سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :1

ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

سيد حسام الدين راشدي

 

ڳاَلِهيوُن ڳوَٺَ وَڻنَ جوُنُ

 

 جاگرافي

پيش لفظ

هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ اسان جي دور جو هڪ اهم ڪتاب آهي. گذريل تقريباً ڏيڍ سـؤ سالن جو عرصو سنڌي معاشري لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تهذيبي بالا دستيءَ کان قدم بقدم آجائيءَ، ۽ اُن جي پنهنجي وجود، پنهنجي ذات، جي وڌندڙ شعور ۽ جوهر شناسيءَ جو عرصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ عرصو، وري به، سنڌي معاشرو ڌارينءَ تهذيبي بالا دستيءَ کان پوريءَ طرح آجو نه رهيو، پر هن ڀيري جنهن حڪمران تهذيب سان ان جو واسطو رهيو، اُها اڳيئن زوال يافته ۽ پاروٿين بالادست تهذيبن جي ڀيٽ ۾ هڪ جدت پسند ۽ ڪشادءِ ذهن تهذيب هئي، ۽ انهيءَ ڪري اُن نه فقط پنهنجي تازه دم علم ۽ ادب جا دروازا سنڌي معاشري لاءِ کليل رکيا ۽ ائين پنهنجي سڄي جديد عالمي تجربي جي حاصلات کي استفادي لاءِ اُن جي آڏو آندو، پر اُن جي پنهنجي تهذيبي اظهار ۽ سماجي فروغ لاءِ اُن جي ٻوليءَ کي بنيادي ذريعو تسليم ڪرڻ سان اُن لاءِ علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ ۽ پڻ زندگيءَ جي ٻئي هر شعبي ۾ اُن جي ذاتي اقبال منديءَ ۽ پاڻ ڀرائيءَ جا موقعا پيدا ڪيا. اُن سلسلي ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾، تعليمي زبان طور، وڏو تعداد خاص طرح جديد علمي ڪتابن جو تيار ٿيو؛ اعليٰ ادبي ڪتاب_ شاعريءَ جا ۽ نثر جا_ گڏ ٿيا، ڪيئي ترجما ٿيا، سنڌي رسم الخط وجود ۾ آيو، سنڌي ٽائيپ ايجاد ٿي ۽ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهيو ۽ سنڌي شارٽ هئنڊ ايجاد ٿي، جُڳن کان لڪل ۽ وسري ويل قديم آثار ڳولي پنهنجا ڪيا ويا، ۽ صدين کان محفوظ صدري روايتون دل جي ڪَنن سان ٻڌيون ويون ۽ اُنهن جي عظمت ۽ حڪمت کي ساهه سان سانڍيو ويو_ ۽ ائين سنڌي معاشري پنهنجي پاڻ تي نگاهه وڌي، پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻُ_ ان تي خوش ٿيڻ ۽ پڻ شرمائڻ_ شروع ڪيو، پنهنجي حال جو جائزو ورتو ۽ آئيندي جا خواب لڌا، ۽ اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ هڪ پاسي ان پنهنجي وٿُ جي ڪَٿَ ڪئي ۽ ٻئي پاسي دنيا جي قومن ۾ پنهنجي جڳهه تلاش ڪندي، پنهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن نقش، ڪنهن ڍنگ، ڪنهن رخ جي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قومي خود آگهيءَ جي هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي مهم ۾، ڪيترن پنهنجن ٻين لائق ۽ فائق هم قوم عالمن، اديبن ۽ محققن جي صف ۾ بيهي، هڪ منزل تي، راشدي برادران به پنهنجو ڀوکپور حصو ادا ڪيو_ ۽ اُن ۾ هن ڪتاب جي صاحب، اسان جي محترم دوست ۽ بزرگ، ميان حسام الدين، جي ستيا ۽ سر سٻيتائي، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي ته اڄ به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ سِڌانت سروپ روشن مشعل شمارجي ٿي. هيءُ سندن ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، جنهن ۾ سندن عرق ريزيءَ جو جَسته جَسته ۽ ٽڙيل پکڙيل، پنجاهه سالن جي لاڳيتيءَ مدت جو پڪل ۽ پيش ڪيل ثمر (1930ع ۾ لکيل ”محمد عارف ’صنعت‘ شڪار پوري“ کان 1980ع ۾ لکيل ”ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ تائين) گڏ ڪيل آهي، سندن لڳاتار ۽ آڻٿڪ فڪري ڪاوش جو هڪ پڌرو رڪارڊ آهي، ۽ اُن ۾ سنڌ جي اُن تقريباً ڏيڍ سـﺆ سالن جي طويل خود آگهيءَ جي مهم جو عڪس به پڙهي سگهجي ٿو.

تازو مون هڪ هنڌ پڙهيو ته بلغاريه ملڪ جي دارالحڪومت جي قومي نشانن واريءَ ڍال تي هيءُ قول اُڪريل آهي ته ”هيءُ [رياست] وڌي ٿي، وڏي ٿئي ٿي، پر پوڙهي ڪانه ٿي ٿئي.“ بلغاريا جي رياست کي قائم ٿئي 1300 سال ٿيا ۽ هن سال اُن پنهنجو 13_ سئون سالگرهه ملهايو. دنيا جا ٻيا ڪيئي ملڪ ۽ اُنهن جون رياستون به شايد اهڙي ڪا دعوا ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن به ٿيون: پر سوال آهي ته جڏهن تاريخ جي عام فتوا، ۽ پڻ حقيقت، انهي ڳالهه جي اُبتڙ آهي، ته پوءِ اِها قومن ۽ رياستن جي ڪڏهن پوڙهٻي نه ٿيڻ جي دعوا ڇو ٿي ڪئي وڃي! اها به حقيقت آهي ته ’هرشيءَ وقت سان گڏ هلي ٿي، نه ته وقت اُن کي هلائي ڇڏي ٿو‘، ۽ ڪيتريون رياستون ۽ قومون آهن، جي وقت سان گڏ نه هلڻ سبب، وقت جي هٿان ڌڪجي، رستي کان هٽي، کڏ ۾ ڪري، ختم ٿي وڃن ٿيون. ۽ هيڏانهن اسان جي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به اِها دعوا ڪري ٿي ته اُها، ڪي سَوَ ته ڇا، ڪيئي هزار سال قديم آهي! ته ڇا، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به وڌي آهي، وڏي ٿي آهي، پر پوڙهي نه ٿي آهي؟ ۽، واقعي، پوڙهپڻ کان پوءِ شين جو خاتمو به ته لازمي آهي! هڪڙي انگريز شاعر جا لفظ، انهيءَ سلسلي ۾، مون پڙهيا، جيڪي ڏاڍا سوچڻ ۽ دل سان لائڻ جهڙا لفظ آهن. پنهنجي ملڪ انگلنڊ ۽ پنهنجي قوم انگريز بابت اهڙي ئي ”ڪڏهن پورهي نه ٿيڻ“ جي ڳالهه ڪندي، هُن دعوا ڪئي_

The glory of my land is the secret of youth,

To see at every sunrise, a new horizon…

To make the voyage of history

Through a perpetual sea_spring.”

(”منهنجي ديس جي مهما، اُن جو جلال، اُن جي جوانيءَ جو راز آهي_ هر نئين سج، اُن جي نگاهه هڪ نئين اُفق تي پوي ٿي...

۽ تاريخ جي بحر تي اُن جو سفر،

بحر تي سدا موجود بسنت رُت ۾ جاري آهي.“)

هيءَ نئين سج نئين اُفق رتي نگاهه، هيءُ زندگيءَ جي سفر جو، سدا بهار جي ترنگ ۾، جاري رهڻ_ واقعي وڌڻ ۽ وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ، جهڙي ڳالهه آهي: قومي خيال کان ۽ پڻ انفرادي خيال کان ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ ناتو قائم رهي ٿو_ قوم جو ته پڌري پَٽ، پر فرد جو موت کان پوءِ روحاني (فڪري، ذهني، تهذيبي) ورثي سان ڀائيوار هئڻ جي صورت ۾_ ۽ اُنهيءَ ئي انداز ۾ ساڳئي ملڪ بلغاريا جي خان اومر تاغ (814ع _ 831ع) جو ڇڏيل پيغام اڄ به سمجهي سگهجي ٿو: ”حافظي کي موت تي فتح حاصل هئڻ کپي، انسان سٺي زندگي گذارڻ جي باوجود مري ٿو وڃي ۽ ٻيو انسان جنم ٿو وٺي_ پوءِ جي جنم وٺڻ واري کي اِهو ياد رکڻ کپي.“ پر هيءَ ”موت تي حافظي جي فتح“، هيءَ ”انسان جي سٺي زندگي“، هيءَ .”سدا موجود بسنت رت ۾“ اڳتي وڌندڙ زندگي، فقط ۽ فقط آزاديءَ جي زندگي يا آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي زندگي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اُهائي پُراعتماد ۽ پُراميد زندگي آهي_ ۽ فرد جي توڙي قوم جي ”جوانيءَ جو راز“ به اهو ئي آهي. ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اُنهيءَ سدا جوان (_اِنهيءَ ڪري، سدا حيات) زندگيءَ جي ڳولائن ۽ سيڪڙاتن لاءِ آزاديءَ جي سکيا_ گهر ۾ سُو رائتي سبق پرائڻ بلڪ سوريءَ سزاوار ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ڪونهي_ ڇو ته آزادي يا آزاديءَ لاءِ قرباني ئي هڪ بيمار قوم جي روح کي اعتماد ۽ اميد سان آباد ڪري ٿي، آزادي ئي ان کي انهن سڀني آزارن مان ڇڏائي سگهي ٿي، جن ۾ اُها هر وقت ڦاسندي ۽ سڄو وقت لڇندي ۽ ڦٿڪندي رهندي آهي_ آزادي ئي آهي، جا غلام قوم جي سڀني سورن، سڀني آزارن جو پختو ۽ پورو علاج آهي. غلاميءَ ۾ قومون پنهنجن آزاد اديبن، عالمن ۽ محققن کان محروم نه هونديون آهن، ۽ اُهي ئي هوندا آهن، جيڪي قوم جي اڄ جو رشتو اُن جي ڪالهه سان ڳنڍي، ائين ان جي حافظي کي جاڳائي، ان جي اجتماعي تشخص کي اُجاگر ڪندا آهن، آزاديءَ جي بشارت سان اُن ۾ نئون ساهه وجهندا آهن، ۽ ائين ان جي تاريخ لکندا به آهن ۽ تاريخ بنائيندا به آهن.

تاريخ کي، يعني وقت کي، حقيقتن کي قائم ڪرڻ ۽ بدلائڻ جي وڏي قوت آهي. سماجي نقطي نگاهه کان، تاريخ يا وقت جي اها قوت انسانن کي ئي استعمال ڪرڻي آهي ۽ انسان ئي استعمال ڪن ٿا. ابتدا کان اڄ تائين، انسان پنهنجي سڄي زندگي ۽ اُن جون حقيقتون ائين وڌايون آهن، قائم ڪيون آهن ۽ بدلايون آهن. ۽ اُن لاءِ هن جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي خيال ئي هن کي هر ڪرامت ۽ هر قدرت جو ڪم ڏنو آهي. خيال ئي آهي، جو تقدير جي انڌ ۽ پاڻ زورائيءَ خلاف سينو سِپر ٿي بيهي ٿو ۽ ان کي بدلائي ٿو، قبضي ۾ رکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو. هونئن ته تاريخ جا اڻ ڳڻيا ۽ انيڪ سبق آهن، جيڪي انسانن کي اُها سيکاري ٿي، ۽ ان جي سبقن جي اها ڪثرت ۽ انيڪتا ئي، هيڪر ته، ڪمزور ۽ تابع قوم کي منجهائي ۽ ملول ڪري ٿي ڇڏي_

گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيٻين....

پر تاريخ جو مطالعو، بهرحال، غلام قوم لاءِ بيحد اهم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ان کي هڪڙو سبقن جو سبق_ قومي ٻڌيءَ جو سبق_ سيکاري ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي ان جو بنياد به مهيا ڪري ٿو ڏئي، جنهن بنياد جي ان کي گهڻي ضرورت هوندي آهي. محڪم ۽ وقت جي پاتار ۾ کُتل ڪو خيال ئي هوندو آهي، جيڪو خاص طرح ڌُڪيل انسانن مردن ۽ عورتن، ۽ سڄين قومن، کي تختي جو، تُرهي جو، سالم ٻيڙي جو ڪم ڏيندو آهي، جنهن تي هو وقت ۽ حادثي جي آرَ تي ترندا آهن ۽ ان جي اجهاڳ وَهه مان نڪري اڳتي ٿيندا آهن. اهڙو ڪو بنيادي ۽ وقتائتو خيال، اهڙي ڪا محڪم قومي شناس ۽ سمڪ به انهن کي سندن تاريخ جي مطالعي مان ملندي آهي_ تاريخ، جنهن کي جڳ مشهور تاريخدان، ايڊورڊ گِبن، A great panorama of a people’s fate  (”ڪنهن قوم جي تقدير جو وسيع مانڊاڻ“) ٿو سڏي_ ۽ پوءِ هو اُهو ڪجهه ڪندا آهن، جو باندي انسان تاريخ جي هر دﺆر ۾ ڪندا آيا آهن ۽ جيڪو باندي انسانن جو بنيادي ۽ جنمي حق آهي، جنهن کي آمريڪي شاعر، والٽ وِٽمئن ”او بغاوت جا ازل کان موجود مخفي حق!“ چئي، پاڻ ڏانهن ۽ دنيا جي باندي انسانن جي واهر لاءِ، پڪاريو آهي.

انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي پنهنجي آزادي پسند روايتن کان واقف ڪيو. يورپ تيسين پنهنجي جديد تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽ وڏا قدم کڻي چڪو هو، جن اُن جي قومن کي سچ پچ به ته سرخاب جا پَر لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اُهي دنيا جي قومن ۾ سرخروئيءَ ۽ انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار هيون. اُهي پنج قدم انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا قدم به ڪونه هئا، پر واقعي اهي غير معمولي، بلڪ عصر آفرين قدم هئا_ ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين سر، تاريخ جي، وقت جي، اُها قوّت حاصل ٿي چڪي هئي، جنهن سان اُن جا ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي بدلائي به ۽ قائم به ڪري ٿي سگهيون. ان جا اهي قدم هي هئا: سجاڳي (1500_1400 (Renaissance, اصلاح (1600_1500(Reformation,  صنعتي انقلاب (1700_1600 Revolution (Industrial  آمريڪا جي جنگ آزادي_ 1776ع، ۽ فرينچ انقلاب_ 1789ع. سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ”ذهني انقلاب جي تحريڪ“ به سڏجي ٿو، تنهن يورپي معاشري جي آڏو انساني فڪر ۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون مسئلو هيءُ هو ته علم، پنهنجي سرشٽيءَ ۽ اوسر ۾، ارضي هو يا سماوي، ۽ چيو ويو ته علم ارضي هو_ جو ڪجهه به علم سماويه ٿي چيو ويو، ان جو مُنڍ به انساني ذهن هو، ۽ ’اندر جي ٻُوجهه‘ ((Intuition به انسان جي اندر جي ٻُوجهه ئي هئي؛ ٻيو مسئلو هو ته انسان ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هو يا مختار، ۽ چيو ويو ته مختار هو_ اُنهن جي نوع يا دائري ۾ جا ڪجهه انسان جي مجبوري هئي، اُن کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي معاشري کي جا اخلاقي قوّت عطا ڪئي. سا ٻِٽي قوّت هئي ۽ اُها هئي انسان شناسيءَ ((Humanism ۽ فردشناسيءَ ((Individualism جي قوّت. ان کان پوءِ، يا ان سان گڏوگڏ، ”اصلاح“، جنهن کي ”مذهبي انقلاب“ به سڏيو ويو آهي، تنهن وري يورپ جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي مذهبي طرز فڪر جا به ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو هو انسان ۽ خدا جي تعلق جو، ۽ چيو ويو ته اُهو سڌو يا بلا واسطي هو ۽ نه اڻ سڌو يا با الواسطه؛ ۽ ٻيو هو نيابت الاهيه ۽ اقتدار الاهيه جي دعوائن جو، جن لاءِ چيو ويو ته اُهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر لازم ملزوم بلڪ هم معنى ڳالهيون هيون. پهرئين مسئلي جي حل جي نتيجي طور مذهب سياست کان الڳ ٿيو ۽ فرد جو واسطو خدا سان براهه راست موجود سمجهيو ويو، ۽ ٻئي مسئلي جي حل سان ”سلطانيء جمهور“ جي ڳالهه صاف ٿي، يعني هيءَ ڳالهه ته حڪومت، جا، بهرحال، انساني ئي رهڻي هئي، ان جو اقتدار ڪنهن فرد کي يا ڪن فردن کي انسانن هٿان ئي منتقل ٿيو ٿي ۽ نه خدا کان_ ڇو ته نيابت الاهيه ”انسان“ لاءِ يعني ”انسانن“ لاءِ هئي، نه ڪنهن خاص فرد يا فردن جي ٽولي لاءِ_ مطلب ته بادشاهن يا آمرن جي ”خدائي سَنَد“ ((Divine right of kings & dictators يا ”مامور من الله“ ((Appointee of God واري دعوا ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي تحريڪ سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنيويت ((Secularism ۽ جمهوريت ((Democracy سان روشناس ٿيون. ”سجاڳيءَ“ ۽ ”اصلاح“ جون هي تحريڪون دراصل پادريت جي (علمي) جهالت، (قوي) منافقت ۽ (عملي) مردوديت ۽ ان جي فڪري بگاڙ ۽ آبتريءَ جي خلاف احتجاج جون تحريڪون هيون. هنن ئي مسئلن جا لڳ ڀڳ اهڙا حل يورپ جي هنن تحريڪن کان ڪيئي سَوَ سال اڳ اسلام به دنيا کي پيش ڪري چڪو هو، (جنهن انساني فڪر ۽ عمل جي اصلاح يا تزڪيي جي سلسلي ۾ مذهبياتي انقلابي سلسلي جي خاتمي جو اعلان ڪيو)_ ايتري قدر، جو يورپ جي انهن تحريڪن جي فڪري محرڪات جا بنياد اسلام جي اُنهيءَ اصلوڪيءَ ڪشاده ذهن ۽ آزادي بخش تعليم ڏانهن به منسوب ڪيا ويا آهن: ۽ دراصل اِهي حل خود مسيحي تعليم ۾ پڻ، ڪجهه واضح ۽ ڪجهه ابهامي انداز ۾، موجود ئي هئا_ جيئن ”اصلاح“ جا مفڪر ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي اهڙي موقف جا حوالا ۽ سَنَدون مسيحيت جي ڪتاب مقدس يعني بائيبل مان ئي وري وري ڪڍي، پادرين ۽ پنهنجن ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا ٿي رهيا. ۽ انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ته خود اسلامي پادريت (_ملائيت) جيڪا، مسيحي پادريت وانگر ئي، پوءِ جي وقت ۽ حالتن جي بگاڙ ۽ پستيءَ جي پيداوار هئي، اِنهن مسئلن جا اِهي ترقي پسند حل وساري، اُهي ئي اُنهن تاريڪ ذهن مسيحي پادرين جا قرون وسطيٰ  وارا جاهلانه، منافقانه ۽ شاطرانه حل پنهنجي پنهنجي خود ساخته فقهي تعليم مان اخذ ڪري، وقت جي اقتدار ابليسيه جا همدم، هم مجلس ۽ سڻڀ ۽ سرسائيءَ ۾ حصيدار بنيا بيٺا رهيا، ۽، نتيجي طور، نه هو پاڻ، جيڪي پاڻ کي ’معرفت الاهيه جا امين‘ سڏيندا هئا، ۽ نه سندن اهي انسان ناشناس ۽ فرعون طبع حاڪم جيڪي ’اقتدار الاهيه‘ جا دعويدار هئا ۽ جن کي هنن ’ظل الله‘ ٿي سڏيو، انگريزن جي غلاميءَ کان سنڌ کي بچائي سگهيا_ ڇو ته هو ائين ڪرڻ کان قاصر هئا._ ڇو ته انگريز پوئتي خود پنهنجي معاشري ۾، سندن ئي جهڙن باطل ظل الاهين ۽ عرفان الاهيه جي دعويدار منافقن ۽ اقتدار پرستن کي ڊوڙائي ڊوڙائي، ڪيرائي، زمين دوز ڪري آيا هئا، ۽ ان کان وڌيڪ، هي انگريز صنعتي انقلاب جي سائنسي قوت پيداوار ۽ اعليٰ هنر ۽ حرفت جا صاحب هئا، آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۽ فرينچ انقلاب جي قومي ۽ انساني حقن ۽ سماجي انصاف جي اصولن جا حامي نه، ته به واقف ضرور هئا. پوءِ جڏهن هتان جا محڪومَ پنهنجن حاڪمن کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿيا، تڏهن جڳ مشهور شيڪسپيئر جي ناٽڪ ”Tempest“ جي ڪردار، وطن ۾ بي وطن ”غلام“ ((Caliban وانگر، کين حاڪمن جي اها آزاديءَ ۽ انساني حقن جي ”ٻولي“ ڪم آئي، ۽ ان ۾، مد مقابل بيهي، هنن سان هو پنهنجي ”مسئلي“ جو نبيرو ڪرڻ لڳا_ قومي مسئلي جو، قومي وجود، ان جي وقار ۽ ان جي زندگيءَ جي مسئلي جو. ۽ اِهو سندن بزرگن، اديبن، عالمن ۽ محققن جي لڳ ڀڳ هڪ سـؤ سالن جي ڪم جو ڪرشمو هو (جن سان هن ڪتاب جي صاحب عاليجناب پير حسام الدين شاهه راشديءَ جهڙا ڪيئي محب وطن، مخلص ۽ محنت ڪش اديب ۽ عالم، پنهنجي پنهنجي واري سان، شامل ٿيندا رهيا)، جو هتان جي ماڻهن ايتري قدر ۽ انهي نوع ۾ پاڻ سڃاتو، ۽ نيٺ دنيا جي هن هيڻي ۽ خاموش خطي ۾ به باندين جا هڪ ڀيرو ٻيهر بند خلاص ٿيا ۽ پنهنجي ست سمنڊ پار حاڪمن کان هنن آزادي حاصل ڪئي.

قومي خود آگهيءَ جا نشان ۽ ڏسَ، آزاديءَ جي نئين اُفق جي نگاهه ۽ اوڏانهن ويندڙ روشنيءَ جي چمڪندڙ ليڪ جو ڏُور ڏُور دَهو، جيئن مٿي چيو ويو، غلام قوم کي پنهنجي تاريخ جي ڄاڻ مان پراپت ٿين ٿا. پوءِ جيئن ڪو سڻوپرو اسڪولي ٻار ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي وري وري پيو ڏسندو آهي، يا ڪو عام اڻ پڙهيل ٻار به پنهنجي گود ۾ پيل رانديڪا ئي هيٺ مٽيءَ ۾ اُڇلي وري وري پيو انهن کي ڇُهندو ۽ کڻندو ڪندو آهي، تيئن اُها قوم به پنهنجي ماضيءَ جون اڻ شماريل ۽ اڻ بيانيل، ڪجهه سمجهيل ۽ ڪافي ڪجهه نه سمجهيل ڳالهيون هڪ هڪ ڪري ۽ وري وري پيئي اُٽلائيندي پٿلائيندي آهي. ماضي هونئن به گهڻي قدر اڄاتل هوندو آهي، نه فقط اڄاتل پر اڪثر اَڄاڻ يعني ’ڄاڻڻ‘ کان بلڪل نه ته به ڪافي ڪجهه ٻاهر هوندو آهي. ۽ پوءِ هر دؤر پنهنجي ماضيءَ مان، ۽ ٻين جي ماضيءَ مان، پنهنجي پنهنجي مطلب جا سبق وٺندو آهي. قومن جا وڏا ڪتاب جن لاءِ هنن جي دعوا هوندي آهي ته خدائي ڪتاب آهن_ ويد، زنداوستا، بائيبل، قرآن ۽ ٻين قومن جا اهڙا مقدس خدائي ڪتاب_ سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا جي ”پراڻن“ ۽ پنهنجي پنهنجي دؤر جي سوچ ۽ ضرورت سارو سمجهيل ”قصن“ جا ڪتاب آهن: اهڙيءَ طرح ديومالائي ڳالهيون ۽ نسل بنسل منتقل ٿيندڙ طويل داستان ۽ ڪٿائون پڻ قومن جي ماضيءَ جا قصا آهن ۽ انهن سڀني ۾ سندن بزرگن، ڏاهن، نيڪ مردن ۽ بهادرن جون ڳالهيون، ۽ سندن مخالفن ۽ مخالف حادثن ۽ مشڪل حالتن جا احوال بيان ٿيل آهن_ جي ڪافي عرصو ته زباني طور وٽن محفوظ هئا، ۽ اُها سندن ’زباني تاريخ‘ هئي، جا پوءِ لکي ويئي ۽ سندن ’لکيل تاريخ‘ ليکجڻ ۾ آڻي_ بهرحال، اِهو سڀ قومن جي آزاد زندگيءَ يا آزاديءَ لاءِ سندن امنگ ۽ عمل جو دفتر آهي. اِها سندن سياسي تاريخ آهي ته سماجي ۽ ذهني تاريخ به آهي_ ان ۾ اوهان کي جديد تاريخ نويسيءَ جا نفسياتي، فالسفيانه، آدبياتي، سوانحي، لوڪ پريه ۽ عالمانه انداز به ملندا. پر تاريخ خواصن جي هجي يا عوامي (عام جي)، تاريخ نئين هجي يا پراڻي يعني ان جي پيشڪش جا انداز ڪهڙا به هجن، تاريخ ڪنهن شخص جي هجي، اداري جي هجي يا ڪنهن فڪر يا نظريي جي، بهرحال تاريخ بي مقصد ڪانه ٿي ٿئي، ۽ مقصد ان کي جانبدار بڻائي ٿو. تاريخ جي هيءَ مقصديت يا جانبداري بذات خود تاريخ جي عّظمت يا خساست جو دليل به نه آهي. ان جو فيصلو مقصد جي وٿ يا قدر جي وزن تي ٿيڻو آهي. تاريخ کي پڙهڻ انهيءَ ڪري، ڏاڍي هڪ دلچسپ شيءِ ته آهي ئي، پر وڌيڪ دلچسپ شيءَ ان کي سمجهڻ آهي. ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي معنيٰ آهي ان جي مقصد کي سمجهڻ ۽ مقصد کي سمجهي ان جي وٿ جو وزن ڪرڻ، تاريخ جي لکڻ لاءِ ته پهريون شرط اهو، يعني ان جي مقصد جو تعيّن، آهي. اِن جي معنيٰ اِها ڪانهي ته تاريخ جا پڙهندڙ يا تاريخ جا لکندڙ اها ڳالهه ڪانه ٿا سمجهن يا ائين ڪونه ٿا ڪن. تاريخ جو هر پڙهندڙ ۽ لکندڙ نه، ته به اڪثر ان جا پڙهندڙ ۽ لکندڙ تاريخ کي سمجهن ٿا. پر تاريخ جي هيءَ سمجهه، هڪّ سمجهه ڪانهي. ۽ جهڙي ۽ جيتري اُها سمجهه، اُهڙو ۽ اوتري انداز ۽ نوع سان ان کي لکيو ويندو ۽ پڙهيو ويندو. فاتحن جي لکيل تاريخ ۽ غلامن جي لکيل تاريخ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. واقعي ۾ ملوّث ڏاڍي پاران ان جو بيان ۽ هيڻي پاران ان جو بيان ٻه جدا جدا ڳالهيون هونديون آهن. انهيءَ طرح، ڪو غير جانبدار تاريخ نوس، جو تاريخ جو صحيح ڄاڻو ۽ پار کو به هجي، ڪنهن حسن اتفاق سان ڪنهن قوم کي يا ڪنهن دؤر کي ملي ٿو. تاريخ جو مڃيل عالم، ايڊورڊ گبن، مملڪت روما جو اهڙو هڪ يگانو تاريخ نويس شمار ٿئي ٿو. ٽيويهه سال (87_1764) هن کي ”مملڪت روما جي صعف ۽ زوال جي تاريخ (ڇهه جلد) لکڻ ۾ لڳا، جنهن جو اختصار 950 صفحن جي هڪ جلد ۾ پيش ڪندي، اختصار ڪندڙ هڪڙي عالم، گبن کي ”دنيا جي ٿورن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ“ سڏيو آهي. گبن پنهنجي هن ايڏيءَ وڏيءَ، طويل مدت، مشڪل ۽ بي مثل محبت جي شروع ۾ تاريخ نويسيءَ جي ڪم جي نوعيت ۽ پڻ مقصد جو ذڪر ڪندي لکيو ته ”تاريخ نويس تي لازم آهي ته مذهبُ، ڌرتيءَ تي پنهنجي طويل قيام دوران، جيڪا خوش اعتقادي ۽ خرابي هڪ ڪمزور ۽ ابتر قوم ۾ آڻي جمع ڪري ٿو، ان جي پوري تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري“. تاريخ نويس جي فرض جو ائين عمومي ذڪر ڪندي، هُن خاص پنهنجي مقصد جي هِنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي: ”مملڪت روما جي تاريخ جو هڪ تمام اهم ۽ لازمي پاسو يا حصو هيءُ آهي ته مسيحيت جي فروغ ۽ قيام بابت پوري پوري، صاف گو ۽ عقل تي مبني تفتيش ڪئي وڃي“. اُن سلسلي ۾، آخر ۾ پنهنجي سڄيءَ تحقيقي ڪاوش متعلق گويا فيصلو ڏيندي چيائين: ”مون مملڪت روما جي زوال جي تاريخ ۾ مذهب ۽ بربريت جي فتح جو داستان بيان ڪيو آهي!“ ۽ مملڪت روما جي زوال جا بنيادي ۽ اصل سبب هُن ٽن لفظن ۾ ڏنا: ”مذهب بازي، لشڪر شاهي ۽ اندروني نفاق“. ۽ ايڏي پنهنجي هڪ بي مثل ۽ بي غرض مطالعي کان پوءِ، اهڙي هڪ اهم ۽ خالص فڪري نتيجي جي اخذ ڪرڻ تي، گبن کي، ڪن نظرياتي گروهن مان ”منڪر خدا“ جا الزام ٻڌڻا پيا!

ته پوءِ تاريخ جو مطالعو ۽ تاريخ جي تحقيق ڇا آهي؟ پهرين ڳالهه ته، جيئن مٿي چيو ويو، ماضي ڇاڪاڻ ته گهڻي قدر اڄاتل ۽ ڪافي ڪجهه اڄاڻ آهي، اِنهيءَ ڪري ماضيءَ بابت تقريباً هر ٻيءَ ڳالهه ۾ اختلاف جي گنجائش موجود آهي يا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ته سچ جي ڳولا ڪرڻ ۽ سچ کي لڪائڻ_ اِهي ٻه شيون انساني معاشري ۾ مفاد سان وابسته آهن. حيواني (_ زور جو، اقتداري) مفاد، جيڪو اصلاً ناجائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي تشدد ۽ فريب تي آهي، لازماً سچ کي لڪائڻ جي عمل سان پاڻ کي وابسته رکي ٿو، ۽ انساني (_ پيار جو، اُنسياتي) مفاد، جيڪو اصلاً جائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي باهمي اعتماد ۽ آزاد مرضيءَ تي آهي، لازماً سچ کي پڌري ڪرڻ جي عمل سان پاڻ کي ڳنڍيل رکي ٿو. محڪوم ۽ مظلوم شخص يا قوم جي دلچسپي آزاديءَ ۽ ظلم کان نجات ۾ آهي_ يعني پنهنجي ۽ خارجي دنيا جي وچ ۾ باهمي انساني مفاد جي تعلق جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ ۾، اُن لاءِ هن جي سڄي ڪوشش لازمي طرح هيءَ هوندي آهي ته مٿس حيواني (يعني زور جو، اقتداري) مفاد جيڪو قابض آهي ۽ جنهن جو قبضو ناجائز هو، ڇاڪاڻ ته اُهو سندس مرضيءَ جي خلاف، فقط ڪوڙ ۽ ڏاڍ سان، مٿس قائم ٿيو هو ۽ قائم رهندو ٿي آيو، ۽ اُن کي هن ڪڏهن به ڪونه قبوليو هو، اُن قبضي جي سڄيءَ صورتحال جو سچ ظاهر ٿئي ته جيئن دنيا ۾ اُهو خوار ٿئي، اخلاقي طور ڪمزور ٿئي ۽ ائين اُن مان نجات جي جدوجهد جي ڪاميابي ممڪن ٿئي ۽ آسان بڻجي. اُن جي برعڪس زور جي قابض ۽ بالادست مفاد جي سڄي ڪوشش پنهنجي وجود جي ڪوڙ کي لڪائڻ ۽ اُن کي چکي مکي سچ جي ڏِک ڏيارڻ جي هوندي آهي. تاريخ نويسيءَ جا اِهي الڳ الڳ بلڪ متضاد ٻه رخ ته آهن ئي، پر اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ اُن جو هڪڙو ٽيون رخ_ بي خطر، غير اهم، بي تعلق ۽ بي وقتو رخ_ به هوندو آهي، جنهن کي اوائي، توائي يا هوائي رخ به چئي سگهجي ٿو، ۽ اُن کي اڪثر ”غيرجانبدار“ رخ چئي، ڪي تاريخ جا لکندڙ ۽ اُن جا ’عالمانه‘ محقق ظالم مفاد ۽ مظلوم مفاد، حيواني مفاد ۽ انساني مفاد، جائز مفاد ۽ ناجائز مفاد ٻنهي جي آڏو سرخرو ۽ مقبول ٿيڻ چاهيندا آهن_ هڪڙا شعوري طور ائين ڪندا آهن ۽ ٻين جو اُهو عمل غيرشعوري هوندو آهي_ پر شعوري يا غيرشعوري مطالعي يا تحقيق جو اِهو رخ ڦري گهري، وري به معاشري جي قائم ۽ موجود ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي مفاد (حيواني مفاد) جي ڪم ايندو آهي، ۽ ٻيو نه، ته اُن جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هيڻائي ۽ مونجهارو ته ضرور پيدا ڪندو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙي آمريڪي عالم، پال بارَن ((Paul Baran جي مضمون ”دانشور جي سِر سٻي تائي“ جو هڪڙو حوالو تازو منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو البت طويل آهي پر مطلب واضح ڪرڻ لاءِ اُهو سڄي جو سڄو پيش ڪرڻ هتي مناسب ٿو سمجهان.

بارن، پنهنجي مضمون ۾، چوي ٿو: ”دانشور جو دلي لڳاءُ يا هن جي سِرسٻي تائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي.... پر اِنهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هُن جي بنيادي ذميداريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اِهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اِهو به آهي ته ’موجود حالت‘ ۾ سچ ڇا ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءَ بابت اُهو ٻڌايو پيو وڃي ۽ ڪهڙيءَ شيءَ بابت اُهو نه پيو ٻڌايو وڃي... ائين سماجي، ۽، خاص طور، رياستي يا حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ’سچ ڇا ۾ آهي،_ اِن ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ اُن جو اظهار اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ اِنهيءَ طرح اِن قسم جي سچ جو پيڇو ۽ اُن جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ’موجود صورتحال‘ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، اُن شيءَ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، اُن شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سڄيءَ اُن شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ_ اِنهيءَ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي اڪثر پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تَڏَ ۽ تابَ، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون... انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو اُن جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تيِ مُبني تحقيق (_ سچ جي ڳولا) جيڏانهن به نِئي اُن کي اوڏانهن نِيَڻ لاءِ تيار رهڻُ، ’هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ_ بي قياس اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي.‘ اِنهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نفاد آهي_ هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي [شين جِي، ڳالهين جي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽ اِئين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني [پيار جي، اُنسياتِي]، ۽ وڌيڪ عقلائتٻي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون آهن اُنهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگار ٿيڻ.... اِنهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ اُنهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ’موجود حالت‘ کي محفوظ ۽ مامُونُ رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪُ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي، ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هن کي ’خيالي جنت ۾ رهندڙُ‘ يا ’درويش‘ قسم جو ماڻهو، ۽ بُري کان بُرو ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن.... اهڙين حالتن ۾ دانشور جي ڪردار ۽ سِرسيتائيءَ جي ڳالهه جِي وضاحت ڪرڻُ ۽ اُن تي وري وري زور ڏيڻُ هڪَ تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اِها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي يا اُنسيت ۽ عقلَ، ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابوديءَ کان بچائي_ جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورثا آهن.“

پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب آهي_ ۽ بنيادي طرح وطن دوستيءَ جي جذبي جي تخليق آهي، ۽ بيحد پيار ۽ دل جي لڳاءَ سان لکيل ڪتاب آهي. سڄيءَ عمر لڳ ڀڳ پنجاهه سالن، جو هيءُ ڪاپو آهي، جو پَهِي پِهِي، تَند تَندڪري هِن هُن ڪُنڊِ ويهي، ڪَٺو ڪيو ويو آهي. اُن جي تارَ تارَ ۾ ايڏي لَساڻِ نه هوندي ۽ اُن جي ڪپاهه جا ڀيڙا پورا پورا ڀڳا نه هوندا، پر محبتي مَنَ جو هيءُ طويل پورهيو آهي، جو هِيئن گڏ ٿِي، هتي پيش ٿي رهيو آهي_

ڪَتٻي ڪِتٻي آئيون، ڪري تند تيارُ،

اُٽَل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پارُ،

ڪاپائتيءَ قرارُ، منجهان پُوڻيءَ آئيو. _شاهه

سوال آهي ته پير صاحب لاءِ سندن سڄي هِن ڪم جو ”پرينءَ پارُ“ ڪهڙو، جنهن کي اُن جي وٿ جي ڪسوٽي يا قدر جو ماڻُ مڃي سگهجي؟ اُن جا ٻه جواب آهن، جيڪي جدا جدا ته آهن، پر اُنهن ۾ ويڇو ڪونهي. اُهو هڪڙو ته اُهائي دانشور جي ڀاڳ جي ڳالهه چئبي، جنهن مطابق هُن تي انسانيت ۽ عقل جي پرورش ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو، يعني عام انساني تهذيب جي دفاع جو، فرض عائد ٿئي ٿو: ۽ ٻيو اُهو ته انساني تاريخ جي اُنهن ”املهه ورثن“، جيڪا صورت ۽ خاص شڪل سنڌ جي معاشري ۾ اختيار ڪئي، اُن جي تربيت، فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو فرض، جيڪو خصوصي طور هڪ سنڌي دانشور تي عائد ٿئي ٿو. هيءَ جامع انساني تهذيب، جنهن جو سنڌي تهذيب هڪ حصو آهي، نيٺ به ڇا آهي؟ شايد_ هڪ انگريز اديب جي چواڻيءَ_ محض ”هوا تي بيٺل هڪ عمارت_ خيالن، امنگن، همدردين، عادتن جي هڪ اَڻت_ ڪجهه اهڙي اڻ لکائتي، جو هٿ وجهجيس ته هٿ ۾ اچي نه سگهي. اُن جا ڪي دوست ڳولجن ته نه لڀن. ڪنهن کي اُن جي اونَ ڪانهي_ جيئن پَٽُ جنهن تي ماڻهو بيٺو آهي اُن جي ڪو اونَ نٿو رکي يا هوا جيڪا ساهه ۾ کڻجي ٿي اُن جي ڪنهن کي پرواهه ڪانهيءَ پر ايتريءَ ساريءَ غفلت، خودغرضيءَ، ڪروڌ، حماقت، نفرت ۽ حرص هَوَس هوندي به، جن سان رواجي طرح دنيا جي سڄي سياسي زندگي ڀري پيئي آهي، اُها جيئي ٿي ۽ جيئندي رهي ٿي.“ انساني دنيا جي هيءَ اڻ لکي، ساههَ سنئين، ’اُنسيت‘ واقعي انساني تهذيب جو بنيادي عنصر بلڪ واحد بنياد ته آهي_ ۽ اُها هر آزمائش ۾ برابر قائم ۽ مستحڪم به ٿِي اُٿي ٿِي_ جيئن اسين سڄيءَ پنهنجي تاريخ جي پُر خطر بحر تان هيستائين ڪنهن طرح سلامت تَرندي ايندڙ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌو تهذيب بابت چوندا آهيون، بلڪ اهڙو عقيدو به رکبو ٿا_ ۽ اِهائي دراصل اسان جي پنهنجي معاشري جي ’وڌڻ، وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ، جي ڳالهه آهي: پر هِن انساني تهذيب جو زندگيءَ ۾ بهرحال پڌرو ۽ اِسٿول روپ يا اظهار هروڀرو ايترو آڻ لَکو ۽ هوا ۾ اٽڪيل ڪو ڄارو به ڪونهي، جو اُن جو ڪو حامي نه هجي يا ڪنهن کي اُن جي اونَ نه هجي. اُن جو هيءُ اظهار ماڻهن جي ٻوليءَ، اُن جي ادب، علم ۽ فن ۾ ٿئي ٿو؛ اُنهن جي گهرن گهاٽن، ڳوٺن ۽ شهرن، کيتن کرن، ٻيلن، جبلن ۽ صحرائن، برن ۽ بحرن_ مطلب ته اُنهن جي پنهنجي پنهنجي اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن ۾ جتي جتي زندگي ساهه کڻي ٿي ۽ چُري پُري ٿي، اُتي اُن جو روپ پنهنجي پوري نمود ۽ نقش نگار سان موجود ڏسجي ٿو. ۽ اُهي جيڪي اُن سان واڳيل آهن ۽ اُن جي زندگي بخش ۽ روح افزا وجود جو شعور رکن ٿا، سي اُن جا محب به آهن، حامي به آهن_ ۽ اُهي اُن جي اونَ به رکن ٿا ۽ اُن جو، پنهنجي آخري دم تائين، بلڪ سِرُ ۽ ساههُ عوض ۾ ڏيئي به، بچاءُ ڪن ٿا. ڇو ته اُهو ئي اُنهن لاءِ_ ۽ هن ڪتاب جي حوالي مان، محترم پير حسام الدين لاءِ_ پنهنجو ”پرينءَ پارُ“ آهي. معاشري جي هر آزاد ۽ حق شناس دانشورَ_ اديبَ ۽ عالمَ، مـؤرخَ، شاعرَ، نقادَ ۽ فنڪارَ_ جي فدائيت ۽ سرسيتائي به اِنهيءَ ”پرينءَ جي پارَ“ سان آهي، ۽ اُن لاءِ ئي هن جي هر تخليق، هر ڪم مخصوص ۽ موقوف رهي ٿو.

جِنهين ديکيو دل سين، پُئِيءَ سي پييون،

ته پڻ ٿٻي وييون، جُههُ پُنهونءَ پاڻ لڪائيو! _شاهه

پيرصاحب جي هيءَ عالمانه تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو ته آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املهه دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بها مخزن، جنهن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نه، ته به اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينهنِ جون_ نهايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالهيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. هِن ۾ عامن جون ڳالهيون به آيل آهن ته خاصن جون به، هِن ۾ سماجي ڳالهين جا ذڪر اذڪار به ڪيل آهن ته سياسي ۽ پڻ خالص فڪري نوع جي ڳالهين جا به_ ڪجهه سڌي سنئين، سليس ۽ سُلجهيل نموني ته ڪن جي سمجهڻ ۽ سُلجهائڻ جو ڪم پڙهندڙ جي پنهنجي پرک پروڙ ۽ فڪري وابستگيءَ تي ڇڏي ڪري_ اُنهن جي پيشڪش جي ادا اوهان کي نفسياتي ۽ فلسفيانه به ڏسڻ ۾ ايندي ته اديبانه، لوڪ پسند ۽ عـــالـــــــمانه به: بهرحال، اڪثر هي ڳالهيون مقصد ڀريون ۽ سڀ اسان جون پنهنجون، پنهنــــــــجـــــــــن ”ڳــــــــــوٺ وڻـــــــن جـــــــــــــون“ ڳـــــالهـــيون آهــــــــن_ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن جون، ٺيڪ مردن جون، سياڻن ۽ سرويچن جون، ادبن ۽ عالمن جون، اُنهن جي سوچ ۽ ساڃهه جون، ۽ مامرن ۽ مصلحتن جون، سندن آسن ۽ اُمنگن ۽ ڪوششن ۽ ڪارنامن جون_ ڪي فخر ڪرڻ جهڙيون ۽ ڪي اهڙيون جن تي شرم کان هوند ڪنڌ جهڪائي ڇڏجي_ پر سڀ اُهي، جن جي باشعور يادگيري، سڃاڻپ ۽ ساڃهه سان ئي اسان جي وجود کي تحفظ ملي سگهي ٿو_ ڇو ته (بلغاريا جي اُن قديم خان اومرتاغ جي لفظن ۾) ”حافظي جِي موت تي فتح“ اِها آهي ۽ اُها حاصل به اِئين ٿيڻي آهي.

پير صاحب جو هيءُ هڪ جامع ڪتاب آهي_ پر پوءِ به اِها پڪ آهي ته هِن ڪتاب کان ”صاحب ڪتاب“ وڏو آهي. پير صاحب ”سنڌ شناسيءَ“ جي سلسلي ۾، هِن ڪتاب کان علاوه، جيڪو وسيع ۽ اعليٰ ڪم ڪيو آهي_ سنڌ جي ادب ۽ تايخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾_ سو واقعي بي مثال آهي، ۽ اُن جو پورو جائزو وٺڻ وقت جي ضرورت به آهي ۽ سنڌي علم ۽ ادب جي دنيا جو اِهو فرض به آهي. پر سڀ کان وڌ، پير صاحب پنهنجي مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ اُن جي محرڪ جذبي جو جيڪو ڏَسُ، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي آڏو واضيح ڪيو آهي، اُهو اُنهن لاءِ اهم هئڻ گهرجي. ۽ اُهو دراصل آهي ئي ”سنڌ شناسيءَ“ جو ڏسُ، جيڪو هُنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي خود آگهيءَ جو ڏَسُ آهي. ۽ اُهوئي کين پنهنجي هــــــر تحقيقي ۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪ زندگيءَ جي هر عمل جو محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي. اُن جي ئي واحد روشنيءَ ۾، دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر، سچ پچ به ته، هُنن جي آڏو ”هر نئين سجِ نئين افق“ اجاگر ٿي سگهندي ۽ سندن هر نئون ڏينهن کين نئين زندگيءَ جو پيغام ڏيندو_ جيڪوئي درحقيقت فردن ۽ معاشرن جي ”جوانيءَ جو راز“ آهي_ ۽ ائين هو به پنهنجي زندگيءَ جي بحر جو سفر ”بحر تي سدا موجود بسنت رت“ ۾ ڪري سگهندا ۽ ڪندا رهندا. ڇو ته پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪم کان سواءِ فردن لاءِ توڙي معاشرن لاءِ ڪا زندگي زندگي ڪانهي_

ڏکيءَ توءِ ڏڪارُ، توڻي وسن مينهڙا،

پورهئي هٿ سڪارُ، تو وسِ آهن هٿڙا. _شاهه

ڪجهه سال اڳي، مون پير صاحب کي ڪنهن موقعي تي ”پورهيت اديب“ سڏيو هو، بلڪ هڪ هنڌ مون ائين لکيو به هو_ جنهن تي دوستن مون کان پڇيو هو ته ”ڇا، پير صاحب جو گذارو ادب تي هو!“ مون کين جواب ڏنو هو ته ’گذارو‘ رڳو جسماني ئي ته نه هوندو آهي، ۽ ٻيو ته پورهيو نقط پنهنجي لاءِ به ته ڪونه هوندو آهي_

پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري:

ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري!

اسين جڏهن پڙهندا هئاســــين، تـــــــڏهن وقت بــــــوقت اســـــتاد اسان کان پڇندا هئا ته ”اوهين ڇالاءِ ٿا پڙهو؟ پڙهي ڇا بڻبا؟“ پوءِ اسان مان ڪي ڪهڙو جواب ڏيندا هئا ۽ ڪي ڪهڙو، پر سڀ ڪونه ڪو ڌنڌو ٻڌائيندا هئا ته اُن لاءِ ٿا پڙهون، يا چوندا هئا ته ڊاڪٽر ٿينداسين، استاد ٿينداسين، انجنير ٿينداسين، صوبيدار يا ڪلٽر ٿينداسين، وغيره وغيره. جنهن تي اسان کي هر ڀيري تقريباً هر استاد پوءِ ٽوڪيندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڇا، اوهين تعليم اِنهيءَ لاءِ ٿا پکايو ته اوهين وڏا ماڻهو ٿيو، طاقت وارا بڻجو ۽ پيسا ڪمايو؟ ڇا، اوهان لاءِ علم خود ڪا شيءَ ڪانهي!“ پوءِ اسان کي وياکياڻ ملندا هئا ته علم پرائجي علم لاءِ، چڱائيءَ ڪجي چڱائيءَ لاءِ، سچ ڳالهائجي سچ لاءِ، وغيره. هڪڙي اسان جي مهربان استاد اِن سلسلي ۾ ڪافي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اسان کي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو هڪڙو عجيب مقولو ٻڌايو ۽ سمجهايو، ۽ اُٿي بورڊ تي لکيو ۽ اسان کي پنهنجن ڪاپين تي لکايو ۽ اسان کي ياد ڪرايو_ ۽ اُهو مون کي اڄ به اَئين ئي ياد آهي: اُهو هو ته_

“The reward is in the race we run and not in the prize we get.”

(”ڊوڙ جو انعام ڊوڙڻ ۾ آهي ۽ نه اُن جي عيوض يا صلي ۾ جيڪو اسان کي ملي ٿو.“) اِنهيءَ طرح، ڪم جو مزو يا اُن جو انعام به اُن جي ڪرڻ ۾ آهي، ۽ نه اُن جي اُجرت ۾ يا پگهار ۾. موٽ يا عيوض، اُجرت ۽ پگهار وغيره ته ڊوڙ سارُو يا ڪم سارُو ملندا ئي_ ۽ جي نٿا ملن ته اُن بي انصافيءَ يا حق تلفيءَ لاءِ خوددار، خود شناس ۽ آبرومند ماڻهوءَ وانگر، هيڪلو به ۽ گڏجي به وڙهبو ۽ جُهد ڪبو_ اِهو فرض به آهي ۽ زنده ۽ آزاد انساني ذهن جو اِهو هڪ فطري ردعمل به آهي: پر ڪم جي خود ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ کي خوشي نه ملي، ۽ ڪم بي دليو ڪجي ۽ غلط يا بي ڊولو ڪجي، اِها به ته غلاميءَ جي صورتحال آهي ۽ هڪ زنده ۽ آزاد ذهن جي سهڻ يا قبولڻ کان ٻاهر ڳالهه هئڻ کپي_

هيج نه هوندو جن، سي ڪئن وندر وينديون!

ويهو وچ رهن، سهسين سَڌُن واريون. _شاهه

پير صاحب جي هِن ڪتاب ۾ سندن زندگيءَ جي پوريءَ اڌ صديءَ جي پورهئي جو ڪل ثمر نه ته اُن جا ڪي امل ۽ روشن آثار ته ضرور گڏ ڪيل آهن. پڙهندڙ دوست ڏسي سگهندا ته هن ۾ سندن هر مضمون ڪيڏي هيج ۽ محنت جي پيداوار آهي ۽ ڪيڏو نه اُن ۾ پيار جو پورهيو سمايل آهي. هر نيڪيءَ جو ڪم، هر نيڪ ڪم، بنيادي طور خوشيءَ جو ۽ خوشي ڏيندڙ ڪم ٿئي ٿو_ ڪم ڪندڙ لاءِ ۽ پڻ ٻين لاءِ. اُن مان ملندڙ اُها خوشي ئي اُن جي بهتر کان بهتر ٿيڻ ۽ ٿيندي رهڻ جو سبب هوندي آهي ۽ ضمانت به. اِن طرح ماڻهوءَ لاءِ ڪم سان تعلق جِي هر گهڙي نئين دريافت جو هڪ تجربو هوندي آهي: هر خيال ۽ عمل جي تخليق جو منطق ۽ ساجُ سٽاءُ اِهو هوندو آهي. بائيبل ۾ آيل آهي ته جڏهن پهرئين ڏينهن ”خدا ڏٺو ته.... اوندهه هئي.... تڏهن چيائين ته روشني ٿئي، ۽ روشني [تخليق] ٿي، ۽ ڏٺائين ته اُها سٺي هئي!“ اِئين ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ڏينهن خدا پنهنجي هر [تخليق جي] ڪم کي ڏسندو ۽ خوش ٿيندو رهيو_ ۽ ڇهين ڏينهن ته ”سڄي پنهنجي ڪم تي، جو هن بڻايو هو، نظر وڌائين، ۽ ڏٺائين ته اُهو ڏڍو سٺو هو!“ مطلب ته ڪم مان خوشي ۽ ڪم جو هيج_ اِهي ئي ڪم کي عظمت (سٺائي) ۽ اهميت ڏين ٿا_ ۽ اِئين ڪم مان ئي اُن جي ڪندڙ جو قدر ٿئي ٿو ۽ هئن کي اهميت ملي ٿي. ڪم جو اصل اُجورو يا عيوض به اِهو ئي آهي. ڪا هستي، ڪا شيءِ، يا ڪو ماڻهو ڇا آهي، اِها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي_ ڪنهن لاءِ به. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪا هستي، ڪا شيءِ، ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري. ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جو، پورهئي ۽ پورهيت جو قدر ائين ٿئي ۽ اُنهن جي اهميت جو تعيّن اِئين ٿئي، انساني وٿُ جو هي مسئلو معاشري ۾ جيتريءَ حد تائين اِنهيءَ طرح حل ٿيندو ۽ عمل ۾ ايندو، انساني تهذيب جي ارتقا جي اُها ئي حد اُن معاشري جِي طيءَ ٿيل شمار ٿيندي. علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾، بهرحال، ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جي وٿ ۽ اهميت جو فيصلو فقط ۽ فقط اِنهيءَ ڪسوٽيءَ تي ئي جائز تسليم ٿيل آهي_ ڇو ته اِها دنيا انساني تهذيب جي مثالي دنيا آهي، اُن جي معراج جي تصورّ جِي، خواب جي، دنيا آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جي اُن مهذب دنيا ۾ پير صاحب جي هِن ڪم جو ۽ سندن ٻئي سڄي علمي ۽ ادبي ڪم جو قدر به، ڪَٿَ ۽ سڃاڻپ جي اِنهيءَ ماڻَ تي ٿيندو_

ڪاپائتي سڀڪا،_ ڪَتٻي سيٻباڻي،

ڄاتو جن ڄاڻِي، تن هٿان پَهِي نه ڇڏي. _شاهه

هِن پيش لفظ لکڻ لاءِ جڏهن پير صاحب مون کي چيو، تڏهن هيڪر ته آءُ سهمجي ويس_ ڇو ته زندگيءَ ۾ هڪڙو اهم سبق مون هيءُ به سکيو آهي، ۽ اُن تي ڪافي سختيءَ سان عمل پيرا به پئي رهيو آهيان، ته پنهنجي وِت اندر رهجي (وت کي وڌائبو ضرور رهجي، پر وت کان ٻاهر نه وڃجي)_ ڇو ته اُن ۾ ئي ڀرم رهي ٿو ۽ ڀلائي به اُن ۾ آهي. پر هڪ ته پير صاحب سان جيئن ئي  منهنجي ڄاڻ، 1949ع کان سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾ اچڻ سان، ٿي، تيئن ئي کين مون پنهنجي زندگيءَ جي دلي مقصد جو پختو ۽ مخلص ساٿي سمجهيو، ۽ ٻيو ته اُن سلسلي ۾ منهنجي دل ۾ مزيد هڪڙي چوڻ جهڙي ڳالهه هُرندِي ٿٻي رهِي، سا سندن پيش ٿيندڙ هِن ڪم جي حوالي سان آءُ چئي ٿي سگهيس_ ۽ اُن جي چوڻ جو موقعو جو پير صاحب جن پاڻ حڪماً مون کي ڏنو، سو اُن موقعي جي ملڻ تي، ڪجهه سهمجي پر فوراً ئي پوءِ، پير صاحب جون هي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ٻيهر وري وري پڙهيم (_ڇو ته اُنهن مان تقريباً اڌ کن منهنجون اڳي به پڙهيل بلڪ پاڻ پنهنجي هٿن سان، خاص طرح سماهي ”مهراڻ“ ۾، ڇاپيل ۽ شايع ڪيل هيون)، ۽ پاڻ کي سندن شڪر گذار ٿيندي محسوس ڪيم، ۽ واقعي به سندن ته دل شڪر گذار آهيان، جو پاڻ مون کي هيءُ اعزاز بخشيائون ۽ هيءُ موقعو ڏنائون، جو سندن هي ”ڳالهيون“ مون وري وري پڙهيون ۽ اُنهن بابت هي ٻه اکر لکيم_

ڪانگا ڪتابت جِي آنديئي خوب خبر،

هِنئڙو مون هر هر، واچيو واچيو وندري! _شاهه

۽ ائين جيڪا ڪجهه ڳالهه مون کي به چوڻي هئي، سا_ ڪچِي ڦِڪي، پوري اڻ پوري_ چئي دنگ ڪيم. مون کي يقين آهي ته پير صاحب کي اِها وڻندي، پر جي ڪتاب جي پڙهندڙن کي به وڻٻي ۽ ڪتاب ۾ آيل ڳالهين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ (جي سڀ اسان جون پنهنجون ۽ اسان جي پنهنجي ماضيءَ جون ئي ڳالهيون آهن) اُها کين ڪجهه مدد به ڏئي، ۽ اسين سڀ پنهنجين اِنهن ڳالهين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ همدم ۽ يڪ دل ٿي وڃون، ته آءُ پاڻ کي ته ڀاگ وارو سمجهندس، پر پير صاحب کي به پنهنجي ايڏي ڪشالي ۽ عرق ريزيءَ جو ڪافي ڪجهه صلو ملي ويندو_

 

ار عشوه هاي ساقي کارم نمـي کشايد،

اي دوستان خدارا يک جام دوستگاني.

 

از تار ارغنوني در جنبش آر مطرب،

وز نغمـﮧ هاي تر کن با روح همزباني. _فيضي

 

حيدرآباد سنڌ

12_9_1981ع                         _محمد ابراهيم جويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com