سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :10

- پانهه پک رکي ويو، ڍليو ڍٽ وري

هڪ ڪام ڏسي ڪاهل ٿي، پيا مومل ڳچ ڳري

هڪ ڦٽيل هئي فراق جي، پئي هئي محبت منجهه مري

پروانا پرينءَ ڏي مُنجي خط کري

انهيءَ غلط ڏوهه گناهه ۾، ٻي جائي جي نه ذري

هڪ وقت ويو هيئه وَلَها، وئين ٽاڻي پاڻ ٽري

سُڌ لهين هُند سُتن جي، تون کنهن ساڻ کري

جاڳائي جدا ڪري، تون گهارين هند گهڙي

دانهه پنهنجي دل جي ڀڃين هند ڀولي جي ته ڀري

تڏهن حقي حرف رکي هيڻي تي تون وڃين هند لعل لڙي

دري واجبي رڏي ڪري، مومل کي مهر چئي، هنيائين ترت تري

منٿائو مومل ٿيس، جيڪا ويس هيس عشق ۾ اڙي

نه ته سالڪن جي سراهه ۾ مينڌري جي سڀڪا ڳالهه چري

بي عقل باهُڙي، منجهان ڇِرڪ ڇڏي ويو.

14- منجهان ڇرڪ ڇڏي ويو، وڃي ٻڌي ڪانڌ ڪمر

ناحقاڻو نانءُ رکي، وڃي خوش ٿي ويٺو گهر

مومل کي مينڌري جي، لڳي لُڇ لهر

وچؤن ڪوهه ڪشالا ڪيترا، ڪيا هيا مزورن مقرر

حيلا سڀ هڻي کَڙي، ڌن لُٽائي زر

مَٽيو، موٽيو ڪينڪي، سو به سوڍل ساڳئي در

مومل ڪهڪي نڪتي ڪاڪ مان، ڇڏي هوڏ حشر

ڪيائين ڦند فقيريءَ جو، ٿي جوڳياڻي ويتر

وڃي ڍاٽي ڏٺائين ڍٽ ۾، نيڻين ساڻ نظر

مومل نه سُڃاتي مينڌري، ويئي ويس مٽائي پَر

وڃي روش وڌائين راند جي هڻي تاڙي تر

مان کٽيو تنهنجو سو منهنجو، تو کٽيو منهنجو سو تنهنجو، ٻي پڇڻ ناهي پر

ڍارا ڍريائون پاڻ ۾، ليڪي کان ته اندر

ڏاهي ٿي ڏوري آنجڪيائين مان سُڃاڻي تل تبر

نر سُڃاڻي نيشاني ٿيو پٺيرو ته پڌر

پوءِ ديد ڪري دلبر، جو ويندو ڏسي ويهي رهي.

15- ويندو ڏسي ويهي رهي، رنگيلي راڻو

سوڍو سر تو ڪينڪي، جنهن ڪيو هو مينڌري ماڻو

مومل ڏاگهه بنائيو، گهرائي گهاڻو

چِکيي منجهه چڙهي ويهي ٺهرايائين ڀيلي جو ڀاڻو

اُتي هن جو ڀَڳل من ڀِڄي پيو، ڇڏيو آياڻي آڻو

مومل توکي اسم الله جو، ٿئي نالو نماڻو

ساهه ڪري ساڻو، هاڻي لائق ٿي لهي آ.

16- لَههُ لهڻ جو ڪين مڃي، ويٺي پنهنجي پڪ ڪري

ساهيڙين جي ساٿ ۾، جيئن ڪَچو ڪانه ڪري

جيءُ جلايائين جانب لئي، ظاهر زُوم ذري

چرخ ٻري چيلاٽ ٿيو، جيئن ڪڙڪا ڪُنن ڪري

مر ته ڄائو هو مينڌرو، جنهن ڇڏيو وه وه وس ڪري

دل سچي دِلَوين جي، جيڪو جهاڳي مچ وُڙي

نه ته ڪوڙو ڪميڻُو ڪيترا، وڃي هند ڏهه ڏهه ڏانءَ ڪري

پتنگ جان پيهي ويو، سوبه عاشق ڪين اڙي

وڃي مومل ساڻ مٽي ٿيو، ڏسو خاڪي خاڪ ڌري

ڇڏيائون سرسي سڀ ڪري، جو ڪسو ٻنهي مان ڪونه ٿيو.

9- اول نام الله جو، قادر رب قدير جا

 

1- اول نام الله جو، قادر رب قدير

هادي حڪمت وارو، سميع بصير

وارث ولهين جو وسيلو، آيو احمد ڄام اڪسير

لاالہٰ الا الله محمد رسول الله، جنهن ڪيو موهي ماڳ ملير

موليٰ ڏني مؤمنن کي، ڪري جنت جاگير

اندر اداسي امان لاءِ، ساريان اصغر ۽ شبير

ڪريان قصو ڪاڪ جو، ٻڌو نيڪ نظير

اٿيو عمرڪوٽ مان، حاڪم مير همير

ڏؤنئر ڀٽي، شينهڙو ڌماچاڻي، سوڍو ساڻ وزير

گهوٽن گهوڙا سنجيا، بخمل ساڻ بهير

هيرا زمرد هَنن تي، سونا سنج سڌير

ڪتن ڳانيون ڳچين ۾، سونا جن زنجير

جوانن جامڪيون ڇوڙيون، توائي ڪري تير

ڪهيو ڪرڳل ڪاڪ تي، وَهي هليا وير

کلن ڳالهائين پاڻ ، ثابت رکيو سير

ايندي مرد ڏٺئون منهن ۾، بيهي ترت ڪيئون تعبير

هڪڙي چيو: ڦٽيل آهي فراق جو، تالان ڪيو تقدير

ٻئي چيو: ماريل آهي مرض جو، درد ڪيو دلگير

ٽئي چيو: وڇوڙيل آهي وطن کان، آويڙو ڪيو اُڪير

چوٿين چيو: پيو آهي منهن مومل جي، جنهن ڦري ڪيو آهي فقير

تڏهن جهوري آهي جهونو ڪيو، اچي ٿو نيڻين ٽمائيندو نير

مرشد منهنجو مربي، پتڻ اڪاريندو پير

عبدالرحيم کي سڪ سردار جي، ساري ساهه سرير

پوءِ ورايو وير، ٿا پچارين خبرون پاڻ ۾.

2- پيا پچارين خبرون پاڻ ۾، ڪريو ترت تياري

سوڍي ساميءَ ڏي ڪري نظر نهاري

جهوٽا ڏيندو اچي جهنگ مؤن، بر وٺيو باري

اوڍيل هجيس الفي، ڪُلهن ۾ ڪاري

مٿو اُگهاڙو مرد جو، ڪلهي سانداري

منهن ٻري پيو مشعل جنهن جو جسم جنهواري

سوڍي ساميءَ ساڻ پاڻ خبر پچاري

اچين پيو قبلي ڪاڪ کؤن، ڏي ڪا دانَهه دلداري

خبرون ٻڌاءِ خير جون، ڪر سڄڻ سرداري

ته ويهي رهيو واٽ ۾، اچي وسائڻ لڳو واري

آڻي آب اکين ۾، ڪرڻ لڳ عاشق انتظاري

”نالو منهنجو بابو، آهيان گودڙيو گرناري

لڳم مجاز مومل جو، جنهن برهه باهه ٻاري

ڪهي ويس ڪاڪ تي، سنگت وٺي ساري

ڪيم ملاقات مُنڌ سان، ڏٺيم مومل موچاري

منهن مٿو نه هو ماڙيءَ جو، هئي اُتي آنڌاري

ٻيا ڪئين ايندي ڏٺم ڪاڪ ۾، گهڙي نه هئي گهاري

روڪيو وئي ريب سان، ڪريو حڪم هچاري

ستل اُٿي مون سلطان ڏٺا، جن جي پَٽ تي پاٿاري

حيلو هلي ڪونه ڪو، ٻي آهي توبهه زاري

ٿورو چوڻ گهڻو سمجهو، ڪريو عاشق اعتباري

ڪالهه هليو آهيان ڪاڪ تئون، ڪئي اٿم پٺتي پوئواري

سام جهلي آ سيّد مون، ڪندو قيامت قربداري

عيبدارن سان عبدالرحيم چوي، ڪندو محمد موچاري

ٻڌايو سڌ خبر ساري، مرد پنهنجي مذڪور جي.

3- ميان اسان جي مذڪور جو، بابو! ٻڌ بيان

عمرڪوٽ اسان جو، سندو ماڳ مڪان

چوٿون اسان ۾ چڱو، خاص اسان جو خاندان

همير نالي سومرو، سنڌ سندو سلطان

اسين آڏو تنهن امير جي آهيون در سندا دربان

سڻ ته سڻايئين نالا، اسان جا نيشان

ڏونر ڀٽي، شينهڙو ڌماچاڻي، سوڍو سرت سجان

ڍُليا هليا آهيون ڍٽ مئون، اچون ٿا ڪڏائيندا ڪيڪان

اڄ اڄوڪي راتڙي، ٿينداسون مومل جا مهمان

سامي! ٿيءُ سنگتي اسان جو، لاهه اندر جو ارمان

موٽي هل ماڳ تي، ڏسون مومل جو ميدان

جتي ٿي ڪامڻ مرد ڪُهي، هَل چڙهه ته ڏسون چوغان

”نصر من الله و فتح قريب“، سوڀون هٿ سبحان

جنهن جي توڪل تبّار تي، تنهن کي ڪامڻ چوندي ڪانَ

عبدالرحيم جو امام آهي، پير ڀلو پهلوان

پتڻ اڪاري پارو ڪندو اڙين تي احسان

هلي ڪاڪ ٿيان قربان سامي! تنهنجي سر تان.

10- بيت ليمي فقير شر جا

 

1- ساراهيان سچو ڌڻي، صفت ڪيان ستار

سورهيه سنبري هليا، ڪرڻ شيل شڪار

ته هلي ملؤن انهيءَ مومل کي، جيڪا آهي نازڪ نار

سامي گڏيو هُنِ سُڃ ۾، جنهن پورا ڏنن پار

پنج سؤ پهلوان، هيا سڀيئي سوار

اُهي ته مومل ماري ڏنا، جيڪي اهڙا عقلدار

گهوڙا تن گهوٽن جا هُن ڌُوتيءَ وڪيا ڌار

مڙهه ته تن مردن جا، آهن گوليءَ ڪيا گار

ڏسي حال ته هُن جو، پين ڏِيل ۾ ڏهڪار

هو ته ڪري ڳالهه ڳري ويو، پيو روئي زاروزار

لوڙيائين پَئي ، ليمون چئي، جيڪا هئي لِکيي جي لغار

ساري خبر چار، سامي ڏيئي ويو پنهنجي سور جي.

2- سامي جو سورن هيڻو ڪيو هو حال

اُتاهون وير وري پيا، ڳري ٻڌائون ڳالهه

سوڍي چيو سنگتين کي، ته ڪونهي اوهان ۾ افعال

محبت جي ميدان ۾، ڪُٺا ڪئين ڪمال

هتئون به لک هليا ويا، ڇڏي جُوءِ جمال

مِهري آڏو مرد جي، زور نه ٿيندي زال

خانن جو خيال، سوڍي سڀ سهي ڪيو.

3- خيال ته اتي خانن جو، سوڍي ڪيو سهي

حجائتو همير سان، راڻو پيو رهي

ڌماچاڻي شينهڙو، ٻيو ڏونئر هيو ڏيهي

سامي جي سُور جي، هن کي پوءِ خبر پيئي

پنجئي ڄڻا انهيءَ پَٽ ۾، وير رهيا ويهي

ته هلي ڏسنداسون مشاهدو مومل جو، اها ڪاڪ آهي ڪيهي

هو ته ڏس ويو هُئن ڏيئي، مومل جي مڪان جو.

4- مومل مڪان تي، ڪامل آيا ڪاهي

هلي آيا حب مان، وکون وڌائي

بيشڪ گهوڙا باغ ۾، ٻڌئون ٺهه پهه ٺهائي

هوءَ ته ناتر آئي نڪري،، ٻانهي ٻولائي

چئي: ڀلي آيئو ڀائرو، گهرج اوهان جي آهي

هنڌ کٽولا هنن کي، ڏنئين پورا پڄائي

رات به رهائي، هوءَ بانڪا ويئي هئي باغ ۾.

5- مهل انهيءَ مومل کي، هن اچي چڱيءَ ريت چيو

ڏٺو اٿم اکين سان، جيڪو سوڍو پئي سُيو

پارين آهي پڌرو، وحد تي وِيهو

بانڪو پنهنجي باغ ۾ اڄ اچي آهي رات رهيو

مومل تنهنجي مارڻ جو اٿس ڏانءِ اچي ڏانيو

سو ته ڪڏهن ڇڏيندئي ڪونه ڪو، ڀؤ انهي کان ڀانيو

هاڻي ڏٺو اٿم سوڍو هڪ سَهيو، اڳي سڀ اڻڄاڻ ٿي آئيا.

6- منهنجي اڄ مومل کي ٿي وئي ڪين وڻي

آءُ ٿي سچ چوان سائڻ کي مونکي ٿي هيڏا ڌڪ هڻي

پَر هِي جي ڪَلُون ڪُوڙ جون سي ٿو سوڍو سڃاڻي

آڌوتي آندا آهن ڪنهن رمز سان راڻي

انهي مُنڌ جي مِکر جي چوندي سُڌ به سُڀاڻي!

ٻُڌي ڳالهيون ٻانهيءَ جون، هوءَ کاميو پئي کاڻي

مومل هِن کي مارڻ ڪاڻ، ويئي طنبوءِ ۾ تاڻي

هنيائينس ڌڪ هٿن سان، ڇڏيائينس اِهين اُجهاڻي

هي جي ڳالهيون هُن جون، تون ٿي پِٽي ڪرين پاڻهي

هنَئِي! تنهنجو هاڻي، نينهن لڳو نادان سان.

7- نينهن منهنجو نادان سان تو ڪامڻ ڀانيو ڪيئن

آءٌ ٻانهي، تون سائڻ، جيئن چوين، ڪيان ٿي تيئن

دائي تنهنجي در تي هئس ٻانهي ٻَه ٽي ڏينهن

اڄ مونکي مومل ٿي مهڻا ڏين، هاڻ چوين ٿي هيئن

جتي شرع ٿيندي، ”شر“ چئي، اُتي ڏوهه مڙئي ڏيندينءَ

پوءِ ويهي ونڊيندينءَ، اهو حال هنن سان.

8- هاڻي مومل هُن کي موڪليو پاڻ به پرچائي

موٽي آئي مردن وٽ ٻانهي ٻاڏائي

پاءُ کڻي آئي پَٽ جو، ڦورو ڦيرائي

هي ته سالڪ سَموهي ڏيو، هِن جو وَرُ به وَهائي

وِيرن وٺي رکيو پَٽُ اُتي پائي

مردن انهي مهل ڇڏيو ڇني ڇڏائي

بانڪن کي باغ ۾ آئِي ساڳِي صلاحي

اوهان جي مهماني مومل جهلي آهي، متان ڪو کاڄ اڳي کائي.

ناتر آڏو نار جي، پئي ڳلهي ڳالهائي

پاءُ ته اُهو پٽ جو ڇڏيو اٿن وڍي وڃائي

هاڻ ته ماني مهمانن ڪاڻ، ڏي ٺهه پهه ٺهائي

ڪيف ته تنهن ۾ ڪيترو ڇڏيو گوليءَ گڏائي

ريب ڪري رومال سان آئي کاڄ به کڻائي

آڻي ڏنائين اُنهن کي اُتي ونڊي ورهائي

کِلو کائو پاڻ ۾، ڀئو نه ڪو ڀانئي

سوڍي ڳالهه سهي ڪئي ته شڪ تو ۾، شر چئي، ڪجهه اسان کي آهي

هڪڙو لقمو هِن جاءِ تي وڃ ويهي واپرائي

چئي: ڳهلا ٿو ڳالهيون ڪرين، مون کي هڪڙي تِر جي طلب ناهي

پر اهڙي ماني اوهان کي ڪا نصيب ۾ ناهي

خار ته آيو خانن کي، هاڻ ٿي ناتر نِوائي

ڏڪي ڏؤنر اُٿيو، حڪم هلائي

هڪل همير ڪئي، جنهن جي تاب ڏني تائي

سوڍي سَٽي سنئِين ڪئي، چابُڪ چکائي

مار ڪڍيانئين منڌ کي چيٺي چِتائي

تڏهن ساري ڳالهه سچي ڪري، ٿي ٻانهي ٻُڌائي

اَٿَو زهر انهي ۾ متان ڪو کاڄ کڻي کائي

لکين هِت، ليمون چئي، ڇڏيا انهي مومل مارائي

پوءِ سڄي سُڻائي، ويئي حقيقت هُنن کي.

9- حقيقت هِن جي، وڃي پئي مومل ڪن مَقال

چيائين ته: ڪئين ٿيا هئا ڪاڪ تي سامي کي ڪي سال

ماريم سڀ ملوڪ تن جا هيڻا ڪري حال

هي ته آيا آهن اوچتا، ڪاڪ مٿي ڪالهه

اچ ڦُري فقيرن کان مڏيون گهوڙا مال

ٻانهي ٻولائي چيو ته: هلن ٿا هنر سان ڪيو چڱي پنهنجي چال

ڪانهي فوج فقيرن سان، ڪي توبخانا تال

لُٽي ويندئي، ليمون چئي، اِهي ڪاڪ ڪمال

نانگا نيندئي نال، بيشڪ وٺي هن باغ مان.

10- بيشڪ مونکي باغ جو اڄ طعنو هنيو تو

مون کي ٿي مهڻا ڏين، توکي ڪامڻ ڪنهن چيو

هنر هُن جي حال جو، توکي عقل نه آيو

توکان مرد ماريا نه ٿيا، جن کي ٻيو ڏينهن ٿيو

اڳي ته ڪئين ڪُٺا هئئي ڪاڪ تي نر نيش ڇڏيئي نايو

اهو سائڻ سچ چيو، ٻولائي تنهن ٻانهيءَ کي.

11- ٻُولائي تنهن ٻانهيءَ کي، اڄ مومل ڏني مار

ڪڍي ڇڏيائين ڪم مان، اِها ڌُوتي ڪري ڌار

سِڌي آئي سومل وٽ اِهو کڻي آچار

چئي: ٻانهي ٻه- ٽي ڏينهڙا، هئس دائي دريٻار

لُچايون، ليمون چئي، ڪيم پئي ساري سڀ ڄمار

هاڻ ته هلي  ڏي ڪا هيتري مومل کي ميار

پر هوءَ ساز نه هئي سومل سان، مومل هئي مختيار

”نَند“ اڳئي ناڻي تؤن، ڪري ڇڏي هئي ڌاڙيلي ڌار

لاهي منڌ ميار، ٻانهي ٻاهر نِڪَتي.

12- ٻانهي ٻاهر نڪتي، گولي کائي غم

سڌي آئي سوڍي وٽ، ٻيو دير نه ڪيائين دم

آءٌ اوهان ڏي آئي آهيان ڪار ڇڏي ڪُل ڪم

اهي اٿو ڪَلُون ڪوڙ جون، غازي ڪريو نه غم

کٽ رکيل آهه کوهه تي، جنهن ۾ آهي زور ظلم

اهو حال ته هُن جو ٿيو مڙني کي مَعلُم

سورهيه سنبري پيا، دير نه ڪيائون دم

رهائي راڻو ڇڏيائون جنهن  کي وڏو وهم

پوءِ ڪيرائي قلم، مُنجهي موٽي آئيا.

13- منجهي موٽي آئيا، مرد ڪري ميدان

هن ته ڪئين ڇَهل ڇَپايا هئا، ڪري نشانبر نيشان

گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، هُيا هرڻ مِرون حيوان

آدمخور اِلاهي، اُتي هاٿين جا هاگام

شينهن ته شير خدا جا، گوڙيون ڪن گهمسن

اکئين ڏٺائون ايترا جنّ اُتي ڪي جام

ٻُڌي سُوسٽ سُپَن جا ٻيون بلائون بيابان

”ڏونئر“ ته اُتي ڏڪڻ لڳو، ويو سالڪ کئون سامان

هلي ڪونه ”همير“ ان، اوستائين ايمان

لڄ پت سان، ليمون چئي، شل ڌڻي ڏئي ڌيان

پوءِ سوڍي جو سلام، اچي بانڪن ڪيو هو باغ ۾.

14- هاڻي بانڪن کؤن باغ ۾ ٿو پڇي خان خبز

ته مومل جي مڪان جا آهن ڪهڙا حال هنر

حقيقت هُن جي ٻڌايو ٻيهر

چئي: ڪانهي واٽ وڃڻ جي، هڻ جي هيڪر

هنن پالي شينهن پوڌا ڪيا، ڌاڙيليءَ ڌچر

ويٺا آهن واٽ تي کنيو ڪُنڀارا ڪر

اسان ته اکين ڏسي آيا آهيون، سورهيه بچائي سِر

سوڍا سُڌ خبر، اسان کي اٿئي ايتري.

15- اسان سان ايتري ڪامڻ ڪئي آهي ڪار

پٺيان پوئواري تو سوڍا لڌي نه سنڀار

اسان تنهنجي آسري، ٿياسون تيڏيءَ ويل تيار

پر ڏٺاسون اکين سان، پاڻ تنهنجا پرڪار

مڙسي تو منجهه مينڌرا نر ڪانهي نروار

اتي راڻي کي روح ۾ وڏو ٿيو ويچار

چئي: مون کي ڇڏي ماڳ تي، ويَئو ويهاري وينجهار

هُيا اوهان جي هٿ ۾ هزاري هٿيار

ماريو ها تن مرن کي هڻي ڪانَ قهار

وڃي مُنهن چڙهو هو مومل جي يا قي ٿي يار

هاڻ سوڀ ته وس آهي، سائينءَ جي، جنهن کي ڏياري ڏاتار

ٿي تيڏيءَ مهل تيار، سوڍو هليو آ سنڀري.

16- سوڍو هليو آهي سنڀري، وڳا ڪري وَنَ

مڙيئي مينڌري تي خان کِلون پيا ڪن:

اِها مومل توکي ماريندي ريهي ڪنهن ريبن

تون ڪڏهن پڄندين ڪينڪي هن جي کوٽ کِريبن

پر راڻو رهيو ئي ڪينڪي جو هن کي تار لڳي هئي تن

ڪاهي آيو ڪاڪ تي جتي هاٿي شينهن هجن

ساهه بنان سي اڄ ويري ڪيئن وڙهن

ٻُڌائين ٿي ٻروچ چئي، اڄ ڪُوڪٽ پنهنجي ڪن

پوءِ سوڍي جو سُورن، هو اُتي من منجهائيو.

17- سڀئي ڳالهيون سِر تي سوڍو ويو سهي

ڪاهي آيو ڪاڪ تي پڇائي پهي

سوڍي سوپاري اچي هٿن ساڻ هنئي

امر ساڻ الله جي پيو در لهي

لنگهي ويو، ليمون چئي، اُتاهُون وِير وهِي

وڃي مُنهن چڙهيو مومل جي، جيڪا حور هُئِي

ويٺي آهي پاڻ پلنگ تي کڻايو کُهِي

ڏسڻ ساڻ عجيب جي راڻيءَ ڏنو روئي

ظاهر وڏي زور سان، هئي راڻي راند کنئي

پوءِ خبر اها پئي، ته اڄ مومل ماڻي مينڌري.

18- مومل ماڻي مينڌرو خوش ٿي ويٺو خان

راڻيءَ کي روح ۾ اُتي ٿيو ارمان

ته ڪاڻو منهنجي ڪرم ۾ اڄ اچي مليو انسان

رٿائون روح ويٺي ڪري غم گمان

عقل پئي انصاف ڪيو تيڏي ويل تمام

اُتي مير چيو هئس مينڌري، تو هنئي ڇو ٿي هام؟

هينئر ته مومل ٿي ماڻا ڪرين، تنهنجو ڀڳو آهي ڪنڌ ڪلام

هاڻي موڳي تو وٽ مانُ، منهنجو قدر آهي ڪونه ڪو.

19- چئي: منهنجي قدر ڪم جو، توکي پيو ڪيئن پرو

جوڳي هن جاءِ تان هڪڙو سامي ويو سَنرو

اُنهي ڏائڻ توکي ڏَسيو آهي اِهو وچ ورو

تڏهن ڪاهي آئين ڪاڪ تي پڇائي پيرو

راڻا منهنجي روبرا آهيين خوشيءَ ۾ کيرو

هن مومل کي ميرو، اچي سوڍا تنهنجي سِر ڪيو.

20- مڙئي ڳالهيون مومل جون، سوڍو ويو سمجهي

ٿيو ڪامل ڌڻي ڪاڪ جو، ٻي ڏٺئين ڪانه اهنجي

آهي ڀؤ الله جو، ٻي ڪاڻ نه آهي ڪنهن جي

جي مالڪ مهربان ٿئي ته پوءِ آهي سڀ ڳالهه سهنجي

هو جي باڪا ڇڏيا هئائين باغ ۾، تَڻڪ هئس تن جي

هليو ويو هنن ڏي، پڪ ڏيو پنهنجي

ٿيو سج لهي سانجهي، اچي سوڍي هو سلام ڪيو.

21- سڀئي سوڍي ڪاڻ هئا ماندا مير

ڏٺائون عجيب کي پوءِ کِلي پيتائون کير

روبرا راڻي کان پُڇيو پاڻ همير:

تون اٺين پهر آيو آهين، تو سان ويڌن ڪهڙي وير؟

ڪُڇي پڇي ڪونه ڪو، پيو نيڻين وهائي نير

ڪيئن لڪائي، ليمون چئي، جو هن کي سِڪ وهائي سِير

اِهو اٿئي حال همير، سوڍي جي سِر جو.

22- سوڍي جي سِر تي اچي ڪاوڙيو قهار:

توکي ڪڏهن ڇڏيندس ڪينڪي، ٿيءُ خان به خبردار

بڇ ڪيائين باڪن کي ته هن کي گِهلي ڪيو گار

سوڍو ويل صبوح جي، ٿيو اُتي انتظار

چئي: مالڪ ناءِ معافي ڏي، آهين منهنجو يار

بانڪا مون  تي بار، اڄ حاڪم ڏي نه هيترو.

23- حاڪم سو همير ريجهايائين راءُ

پرچائي ڪيائين پانهنجو، ڀاڪُر وجهي ڀاءُ

هڻي هِن زماني جو توکي وير لڳو آهي واءُ

منهنجي ئي مارڻ جو توکي ڏؤنر ڏَسيو آهي ڏاءُ

پر باطوني جي بحر جو مون وِير پَسيو آهي واءُ

هُو هو بانو بادشاهه، جنهن بندي کنيو کڻي باغ مان

24- بندي کنيو هئائين باغ مان، سوڍو ڪري سُڪ

حاڪم هليو آئيو، اِهين اُمالڪ

آيو مير به پنهنجي ملڪ تي تهدل ڪيو تَڪ

سموري سلام تي آئي خوشيءَ مئون خلق

هاڻي حرف نه بيٺو هِڪ، سوڍي جي سِرَ تي.

25- سِڪ سوڍي جي ساهه کي پلٽي پيا آهن پُور

هن کي عشق اندر ۾، گهائي وڌا آهن گهور

ڪاڪ ٻُجهي ٿي ڪيترو، هن ڏيهه منجهان ئي ڏُور

سُجهي ٿي سئو ڪوهه تي سا مومل آهي مُور

عاشق جو آهي ايترو مڙيئي مذڪور

لئون لڳي هئس، ليمون چئي، ڪا دِل انهي دستور

هاڻي ظاهر ڳالهه ضرور، اڄ پاريندو پانهنجي.

26- پارڻ  ڳالهه پانهنجي، هليو آهي رند وٺي راڻو

وَهندو آيو واٽ سان سُونهون سِڌاڻو

ڪاهيو آيو ڪرهي کي عاشق اُڏاڻو

دوست بيٺو هئس در تي سوڍل هو سياڻو

ڪُڇي پڇي ٿو ڪونه ڪو، ٿيو اُتي اياڻو.

پوءِ مومل ڇڏي ماڻو، کلي ڏنو هو کٽ تي.

27- کلي ڏنو هئين کٽ تي، جڏهن مُنهن چڙهيس مير

ڪي ڏهاڙا ڪاڪ تي آيو پئي امير

مومل سان مجاز جي آئيو سچو رکيو سِيرُ

مومل مَٽِي هئي ڪانڪا، لکيل هئي توڙئون جي تقدير

اڄ ماڻو ڪري مِير، راڻو رات رُسي ويو.

28- راڻو رات رسي ويو، سوڍو مَٽي ساءُ

ڏٺائين اکين سان هن کي قرب ڏنو ڪهڪاءُ

چڙهي ويٺو چانگي تي جيڪو گورو چري گاه

هڪليائين حيوان کي تاب رکي تاءُ

وَهندو آيو واٽ سان، رند وٺايو راه

وري آڻيندو نه الله، مومل تنهنجي ماڳ تي.

29- مومل تنهنجي ماڳ تي هاڻي ڪڏهن ايندس ڪين

پُڇڻ ريءَ پڪ ٿي، هي اکيون آهن امين

منهنجا آهن ڪم الله تي، ٻيو جهليو آهي زور زمين

تو ته لکين ماريا آهن، ليمون چئي، جيڪي حاڪم زور حسين

ات ڪڇڻ ڏيندئي ڪين، جِتي آهي جاءِ جواب جي.

30- جتي آهي جاءِ جواب جي، اُتي سچن کي آهي سوڀ

ڪُوڙا ماريا ڪيترا، لالچ انهيءَ لوڀ

سُومل سُتي سيج تي، تو ڀانيو کوٽ خريب

هٿان پئي اٿم هيتري، هاڻي لَهه ۾ ٿي آهيان ليزُ

هت ته ڪيئن ماريا هئم ڪيترا، تازا ڏيئي تيز

اڄ قرب ڪيو آ قيذ، سوڍا! منهنجي ساهه کي.

31- سوڍا! منهنجي ساهه کي راڻا ڪيم رنجاءِ

جيتر آهي حياتي هن جهان ۾، تيتر محبت ڪين مٽاءِ

ڪُهي هِن ڪامڻ کي، تون هٿن ساڻ هلاءِ

راڻا انهيءَ رنج جا اڄ واڄا ڪيم وڄاءِ

پرچڻ ريءَ پوئتي آءٌ وري نه ويندياءِ

توکي سوڍا ٿي سچ چوان، ٻي ٻولي ڪين ٻڌاءِ

هاڻي اڱڻ منهنجي آءُ، ڪامل وري ڪاڪ تي.

32- ڪاڪ تي ايندس ڪينڪي، جيسين هوندم حياتي

وَهي ڪانه وجود ۾ قرب بنان ڪاتي

انهي جيئڻ کان جلي وڃيين، ٿئين مومل مماتي

لکئي جي، ليمون چئي، تو سان لئون هيم لاتي

جنهن کي قدر ناهي قرب جو تنهن سان ظاهر نه ڪجي ذاتي

جيڪا هجي حياتي، ته وري اڱڻ نه وڃجي اُن جي.

33- سوڍا تنهنجي سر لاءِ مون ڪاڪ ڇڏي آهي ڪالهه

آيس تنهنجي اڱڻ تي اڄ ههڙا ڪري حال

هيئن نه ڪجن هيترا عاشق  تي احمال

راڻا رنج ڇڏي ڏي سائين سڻ تون سوال

لائي ويُون، ليمون چوي، نينهن به منهنجي نال

مڏيون خزانا مال، مون ته ڪئين ڇڏيا آهن ڪاڪ تي.

34- ڪامڻ پنهنجي ڪاڪ تي، اڄ مومل وڃ موٽي

جڏهن روح ڀڳو هئئي راڻي کان تڏهن تو هئي ساري ڳالهه سَٽِي

آيس تنهنجي اڱڻ تي گهمي هوءَ گهَٽِي

ڏٺو هئم اکين سان، تڏهن ويئي حُبَ هٽي

هاڻي ته ماڻهن جي ميار کان ٿي کوٽ ڪرين کوٽي

جن کي لئون لڳي آهي، ليمون چئي، سي ٿيا آهن فراق ۾ ڦَٽِي

هاڻي ته ايندا خان کٽي، مومل تنهنجي ماڳ تي.

35- هيءُ ماڳ ته آهي مومل جو، جاءِ مڙيئي جَرُ

ڪئين آيا ها ڪيترا هن ڪاڪ مٿي ڪونڌر

ڦُري وئي هئس ڦيري سان تن جا ٽَڪا ۽ ٽُڪر

موٽيا ڪين مون وٽان ثابت تن جا سِر

تو آئي طبلا مون وير ڇڏيا آهن ور

راڻا تنهنجي روح جي مونکي پئي ٿي ڪانه خبر

هڪ ڦيرو هاڻي هيڪر، تون مير موٽي هل ماڳ تي.

36- موٽَڻ جي مون سان اڄ وائي نه وار

جيڪي آهن ڳالهيون عشق جون، سو پنڌ ٻُجهي ٿو پار

ماٺ ڪري موٽي وڃ نه ته موڳي کائيندئين مار

ظاهر پنهنجيءَ ذات جا تو پڌرا ڪيا پرڪار

اِهي توسان آچار، هلي ڪهڙا ڪندس ڪاڪ تي.

37- چئي: ڪامل وري هل ڪاڪ تي، مير ڇڏي ماڻو

هوڏ نه ڪجي هيتري، سوڍا ٿيءُ سياڻو

ويٺو آهين ويچارو، ڪامل ڪوماڻو

منٿون ڪري پئي ماڻهن کي ته مونکي ڏيو ريجهائي راڻو

گهوٽ اوهان جي گهوڙن کي درس ڏيندس داڻو

لُٽينديس، ليمون چئي، نينهن پٺيان ناڻو

پر هُو ته هيو هوڏي هاڪڻو، جيڪو رُسي آيو رات جو.

38- رسٻ پرچڻ روح جو، سو اصل کؤن آهي

ڪڏهن ايندس ڪينڪي هاڻي ڪاڪ مٿي ڪاهي

تون اهي تال طمع جا، لُولهٽ ڇڏ لاهي

منهنجو توسان مومل هاڻي رُوح نه روائي

قادر پنهنجي قدرت سان ٿو سائين سمجهائي

ٺاهه اِهي ٺاهي، اڄ آئي آهين مومل ڪرڻ مقابلو!

39- ڪندي سئين مير مقابلو، جڏهن اهو ٿيندو آچار

سوڍا منهنجي سک تي تون آڻين نٿو اعتبار

سچن ڪوڙن کي ٿو ڏسي پسي ڏاتار

عيبن کان آجو منهنجو واندو ڪونهي وار

جتي ڪورٺ ڪريم جي، اُتي باري کڻندو بار

جتي شرع ٿيندي، شر چئي، اُتي عاشق ڏيندا اظهار

قادر وٽ پوءِ ڪار، هر ڪنهن جي پاڻهي ٿيندي پڌري.

40- پاڻهي ڪار ته پڌري اڄ اتي ئي آهي

ڪوڙ نه ڪجي ڪنهن سان، ٺاهه اهڙو ٺاهي

دغا نه رکجي دل ۾ ڇڏجي ٻاهر ٻُڌائي

سوين سامي آئيا ڪاڪ مٿي ڪاهي

بيڏوها بغداد ۾ ڇڏيئي ڪُونڌر ڪُهائي

اهڙي ڪنهن کان پُڳي آهي ڪانڪا، جهڙي

تو ڇڏي آهي ڪار به ڪرائي

هاڻي وير به ورائي، اڳئيون پڇندئي آچار ۾

41- اڳيان پڇندو اُنهي کي جيڪو آهي آرهو منجهه اَمُر

مرد آيا ميدان ۾ سورهيه کڻي سِر

وساري ويهي رهيا گهوٽ به پنهنجا گهر

آڻي ڏنم ٿي انصاف سان ظاهر تن کي زهر

پِيو ٿي پُر ٿيا ڪُوپا قداور

هڪڙا بچي ويا باهه کان ٻيا لُوهيم ٿي لشڪر

ڪونه ڀانيو هئم ڪاڪ تي ته ڪندو ڪو تڪراري تونگر

پر اهڙو سوڍو آهي سڌر، جو اڄ ماريو وڃي ٿو ماٺ م.

42- تون مومل مرندينءَ ڪانه ڪا، بي ساهِي بيحد

پُڳا ڪين پريت جا، اوڳِي تو کان عهد

هوڏ نه ڪجي هيتري ظاهر ڪنهن سان ضد

ڪانڌ ته ڪهڙيءَ ڳالهه تئون توکي راڻي ڪيو رد

ڪري پڄائي ڪونه ڪو ڪامڻ توسان قدّ

پوءِ ناڻي اتان نند، توکي ڏاڙيلِي هو ڌار ڪيو.

43- ڌار ته ٿي هيس ڌاڙي تؤن، اَمُر ساڻ اڳي

اچي اسم وڌو هو الله جو، نانءُ تهين نانگي

کڻي ويو کريب سان ٻيو ڏند ساڳي

جيئن قلم لکيو آهي قسمت ۾، تيئن سا لاڳ لڳي

ٻيو مرض ماريندو ڪينڪي، توڻي ويري پيو وڳي

شوق انهيءَ ۾، شَر چئي، اڄ ٿي تنهنجي تار تڳي

هاڻي سوڍا سِر لڳي، محبت جي ميدان ۾.

44- محبت جي ميدان ۾ ڪو سائُو سِر واري

ڪڏهن ايندي ڪانڪا جوءِ انهيءَ جاري

مجنو بيٺو هو ميدان ۾، ليليٰ جي لاري

هير هندورن ۾ ٿي رانجهوءَ کي ساري

سسئي بيٺي آ سُڃ ۾ ته ايندم پنهون قول پاري

مارئي ماندي مارن ڪاڻ، تنهن کي ڏاتر ڏيکاري

سهڻي گهڙي پَئِي سِير ۾ تنهن کي تارڻ وارو تاري

ليلا ور ته لاڏڪو، ڇڏيو هار مٿان واري

سيفل سعد سمونڊ ۾ تنهن کي الله اُڪاري

هو ماڙي آيو منگتو، ٻڌو جنهن ۾ هُل به هزاري

جتي شرع ٿيندي، شر چئي، اُتي مومل ويندئي ماري

انهي اظهاري، تون ڪامڻ ڀڄندئين ڪانه ڪا.

45- ڪري پڄائي ڪونه ڪو، آهي سندو محبت مُلهه

سائُو ڪو سمجهي، ٻيا هُونهِين ڀائينِ هُل

ڪري ٿي عرض الله کي سوال ڪري سائل

ٿئي ميلو محبوبن سان، رمز ۾ رلمل

اي راڻا تون راضي ٿيءُ، هڪ ڦيرو وري هل

هاڻي سُور مڙيئي سل، سوڍا منهنجي ساهه سان.

46- سورن جي صلاح ۾ اڄ ڪونه هلي ڪنهن سان

پڄندو ڪونه پرينءَ کي مغر ۽ مَئي سان

وهاري وجود ۾ جيءُ هجي جنهن سان

 اِها مُنڌ مَلُوڪ آهي، هلڻ آهي هَئي سان

راند ته ڇڏجي رنگ ۾، ليمون چئي، لئي سان

هاڻي جيءُ هجي جنهن سان، تنهن کي ڏوري وڃي ڏسجي.

47- چئي: آيس ڏوري تنهنجي ڏيهه ۾، حال ڪري مان هيءُ

هاڻي پرچڻ جو پرين تون پيالو مون سان پيءُ

ويهه کلي چڙهه کٽ تي، توکي جانب چوان جيءُ

هلي ماڻ مُلڪ تي وِيرهَ ڀيلي وِيءُ

پَٽ پوشاڪون بافتا، هي صُوفن جهليو سيءُ

اهي لُولهٽ مڃ، ليمون چئي، راڻا راضي ٿيءُ

هاڻي رکيئي ڇو ٿي رِيُ، انهي مهڻي کان ماري ڇڏين ها.

48- انهي مهڻي جي موت جو ٿيندو ڪنهن سائُوءَ کي سُور

تون ته ڪامڻ پنهنجي ڪم سان، اڄ مومل ٿئين مشهور

اهڙو ڪنهن کان پُڄي ٿو ڪونه ڪو، جهڙو تو ڪيو قهر ڪَلُور

اٽڪل کان به اڳي آهي، محبت جو مذڪور

دنيا، دين، ايمان جو، پاڻ ڪري وڃ پُور

ڪونهي منهنجو ڪاڪ تي هاڻي ظاهر ڪم ضرور

اهو ڪيو اٿم شرط شهور، سوشل قول ڪُوڙو نه ٿئي.

49- هت ته ڪوڙا آهن ڪيترا، هڪڙو آهي سائين رب سچو

ميٽي ٿو مڙني جا، اِهي عيب اچو

ڪنهن کي چوي ٿو ڪينڪي تو ڪيو آهي ڪم ڪَچو

اڄ مونکي ٿو مهڻا ڏين، اِهي يار اچو

لکيو انگ ته ليمون چئي، ٿي ماڻهو سان مون چِيو

پر تون ڪڏهن مُڙين ٿو ڪينڪي، آهين ٻاوَنگيرُ ٻچو

هاڻي وير آهين وِرچيو، سوڍا منهنجي سِر کان.

50- وِرچِي وري آيس، ٻيو هلي ٿيو هئس هيٺ

تنهنجِي چَٽِ چريو ڪيس، ماريس انهيءَ ميٺ

هاڻي ڪنهن سان هلندس ڪينڪي، توڙي ڪو سَوَ آڇي کڻي سيٺ

اَمُر رب الله جو، سو نائي نيندو نيٺ

لکئي جون، ليمون چئي، تون چَري ڳالهيون چيٺ

هاڻي ڳهلي پنهنجو ڳوٺ، تون هتان ويندئين هيکلي.

51- اهي ڳالهيون ڳوٺ جون مونکي سوڍا ڪين سڻاءِ

دانهون منهنجي درد جون ويجهو ٿي ورناءِ

اکيون اکين سامهيون مُنهن مُنهَن سان لاءِ

منٿ مڃ مومل جي، اِها وک وڌاءِ

ڪچايون ڪمذات جون ٻاهر ڪين ٻڌاءِ

هاڻي سياڻو ٿي سمجهاءِ، سوڍا پنهنجي ساهه کي.

52- سمجهه ته منهنجي ساهه کي آهي ڏاتار ڏني

ڪَٽر بنان ڪونه ڇڏي ڪو اهڙي وير وني

تو وٽ تال خِريب جي بازي آهه بني

جُٺ نه ڪجي جوءِ سان ڪَسِي ڳالهه ڪِني

مذهب پُڇجي مرشد کان، شيعو هوءِ توڙي سُني

ڪاهي هر حلال جا، ٻولائي ڪجي ٻني

لڄ، حياءُ، ليمون چئي، وٺجي پرور کان پني

بِنهين بياني، ڪجي ڪانه قريب سان.

53- ڪجي ڪانه قريب سان اهڙو وير وڌاءُ

ڪوڙ ته هلندو ڪونه ڪو آهي عمر بي بقاءِ

سچ ۽ صفائي جو اڄ پُورو ناهي پاءُ

ڇا ٿيو، ڇا ٿيندو، آهي سائينءَ کي سماءِ

راڻا تنهنجي رنج جو آ مونکي اندر منجهه اُٻاءِ

پرچڻ جي پاڻ ۾ اچ سوڍا ڪريون صلاح

اڄ وير ڪري واهه، آئي آهيان دوست تنهنجي در تي.

54- در ڇڏي وڃ دم ۾، ظاهر ڪر نه ذات

جن کي لڳو نعرو نيهن جو، تنهن کي قرب وهايو ڪات

آهي يار جي انهن کي ، تَن ۾ اها تات

هاڻي ڪامڻ ڪر نه ڪِينرو اها وائي ڪونه وات

منهنجي توسان مومل هاڻي بنهه ناهي بات

شرع پارڻ، شر چئي، آهي ننگ نِيات

پر راڻي اُتي رات، پَري ڪئي هئي پاڻ کان.

55- پري ڪونه پاڻ کؤن، آئي آهيان دوست تنهنجي در

تڏي آئي تڪرار نه ڪجي، توڙي وير هجي ويتر

هونئن ٿو سياڻو سڏائين، پر آهين بيعقل بهتر

ڪانه جهلي اٿم ڪاڪ تي ڪا ظاهري تنهنجي زر

هاڻي مونکي تون معافي ڏي، سوڍا پنهنجي سر

اِها شرط رکي اٿم، شَر چئي، سا پوري ڪنديس پر

اِهين مير مَ ڪِر، متان حرفي ٿئين هنن جو.

56- حرف ته مون تي هيترو، آڻيندو ڪونه اڃان

يار ميارون يارن جون اهي مِير مڃان

ڪاهي آيا ڪاڪ تي ڪي ساعت منجهه سُڃان

منجهائي ماريئي تن کي ڏيئي ڏُکَ ڏَڃان

مومل توسان مامرا، اُهي هَنئِي ڪندا هاڃان

جيڪي لُهي وئين، ليمون چئي، سي آيا ڪين اڃان

وري ڪيئن وڃان، هاڻي تنهنجي هنڌ تي.

57- هاڻي منهنجي هنڌ تي، تون پاڻ ڀري هل پير

ڪونهي توسان ڪاڪ تي ڪو  وِير به ڪنهن جو وير

سائين ٿو صفا ڪري، ٿو مالڪ لاهي مير

مڙني کان مٿي آهي، محمد شاهه مٿير

سو اچي اُڪاريندو اَمن سان اِهي گهٽيون گهير

پڙهي ڪلمو پاڪ وٺ پيغمبر جو پير

جو ٿو ساههُ سَڏائي سيرُ، سو آهي دُڪو تو ۾ دم جو.

لا اِلہٰ اِلاالله محمد رسول الله


[*] . ڪام- لڪڻ.

[†] . جائي- حقيقت

[‡] . کنهو- ترار يا تلوار.

[§] . رڏي- هوڏ، هٺ.

[**] . تري هڻڻ- ڌڪاري ڇڏڻ، هٽائي ڇڏڻ.

[††] . چري- چريائي يا بيوقوفي جهڙي.

[‡‡] . باهڙجڻ- ٿاٻو کائڻ، ڀلجڻ، دوکو کائڻ.

[§§] . مزور- اجورو وٺي خط پهچائيندڙن ڏانهن اشارو.

[***] . ڪهڪڻ- درد محسوس ڪرڻ.

[†††] . آنجڪڻ- کُنجڻ.

[‡‡‡] . ڏاگهه- باهه لاءِ ڪاٺين جو تيار ڪيل ڍڳ.

[§§§] . چرخ- باهه جو وڏو مچ.

[****] . چيلاٽ- ڄڀيون ڪڍندڙ، تيز باهه.

[††††] . دِلوَين- جن محبت ۾ دل وڃائي هجي.

[‡‡‡‡] . ڏانءَ- بهانا.

[§§§§] . هيءَ روايت شاعر جي زباني قلمبد ڪئي ويئي.

عبدالرحيم پٽ ڇتن پٽ ولي محمد ذات ڏاهري ڳوٺ صفر ڏاهري، تعلقي شهدادپور ۾ اندازاَ سنه 1902ع/ 1320هجري ۾ ڄائو.تعليم پرائڻ لاءِ ڳوٺ ڪنب دارون جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، اتي استاد حاجي جمع ڏيري وٽ 9 مهينا کن پڙهيو، جنهن ۾ فقط سيپارو پڙهي سگهيو. جلدئي ملڪ ۾ وڏي بيماري اچي پيئي، جنهنڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي پنهنجي مائٽاڻي ڪِرت، ٻني ٻاري سان لڳي ويو.

پير صاحب پاڳاري جي جماعت جو فقير آهي. سندس وڏا پير صاحب جن جا خليفا هئا. 1944ع واري”مارشل لا“ جي وقت ۾ لڏي وڃي دوڙ(ضلعو نوابشاهه) ۾ رهيو، جتي اڄ تائين رهي ٿو. پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گذاري وڃڻ وقت بيت چوڻ شروع ڪيائين. سندس گهڻا بيت مارئي جي سُر مان چيل آهن. ازانسواءِ معجزا، مناجاتون ۽ مناقبا وغيره چيا اٿس. سندس بيتن جو مجموعو ”عمر مارئي“ ڇپيل آهي.

هي روايت شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

ليمون فقير پٽ مَرڪَڻُ پٽ گلاب، پٽ نَٿُر، پٽ مانجهي، پٽ مهِرڻ، پٽ پليو، پٽ سعدڻ ذات شر بلوچ، پاڙو بنگلاڻي، ويٺل ديهه سَدرَٽ، تپو جکراهُو، تعلقو سانگهڙ، ضلعو سانگهڙ، جمڙائو وُڙهو، فقير انهي سال (1900ع) ڄائو. هر هاري ۽ مالوند ڀاڳيو آهي، جوانيءَ ۾ پهريائين سَهَن تي بيت(مناظرو) جوڙيائين. تَر جي سٺن سگهڙن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ڪيائين، جيئن ته بچايو رند، حڪيم ڏاهري، موريو خاصخيلي. انهن جا ڪجهه بيت ياد ڪيائين، ۽ پاڻ مارئي، مومل راڻي وغيره جا بيت چيائين. ”ڏور“ به جوڙيل اٿس. اڻپڙهيل آهي، کيس ڪجهه گس بَچائي فقير رند ڏَسيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org