سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :44

 

 

شاه ڀٽائي (رحه) ڪافيءَ جو موجد نه آهي!

سنڌي ادب جا تقريباً سڀئي  محقق، اڄ تائين، هن ئي خيال جا آهن ته ڪافيءَ جو موجد حضرت  شاه صاحب آهي، ۽ هن ئي سڀ کان پهريون سنڌي ادب ۾ ”وائي“ جي نالي سان ڪافيءَ جي صنف کي داخل ڪيو. ڪلهوڙن جي آخري دﺆر ۾ ڪافي مقبول ٿي ۽ عام شاعرن انهيءَ ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ خيال تي قائم رهڻ ۾ سنڌ جا اديب هڪ حد تائين حق بجانب آهن، ڇاڪاڻ ته شاه صاحب کان پهرين جي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ وائيءَ يا ڪافيءَ جو نشان ڪونه مليو آهي. دودي چنيسر جي فرضي شعرن کان وٺي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي  مختصر ڪلام تائين اسان کي فقط ڏوهيڙن جو سراغ مليو آهي: ڪافيءَ ياڪنهن به ٻيءَ صنف جو ڪوبه نمونو ملي ڪونه سگهيو آهي، جنهن مان سنڌي شعر جي همه گيريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي.

سنڌي شعر جي وجود جو هونءَ ته اسان کي اڄ کان 12 سئو ورهيه کن اڳ پتو پوي ٿو ۽ اهو به سنڌ جي ڪتابي ذخيري مان نه، بلڪ عربي ۽ فارسي تاريخن جي طفيل. هارون الرشيد جي برمڪي وزيرن جي داد و دهش ۽ علم نوازيءَ کان ڪير واقف نه هوندو. وزير فضل بن يحى برمڪيءَ جي درٻار ۾ هڪ سنڌي شاعر پهچي هيٺيون شعر پڙهي ٿو:

اره بره کنکره کراکري مندره

انهيءَ وزير جي وزارت جو زمانو 180هه کان 193هه تائين آهي، گويا اهو شعر اڄ کان تقريباً 12 سئو ورهيه اڳ جو آهي.

عربي ۽ فارسي تاريخن انهيءَ شعر جي زبان اهڙيءَ طرح بگاڙي ڇڏي آهي، جو اڄ ان جي صورت سڃاڻڻ به مشڪل پئي لڳي. تاريخ ۾ ان شعر جي معنى هن طرح لکيل آهي:

”جڏهن اسان جي ملڪ ۾ داد و عيش ۽ جود و سخا جو ذڪر نڪرندو آهي، ان وقت فقط تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.“

سومرن جي دﺆر ۾ دودي چنيسر جي قصي جا بيت ملن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جي تحقيق نه ٿي سگهي آهي ته انهيءَ زماني جا آهن يا پوءِ ڪنهن سگهڙ انهن کي تصنيف ڪيو آهي. البته جيڪو قصو بيان ڪيو ويو آهي سو تاريخي لحاظ سان گهڻيءَ حد تائين فرضي آهي.

سمن جي دﺆر ۾ سنڌي شاعريءَ جا گهڻائي شواهد موجود آهن، جيئن ته شيخ حماد جماليءَ جي شاعري، شيخ اسحاق آهنگر جا ڏوهيڙا، ماموئيءَ جا ست شعر، مخدوم احمد ڀٽيءَ جو ڪنهن شاعر جا سنڌي بيت ٻڌي ساهه ڏيڻ، ۽ آخر ۾ قاضي قاضن جا 7 شعر.

سمن جي اختتام ۽ ارغونن جي آمد تائينءَ جي انهيءَ مختصر ادبي سرمايي تي، جيڪو ڪنهن به خاص ڪوشش کان سواءِ، اسان کي محض اتفاقي طرح نصيب ٿيو آهي، جيڪڏهن نظر ڪبي، ته فني خواهه لساني لحاظ سان هي يقين ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعريءَ جا اهي ابتدائي نمونا نه آهن، بلڪ هر لحاظ سان اهي اشعار ترقي يافته آهن، زبان بلڪل شسته ۽ شائسته آهي، جن جي لحاظ سان به منجهن ڪا خاص خامي ڪانه آهي: جيڪڏهن اسان فارسيءَ ۽ اردوءَ جي شعر جا ابتدائي نمونا ڏسنداسين ته اسان کي تصديق ٿيندي ته ڪنهن به زبان جو ابتدائي شعر انهيءَ حد تائين پنهنجي پهرينءَ تشڪيل ۾ نفيس ۽ دلڪش نه ٿيندو آهي. جيڪو شعر آءُ 12 صدين اڳ جو مٿي پيش ڪري چڪو آهيان، تنهن جي زبان اگرچه غير مانوس لڳي ٿي، ليڪن ان ۾ لساني رواني، ڪافيه ۽ رديف جي پابندي تمام بهتر نموني سان ڪئي ويئي آهي.

انهيءَ مان منهنجي مراد اها آهي ته سنڌي شعر تمام قديم آهي، ۽ قاضي قاضن جي زماني کان گهڻو اڳ ترقي ڪري چڪو هو، ۽ اهو پڻ خيال آهي ته شعر جون ڏوهيڙن کان سواءِ ٻيون به ڪي صنفون ايجاد ٿي چڪيون هيون، ليڪن چونڪ ڪتابي سرمايو مسدود، ڪوشش ڪمزور، ۽ مطالعو فقط سنڌي زبان تائين محدود رهيو آهي؛ تنهنڪري انهيءَ ڏس ۾ اسان کي جيڪي ڪجهه ڪرڻ کپندو هو، سو ڪونه ڪري سگهيا آهيون: ورنه اسان کي گهڻوئي ڪجهه ملي وڃي ها، ۽ لساني خواه ادبي  تحقيقات جي لاءِ اسان اڳيان نيون نيون راهون ۽ جدا جدا رستا کلي وڃن ها.

اسان جيڪڏهن فقط پنهنجي ملڪ ۾ ئي، سنڌ جي ڪتبخانن ۽ خاندانن جي قديم ذخيرن جي دل لڳائي ڇنڊڇاڻ ڪريون ها، ته ”همت مردان مدد خدا“، اسان جي جهولي خالي اصل نه رهي ها ۽ ضرور ڪي نه ڪي ادبي اجزا اسان کي اهڙا ملي وڃن ها، جيڪي اسان جي ٽٽل ادبي ڪڙين کي ڳنڍڻ جو ڪم ڏين ها.

همت هاري، حوصلو ڇڏي، دلگير ۽ دل هير ٿي، اسان کي جيڪي اتفاقي شيون هٿ آيون آهن، اڄ تائين فقط انهن تي اعتبار ڪريو، پنهنجي ادبي تحقيق ۽ تلاش جو مدار رکيو، ويٺا رڳو ڏڌ ولوڙيون؛ انهيءَ ئي ڪم همتيءَ ۽ سست رويءَ جو ڪارڻ آهي، جو اسان حضرت شاه صاحب ڀٽائيءَ کي ئي پنهنجي ادب جو بنيادي ستون بڻائي، ان جي پيا پرستش ڪريون، ۽ 1165هه کان اڳ جي 11 صدي جي سڀني سنڌي ادب جي خدمت گذارن کي وساري ۽ ميساري ويٺا آهيون. اسان جي چشم پوشيءَ ۽ روگردانيءَ جي اها حالت آهي، جو خود قاضي قاضن کان وٺي شاه سڳوري تائين، جن متعدد شاعرن جو ڪلام اسان جي هٿ آيو آهي، ان تي به جيڪو توجهه ڏيڻ کپندو هو، سو  ڪونه ڏيئي سگهيا آهيو، حالانڪ خود شاه جي ئي زماني جو  سنڌ جو عظيم ترين شاعر شاه عنايت صوفي به اسان جي توجهه ۽ ياد جو مستحق نه رهيو آهي. جيستائين منهنجو مطالعو آهي، اِهو شاعر، يا خود شاه ڪريم يا انهيءَ دﺆر جا ٻيا شاعر، نه رڳو فني ۽ لساني لحاظ سان شاه صاحب جي همسري ڪري سگهن ٿا، بلڪ خود تصوف جي ميدان ۾ به اوليت جو شرف انهن کي حاصل آهي.

خود شاه صاحب جي ذات والا صفات تي جيڪا چند سالن کان اسان جي اديبن ۽ عالمن جي ڌماچوڪڙي  ۽ وٺ پڪڙ ٿي آهي، سا به محض سطحي، سرسري، ۽ عاميانه انداز ۾. انهيءَ سموري تنقيدي، تحقيقي، ۽ تعريفي انبار کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪري، پوءِ مطالعو ڪجي، ته معلوم ٿي ويندو ته سواءِ تڪرار ۽ هڪ ئي ڳالهه کي باربار دهرائڻ جي ڪابه مختلف ۽ انوکي يا اڇوتي ڳالهه نظر ڪانه ايندي. شاه صوفين جو سرتاج هو، شاه قومي شاعر هو، شاه راڳ جو ماهر هو، شاه محب وطن هو، شاه ڪانگريسي هو، شاه مسلم ليگي هو، شاه رومي هو، شاه گوئٽي هو، شاه هير کي پيش ڪيو آهي، شاه مارئيءَ کي زنده ڪيو آهي،  الغرض شاه هر دور جي دوا آهي ۽ شاه هر مرض جو علاج آهي، مطلب ته جيڪا ڪار غالب ۽ اقبال سان ٿي آهي سا ويڌن اسان حضرت شاه صاحب سان ڪئي آهي.

اسان پنهنجي فطري عقيدتمنديءَ سبب شاه جي تعريف ۾ سڀڪجهه چئي ويا آهيون، ليڪن هن لحاظ سان  ڪڏهن به اسان نگاهه ڪانه ڪئي آهي ته شاه جي پيدا ڪيل ادب ۾ علمي، ادبي، لساني ۽ فني خوبيون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن، ۽ ٻين زبانن جي ادب ۽ شاه جي ادب جي وچ ۾ ڪهڙيون امتيازي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن، ۽ شاه ادب ۾ ڪهڙيون نيون شيون پيدا  ڪيون آهن،  جيڪي ٻين زبانن جي ادب کان اسان جي ادب جو شان دوبالا ڪن ٿيون.

منهنجو خيال هي آهي ته شاه تي لکندڙن جي اڳيان چونڪه ٻين زبانن جو ادب ڪونه آهي، يا ته هو پڙهن نٿا يا ان تي کين دسترس ڪونه آهي،  جنهنڪري تقابل ڪري ڪونه ٿا سگهن. جيڪي لکن ٿا سو رڳو قصيده خواني ٿيو پوي، جنهن مان اسان جي علمي خواهه تحقيقي سرمايي ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿو ٿئي، ۽ خود  شاه جي ادب جو اصلي مقام،  خوبيون ۽ خصوصيتون به اسان جي نظر کان اڄ تائين پوشيده رهجي  ويون آهن.

مطالعي جي افلاسي تحقيق ۽ اُن جي ڪوتاهيءَ ڪارڻ ۽ نيازمنديءَ جي وهڪري ۾ وهي، اسان هر ادبي ايجاد کي هن وقت تائين شاه صاحب ڏانهن منسوب ڪندا رهيا آهيون، چنانچه آءُ جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪافيءَ جي صنف جو ايجاد به شاه جي دامن سا ڳنڍيون ٿا، حالانڪ اهو شاه صاحب تي سراسر الزام ۽ بهتان آهي، جيئن ته منهنجي تحقيق آهي ته ’ڪافي‘ سنڌ ۾ شاه جي پيدا ٿيڻ کان تقريباً ڏيڍ سـﺆ ورهيه کن اڳ نه فقط ايجاد ٿيل هئي، بلڪ مقبول ۽ عام هئي. انهيءَ صنف تي ’ڪافيءَ‘ جو نالو به انهيءَ ئي زماني ۾ هو.

شاه صاحب جو تولد 1102هه ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 1165هه ۾ ٿي. سندس زماني  کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ پاٽ جي ويٺل هڪ صوفي بزرگ شيخ لادجيو سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو، جيڪو ڪافيون ڳائيندو هو.

اوهان کي معلوم آهي ته پاٽ سنڌ جو قديم شهر آهي. اسان جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جاڪيترا واقعا ساڻس منسوب آهن. سمن، ارغونن ۽ مغلن جا ڪيئي معرڪا انهيءَ شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٿيا. سنڌ جي قسمت جا ڪيترا فيصلا انهيءَ سرزمين تي وقوع ۾ آيا. همايون بادشاهه، اڪبر اعظم جي والده حميده بانو بيگم سان شب عروسي انهيءَ شهر ۾ ماڻي. سياسي واقعن کان سواءِ خود علمي ۽ ادبي خواهه روحاني سلسلي ۾ به انهيءَ شهر جي مردم خيز خطي ڪيترا بزرگ پيدا ڪيا، جن نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ بلڪ ان کان ٻاهر نڪري به نالو پيدا ڪيو، جيڪي اڄ  جيتوڻيڪ اسان جي اسلاف فراموشيءَ واري عادت سبب اسان کي ياد ڪونه آهن، ليڪن تاريخ، سوانح ۽ ادب جي ڪتابن ۾ پنهنجي زرين ڪارنامن سبب زنده آهن ۽ هميشه زنده رهندا.

پاٽ جو بزرگ حضرت قاسم ابن يوسف سنڌي، شيخ طاهر محدث سنڌي، شيخ مبارڪ سنڌي ۽ حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسى جندالله شطاري اگرچه اوهان جي نظرن کان پوشيده آهن، ليڪن علمي ۽ روحاني ميدان جا مسافر انهن کان واقف ۽ انهن جي سهڻن ۽ سونهري ڪارنامن کان آشنا آهن.

جنهن ”ڪافي دان“ بزرگ جو نالو مون ورتو آهي، سو به انهيءَ شهر جو باشندو ۽ مٿي ذڪر ڪيل بزرگن جو صحبتي، ساٿي ۽ سنگتي هو. همايون جڏهن شيرخان لوڌيءَ کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي اچي ڊڪ ڊوڙ مچايائين، تڏهن سنڌ جا ڪيترا درويش، صوفي، اوليا ۽ امن پسند اديب ۽ عالم انتشار ۽ بد امنيءَ سبب هتان لڏي، ٻاهرين ملڪن ڏي هليا ويا. پاٽ جي بزرگن به گجرات، دکن ۽ برهانپور طرف رخ رکيو، چنانچه سڀ کان اول حضرت قاسم، شيخ طاهر محدث ۽ سندن خاندان جي ٻين ماڻهن پنهنجي وطن کي خيرباد چيو، جنهن کان پوءِ انهن جي ڪيترن مريدن، معتقدن ۽ شاگردن خواهه سنگتين ۽ ساٿين، انهن جي ڪشش ۽ قرب ڪارڻ، ديس ڇڏي پرديس اختيار ڪيو ۽ سڀئي وڃي برهانپور ۾ گڏ ٿيا.

انهن سنڌي بزرگن پنهنجي روحاني ۽ علمي قوت جي آڌار تي، اتي وڃي ايڏو وڏو اثر پيدا ڪيو، جو برهانپور جي حاڪم کان وٺي ادنى عوام تائين اُتي سندن معتقد ۽ مريد ٿي پيا. انهن بزرگن جي طفيل اڄ تائين برهانپور ۾ ”سنڌي پوري“ جو محلو آباد آهي ۽ اڄ به سندن معتقد اتي موجود آهن.

روحاني رهاڻ سان گڏ انهن بزرگن علم ۽ ادب جي مسند کي به وڃي آراسته پيراسته ڪيو، چنانچه حضرت قاسم سنڌي، شيخ طاهر محدث، حضرت مسيح الاوليا ۽ بابا فتح محمد سوين ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ مذهبي علومن جي هر شاخ ۾ لکيا.

خود سنڌي ادب جو به چرچو وڃي پرديس ۾ پيدا ڪيائون. شيخ قاسم پاڻ سنڌيءَ جو زبردست شاعر هو، ۽ سندس اولاد مان حضرت مسيح الاولياءَ ۽ اُن جي فرزند رشيد حضرت بابافتح محمد جي به پنهنجي وطني ادب سان بيپناهه دلچسپي هئي. شيخ محمد قاسم جو انتقال 981هه ۾ ٿيو، گويا قاضي قاضن جي دﺆر جي ٻئي به هڪ سنڌي شاعر جو اسان جي ادبي تاريخ ۾ اضافو ٿئي ٿو.

انهن بزرگن سنڌي راڳ کي به فروغ ڏنو، ۽ برهانپور ۾ هميشه راڳ روپ جون مجلسون ڪندا رهندا هئا. انهن ئي مجلسن جو مور شيخ لاد جيو هوندو هو، ۽ ان جي ئي دم خم سان انهيءَ قسم جون مجلسون اُتي آباد رهنديون هيون.

”تذڪرة الابرار“ جو مصنف غوثي لکي ٿو ته ”شيخ لاد جيو حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ، خوش گلوئيءَ جي نعمت عظمى سان به مالامال هو، نغمه سنجي ۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو، سنڌي ڪافيون اهڙي درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو، بلڪ ٻڌندڙ به محو ۽ مسحوز ٿي ويندا هئا.“

اوهان کي اهو ياد رکڻ کپي ته ٻڌندڙن ۾ فقط سندن بزرگ نه  هئا، بلڪ انهن مجلسن ۾ برهانپور ۽ ان جي اطراف جا معتقد ۽ مريد به شامل ٿيندا هئا، ۽ انهن غير سنڌي سامعين تي به سنڌ جو دلنواز نغمو اثر انداز ٿيندو هو، ۽ کين مست ڪري ڇڏيندو هو.

انهن مجلسن جي ڪشش ايتري قوي ۽ کنچاوٽ انهيءَ حد تائين مضبوط هئي، جو جيڪو هڪ دفعو ان ۾ شريڪ ٿيو، سو بار بار شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. برهانپور جي فاروقي  حڪمران محمد  شاه هڪ سنڌي بزرگ شيخ مبارڪ کي برهانپور کان ٻاهر قاضي القضاة جو عهدو ڏيئي اماڻيو، هو بزرگ جلدئي انهيءَ عهدي تان ان ڪري استعفا ڏيئي برهانپور موٽي آيو، جو اتي کيس اهي صحبتون نصيب نه هيون ۽ شيخ لاد جيو جا سنڌي نغما  ميسر ٿي ڪونه ٿي سگهيا.

شيخ لادجيو  جي  وفات ستر ورهيه جي ڄمار  ۾ 1007هه ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان هن جو تولد 930هه ۾ ٿيو هوندو. اهو زمانو قاضي قاضن جو آهي جنهن جا فقط 7 ڏوهيڙا اسان کي مليا آهن ۽ شاه صاحب جي دﺆر کان پوڻين ٻن صدين اڳ جو اهو قصو آهي.

تذڪره نگار، غوثي، اهو پڻ ڄاڻائي ٿو ته ’ڪافي‘ سنڌ جو مقبول ترين راڳ آهي.

مٿين حقيقت اسان کي هيٺين نتيجن تي پهچائي ٿي__

(1) شاه ’ڪافيءَ‘ جو موجد نه آهي، بلڪ کانئس تقريباً ٻه صديون اڳ سنڌي ادب ۾ ’ڪافي‘ نه فقط موجود هئي، ليڪن مقبول عام هئي.

(2) شاه کان ٻه سـﺆ ورهيه اڳ ڪيئي ڪافي گو شاعر پيدا ٿيا هوندا، جن جون ڪافيون شيخ لادجيو چوندو هو. ظاهر آهي ته هڪ ئي شاعر جو ڪلام باربار ڪونه ڳايو ويندو هوندو.

(3) انهيءَ لحاظ مان هن شڪ جي ڪافي گنجائش موجود آهي، ته قاضي قاضن ۽ انهيءَ دﺆر جي ٻين شاعرن به ڪافيءَ جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي هوندي، ليڪن اسان جو اهو سڄو ادبي ترڪ غالباً سمن، ارغونن، همايون ۽ ان کان پوءِ ترخانن ۽ مغلن جي مسلسل انتشار ۽ ڪشاڪش ۾ برباد ٿي ويو ۽ شايد بچيل سچيل پس انداز وري نور محمد ڪلهوڙي جي ڪتبخاني سان گڏ نادر شاه ايران ڏانهن کڻي هليو ويو.

(4) ڪافي،  ڪافيءَ جي نالي سان، شاه کان ٻه صديون اڳ ئي مشهور هئي. معلوم نه آهي ته شاه صاحب انهيءَ صنف تي وائيءَ جو نالو ڇو وڌو، ان جا اسباب تحقيق طلب آهن.

(5) سنڌي راڳ خواهه زبان ۾ ايتري ڪشش ۽ ميٺاج هو، جنهن برهانپور جهڙي وسطي هند جي دور افتاده ٽڪري ۾ انهن جي باشندن کي به ان سان مانوس ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪوبه تعلق براه راست سنڌ ۽ سنڌي زبان سان ڪونه هو ۽ نه ڪا آمدرفت هئي.

اسان کي سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي تحقيق ڪرڻ گهرجي: اهو قاعدو ڪليه آهي ته جنهن قوم کي زبان ڪانه آهي، اها قوم نه آهي، ۽ جنهن زبان کي تاريخ نه آهي، اُها زبان زبان نه آهي. اسان تي فرض آهي ته پنهنجي زبان ۽ ان جي ادب جو ذخيرو گڏ ڪريون، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري صدين جو جيڪو گرد و غبار مٿس پئجي ويو آهي ان کي لاهي، صاف ڪري، تحقيق جا رستا کوليون.

جيڪڏهن اسان ڪوشش، تجسس ۽ تلاش شروع ڪئي، ته خود سنڌ جي سرزمين ئي ڪيترا اڻ  لڀ امل ماڻڪ اسان جي جهوليءَ ۾ وجهندي.

[”نئين زندگي“، 3_ 1953ع]

 

سنڌي زبان جا قديم شاعر

 

سنڌي نظم خواه نثر جي تاريخ اڃ تائين  نامڪمل آهي. صدين جي ادبي  سرمايي ضايع ٿي وڃڻ ڪري اسان کي اڃا تائين اها  سڌ ڪانه پئجي سگهي آهي ته سنڌي زبان جو پهريون شاعر ڪير هو ۽ نه پاڻ کي اها خبر اٿئون  ته پهريون نثر نويس ڪهڙو بزرگ ٿيو. قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم کان مٿين صدين جو نه ڪو شاعر ملي سگهيو آهي، ۽ نه وري شعر جو ڪو نمونو ئي حاصل ٿيو آهي، جنهن مان سنڌي شاعريءَ  جي ارتقا جو پتو پئجي  سگهي.

قاضي قاصن يا شاه ڪريم جا ڏوهيڙا ڏهين صدي هجريءَ جا آهن، ۽ ايترو ته ترقي يافته آهن، جو اسان انهن کي سنڌي شعر جو ابتدائي نمونو ڪوٺي نٿا  سگهون. اهي ايترو سهڻا پخته وزن ۽ معنى تي بيٺل آهن، جو انهن ۽ شاه جي بيتن ۾ ڪو به فرق معلوم ڪونه ٿو ٿئي. تحفـﺔ الڪرام خواه ٻين ڪتابن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي دور ۾ اگرچه ترخاني ۽ ارغوني حڪومت ڪري دربار خواه اعلى طبقي جي زبان فارسي هئي، ۽ عام لکپڙهه پڻ فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي، تاهم عوام جي زبان سنڌي هئي. صوفين ۽ سالڪن، خانقاهن جي مالڪن ۽ سجاده نشينن، عوام تائين پنهنجي  تعليمات کي پهچائڻ لاءِ فارسيءَ جو نه، بلڪ سنڌيءَ جو ذريعو اختيار ڪيو، ۽ انهيءَ ڏهين صديءَ واري دور ۾ سنڌي زبان جا ڪئين شاعر هئا، جن پنهنجي تعليمات کي سنڌي بيتن جي ذريعي عوام ۾ ڦهلايو. نه فقط بيت سنڌي زبان ۾ چيا ويا بلڪ ڪافيون پڻ تصنيف ڪيون ويون، جيڪي خانقاهن اندر سماع جي مجلس ۾ ڳايون وينديون هيون (ڏسو ”مهراڻ جون موجون“). ”تحفـﺔ الڪرام“ قاضي قاضن واري دور جي  ڪيترن سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، ۽ خود انهيءَ دور کان 150 ورهيه کن اڳ جي هڪ صوفي شاعر شيخ حماد جماليءَ جو پڻ نالو آندو اٿائين. انهن سڀني حقيقتن مان  اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ڪئين صديون آڳاٽو ٿي هوندي ۽ 10 صدي کان اڳ ئي سنڌي شاعري پنهنجون ارتقائي منزلون طيءِ ڪري چڪي هوندي.

سنڌ جا جيڪي عشقيـﮧ قصا آهن، مثلاً سسئي پنهون، عمر مارئي ۽ ليلا چنيسر  وغيره، انهن جي  سلسلي ۾ پڻ اڄ  تائين اسان جو اهو گمان بلڪ يقين رهيو آهي ته انهن کي سڀ کان پهريون شاه عبداللطيف 12 صديءَ هجريءَ ۾ سنڌي نظم ۾ آندو، ۽ انهن مان حقيقت جا راز، ۽ حب الوطنيءَ جا جذبات آشڪار ڪيائين. ليڪن ”تحفـﺔ الڪرام“، جيڪو شاه جي وفات کان 23 ورهيه پوءِ لکيو ويو آهي ۽ جنهن جو مصنف شاه جي وفات (1165هه) وقت 25 ورهين جو عالم فاضل نوجوان هو، ان جي لفظن تي ڪنهن به غور و فڪر ڪونه ڪيو آهي. ان  جي لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته اهي قصا سنڌ جي سرزمين تي  صدين کان مشهور آهن ۽ صدين کان ئي سنڌ جي سالڪن منجهانئن مجاز جا پردا کولي، حقيقت جا راز ۽ رمزون سنڌي نظم ۾ بيان ڪيا  آهن؛ ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ انهن ئي قصن مان سلوڪ جا صاحب وجد ۽ حال جو مزو ماڻيندا رهيا آهن. اهي قصا ايترو ته مقبول هئا، جو شاه جي تولد ٿيڻ کان هڪ صدي اڳ فارسي مثنوين ۾  پڻ اچي ويا هئا. جڏهن سنڌي نظم ۾ اچي چڪا هئا، تڏهن ته فارسي شاعرن پڻ انهن ڏي توجه ڪيو! انهن قصن متعلق ”تحفـﺔ الڪرام“ جا لفظ هن طرح آهن:

سسئي پنهون: ”بني اميه جي گورنرن جي دور ۾ بنڀور راءِ نالي هڪ راجا ڀنڀور شهر تي، جيڪو سندس نالي پٺيان ٻڌو ويو هو، راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي ڏينهن ۾ سسئي پنهونءَ جي عشق جو واقعو ٿيو.“ گويا عشق ۽ محبت جو اهو عظيم داستان 133هه کان اڳ مرتب ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال تائين بني امين جو سنڌ تي راڄ هو. مير قانع انهيءَ قصي جي سلسلي ۾، سنڌي نظم متعلق جيڪي لفظ لکيا آهن سي غور جي قابل آهن. لکي ٿو: ”انهيءَ وقت کان وٺي هي عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي؛ ۽ حال ۽ قال جا صاحب هي احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي واتان، جن مان هرهڪ درحقيقت عاشق به هو ۽ معشوق به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر به ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا آهن. مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان وجد ۽ سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(66).

جيڪڏهن فقط شاه ان قصي کي بيان ڪيو هجي ها، ته ضرور ان ڏي اشارو ڏئي ها، يا ڪنهن هڪ شاعر ان کي نظم ڪيو هجي ها ته ان جو نالو ڏئي ها، جيئن فارسيءَ ۾ ان قصي جي لکندڙ مير معصوم جو نالو، جنهن 1010هه کان اڳ ان قصي تي مثنوي لکي، ڄاڻايو اٿائين: پر سندس مٿئين لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته قديم الايام کان اهو قصو سنڌي نظم ۾ اچي چڪو هو ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ ڳايو ويندو هو؛ ۽ هڪ کان وڌيڪ شاعرن انهيءَ کي سنڌي نظم ۾ قلمبند ڪيو هو!

سورٺ: راءِ ڏياج جو قصو لکندي چوي ٿو ته: ”خاص سورٺ جي سر ۾ [هيءُ قصو] حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي“(77).

عمر مارئي: سومرن جي حاڪم عمر جو اهو قصو آهي جيڪو 8 صدي هجريءَ ڌاري ٿي گذريو آهي.انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: ”مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب مخصوص سر ۾ جوڙي ترانن ۾ ڳائيندا آهن ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن؛ ظاهر پرستن تي پڻ انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير ٿيندو آهي“(103).

ان مان صاف ظاهر آهي ته نه فقط اهو قصو شاه کان اڳ منظوم ٿي چڪو هو، بلڪ ڪيترن ئي حال جي صاحبن ان کي خاص سر ۾ جوڙيو، يعني نظم ڪيو هو، ۽ اُهو سنڌي ترانن ۾ ڳايو ويندو هو.

مومل مينڌرو: هي قصو همير سومري جي زماني جو آهي، جيڪو، بقول ”تحفـﺔ الڪرام“، سومرن جو آخري بادشاه هو. مير مرحوم ان قصي لاءِ لکي ٿو ته: ”هي احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن“(108).

سندس مٿئين لکڻ مان پڻ اهو ظاهر آهي ته هن مخصوص سر جا بيت به زماني کان وٺي ڳائبا ٿي آيا ۽ اهو قصو متعدد شاعرن سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو.

ليلا چنيسر جو واقعو پڻ قديم قصن مان آهي. قصي جي بيان ڪرڻ بعد قانع لکي ٿو ته: ”حال جي صاحبن هن احوال کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان مٿن عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(12). گويا ڪيترن ”حال جي صاحبن“ انهيءَ قصي کي به سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو هو. هن قصي کي به 11 صديءَ جي شروع ڏهاڪي ۾ ادراڪي بيگلاريءَ فارسيءَ ۾ نظم ڪيو. مير قانع سندس نالو انهيءَ سلسلي ۾ کيون آهي. جيڪڏهن انهيءَ قصي جو سنڌي نظم ڪندڙ به ڪو هڪ يا ٻه شاعر هجن ها ته ضرور انهن جو نالو به آڻي ها. خود شاه جو نالو به ڪونه ڏنو اٿائين، جنهن مان ظاهر آهي ته شاه کان اڳي ئي ڪيترن سنڌي شاعرن ان کي نظم ڪيو __ ڪنهن جا نالا قانع لکي ڪنهن جا لکي!

نوري ۽ ڄام تماچي: هي قصو سمن جي دور جو آهي. انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع هي لفظ لکي ٿو: ”ڄام تماچيءَ جي ساڻس (يعني نوريءَ سان) عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾ هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي“(29). انهيءَ عبارت مان پڻ ساڳئي نتيجي تي پهچجي ٿو.

مٿئين سڄي مذڪور مان مجموعي طرح اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته سنڌي نظم، بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون، قاضي قاضن کان صديون اڳ سنڌ اندر چيا ٿي ويا. نه قاضي قاضن ئي سنڌ جو پهريون سنڌي شاعر آهي ۽ نه شاه عبداللطيف ئي ڪافيءَ جو موجد ۽ سنڌ جي عشقيـﮧ قصن کي سڀ کان پهريون نظم ڪندڙ آهي. بلڪ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته شاه جي دور ۾ اهي قصا سنڌي نظم ۾ ايترو ته مشهور ۽ حال ۽ وجد آڻيندڙ هئا، جو شاه کي خود انهن قصن کي نظم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو.

8 صديءَ کان وٺي 12 صديءَ هجريءَ تائين جن سنڌي شاعرن جو ذڪر مير قانع تحفـﺔ الڪرام (1188هه) ۾ اتفاقاً آندو آهي، اسان هن هيٺ انهن جو احوال ترتيبوار يڪجا ڏيون ٿا، جنهن مان اندازو ٿيندو ته مٿين صدين ۾ سنڌي شعر و سخن جو رواج ڪيتري قدر هو.

 

قاضي قاضن کان اڳ جا سنڌي شاعر

سمن سلطانن جي پنهنجي زبان سنڌي هئي، تنهنڪري عوام خواه خواص ۽ پڻ دربار تي سنڌي  زبان جو قبضو هو. فارسي ۽ عربي اگرچه اعلى تعليم جي سلسلي ۾ رائج هيون، ليڪن مدرسن ۽ مسجدن کان ٻاهر انهن ٻولين کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شعر به چڱوئي مقبول هوندو ۽ ڪيترائي سنڌي  شاعر پڻ هوندا، ليڪن جنهن صورت ۾ اسان تائين ان دور جي ڪابه لکت پهچي ڪانه سگهي آهي، تنهنڪري اهو سڄو زمانو انڌيري ۾ آهي.

”تحفـﺔ الڪرام“ جي ذريعي اسان کي سمن سلطانن جي دور جي فقط هڪ سنڌي شاعر جو نالو ملي سگهيو آهي. يعني شيخ حماد جمالي، جنهن جي سنڌي شعر جو مذڪور هن ريت آهي:

شيخ حماد جمالي: تحفـﺔ الڪرام جي روايت آهي ته سنڌ جي  سمي سلطان ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي، انهيءَ خطري کان ته متان اُهي ڪنهن وقت کانئس سنڌ جو تخت و تاج کسين، قيد ڪري، دهليءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڄام تماچيءَ جي والده شيخ حماد جماليءَ جي معتقد هوندي هئي. ان خاتونءَ انهيءَ واقعي بعد روزانو شيخ جي  درگاه جي اچي ٻهاري ڏيڻ شروع ڪئي. هڪ ڏينهن شيخ جي نظر شاهي خاندان جي ان پوڙهيءَ مائيءَ تي وڃي پيئي. کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال پڇيائين، جنهن تي مائيءَ روئي کيس سڄو احوال ڪيو. ٻڌڻ سان شيخ جذبي ۾ اچي ويو، سندس حالت عجيب ٿي ويئي، مٿس ايترو جلال طاري ٿيو، جو ان وقت هڪ سنڌي بيت بلند آواز سان پڙهيائين جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن جي نه فقط رهائيءَ ۽ سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي نويد هئي، بلڪ ملڪ جي والي ۽ وارث ٿيڻ ڏانهن به اشارو ڪيل هو(458).

اهو بيت نه قانع تائين پهتو ۽ نه اسان تائين پهچي سگهيو، ليڪن ان مان صاف ظاهر آهي ته شيخ حماد عليـﮧ رحمـة سنڌي زبان جو شاعر هو، ۽ هن نه فقط اهو هڪ بيت چيو هوندو بلڪ گهڻائي سنڌي بيت حقيقت ۽ معرفت ۾ چيا هوندائين، جن مان ڪوبه محفوظ رهي نه سگهيو. ان مان اهو به صاف ظاهر آهي ته انهيءَ دور ۾ فقط هڪ شيخ حماد سنڌي جو شاعر نه هوندو بلڪ ٻيا به ڪيترائي هوندا، جن جا نالا اسان تائين پهچي نه سگهيا.

شيخ جي وفات جو سال قانع ڪونه ڏنو آهي، ليڪن شيخ جو هڪ سنگتي، شيخ عيسى برهانپوري، جنهن صورت ۾ 831هه ۾ فوت ٿيو، تنهنڪري قرين قياس اهوئي آهي ته شيخ حماد 8 صديءَ جي آخر جو بزرگ هو ۽ قاضي قاضن کان تقريباً منيون ٻه صديون اڳي هو.

قاضي قا:ن جي دور جا شاعر

قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بکري سيوستاني 958هه ۾ فوت ٿيو. هن سمن سلطانن جي پڄاڻيءَ ۽ ارغونن جو سڄو دور ڏٺو. اهو دور فارسي زبان جي حڪمرانيءَ جو هو. ملڪ جي حاڪمن، انهن جي دربارين ۽ انهن جي اميرن جي زبان فارسي هئي. فارسيءَ جي هنن سرپرستي ڪئي، قنڌار، هرات ۽ ايران کان ڪيترا عالم، شاعر، مصنف ۽ صوفي اچي نڪتا، جن جي اچڻ ڪري سنڌ جو سمورو ماحول فارسي ٻوليءَ سان گونجي ويو. تنهنڪري انهيءَ دور ۾ اها اميد رکڻ ته سنڌي زبان جي سرڪاري طرح ڪا سرپرستي ٿي هوندي، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. ازانسواءِ قاضي قاضن جي دور واري اها سموري صدي امن امان ۽ خير سلامتيءَ واري صدي نه هئي بلڪ جنگ وجدل، قتل ۽ غارتگري ۽ ڪشت و  خون جي صدي هئي. ارغونن جو سيويءَ کان سنڌ تي حملو، ٺٽي جي فتح وقت وڏيءَ خونريزيءَ بعد صلاح الدين سمي جو حملو، فيروز ۽ شاه حسن جي جنگ، شاه حسن جا حملا بکر، اُچ ۽ ملتان تي، همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هڪٻئي سان آويزش ۽ خانه جنگي، عيسى ترخان ۽ محمود بکريءَ جي جنگ و جدل، گوا جي عيسائين جو ٺٽي ۾ اچي قتل عام ڪرڻ، ميرزا عيسى جي پٽن جو هڪٻئي سان تخت و تاج لاءِ وڙهڻ، مرزا باقيءَ جي ٺٽي ۽ سنڌ ۾ خونريزي ۽ مظالم، جاني بيگ جا هنگاما ۽ آخر ۾ جاني بيگ ۽ خان خانان جي لڙائي، جنهن ۾ سنڌ وڃي مغلن جي قبضي ۾ پهتي __ اهي سڀ وارداتون ۽ ويل ڏهين صديءَ هجريءَ ۾ ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نه امن امان مليو، ۽ نه سڪون  ۽ راحت نصيب ٿي. سموري صدي، سڄو ملڪ غير ملڪي حڪمرانن جي ڏاڍاين ۾ پيڙبو ٿي رهيو. انهن حالتن ۾ سنڌي شعر و سخن ڪنهن کي ياد هجڻ گهرجي! ليڪن خوش نصيبي اها ٿي، جو جڏهن سنڌي زبان جي سرپرستي حاڪمن ڇڏي،  تڏهن ان جون واڳون سنڌ جي صوفين، خانقاهن جي سجاده نشينن، سلوڪ جي صاحبن ۽ حقيقت جي رمز ۽ نڪتن پروڙيندڙ بزرگن  پنهنجي هٿن ۾ ورتيون. قاضي قاضن اگرچه جيد عالم هو، ليڪن صوفي ۽ سلوڪ  جو صاحب هو. ان جا 7 بيت انهيءَ صديءَ جي پهرئين اڌ جا آهن، جيڪي اسان وٽ پهتا آهن، ۽ شاه ڪريم  پڻ وليءُ ڪامل هو، جنهن جو رسالو ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو آهي. علاوه ازين، انهيءَ صديءَ ۾ سنڌيءَ جا ڪيترا ٻيا شاعر پڻ ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري سڀئي صوفي ۽ سالڪ هئا، جن پنهنجي تعليمات کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ عوام جي ئي زبان جو ذريعو اختيار ڪيو. انهيءَ صديءَ ۾ بيت ۽ ڏوهيڙي ته زور ورتو، ليڪن سنڌيءَ ۾ ’ڪافي‘ پڻ ڪثرت سان چئي ويئي. خانقاهن، مزارن ۽ مقبرن تي سماع جون مجلسون منقعد ٿينديون هيون. انهن ۾ سنڌي ڏوهيڙا ۽ ڪافيون چيون وينديون هيون. نه فقط سنڌ اندر، بلڪ ان صديءَ جي وچ ڌاري پاٽ جو هڪ صوفي خاندان لڏي برهانپور ويو. اتي پڻ جيڪي سماع جون مجلسون اهي بزرگ منعقد ڪندا هئا انهن ۾ سنڌي ڪافيون چوندا هئا، جن جو سُر ۽ چوڻي انهن ماڻهن کي به وجد ۽ حال ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، جيڪي سنڌي زبان  کان بلڪل ناآشنا هئا.

”تحفـﺔ الڪرام“ هن صديءَ جي متعدد سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:

سوناري وارو بيت: مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق، هالن جو ولي الله هو، سماع سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هيس، جڏهن راڳ ٻڌندو هو ته ان وقت مٿس عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي. بزرگ جي وفات به سماع ٻڌندي ئي ٿي.

مير ’قانع‘ جي روايت آهي ته ”بزرگ هالن کان ڪهي، نيرن  ڪوٽ آيو. اتفاقاً هڪ ڏينهن ڪنهن جاءِ تي سماع جي مجلس قائم هئي، ۽ بزرگ به اچي اتان لانگهائو ٿيو. ان وقت هڪ سونارو ڏاڍي الحان ۽ سوز و گداز سان هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان بزرگ تي حال طاري ٿي ويو، ۽ انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ سندس انتقال ٿيو.“

مير ’قانع‘ سندس وفات جو سال 936هه لکيو آهي (378)، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سوناري، جنهن شاعر جو اهو بيت پڙهيو، سو ضرور سمن جي دور  جو هوندو ۽ قاضي قاضن کان يا ته اڳي هوندو يا سندس معاصر هوندو. انهيءَ واقعي مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ارغون پنهنجي اوج تي هئا ۽ شاهه بيگ سڄي سنڌ لتاڙيندو ٿي وتيو ۽ فارسيءَ جو دور دورو هو، ان وقت سنڌ جي سرزمين تي سنڌي سماع ۽ سنڌي نظم جو قبضو هو.

درس علاء الدين سومرو انهيءَ دﺆر جو خدا رسيدو بزرگ هو. سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. ’قانع‘ جو قول آهي ته ”سيد علي ثاني ۽ سندس وچ ۾ سنڌي بيتن اندر وڏو سوال جواب هليل آهي، جيڪو مشهور آهي“(621).

افسوس آهي، جو اهو منظوم مڪالمو جيڪو 1188هه تائين محفوظ ۽ مشهور هو، سو اسان تائين پهچي نه سگهيو. بهرحال اهو شاعر پڻ قاضي قاضن جي دور جو آهي.

سيد علي ثاني: سيد علي ثاني ارغوني دور جو وڏي ۾ وڏو پير، جيد عالم ۽ تمام وڏي اثر ۽ اقتدار جو صاحب هو. ارغوني ۽ ترخاني دور ۾ ڪوبه واقعو ٿيندو هو، ته خود حڪومت به ڏانهس رجوع ڪندي هئي. اڪبر جڏهن عمر ڪوٽ ۾ ڄائو (5 رجب 949هه)، تڏهن کيس جيڪو پهريون چولو پارايو ويو، سو برڪت خاطر سيد جي پيراهن مان ٽڪر ڦاڙي سبيو ويو هو (”ترخان نامه“ جو قول). سيد پاڻ فيض، مخدوم اجر کان پرايو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. سندس پٽ، سيد جلال، مرزا محمد صالح بن عيسى ترخان جو ڄاٽو هو.

سيد فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو وڏي ۾ وڏو عالم هو. عربيءَ  ۾ ”آداب المريدين“ نالي ڪتاب لکيو اٿائين ۽ سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. افسوس آهي، جو سندس ڪلام جو ذخيرو ضايع ٿي ويو، ۽ درس علاﺆالدين سان جيڪو سندس سوال جواب هليو، سو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو. اسان  تائين ”معارف الانوار“ جي ذريعي سندس هڪ بيت پهتو آهي، جيڪو هن طرح آهي:

سرتين سانگ سکن جو

مون کي رويو رهائين

آءُ ٿي هلان هوت ڏي

هو ٿيون واريو ويهارين

وريتيون ورن سين

ويٺيون گهر گهارين

کهندا ٿيون کارين

ڪانه هلندي هوت ڏي

سيد صاحب جي عمر قاضي قاضن جي وفات وقت (958هه) 67 ورهيه هئي؛ پاڻ 891هه ۾ ڄائو ۽ 981هه ۾ هن جهان مان برقعو مٽايائين.

مخدوم نوح: حضرت مخدوم صاحب هالن وري جو ذڪر ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ جابجا آيو آهي، ليڪن سندس سنڌي شاعريءَ متعلق ڪوبه اشارو ڪيل ڪونه آهي، حالانڪ سندس ڪجهه سنڌي بيت مشهور آهن، مثلاً: ”مقالات الشعرا“ ۾ (452) آهي ته شاه ڪريم مخدوم صاحب ڏانهن هڪ سنڌي بيت ڳجهارت طور موڪليو، جنهن جو جواب مخدوم صاحب به سنڌي بيت ۾ کيس ڏنو. جڏهن اهو جواب و سوال سيد علي ثانيءَ ٻڌو، تڏهن هن انهن ٻنهي سنڌي بيتن کي هڪڙي فارسي شعر ۾ هن طرح بيان ڪيو:

جان بجانان ده و گرنه از تو بستاند اجل

خود تو منصف باش اي دل اين نکو يا آن نکو

حضرت مخدوم  عليـﮧ رحمـﺔ ارغوني ۽ ترخاني دور سڄو ڏٺو. قاضي قاضن جنهن وقت فوت ٿيو، مخدوم صاحب ان وقت اڌيڙ عمر جو  هو. سندس انتقال خميس ڏينهن 27 ذيقعد 998هه جو، مرزا جانيءَ جي دور  ۾، ٿيو. سندس انتقال کان هڪ سال پوءِ 999هه ۾ مغل فوجون سنڌ تي ڪاهي آيون.

اسحاق آهنگر: اسحاق آهنگر جي متعلق اسان کي ڪابه معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي، فقط تحفـﺔ الڪرام جي ذريعي ”حديقـﺔ الاوليا“ جي روايت محفوظ رهجي ويئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسحاق آهنگر سنڌيءَ جو شاعر هو.

مير ’قانع‘، ”حديقـﺔالاوليا“ جي مصنف مير عبدالقادر جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ڀريو ويرداس هڪ موحد ۽ خدا رسيد وهندو هو، مٿس جذب جي حالت طاري هوندي هئي. جهنگل ۽ جبل وتندو هو جهاڳيندو ۽ تنواريندو. شهرن ۽ ماڻهن  سان ڪانه پيئي هيس. جهنگلي جانورن جو يار هوندو هو. ابتدائي دور خبر نه آهي ڪٿي گذريس، پوئين زماني ۾ اچي حيدرآباد  واري گنجي ٽڪر ۾ رهيو. انهيءَ جاءِ تي ماڻهو وٽس سوالي ويندا هئا، ۽ من  جون مرادون حاصل ڪري موٽندا هئا.

سيد عبدالقادر (”حديقـةالاوليا“ جو مصنف) پاڻ هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيو. ڀريو ويرداس ان وقت سنڌيءَ جو هڪ بيت پڙهي رهيو هو. سيد جي دل ۾ خيال آيو ته خبر نه آهي ته اهو ڪنهن جو شعر آهي، اها ڳالهه دل ۾ ئي هيس ته ڀرئي ويرداس وراڻي ڏيندي چيس ته ’اهو بيت اسحاق لوهر جو آهي‘(848).

”حديقـةالاوليا“ جو مصنف ميرزا جاني بيگ ترخان جي زماني جو ماڻهو هو، ميرزا جي امير خسرو چرڪس جي دامن دولت سان وابسته هو، هن پنهنجو ڪتاب 10 صديءَ جي بلڪل پڇاڙيءَ ۾ ميرزا جانيءَ جي عهد اندر لکي ميرزا خسرو جي نالي معنون ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ انهيءَ روايت جي آڻڻ مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهو بيت هن، ڀرئي ويرداس جي زباني، 980هه کان ٿورو اڳ يا پوءِ ٻڌو هوندو. تنهنڪري اسحاق لوهار متعلق اهو قرينو آهي ته هو 9 صديءَ جي آخر يا 10 صديءَ جي شروع جو هجڻ کپي، يعني ڄام نظام الدين (المتوفي 914هه) جي زماني جو_جيڪو قاضي قاضن جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو.

شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو مفصل ذڪر مير قانع ڪيو آهي (431)، ليڪن ان ۾ سندس سنڌي شاعريءَ ڏانهن ڪوبه اشارو ٿيل ڪونه آهي، حالانڪ ارغونن جي آخري دور، ترخانن جي سموري زماني ۽ مغلن جي ابتدائي عهد (المتوفي 1030هه) جو هي بزرگ، سنڌي زبان جو جيد شاعر هو. مذڪوره دور جي سنڌي ادبي سرمايي مان اسان وٽ فقط قاضي قاضڻ ۽ سيد مرحوم جا ڏوهيڙا بچي پهتا آهن.

قاضي قاصن ۽ شاه ڪريم ٻيئي هڪ هڪ صديءَ جا شاعر هئا__ پهريون ڏهين صديءَ جي پهرئين اڌ جو ۽ ٻيو بزرگ ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو.

درويش راڄو ستيه دل رائو ڳوٺ جو هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل باالله شخص هو. سندس زبان ڪپيندڙ ترار هئي. جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو. کيس جڏهن ڪو  معاملو  پيش ايندو هو، ان وقت اٿي بيهي، ڏاڍي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو.(449)

مير قانع انهيءَ بزرگ جي وفات جو سال 977هه لکيو آهي. جنهن  مان ظاهر آهي ته اهو بزرگ به ڏهين صديءَ جو ۽ قاضي قاضن جي دور سان متعلق آهي. مير قانع اهو ڪونه لکيو آهي ته اهو مجذوب پنهنجا شعر پڙهندو هو يا ڪن ٻين شاعرن جا، بهرحال ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته قاضي قاضن جي دور ۾ سنڌي شعر عام جام هو، ۽ شاعر به گهڻي ئي هئا. سندن شعر ايترو ته وڻندڙ ۽ ايڏو ته روح کي راحت ڏيندڙ هو، جو نه فقط سامت وارن سالڪن جي زبان تي هوندو هو، ليڪن هوش ۽ حواسن کان نڪتل مجذوبن جي منهن مان پڻ بي اختيار نڪري پوندو هو.

يارهين صديءَ جي سنڌي شاعري

يارهين صدي، سنڌ تي مغل حڪمرانيءَ جي انتهائي عروج جي صدي هئي. اڪبر،  جهانگير، شاه جهان ۽ عالمگير، سڀ انهيءَ صديءَ جا مغل حڪمران آهن. سنه 1000هه ۾ جيئن خان خانان سنڌ کي فتح ڪيو، تيئن ئي سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ڪپي، ٽن سرڪارين ۾ ورهايو  ويو، يعني سرڪار بکر، سرڪار سيوستان ۽ سرڪار ٺٽو. انهن ٽنهي سرڪارن تي  هندستان مان جدا جدا صوبه دار، پنهنجي لاءِ لشڪر سميت مقرر ٿي ايندا هئا. فارسي حڪومت جي زبان هئي، تنهنڪري هتي سنڌ اندر به سڄو ڪاروبار فارسيءَ ۾ ٿيندو هو. سنڌ ۾ مغلن جون ٽي درباريون قائم ٿيون، جن ۾ فارسي شعر و سخن جو چرچو هليو، تصنيف و تاليف سندن سرپرستيءَ هيٺ سڀ فارسيءَ ۾ ٿيندي رهي، ۽ مقالات الشعرا جي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ايران خواه هندستان مان فارسيءَ جا ڪيئي شاعر ۽ مصنف سنڌ جي انهن ٽن مرڪزن ۾ اچي پهتا، جن ارغونن ۽ ترخانن جي پيدا ڪيل فارسي رواج کي نه فقط قائم رکيو بلڪ ان کي تمام گهڻو وڌايو ۽ ڦهلايو. ڪيترا فارسيءَ جا ديوان مڪمل ٿيا ۽ ڪيترا نثر جا ڪتاب لکيا ويا. تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامو، مظهر شاهجهاني ۽ ترخان نامو، انهيءَ صديءَ جون فارسي تصنيفون آهن.

ظاهر آهي ته اهڙين حالتن اندر سنڌيءَ جي سرپرستي اعلى طبقو ڪٿي ڪندو ۽ سنڌ جي دربارين ۾ سنڌيءَ غريب جي ڪهڙي پرسش هوندي! ليڪن خدا جو شڪر آهي، جو انهيءَ ظلمات ۾ سنڌيءَ لاءِ ڪي روشنيءَ جا تررا موجود هئا. سنڌ جي خدا رسيده بزرگن، صوفين ۽ ولين، خانقاه نشينن ۽ حجرن جي مڪينن حسب دستور سنڌيءَ جو دامن ڪونه ڇڏيو ۽ ان جي سرپرستي ڪندا رهيا.

تحفـةالڪرام ۾ سنڌي شاعرن جي حالات جو ڪو اهتمام ٿيل ڪونه آهي، تنهنڪري ڪتاب ۾ بيان ڪيل ايترن سارن سنڌي بزرگن مان ڪهڙا سنڌيءَ جا شاعر هئا_ ان جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. اتفاقاً ڪٿي ڪٿي مير ’قانع‘ لکيو آهي ته هيءُ يا هو بزرگ سنڌي شعر چوندو هو. يارهين صديءَ جي پهرين ٽن چوٿائين جي هيترن سارن بزرگن جي سوانح ۾ سنڌي شاعريءَ جو ڪوبه انگ آيل ڪونه آهي، البته ان صديءَ جي آخر جا چند بزرگ ملن ٿا، جن لاءِ سنڌيءَ جي شاعريءَ جو اشارو موجود آهي. انهن جي زماني جو تعين به مير ’قانع‘ ڪونه ڪيو آهي، اسان جو پنهنجو گمان آهي ته اهي يارهين صديءَ جي آخر جا بزرگ هوندا. مثلاً:

ميان ابوالحسن، جنهن جي سنڌي مشهور آهي، ٺٽي جو بزرگ ۽ وڏو عالم هو. هن پهريون دفعو مذهبي عقائدن کي سنڌي نظم ۾ آندو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا. ”تحفـةالڪرام“ جي مصنف سندس وفات جو سال يا زمانو ڪونه ٻڌايو آهي. اسان جو قياس آهي ته هي بزرگ يارهين صديءَ جي آخر ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته مير ’قانع‘ جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته (1188هه) کان گهڻو اڳ گذري چڪو هوندو. سندس گهرواريءَ جو ڀاڻيجو ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو، ميان ابوالحسن جڏهن جهور ڪراڙو هو، تڏهن اڃا 10_12 ورهين جو هو. اهو تمام وڏيءَ عمر جو ٿي، 1167هه ۾ فوت ٿيو. ان جي پٽ جو ذڪر ڪندي ’قانع‘ لکي ٿو ته 1186هه ۾ گذاري ويو. ان مان پڻ اسان جي قياس جي تصديق ٿئي ٿي ته ميان ابوالحسن يارهين صديءَ جي آخري اڌ جو هجڻ کپي. ”تحفـةالڪرام“ ۾ سندس سنڌي نظم متعلق آهي ته ”اسلام جي عقائدن، ايمان ۽ اسلامي فرائض متعلق سندس سنڌي نظم مشهور آهي، جا عام توڙي خاص ماڻهن جو ورد آهي(559).

مرحوم سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن  سنڌيءَ ۾ نظم ۽ مثنوي چئي ۽ ڪتاب جوڙيا، جنهن جي پيروي مخدوم  محمد هاشم ٻارهين صديءَ ۾ ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com