبر پئي ته، عرفان هن لاءِ سندس پيءُ کي پيغام ڏنو آهي. کيس اها خبر ٻڌي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زندگيءَ جي پرسڪون راهه تي پنهنجي موج مستيءَ ۾ هلندي، اوچتو هوءَ ڪنهن ڇپ سان ٽڪرجي ٿاٻو کائي ڪرڻ واري هجي.!

اڄ انهي مبهم خبر جي رشيده به تصديق ڪري هلي وئي هئي.

هن جون نگاهون سامهون ديوار تي ٽنگيل ٻن تصويرن تي کُپي ويون. هڪ تصوير جوان عورت جي هئي ۽ ٻي هڪ نهايت ڪمزور ٻڍي عورت جي.

جوان عورت جي چهري جي شادابي ۽ دلڪش مرڪ بهارن کي شرمائي رهي هئي. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اها تصوير کيس ڪجهه چئي رهي هجي... هوريان، هوريان... سنگيت جي مڌر تان جيان هي لفظ ”انهيءَ عورت جي خوش نصيبي ڪنهن مَٽِ ناهي، جنهن کي چاهيندڙ گهوٽ ملي وڃي... تون به ڪيڏي نه ڀاڳ واري آهين، مون جيان!.... يا شايد مون کان به وڌيڪ...“

ٻئي لمحي هن جون نگاهون ٻڍي ڪمزور عورت جي تصوير سان ٽڪرائجي ويون. جيڪا خزان رسيده گل پئي نظر آئي. انهيءَ تصوير جي نگاهن جو ڪرب کيس ٻيو ڪجهه چئي رهيو هو.... ٻيو ڪجهه... جيڪو ساهه سيبائيندڙ منجهه نه هيو... جيڪو ٻڌائڻ لائق نه رهيو... جنهن حسين خواب ٽوڙي پئي ڇڏيا. هيءُ لفظ ته ”پيار سڀ ڪجهه نه آهي... پيار ڪجهه نه آهي... پر...

ذهني اذيت وچان هن اکيون ڪري ٻوٽيون. پر کيس هنن تصويرن جي مالڪياڻين کان صلاح وٺڻ بنان رايو ڏيڻ ممڪن ئي نظر نه پئي آيو. ڀلا ٿئي به ڇو نه... هوءَ جيڪا جوان عورت واري تصوير هئي... اها ڪنهن ٻئي جي ته ڪين هئي. اها ته سندس مٺڙي ماءُ جي تصوير هئي! جڏهن هوءَ شادي ڪري هن گهر ۾ آئي هئي ۽ ٻڍڙي ڪمزور عورت واري تصوير؟.... اها ڪنهن جي هئي؟.... اها.... اها به ته سندس ماءُ جي هئي، جيڪا شاديءَ کان رڳو ستن سالن بعد جي نڪتل هئي، جڏهن هوءَ هن گهر مان نڪري هميشه لاءِ ٽي. بي سيني ٽوريم ۾ هلي وئي هئي!

هن جي رڳ رڳ ۾ سنسني ڊوڙي وئي. هوءَ ٿڪل انداز ۾ ڀرسان صوفي تي ليٽي پئي. ڄڻ هنن ٿورن منٽن ۾ هوءَ ڪا ميلن جي مسافت طيءِ ڪري آئي هجي!

هن مائوٿ آرگن کڻي پنهنجي چپن سان لڳايو. جنهن جا تکا سر هڪ دردناڪ چيٽ جيان فضا ۾ اڀري ويا.... هن جون پلڪون جهڪي ويون... ۽ سندس دل جو سمورو سوز و گداز هن جي چپن تي مچلڻ لڳو...

رشيده کيس تکن چڀندڙ لفظن ۾ چئي وئي هئي: ”اٿو ته پاڻ ۾ ڏاڍي بي تڪلفي“ ۽ اها حقيقت هئي. نه رڳو ايترو، پر عرفان ته کيس چاهيندو به هيو!... ۽ شايد هوءَ به...

ڪيتريون برسات کان پوءِ جون نکريل شامون، هنن ڪافي سِپ ڪندي دنيا جهان جي ڳالهين ۾ ختم ڪيون هيون. طاهر، رفيق ۽ رشيده وغيره اڪثر کين پاڻ ۾ مگن ڏسي، بور ٿي وڃي ورانڊي ۾ ٽيبل ٽينس کيڏڻ لڳندا هئا، يا وچ ۾ اجايون سجايون ڳالهيون ڪري، کين بور ڪندا هئا ۽ سندن ڳالهيون ڇا هونديون هيون، ”تون اڃا تائين برقعو نه ٿي پائين، مون کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي.“

”ڀلا، تنهنجي ايتري سگريٽ نوشي مون کي نه وڻندي آهي، پوءِ تون منهنجي ڳالهه مڃين، جو مان مڃان پنهنجي متعلق اها ٽوڪ زني!“ باقي هوندو هو دنيا جي هر موضوع تي تبصرو. اها ڳالهه پڻ خاص طور قابل ذڪر هئي ته، اڪثر سندن گفتگو جو خاتمو ڪنهن جهڳڙي تي ٿيندو هو. جيڪو خيالن جي بي انتها تضاد سببان نه چاهيندي به ٿي ويندو هو.

تنهن ڏينهن جي ڳالهه هئي. فاخره ۽ رشيد جن پيار مان شادي ڪئي هئي. پر بعد ۾ رشيد جي شراب نوشي سببان سندن جهڳڙو رهڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن نشي جي حالت ۾ جو رشيد جي مار ڏيڻ تي فاخره جي ڪرائيءَ جي هڏي ٿڙي ويئي، ته سندن زندگي هڪٻئي کان بنهه الڳ گذرڻ لڳي. ان جو ذڪر جڏهن هن گروپ ۾ هليو ته، عرفان رشيد کي بي ڏوهي ٺهرائيندي سڄو الزام فاخره تي هڻي ويو ۽ هوءَ وري پنهنجي منصف جي ليڊر بڻجي هن جي فائدي ۾ ڳالهائڻ لڳي. بس، ڄڃ پرائي احمد نچي. جي مصداق هو پرائي جهڳڙي جي ڳالهه ڪندي پاڻ ۾ وڙهي ويٺا. جڏهن عرفان چيو ته:”ان کان ته ڪو انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته، اڄ به رشيد جو فاخره سان پيار آهي.“

”عورت لاءِ مڙس جي محبت کان مٿي نيٺ ٻيو ڇا آهي. ضد سببان هوءَ پنهنجو گهر بگاڙيندي، ته پوءِ اها ذميواري به مٿس ئي ٿيندي.“

اهو ٻڌي هوءَ بيحد ناراض ٿي وئي. خار مان چيائين:”ڇا، مردن جو پيار اصل ايڏو اهم آهي، جو ان سان گڏ جهنم به قبول ڪجي!

”توهان مردن نيٺ اسان کي سمجهيو ڇاهي؟“

عرفان مرڪي چيو:”عورت... مٿي کان پيرن تائين عورت. تون ئي ٻڌاءِ! ڀلا ڇا سمجهون.“

رفيق کلي لقمو ڏنو ”بس، رڳو ايترو ته، مرد جو عقل سندس دماغ ۾ هوندو آهي ۽ عورت جو سندس پيرن جي ترين ۾... جيڪو....“

هن جملو اڌ ۾ ڪٽي ٽونڪ سان کلي چيو: ”جيڪو گهمندي ڦرندي گسي سندس پيرن مان نڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي.....“

ڀرون تاڻي هن رفيق کي چيو:

”افسوس! مثال به پراڻو ڏنئه. ڪو پنهنجي ذهن مان جديد مثال ته ڏين ها!“

عرفان هن جي ناراضگي کي پيارين نگاهن سان ڏسندي، سندس پياليءَ ڏي اشارو ڪري چيو:”بس... بس، فرزي، آئيسڪريم پاڻي ٿي وئي!“

اهو عرفان، جيڪو کيس چاهيندو هو.... جيڪو عورت کي رانديڪي مثل سمجهندو هو.

.....جنهن جي پيار ۾ هڪ عجيب تحڪمانه انداز هو، انهيءَ عرفان، جنهن فاخره جي ناڪام شاديءَ تي چيو هو ته، ”عورت کي وسارڻ نه کپي، ته هوءَ مرد لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي، تنهن کيس وڏي اعتماد منجهان زندگيءَ ڀر ساٿ ڏيڻ جو پيغام ڏنو هو“ ۽ فرزانه جي ضدي طبيعت کي مد نظر رکي، هن پنهنجي پيغام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ هي اکر پڻ ڳنڍيا هئا ته،”جيڪڏهن فرزانه جن کيس انڪار ڪيو، ته پوءِ هو ڪٿي به شادي نه ڪندو.“

سندن خيالن ۾ سخت اختلاف هو. بحث ۾ هُو چانڊيه مگسيءَ جو مثال بڻجي ويندا هئا. پر نه وڙهڻ ڇڏيندا هئا، نه وري ڳالهائڻ. فرزانه جي خود مختار طبيعت، جيڪا ماٽيلي ماءُ سان گڏ گهاريندي به ڪنڌ جهڪائڻ نه ڄاڻندي هئي، ۽ سندس ايڏين ارڏائين جي باوجود به هو هن تان آسرو نه پلي سگهيو، پر، نيٺ به پيار ۾ زبردست طاقت آهي. هو يقيناً کيس پنهنجي پيار سان موڙي سگهندو. ائين، جيئن باهه جي تؤ تي شيشي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق بڻائي سگهبو آهي.

اڄ هوءَ سنجهي سنئون منهن سر ويڙهي پئجي رهي.

- سوڌ پوڌ اهڙو ئي ڊرامو هڪوار اڳ به هن گهر ۾ کيڏيو ويو هو. ساڳيا ئي لفظ هن جي ڊيڊيءَ پڻ هن جي ماءُ لاءِ چيا هئا. سندس ماءُ پنهنجي وقت ۾ خاندان جي حسين ترين ڇوڪري هئي. سندس ڊيڊيءَ جو مڱڻو پنهنجي سوٽ سان ٿيل هو. پر هن اهو ڪچو ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيو ۽ ٿرٿلو مچائي ڏنائين. چي، جيڪڏهن هن جي ساڻس شادي نه ڪئي ويندي، ته پوءِ هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو. هن جي برساتي نئن جيان جولان ۾ آيل محبت نيٺ رنگ لاتو ۽ سهاڳ جو سينگار ماڻيائين.

نيٺ شاديءَ جي پهرين سالگرهه تي هوءَ پيدا ٿي. جڏهن ڪجهه وڏي ٿي، ته سندس ڊيڊيءَ هن لاءِ هڪ ڪرسچن ٽيوٽر آندي. جيڪا هن جي استاد به هئي ته آيا به ۽ آخرڪار سندس ”ماءُ“ به بڻجي وئي. سڄي گهر ۾ هن جو وجود ڇانئجي ويو ۽ هن جي ماءُ پنهنجي زخمي محبت سيني سان لڳائي رت ٿڪڻ ڪوئٽا سيني ٽوريم ۾ هلي وئي.

گهڙي گهڙي هن جي آڏو عرفان ۽ سندس ماءُ جي تصوير ٿي ڦري وئي. بيقراريءَ کان هوءَ اٿي ويٺي. پردو پري ڪري دريءَ کان ٻآهر ڏٺائين. آسمان تي ستارا ڪنوار جي رئي جيان جهومر لايو بيٺا هئا.

هن خوابناڪ فضا ۾ ڄڻ عرفان جو پرڪشش چهرو ستارن جي سيج تان اڀري کيس چئي رهيو هو، فرزي، مان تو کان سواءِ ڪٿي به شادي نه ڪندس...

فرزي.... تو کان سواءِ... توکان سواءِ...

بنسري جي مٺڙي آلاپ جيان اهي لفظ سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا... جذبات جي يورش کان گهٻرائجي هن اکيون ڪري ٻوٽيون... هيءُ اهو ئي پيار جو ڄاتل سڃاتل نغمو هو... جيڪو ازل کان انسانن جون دليون وس ڪندو آيو هو... جيڪو هر ڪنهن جي دل جي تار ۾ اڻلکو وڄندو هو. بهار جي هيرن ۾ گل به شايد ايڏو نه جهومندا هئا، جهڙو انسان جي دل هيءُ نغمو ٻڌي جهومڻ لڳندي هئي.

ڪيڏي مهل تائين هوءَ ائين سحرزده چپ چاپ بيٺي رهي. وقت الائي ڪيئن گذري ويو. کيس پتو نه پيو. جڏهن هوءَ واپس مڙي، ته هن جي چپن تي هڪ مطمئن مرڪ هئي. ائين، ڄڻ هن ڪو حل ڳولي لڌو هجي ۽ اهو اهڙو ته واضح ۽ مضبوط هو، جو کيس پنهنجي اڳين اڻ تڻ ۽ سوچ ويچار بلڪل اجائي پئي معلوم ٿي. زندگي هڪوار ملندي آهي پوءِ ڇو نه... ڇو نه خوش ٿي گذارجي!

هوءَ پردو ٺيڪ ڪري اچي پلنگ تي ليٽي پئي.

سج جا تيز ڪرڻا جڏهن دريءَ کان ڇڻي هن جي بستري تي آيا، تڏهن هن جي اک کلي. هن پنهنجو پاڻ کي پرهه جي هير جهڙو هلڪو ڀانيو. رات جي فڪرات جو هن جي چهري تي ذرو به اثر باقي ڪين هو.

رشڪ مان ٽوڪري کڻي هوءَ هيٺ باغ ۾ هلي وئي. کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو. ڄڻ اڄ هر هڪ گل ۽ پن کيس عجيب نگاهن سان ڏسي رهيو هجي. ٿلهي جي ڀرسان رکيل ڪونڊين ۾ نرگس جون اوسيئڙي ڀريون اکيون ڄڻ کيس الوداع چئي رهيون هجن ۽ صبح جي هير ۾ جو ٽاريون لُڏي لُڏي هن جي بدن کي ڇُهي ٿي ويون، سي رڳو هن کي گلي ملڻ لاءِ ئي ائين ڪري رهيون هيون.

هن پنهنجائپ جي جذبن سان ڀرپور نگاهن سان ڏسندي، ڄڻ سڀني گلن ۽ ٻوٽن سان موڪلاڻي ڪري ورتي... هوءَ هاڻي پرائي ٿي ويندي.. هوءَ هتي نه هوندي.... پر ٻئي ڪنهن هن..... جتي الائي ڇا هو....

”الا جي سک... يا ڏک به....“

ڍڳ جيترا گل ڇني جڏهن هوءَ واپس موٽي ته، ڏٺائين، ڊائننگ ٽيبل تي سندس ڊيڊيءَ سان گڏ هن جي ٽيتاليهن ورهين جي ڪنواري پڦي به ويٺي هئي.

سندس اچڻ جو مطلب ڄاڻڻ جي باوجود به هوءَ کن لاءِ هٽڪجي وئي ۽ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پر پوءِ سندس هٽڪ ۽ دل جو ڌڙڪڻ سڀ فطري ئي ته هو.

ڀرسان ٽپائيءَ تي گل رکي هن ٻنهي کي سلام ڪيو ۽ اچي ڪرسيءَ تي ويٺي.

اڄ هن جو ڊيڊيءَ ۽ پڦيءَ کيس اهڙي ته قياس گاڏڙ محبت سان ڏسي رهيا هئا، ڄڻ هوءَ مري رهي هجي ۽ بس مهمان به دم پل جي هجي.

هميشه جيان جلد ناشتو ڪري هن جو ڊيڊي اٿيو ۽ هميشه جي خلاف سندس مٿي تي پيار سان هٿ رکي چيائين:

”فرزانه پٽ! اڄ ادي سعيده هتي رهندي، سندس خيال ڪجانءِ.“

پڻس اڃا پورٽيڪو وٽ ئي هيو ته، هن جي پڦي پنهنجي بي صبر طبيعت سببان، بنان ڪنهن تمهيد جي سڌو سنئون پنهنجي مقصد ڏي رڙهي آئي ۽ هوءَ چانهه جو ڍڪ ڀريندي رهجي وئي.

”ٻڌ، امان! اها ته خبر پئي هوندءِ ته، عرفان تنهنجي گهُر ڪئي آهي. سو ادا پئي مون کي چيو ته، مان توکان پڇان ته، زور آوري ٿا ڪريو، ڪهڙي انگريزن جي ڪني ريت ٿا وٺو. نياڻي نماڻي ڇا چوندي. جيڪا تنهنجي مرضي، سا هن جي. ٻئي پاڻ ۾ کير کنڊ لڳا پيا آهن. پر پڻهين مڃين ئي نه. چيائين، ماءُ به هتي ڪانهيس. هن کان ته پڇي ڏي - متان پوءِ اها اچي وري گوڙ ڪري. سو هاڻي تون ماءُ جي صلاح تائين نه وڃجانءِ. سڄي سياڻي آهين. حياتي توکي گذارڻي آهي. تنهنجي ماءُ کي نه، سو سمجهي جواب ڏي.“

هن آهستي وراڻيو:

”نه، مان امان کان ڇو پڇنديس، هيءُ ته منهنجي حياتيءَ جو معاملو آهي.“

هن اکيون مٿي کڻي پنهنجي پڦيءَ ڏانهن نهاريو. جنهن جي مٿي جا اڇا وار اس جي تڙڪي تي سيم جي تارن جيان پئي چمڪيا. سندس چهري تي ڪنوار پڻي جي تقدس سان گڏ هڪ عجيب قسم جي محروميت جا گڏيل تاثرات نظر اچي رهيا هئا.

هوءَ سندس چوڻ وساري ڪا گهڙي وسي ٿي کيس ڏسڻ لڳي. اها تصوير رڳي هن جي انهيءَ پڦيءَ جي نه هئي، پر ٽن ٻين پڦين جي به. هنن جي خاندان ۾ عورتن لاءِ اهي ٻه راهون هلي رهيون هيون. جن خاندان جي عزت خاطر ڀاڄائين جا ويڻ پئي سَٺا، جيڪي آلي ڪاٺيءَ جيان بنان لاٽ جي ٻري رهيون هيون.

۽ ٻي راهه اها هئي، جنهن تي چاهه جي شادي رچائي، سهاڳڻيون پيار جا داغ کڻي سيني ٽوريم ۾ سُڏڪنديون هيون.

هن جي رڳ رڳ درد سان ڀرجي وئي. هن جي دل بي اختيار پڪاريو: هاءِ... هنن راهن تي ڪيئن هلبو؟.... پٿون پير کڻي... سيني جا سور کڻي! .... ڪا نئين راهه... ڪا نئين راهه ڳولهڻي ئي پوندي...

ها، اي زندگي تو لاءِ.

پڦيءَ کيس ائين سوچ ۾ گم ڏسي چيو:

”ڏس! مون کان شرم ڇو ٿي ڪرين! بس، ادا کي ها چوان ني؟“

تڏهن هوءَ سجاڳ ٿي. هو پهريون جيڏي گنڀيرتا سان ويٺي هئي، هينئر اوڏو ئي سندس دل ۾ هلچل مچي وئي.

اندر ۾ ڄڻ جوالا ڦاٽي پيو هوس، جيڪو ڪنهن به ريت سندس قابو ۾ نه ٿي آيو. کن رکي هن نهايت سنجيدگيءَ مان آهستي وراڻيو:

”پڦو، توهان ڊيڊيءَ کي چوندا، مون کي هيءُ رشتو هرگز قبول نه آهي.“

”هان....!! هي ڇا چيئه....!؟“

چانهه جي پيالي سعيده پڦيءَ جي هٿن مان ڪري چُور چُور ٿي وئي. سندس چهري تي وحشت جا تاثرات اڀري آيا. ائين، ڄڻ هن پنهنجي آڏو موت جو فرشتو بيٺل ڏٺو هجي.

هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هن اهي لفظ نه چيا هئا، بلڪ صور ڦوڪي ڇڏيو هو ۽ بس، هينئر قيامت اچڻ واري هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com