سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

 

ڊاڪٽر نگينه پروين سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

سوال

* پورو نالو:

* ڄم جو هنڌ:

* ڄم جي تاريخ:

* تعليم:

* ڌنڌو/ملازمت (ڪيتري عرصي کان):

* اوهان کي ننڍپڻ ۾ ڪهڙو گهرو ماحول مليو؟

* ان دور ۾ ڪهڙين شخصيتن اوهان کي اُتساهيو ۽   ڪجهه بڻجڻ لاءِ همٿايو؟

* اوهان جي شادي ڪهڙي عمر ۾ ٿي؟ اها پسند جي شادي هئي يا مائٽن جي مرضيءَ جي؟

* شاديءَ کان پوءِ اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي؟ ان تبديليءَ جا مثبت/منفي ڪهڙا اثر اوهان تي پيا؟

* ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ لاءِ عورت توڙي مرد کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

* اوهان نفسيات کي اعليٰ تعليم لاءِ ڇو چونڊيو؟ ڪو خاص سبب؟

* عملي زندگيءَ ۾ نفسيات جي علم جي اهميت ۽ افاديت ڪهڙي آهي؟

* اهو هڪ عام تصور آهي ته، نفسيات پڙهندڙ پاڻ نفسياتي مريض بڻجي ويندو آهي؟ اهو ڪيتري حد تائين درست آهي؟

* علم اهم آهي ڪين ڊگري؟

* گائيڊن تان نقل ڪري امتحان پاس ڪندڙ ڊگري يافتن جي ڊگرين جي ويليو اوهان جي نظر ۾!

* اوهان جي خيال ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي - استاد، شاگرد، مائٽ؟

* هڪ سٺي ماءُ جون ذميواريون ڪهڙيون آهن؟

* اسان جي گهڻن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو حل ڇاهي؟

* سنڌ جي نياڻين جي ڀلائيءَ لاءِ سندن مائٽن کي اوهان ڪو مشورو ڏيڻ پسند ڪنديون؟ جي ها، ته ڪهڙو؟

* ڇا اوهان کي ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي آهي؟

* واندڪائيءَ جي وندر؟

* پنهنجي پسند جو ڪو شعر؟

جواب

** نگينه پروين

** شڪارپور

** 1959/2/3

** پي.ايڇ.ڊي (نفسيات)

** تدريس: 15 سالن کان.

** مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙهيل ڳڙهيل، توجهه سان ڀرپور، صحتمند ماحول مليو.

** منهنجا ماءُ، پيءُ ۽ استاد.

** منهنجي شادي 26 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي پر شاديءَ کان پهرين منهنجي راءِ پڇي وئي هئي.

** شاديءَ کان پوءِ منهنجي زندگي ڏاڍي مصروف ٿي وئي. نون رشتن ناتن سان منهن ڏيڻو پيو. نوان ۽ مختلف ورتاءَ، سڀاءَ ۽ فڪري انداز مشاهدي ۾ آيا، پر الحمدالله مون ڪنهن به تبديليءَ جو ناڪاري (Negative) اثر نه ورتو. ڪجهه تبديلين جي مُرڪي آجيان ڪيم ۽ ڪن تبديلين سان ٺاهه ڪري ورتم، ته جيئن زندگي گذارڻ ڏکي نه ٿي پوي.

** ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ به هڪ ڏاڍو وڏو فن آهي ۽ ان فن تي عبور حاصل ڪرڻ ايترو سولو ڪم به ناهي. شادي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ مقدس ڳانڍاپو آهي، جنهن کي هر حال ۾ نڀائڻ وڏي عزت ۽ عظمت جي ڳالهه آهي. منهنجي خيال ۾ ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ لاءِ مرد ۽ عورت، ٻنهي کي هڪجهڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. سڀ کان پهريان ته ٻيئي هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. هڪٻئي جي جذبات، احساسن، پسند، ناپسند ۽ دلچسپين جو خيال رکن. ڪوشش اها ئي ڪن ته هڪٻئي جي خوبين تي نظر رکن ۽ خامين کي نظرانداز ڪري ڇڏين. پر جيڪڏهن نظرانداز نه ٿا ڪري سگهن، ته پوءِ انهن کي دُور ڪرڻ لاءِ ناڪاري ۽ تنقيدي انداز بدران اصلاحي ۽ هاڪاري (Positive) انداز اختيار ڪن. هڪٻئي کي Positive regard ڏين ۽ عزت نفس کي مجروح ٿيڻ نه ڏين. پنهنجن لاڳاپن ۾ نيڪ نيت رهن ۽ اهڙو سگهارو ورتاءُ اختيار ڪن، جنهن سان شڪ بدران هڪٻئي تي ڀروسو ۽ ويساهه پيدا ٿئي. مڙس ۽ زال کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته ساراهه، محبت ۽ توجهه جي حاصلات، انساني فطرت جي مکيه ۽ بنيادي تقاضا آهي، جنهن جي پورائي سان شادي شده زندگي ڏاڍي خوشگوار، پرسڪون ۽ ڪامياب گذاري سگهجي ٿي.

** مون کي ماڻهن جي ڪردار ۽ شخصيت جو غور سان جائزي وٺڻ جي عادت رهي آهي. مان ننڍي وهيءَ ۾ ماڻهن بابت گهڻي ڀاڱي درست راءِ قائم ڪري وٺندي هيس. انڪري منهنجي امان ۽ بابا مون کي صلاح ڏني ته پنهنجي ان صلاحيت کي اڃا به بهتر بڻائڻ لاءِ مان علم نفسيات پڙهان، تنهنڪري مون وڏي شوق ۽ دلچسپيءَ سان ان مضمون ۾ اعليٰ تعليم پرائي.

** نفسيات جو عملي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي. ان مان پنهنجو پاڻ کي، ٻين کي ۽ سماج ۾ لڳ لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ انفرادي توڙي سماجي سطح تي انيڪ مسئلن ۽ معاملن، مثلاً ڪرداري، شخصي، نظرياتي ۽ ديني مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ هي مضمون ڏاڍو مددگار آهي.

** اهو تصور صحيح نه آهي. هڪ باشعور ۽ ڏاهو ماڻهو ته اهڙو تصور قائم نه ٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪو به علم پڙهڻ واري جي ڄاڻ ۽ قابليت ۾ واڌارو ضرور ڪري ٿو، پر ان کي مريض نه ٿو بڻائي. منهنجي خيال ۾ نفسيات جي ماهرن بابت اهو تصور وڌيڪ درست آهي ته اهي نفسياتي مرضن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

** يقيناً علم وڌيڪ آهي.

** گائيڊ تان ڪاپي ڪري پاس ڪرڻ وارن جي ڊگريءَ جي اها ئي Value آهي، جيڪا اعليٰ ۽ معياري ڪتابن جي ڀيٽ ۾ سستن، غير معياري ۽ عام طور غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ وارين گائيڊن جي آهي، جيڪي منهنجي خيال ۾ ردي ڪاغذ کان وڌيڪ اهميت نه ٿيون رکن.

** ادي، منهنجي خيال ۾ ٽيئي ذميوار آهن، انڪري جو استاد، شاگرد ۽ مائٽ هڪ اهڙو ٽِڪنڊو (Triangle) ٿا ٺاهين، جيڪو پوري تعليمي سرشتي کي بنياد فراهم ٿو ڪري. هاڻي جيڪڏهن ان مان ڪا به ڪنڊ (angle) صحيح نموني پنهنجي جاءِ تي نه هوندي ته پوءِ تعليمي سرشتو متاثر ٿيندو. سو، جيڪڏهن استاد، شاگرد ۽ مائٽ تعليم جي ڏس ۾ پنهنجا فرض سهڻائيءَ سان نه نڀائيندو ته پوءِ تعليمي سرشتي جي تباهيءَ جا ذميوار به اُهي پاڻ ئي آهن.

** هڪ سٺي ماءُ جي سڀ کان وڏي ذميواري اها آهي ته هوءَ اولاد تي هر پهلوءَ کان ڀرپور ڌيان ڏئي. انهن جي صحت ۽ صفائيءَ جو خيال رکي. انهن جي شخصي، اخلاقي، جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ هر ڪا ڄاڻ حاصل ڪري ۽ ان تي عمل ڪندي پنهنجن ٻارن کي سماج جو ڪارائتو ۽ ذميوار فرد بڻائي.

** اسان جي ڪيترن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو حل علم ۽ هنر کي عام ڪرڻ ۾ آهي، ته جيئن ماڻهن جي ذهني ۽ اخلاقي حالت بهتر ٿئي. انهن ۾ اُها لياقت پيدا ٿئي ته جيئن هو پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ جي لائق ٿين.

** ٻارڙين جي ڀلائيءَ لاءِ مان مائٽن کي صلاح ڏينديس ته هو انهن جي پالنا، تعليم ۽ سکيا کي اهميت ڏين ۽ انهن کي پُٽن جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت نه ڏين، ته جيئن ٻارڙين جو Self image بهتر ٿي سگهي ۽ اهي اعتماد سان سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن.

** ڏاڍو گهٽ. مان گهڻو ڪري پنهنجو مضمون نفسيات ئي پڙهندي رهندي آهيان.

** واندڪائيءَ جي وقت ۾ منهنجا هڪ کان وڌيڪ مشغلا آهن. ڪڏهن ٽي.وي ڏسڻ، ڪڏهن Outing،ڪڏهن گهر جي ٺاهه جوڙ ۽ ڪڏهن پنهنجن ٻارن سان گڏ ويهي سندن دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ سندن ذهني سطح ۽ پسند ناپسند کان واقف ٿيڻ.

** تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

(شاهه)

 
 

شگفته شاهه

ناول                                                     قسط  - آخري

ٽِڙي پوندا ٽاريئين......

”ٻڌين پئي نه رابيل!“

”هون..!؟...ها.“ رابيل چيو.

فيضان کلندي چيو:”منهنجي خيال ۾ ته ايڏي خوبصورت ماحول ۾ توکي وڌيڪ اداس نه ڪريان.“ ان کان پوءِ هن رابيل ڏانهن هڪ ننڍو خوبصورت پيڪيٽ وڌائيندي چيو:”هيءُ ڏس مون تولاءِ الاهي اڳ ۾ هي تحفو خريد ڪيو هو، پر ڏيان اڄ پيو.“

Thank You!“ چوندي رابيل هن کان گفٽ وٺي ان جو ريپنگ پيپر کوليو ته هڪ باڪس ۾ خوبصورت نازڪ واچ تي نظر پيس. هن باڪس مان نازڪ ۽ نفيس قسم جي واچ ڪڍي ڏٺي ۽ چيائين:

”ڪيڏي نه خوبصورت ۽ نفيس واچ آهي. مون کي تمام گهڻي پسند آئي.“ هن اهو چوندي واچ کي ٿورو اٿلائي ڏٺو ئي پئي ته اها اوچتو سندس هٿ مان ڇڏائجي ڀرسان هڪ کڏ ۾ پيل وڏي پٿر جي مٿان وڃي ڪري. رابيل بيچين ٿي ان کي کڻڻ لاءِ وڌي ئي هئي ته فيضان کيس اتي ئي روڪي پاڻ وڃي واچ کڻي آيو ۽ چيائين:

”هيءَ ته بند ٿي وئي. لڳي ٿو ته خراب ٿي وئي آهي.“

رابيل چيو:”واچ جيڏي مهل مون توکان وٺي ڏٺي پئي ته ان مهل ته اها ڪم ڪري رهي هئي ۽ بلڪل ٺيڪ ٽائيم ٻڌائي رهي هئي.“

فيضان چيو:”چڱو ڇڏينس. آءٌ آمريڪا مان تنهنجي لاءِ ڪو ٻيو تحفو موڪليندس.“

”نه...نه... مون کي اها ئي واچ کپي.“ رابيل بيتابيءَ مان سندس هٿ مان اها واچ کڻندي چيو.

”پر...هيءَ ته بيهي رهي آهي.“ فيضان کيس حيران ٿي ڏسندي چيو.

رابيل مرڪي چيو:”نه، اها واچ بيٺي نه آهي، پر هن وقت کي هڪڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي. بلڪه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.“

فيضان حيرت مان پڇيو:”ڪهڙو وقت؟“

رابيل هن ڏانهن بي انتها پيار سان ڏسندي چيو:”هيءُ وقت، جنهن ۾ پاڻ ٻيئي گڏ آهيون. خوبصورت ماحول آهي. نيڻ نهار تائين ڦهليل آسمان آهي. گلن جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ هوا ۽ فضا آهي، نيڻ نهار تائين پکڙيل گلاب آهن، ڪنن ۾ وڄندڙ سهڻو ٽلين جو مڌر سُر آهي ۽ پکين جا مٺڙا گيت آهن. مون کي ڄڻ ته هن وقت سڀڪجهه ملي ويو آهي.“

ايترو چئي رابيل ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ اداس ٿي چيائين:

”پر...سڀاڻي تون نه هوندين. فيضان توکان پري ٿيڻ جو تصور ڪري ئي آءٌ ڊڄي وئي آهيان. تو ته مون سان واعدو ڪيو هو ته تون مون کي اڪيلو نه ڇڏيندين.“

فيضان چيو:”رابيل! تون اڪيلي نه هوندينءَ، ڇو ته روح جا رشتا بيحد مضبوط هوندا آهن، جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

”نَڪا ڪُن فَيَڪُون هئي، نڪو لِڱُ لَحَمُ،
بنيو هو نه بُتَ ۾، اڃا ڪِي آدَمُ،
مون توهين سي سَڱُ، اها ساڃاءِ سپرين.

تون جڏهن به پاڻ کي اداس ڀائين يا پريشان ٿين ته هن وقت جو تصور ڪجانءِ ۽ پوءِ جڏهن سچ پچ توکي ائين محسوس ٿئي ته تون ۽ آءٌ حقيقت ۾ هن خوبصورت ماحول ۾ گڏ بيٺل آهيون ته يقين رکجانءِ ته ان مهل آءٌ به اهو سڀڪجهه محسوس ڪري رهيو هوندس. آءٌ چاهي جتي به هجان پر روحاني طور توسان گڏ هوندس. چڱو هاڻي رات پئي ٿئي، اسان کي فارم هائوس تي به پهچڻو آهي. اتي سڀ اسان جو انتظار ڪري رهيا هوندا.“

ان کان پوءِ هو ٻئي ڪار وٽ آيا ۽ پوءِ ڪجهه دير کان پوءِ هو فارم هائوس تي پهتا ته فورم جي ميمبرن ۽ ٻين مهمانن سندن گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ پوءِ پروگرام جي شروعات ٿي. اهي ۽ روشن اکين ۽ پرجوش دلين وارا نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ ٻيا سينيئر ميمبر هئا. ٽرسٽ جي چيئرپرسن طور رابيل جو نالو ڪال ڪيو ويو ۽ تاڙين جي گونج ۾ سندس حوالي ان جي ذميواري ڪئي وئي. رنگارنگ پروگرام کان پوءِ ڊنر هئي. ڊنر ڪرڻ بعد مختلف ماڻهو ٽولا ٺاهي ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا. فارم هائوس تمام خوبصورت هو ۽ پروگرام ان جي لان ۾ رکيو ويو هو، جيڪو تمام خوبصورت روشنين سان سجايو ويو هو. ڊنر کان پوءِ رابيل چانهن جو مگ کڻي لان جي هڪ پاسي ٺهيل حوض جي ڪناري پيل بينچ تي اچي ويهي رهي. فيضان کيس ائين اڪيلو ۽ اداس ڏٺو ته هو به هن جي ڀرسان اچي ويهي رهيو. ٺيڪ ان مهل نوجوان جيڪي مختلف گانا اسٽيج تي ڳائي انجواءِ ڪري رهيا هئا هڪ نوجوان جديد سازن جي خوبصورت بِيٽ تي شيخ اياز جي وائي ڳائڻ شروع ڪئي. سندس آواز خوبصورت ۽ پرسوز هو. رابيل کي ان وائيءَ جو هڪ هڪ لفظ پنهنجي دل ۾ لهندي محسوس ٿيو:

ٽڙي پوندا ٽاريئين، جڏهن، ڳاڙها گُل الو ميان،

تڏهن ملنداسين!

رابيل جون نظرون حوض جي پاڻيءَ ۾ چنڊ جي عڪس تي کتل هيون. آهستي آهستي سندس اکين جي ڪنارن تي لڙڪ تارا بڻجي چمڪي رهيا هئا ۽ پوءِ هن سُر سامونڊيءَ جو هڪ بيت پڙهيو:

”اڄ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وَڃَڻَ جُون،
هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رَهَنِ،
آئون جهليندي ڪيترو؟ آيل سامونڊين،
پَڳَة ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.“
فيضان آهستگيءَ سان هن جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي چيو:

”ايڏي اداس نه ٿي، مون کي مُرڪي رخصت ڪر، نه ته منهنجي من تي بار رهندو.“

رابيل هن ڏانهن مرڪي ڏٺو هو، اکين ۾ لڙڪن جي آلاڻ هئي ۽ چپن تي مرڪ جي چانڊاڻ!

اها شام هميشه لاءِ رابيل جي دل ۾ زنده رهي... ها... زندگيءَ کان ورتل خوشين ڀري فقط هڪ شام ئي کيس ملي هئي.

فيضان ٻئي ڏينهن ئي آمريڪا روانو ٿي ويو ۽ اتي پهچندي ئي رابيل کي خيريت سان پهچڻ جو اطلاع ڏنو هئائين. رابيل اداس ته بيحد هئي پر هن پاڻ کي سنڀاليو ڇو ته فيضان طرفان سونپيل ذميواري کيس ئي نڀائڻي هئي. وقت گذرندو رهيو. رابيل پهرين کان بلڪل بدلجي وئي. هوءَ هاڻي بااعتماد ۽ باهمت ٿيندي پئي وئي. سندس ۽ فيضان جو ڪڏهن انٽرنيٽ تي رابطو رهندو هو، ڪڏهن وري فون تي. هڪ ڀيري فون تي ڳالهائيندي فيضان وري شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهيو:

”چئي ڪُن فَيَڪُون، جڏهن خلقِيا روحَ خداءِ،
گڏ جِتِ گذرانُ هو، جَڙَ لڳي تنهن جاءِ،
مون توهين سين آههِ، اها ساڃاءِ، سپرين!“

رابيل وري جواب ۾ سُر سامونڊيءَ جو هيءُ بيت پڙهيو:

”سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄڻَ سَفَرَ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وَڻِجارو اوهري.“
ائين وري ڪجهه وقت گذريو ته اوچتو ئي فيضان هن سان رابطو ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ته هوءِ بيحد پريشان ٿي وئي. نه ته هو نيٽ تي مقرر ڪيل وقت تي آن لائن هوندو هو. نه ئي سندس فون هُو اٽينڊ ڪندو هو. رابيل ڏاڍي پريشان ٿي وئي. تڏهن اوچتو هڪ ڏينهن کيس فيضان طرفان موڪيل اِي ميل ملي، جنهن ۾ هيءُ پيغام هو:

”رابيل! مون کي خبر آهي ته منهنجي رابطي نه رکڻ جي ڪري تون بيحد پريشان هوندينءَ، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي آءٌ ڪڏهن رابطو نه رکي سگهان ته پريشان نه ٿجانءِ، پنهنجو واعدو ياد رکجانءِ ۽ ها جلد ئي توکي هڪ سٺي خبر ملندي. ياد رکجانءِ منهنجي طرفان رابطو نه رکڻ کان پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن تنهنجي لاءِ تنهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشيءَ جو تحفو موڪليندس، پنهنجو خيال رکجانءِ.“

وقت گذرندو رهيو. ان وچ ۾ رابيل ان گذريل شام جي خوبصورت Painting به پينٽ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏي هئي. ڇهه ست مهينا ٻيا گذريا. اِي ميل کان پوءِ به هن هڪ ٻه دفعا نيٽ تي رابطو رکيو هو ۽ پوءِ فيضان جي طرفان وري کيس ڪو پيغام نه مليو هو. ڊاڪٽر احسن کيس خوشخبري ٻڌائي ته هوءَ هاڻي اڳي کان تمام بهتر هئي ۽ جلد ئي بالڪل نارمل ٿي ويندي. هوءَ يونيورسٽيءَ جي جاب سان گڏ ٽرسٽ جون ذميواريون به سنڀالي رهي هئي.

هڪ شام هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هئي ته بابا پيروءَ کيس اطلاع ڏنو ته آمريڪا مان فيضان جي ڀيڻ مسز احمد آئي آهي جنهن کي هو سِٽنگ روم ۾ ويهاري آيو هو. هوءَ تقريباً ڊوڙندي سٽنگ روم ۾ وئي ته هڪ گريس فُل ۽ خوبصورت عورت کيس ڏسي اٿي بيٺي. ساڻس گڏ ڇهن ستن سالن جو هڪ خوبصورت ٻار هو، هن کيس ڏسي چيو:

”توهين...رابيل آهيو؟“

”جي ها!“ رابيل چيو.

”رابيل، آءٌ مسز احمد آهيان...فيضان جي ڀيڻ.“ هن پنهنجو تعارف ڪرايو.

رابيل چيو:”جي ها! فيضان مون سان ذڪر ڪيو هو ته توهين آمريڪا ۾ رهنديون آهيو، پليز، ويهو نه.“

”آءٌ فيضان پاران توهان کي توهان جي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشي ڏيڻ آئي آهيان. سڃاڻو...هيءُ ڪير آهي؟“ مسز احمد ٻار جو هٿ پڪڙيندي هن ڏانهن وڌائيندي چيو.

”هيءُ...هيءُ... ڪير آهي؟“ رابيل حيران ٿي پڇيو.

”پنهنجي شان کي نٿا سڃاڻو؟“ مسز احمد مرڪندي چيو.

”ممي - ممي - “ چوندي ٻارڙو کيس چنبڙي پيو ۽ رابيل به هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو. سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا ۽ هوءَ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري مسلسل چئي رهي هئي ”شان!...شان....! منهنجو شان.“

ڪجهه دير بعد جڏهن هوءَ ڪجهه هوش ۾ آئي ته هن مسز احمد کان پڇيو:

”پر...مسز احمد... هيءُ توهان کي مليو ڪيئن؟“

مسز احمد هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو:”رابيل! اها هڪ تمام ڊگهي ڪهاڻي آهي. نيويارڪ جهڙي شهر ۾ ائين ڪنهن کي ڳولهڻ ايڏو آسان ڪم نه هو پر فيضان ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ هو ته ڪيئن به ڪري هُو تنهنجي زندگيءَ جي واحد سهاري ۽ خوشيءَ کي ڳولهي رهندو. هن جي پيءُ کي به اسين تمام مشڪل سان قائل ڪري سگهياسين. هن اتي هڪ آمريڪن عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ڪافي حد تائين هن جا هوش ٺڪاڻي اچي چڪا آهن. مشرقي زال تي رعب ۽ حڪم هلائيندڙ مرد آمريڪن زالن سان سِڌا هوندا آهن. کين گهر جو ڪم به ڪرڻو پوندو آهي ۽ زال ڊيوٽيءَ تي هجي ته گهر ۽ ٻار به سنڀالڻا پوندا آهن. سندن سڄي آڪڙ نڪري ويندي آهي. بهرحال هُو اتي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان سيٽ آهي. سندس آمريڪن زال شان کي پاڻ سان گڏ رکڻ تي تيار نه هئي انڪري شان کي پيءُ بورڊنگ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. منهنجي ۽ فيضان جي ڪيترن ئي ڏينهن جي ڪوشش سان اسين کيس قائل ڪري سمجهائي سگهياسين ته شان جي سڳي ماءُ ئي هن جي بهتر تربيت ڪري سگهي ٿي. رابيل! هيءُ تمام سمجهدار ۽ ذهين ٻار آهي. هن کي اسان تو بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي ۽ سمجهائي ڇڏيو آهي. ڏس ڪيئن نه توکي ڏسندي ئي توکي ”ممي“ چئي چنبڙي پيو.“

اهو چوڻ کان پوءِ مسز احمد رابيل جي ويجهو آئي ۽ سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳي:

”فيضان کي تنهنجي اڪيلائيءَ جو تمام گهڻو احساس هو. هن توسان شادي انڪري نه ڪئي ته کيس خبر هئي ته هو گهڻو وقت تنهنجو ساٿ ڏئي نه سگهندو. هو تنهنجو ايڏو ذڪر ڪندو هو ۽ کيس توسان ايڏو شديد پيار هو... ۽ جيئن هن ٻڌايو هو تون اهڙي ئي آهين بلڪه ان کان به گهڻي پياري جو آءٌ توکي پنهنجي هٿن سان فيضان جي ڪنوار بڻائي وٺي اچان ها پر.... پر (هن روئندي چيو) سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي.

”ڇا....ڇا....!؟؟“ رابيل کي اهو سڀڪجهه ٻڌندي ئي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس دماغ ڀنواٽيون کائي رهيو هجي، هن مسز احمد جا ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙي ڏڪندي چيو، ”ڇا مطلب آهي توهان جو.“

مسز احمد کيس پنهنجي سيني سان لائيندي چيو:”مون کي خبر آهي ته هن توکي ڪجهه به نه ٻڌايو هوندو.... هو ائين ئي هوندو هو، جڏهن اڃا هو آمريڪا ۾ هو، ڪجهه سال اڳ ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي، اهڙي جو ٺيڪ نه پئي ٿئي، پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ مڪمل رپورٽون ڪرائڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته کيس بلڊ ڪينسر هو. هن جو مسلسل علاج ٿيو ۽ هو ڪافي حد تائين ٺيڪ به ٿي ويو پر ڊاڪٽرن کي اهو شڪ هو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ جيڪڏهن وري اها بيماري اٿلي پئي ته پوءِ هن جو بچڻ مشڪل هو. فيضان کي اهو سڀڪجهه ٻڌي هر وقت اهو فڪر رهندو هو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ پنهنجي مٽيءَ جو قرض لاهي. هتي هو ان ئي سلسلي ۾ آيو هو ۽ پوءِ ٽرسٽ ٺاهڻ کان پوءِ هو ڪافي مطمئن هو، ڇو ته هتي سندس طبيعت خراب ٿيڻ کان پوءِ هو سمجهي ويو هو ته هاڻي هن وٽ وقت تمام گهٽ هو. آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي گهڻين ڪوششن جي ڪري هو ڪجهه مهينا ئي جي سگهيو. هن سوچيو ته هو ته توکي ڪا خوشي ڏئي نه ٿي سگهيو ۽ سهارو بڻجي نه ٿي سگهيو، ان لاءِ هن ڏينهن رات ڪوششون ڪري شان کي ڳولهي هٿ ڪيو.“

ان سڄي ڳالهه دوران رابيل سڏڪي سڏڪي روئندي رهي. هوءَ ايڏو رني جو ذري گهٽ بيحال ٿي وئي ۽ پوءِ سُڏڪندي چيائين:

”توهان مون کي ڇو نه ٻڌايو؟ هو ايڏي تڪليف ۾ رهيو ۽ آءٌ بيخبر رهيس. مون کي نئين زندگي ڏئي پاڻ منهنجي زندگيءَ مان نڪري اڪيلو ڪري ويو؟“

مسز احمد شان جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو:

”نه، هو توکي اڪيلو نه ڇڏي ويو آهي، ڏس تو وٽ ته هِن کي ڇڏيو اٿس.“

پوءِ ٿوري دير ۾ ماسي، پيرو بابا، گُلان ۽ شفن سڀ اتي پهچي ويا. عجيب منظر هو. هڪ طرف ته هو سڀ شان کي ڏسي خوش هئا ته ٻئي پاسي فيضان بابت ٻڌي بيحد غمگين ٿي ويا هئا. خوشيءَ ۽ غم جو عجيب سنگم هو. رابيل کي ڪهڙي خبر هئي ته هن ڀيري هن فيضان سان گڏجي سندس آخري جنم ڏينهن ملهايو هو.

ڪجهه ڏينهن بعد مسز احمد واپس آمريڪا هلي وئي ۽ چوندا آهن ته وقت سڀ کان وڏو مرهم هوندو آهي. رابيل ڏاڍو رُني هئي پر وڃڻ وارا موٽي ته نه ايندا آهن، روئڻ سان کيس رهي رهي هيءُ بيت ياد پوندو هو:

”مار پونئي موت، تون بي مُند آهين،
گهائين اهڙا گهوٽ، جن مُند نه مرڻ جي!“

ان رات هوءَ شان سان ڳالهيون ڪندي رهي ۽ هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي سمهي رهيو. تڏهن رابيل اٿي هئي ۽ سندس ڪمري ۾ لڳل اها خوبصورت Painting ڏسڻ لڳي جنهن ۾ هن فيضان سان گهاريل آخري شام جو عڪس چٽيو هو. هن پنهنجي منهن ڳالهايو:

”فيضان! تون ڪيڏو عظيم آهين، ٻين کان ڪيڏو مختلف. تون ته ويندي ويندي به مون کي هڪ خوشي نه پر زندگيءَ جي نويد ڏئي وئين.

آءٌ هن وقت عجيب صورتحال ۾ آهيان، روئڻ چاهيان ٿي ته منهنجي اکين جي اڳيان شان جو چهرو اچي ٿو وڃي ۽ شان کي پائي کِلڻ چاهيان ٿي ته تون منهنجي سامهون اچي ٿو بيهين. شان مون کي تنهنجي موت جي خبر سان مليو. نه نه.... تنهنجي موت جي خبر مون کي شان سان گڏ ملي. اُف...! هيءُ سڀ ڇا آهي، رئان يا کلان....؟!!“

پوءِ هن الماريءَ مان فيضان جي ڏنل واچ ڪڍي ۽ وري Painting  جي اڳيان اچي بيٺي ۽ پوءِ هن واچ کي چميو. سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هن جي ذهن ۾ هيءُ بيت گونجي رهيو هو:

”ڇني گل گلاب جا، ڪيئي ڌارون ڌار،
اڙي موت، ميار! ايڏو ساڙ سڳنڌ سان؟!“

....۽....پوءِ.... اوچتو هوا جي زوردار جهُوٽي پردن کي لوڏي ڇڏيو ۽ رابيل کي محسوس ٿيو ته دريءَ مان ايندڙ هر جهُوٽو پاڻ سان گڏ گلابن جي خوشبو کڻي پيو اچي ۽ پوءِ سندس ڪنن ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون ۽ پکين جا مٺڙا گيت گونجڻ لڳا ۽ هن Painting ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ واچ کي پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي، ڳوڙها ڳاڙيندي چيو:

”تون...تون...ته مون وٽ آهين. واقعي تو سچ چيو هو ته پاڻ الڳ ٿي ئي نه ٿا سگهون. آءٌ محسوس ڪريان پئي فيضان!.... تون اتي ئي آهين، مون وٽ...منهنجي اندر.“

ڪجهه سالن کان پوءِ

شانَ جي اچڻ کان پوءِ رابيل جي گهر ۾ رونق ۽ نئين زندگي اچي وئي هئي. هو اسڪول وڃڻ لڳو هو ۽ رابيل کيس اسڪول ڇڏي يونيورسٽيءَ هلي ويندي هئي ۽ شام جو وري آفيس. هاڻي هوءَ نه فقط شهر جي پر صوبي ۽ ملڪ ۾ به سوشل ورڪر جي طور مشهور شخصيت بڻجي چڪي هئي ۽ فن جي دنيا ۾ پڻ وري اچي چڪي هئي ۽ پنهنجين تصويرن جا نماءَ به ڪرائي چڪي هئي. فيضان جي قائم ڪيل ٽرسٽ تحت ڪجهه پروجيڪٽ تمام سٺي طرح ڪم ڪري رهيا هئا. هاڻي هوءَ هڪ بهتر ۽ مصروف زندگي گذاري رهي هئي.

هڪ شام هوءَ گهر جي ورانڊي ۾ ويهي چانهه پيئڻ سان گڏ شان، شفن ۽ بابا پيرو کي لان ۾ ڪرڪيٽ راند ڪندي ڏسي رهي هئي ۽ گلان کي رات جي مانيءَ بابت سمجهائي رهي هئي. ان وقت رابيل دل ۾ سوچي رهي هئي ته هاڻي واقعي هيءُ گهَرُ گهَرُ ئي لڳي ٿو. ايستائين پنهنجي ڪمري مان ايندڙ فون جي رِنگ ٻُڌي ته هن جلديءَ سان چانهن جو مگ خالي ڪري اتي رکيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ اچي فون جو رسيور کڻي هيلو چيو. ٻئي پاسي ڪا ڇوڪري ڳالهائي رهي هئي. هن چيو:

”مون کي ميڊم رابيل سان ڳالهائڻو آهي.“

”جي! آءٌ ڳالهايان پئي.“ هن چيو.

”ميڊم! منهنجو نالو فائزه حسين آهي. آءٌ نئين آرٽسٽ آهيان. مون هيستائين ڪجهه گروپ نمائن ۾ حصو ورتو آهي ۽ اڳئين هفتي منهنجي ٺاهيل تصويرن جو سولو نماءُ ٿي رهيو آهي. منهنجي شديد خواهش آهي ته توهان منهنجي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪريو، ڇو ته توهين منهنجيون آئيڊيل آهيو. آءٌ توهان جي فن ۽ شخصيت کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ڇا منهنجي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ توهين منهنجي لاءِ ڪجهه ٽائيم ڪڍي سگهندا؟“ فائزه چيو.

”توهين ايڏي پيار ۽ خلوص سان سڏينديون ته ڇو نه اينديس! ضرور اينديس“ رابيل چيو.

”اوهه ٿئنڪ يو، سڀاڻي توهان سان ملڻ به اينديس ۽ پرسنلي ٿئنڪس به ڪنديس. مون کي توهان سان ملڻ جو بيحد شوق آهي، ڇو ته توهان نه فقط پنهنجي تصويرن ۾ آرٽسٽ جي حيثيت سان سماجي اڻبرابرين، برائين ۽ ناانصافين کي Paint ڪيو آهي، پر هڪ عظيم سوشل ورڪر جي حيثيت سان انهن مسئلن جي حل لاءِ پڻ عملي طرح ڪم ڪيو آهي.“ فائزه هڪ ئي ساهه ۾ چيو ته رابيل کلندي چيو:

”ضرور اچجو! آءٌ توهان جو انتظار ڪنديس.“

ان ڏينهن فائزه حسين جي تصويرن جي نماءُ جي موقعي تي سڄو هال ماڻهن سان ڀريل هو ۽ پروگرام جي افتتاحي تقريب جي رسمي ڪاروائين کان پوءِ جڏهن رابيل کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ سڏيو ويو ته سڀئي سندس احترام ۾ اٿي بيٺا ۽ سڄو هال تاڙين جي آواز سان ٻُرڻ لڳو، جڏهن هن اسٽيج تي اچي پنهنجي جاءِ سنڀالي ته تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو. مختلف شخصيتن اچي نوجوان آرٽسٽ، فائزه حسين جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهايو ۽ پوءِ خاص مهمان رابيل کان اڳ ۾ تاڙين جي گُونج ۾ فائزه حسين کي مائيڪ تي سڏيو ويو ته هن ڊائس تي اچي ڳالهائڻ شروع ڪيو:

”آءٌ توهان جو گهڻو وقت نه وٺنديس، ڇو ته ڪجهه دير اڳ مختلف شخصيتن ڪافي ڪجهه ڳالهايو آهي مون بابت. آءٌ فقط اهو ٻڌائڻ چاهينديس ته هيستائين آءٌ جيترو به ڪم ڪري سگهي آهيان ان جو ڪريڊٽ فقط مون کي نه ٿو وڃي پر جيڪڏهن منهنجو جيون ساٿي...حُسين!... منهنجو قدم قدم تي ايڏو ساٿ نه ڏئي ها. هن منهنجي صلاحيتن کي دٻائڻ بدران منهنجي همٿ افزائي ڪئي. هن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڇوڪريون ڪم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر اينديون آهن ته انهن جو واسطو سٺن ۽ خراب ماڻهن سان پوندو آهي. مون سان به ائين ٿيو ۽ ڪڏهن مون کي نماءُ ڪرائڻ لاءِ شهر کان ٻاهر وڃڻو پوندو هو ۽ بحيثيت ڇوڪريءَ جي مون کي اڪيلي سر ماڻهن سان منهن ڏيڻ ڏکيو هجي ها جيڪڏهن هر قدم تي حسين مون سان گڏ نه هجي ها. هڪ شادي شده ڇوڪري/عورت مٿان ته اڃا به وڌيڪ ذميواريون ۽ پابنديون هونديون آهن. مون کان به پنهنجي فن جي شوق خاطر ڪي ڪوتاهيون ٿيون هونديون، پر انهن تان بجاءِ ناراض ٿيڻ جي حسين مون سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. جڏهن منهنجا فين، يا ميڊيا جا نمائندا مون سان ملڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ چاهيندا آهن ته حسين ڪڏهن به روايتي مردن جيان اعتراض نه ڪيو، پر مون کي ڀرپور اعتماد ڏيندو رهيو آهي. منهنجو اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته جڏهن هن سماج ۾ عورتن کي ذهني سڪون ملندو ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ پيئرن ۽ شادي شده عورتن کي پنهنجن گهر وارن طرفان ڀرپور Support ملندي تڏهن ئي هو پُراعتماد ٿي سگهنديون ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهنديون ۽ سوسائٽيءَ جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار به اهڙين ڇوڪرين يا عورتن تي آڱر کڻي نه سگهندا آهن بلڪه هر جاءِ تي کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. آءٌ به انسان آهيان، مون ۾ به ڪمزوريون ۽ اوڻايون آهن پر انهن تي مون کي طعنا ڏيڻ جي بجاءِ، حُسين هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي آهي. دوستن وانگر مشورا ڏنا آهن. مطلب ته مون کي ڀرپور ذهني ۽ جذباتي Support ڏني آهي. آءٌ آخر ۾ حُسين لاءِ لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهنديس:

”ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيترا، مُون وَرُ وڏِي وَٿُ،
مَٿان ڏئي هَٿُ، جَنهن عَيبَ مُنهنجا ڍڪيا.“

سڄو هال تاڙين سان گونجڻ لڳو. ۽ پوءِ تقريب جي خاص مهمان رابيل کي ڊائس تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ته ٻيهر هال تاڙين سان گونجي ويو. رابيل ڳالهائڻ شروع ڪيو.

”فائزه هڪ خوبصورت، نوجوان ۽ اڀرندڙ آرٽسٽ آهي. پاڻ آرٽسٽ هئڻ سان گڏ هڪ سٺي زال ۽ ماءُ به آهي. ان ننڍيءَ عمر ۾ سندس ڪم جي پختگي ڏسي آءٌ حيران آهيان. سندس فن ۾ گهرائي ۽ جدت آهي ۽ هن اسان جي سوسائٽيءَ جي اهم موضوعن کي اجاگر ڪيو آهي. غربت هجي يا دهشتگردي، عورتن جو درد هجي يا وري ڳوٺاڻي زندگيءَ جا مختلف منظر يا وري نيچر، هن هر موضوع سان ڀرپور نموني نڀايو آهي. هيءَ ته هئي سندس فن جي ڳالهه، جنهن تي اڳ ۾ ئي مختلف شخصيتون ڳالهائي چڪيون آهن. سندس ڪم کان هٽي مون کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو آهي اهو آهي سندس اعتماد ۽ Boldness ... ۽ ان جو سبب پاڻ ٿوري دير اڳ ٻڌائي چڪي آهي. مون به حسين سان ڳالهايو آهي. کيس هن نماءُ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ قدم قدم تي فائزه جو ساٿ ڏيندي ڏٺو آهي. کيس پنهنجي زال جي حوالي سان سڃاڻپ تي ڪاوڙ نٿي لڳي پر هو ته ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪري ٿو. مون کي فائزه منهنجي پنهنجي ذات جي تڪميل ٿي لڳي. منهنجن خوابن جي تعبير ۽ منهنجي فن جو تسلسل. جڏهن آءٌ ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي هئس ۽ هاڻي جڏهن فائزه جو دور آهي، انهن ٻنهي دورن جي ڀيٽ ڪرڻ سان مون کي اندازو ٿيو آهي ته هاڻي اسان جي ماڻهن جي سوچ ۽ روين ۾ سست ئي سهي پر تبديلي اچي پئي ۽ ادب، آرٽ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي خراب نظرن سان ڏسڻ جي بجاءِ سندن صلاحيتن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي. وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايڏي ترقي ڪئي آهي جو پوري دنيا global village ۾ بدلجي وئي آهي، انڪري هاڻي مردن ۽ عورتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي ذهنيت کي بدلائڻو آهي ۽ ڇوڪرين يا عورتن کي خوفزده ڪري Discourage ڪرڻ بجاءِ کين اڳتي آڻڻو آهي ۽ اهو تسليم ڪرڻو آهي ته عورت به انسان آهي. هن جي به پنهنجي ڪا شخصيت آهي، سوچ آهي، خواب آهن ۽ صلاحيتون آهن. بهرحال وقت ۽ حالتن ۾ تبديلي اچي پئي ۽ ايندي رهندي. پوءِ چاهي ڪو ان کي خوشيءَ سان قبول ڪري يا نه... پر قبول ته ڪرڻي ئي پوندي ته پوءِ ڇو نه اسان سڀ ملي هن سماج ۾ هاڪاري ۽ سٺي تبديلي پاڻ ئي پنهنجن هٿن سان آڻيون...! مهرباني.“

هڪ ڀيرو وري هال تاڙين سان گونجي ويو. ۽ ڪجهه دير کان پوءِ فائزه جي هڪ پاسي رابيل هئي ۽ ٻئي پاسي حسين، ۽ هوءَ بيحد خوش هئي. رابيل نماءُ جي Opening ڪئي. پروگرام بيحد شاندار رهيو ۽ پوءِ رات جو اها تقريب ختم ٿي ته رابيل به فائزه کان موڪلائڻ آئي. فائزه گيٽ تائين کيس ڇڏڻ آئي. ٻاهر لان ۾ چنڊ جي چانڊوڪي پکڙيل هئي، جنهن گلن، ٻوٽن ۽ وڻن ۽ ساوڪ جي منظر کي هڪ پراسرار خوبصورتيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو هو. فائزه کيس چيو:

”مئڊم، آءٌ توهان جي بيحد ٿورائتي آهيان، توهان منهنجي لاءِ ايڏو وقت ڪڍيو ۽ منهنجي همٿ افزائي ڪئي.“

رابيل مرڪي چيو:”مهرباني وري ڇاجي...؟

 Wish you best of luck!

”اوهه! مئڊم توهان پرس کوليو ته هيءَ واچ ان مان ڪري پئي آهي. ڪيڏي نه خوبصورت واچ آهي. ڪرڻ جي ڪري شايد بند ٿي وئي آهي.“ فائزه زمين تان واچ کڻي کيس ڏيندي چيو.

رابيل هن کان واچ وٺي چيو:”نه فائزه، اها بند ڪانهي ٿي پر ان ۾ وقت محفوظ ٿي ويو آهي.“

”ڇا مطلب؟“ فائزه حيران ٿي پڇيو.

رابيل اداس ٿي چيو:”تون نه سمجهندينءَ فائزه.“

اوچتو هوا جو هڪ زوردار جهوٽو لڳو ته رابيل حيران ٿي اوسي پاسي ڏٺو ۽ پوءِ فائزه کان پڇيائين:

”فائزه توکي هوا جا خوشگوار جهوٽا لڳندي محسوس ٿين پيا؟“

”ها.“ فائزه چيو.

”...۽ توکي ائين محسوس نٿو ٿئي ته چنڊ جي چانڊوڪي اڳي کان به وڌيڪ چِٽي ٿي وئي آهي؟“ رابيل خوابناڪ لهجي ۾ چيو.

”شايد.“ فائزه گُمُ سُمُ ٿي چيو.

”...۽ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ معمول کان وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي...۽...۽...فضا ۾ گلابن جو هڳاءُ آهي، ڪنن ۾ سُريليون ٽليون پيون وڄن... پکين جا مٺڙا گيت... ٻڌين پئي....؟“

...۽ پوءِ فائزه کي پريشان ڏسي هن واچ کي مضبوطيءَ سان پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيندي کلندي چيو:

”مون کي خبر آهي ته تون اهو سڀ محسوس نٿي ڪري سگهين. فقط آءٌ ئي محسوس ڪري سگهان ٿي. چڱو فائزه اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو آيو جنهن سان ملڻ کان پوءِ توکي زندگيءَ سان پيار ٿي ويو هجي؟“

فائزه مُرڪي چيو:”جي ها مئڊم. اهو شخص حسين آهي ۽ جيڪڏهن توهان مائنڊ نه ڪريو ته ساڳيو سوال آءٌ توهان کان پڇان؟ اهڙو ڪو شخص توهان جي زندگيءَ ۾ آيو؟“

”ها.“ رابيل چيو.

”ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟“ فائزه پڇيو.

”هو هتي ئي آهي... مون وٽ...“ رابيل چيو.

”ڪٿي آهي؟“ فائزه اوسي پاسي ڏسندي چيو.

رابيل خوابناڪ لهجي ۾ چيو:      ”تون نه سمجهي سگهندينءَ... اهي روح جا رشتا آهن جن کي هرڪو سمجهي ۽ محسوس نٿو ڪري سگهي... چڱو آءٌ هلان پئي... سدائين گَڏُ!“

رابيل فائزه کي اتي حيران ۽ پريشان ڇڏي هوريان هوريان وِکون کڻي وڃڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com