سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :18

- مومل سومل پاڻ ۾، ويهي ڪيو ويچار

ته وٺون خبر خانن کان، آيا سونَهريون ٻڌي سوار

جان آهن عقل وند عقل جا، جان رڍن جا ريڍار

تڏهن ٻولائي چيائون ٻانهيءَ کي، ڪري گويائي ۽ گفتار

ته، نيئي چڻا ڏين چَٻڻ لاءِ، تن کي پاڻي تون پيار

تڏهن ڍڪي هلي آهي ڍاڪون ۾، ٻانهي سا ٻيهار

وڃي ڏنائين همير کي هٿ ۾، جوڙ چڱي جنسار

ته هو کايو ويٺا خوش ٿين، اسان کي ڏياريا آهن ڏاتار

راڻو ويو هو ريلي تي، جنهن کي نه هئي خبرچار

مرد مٿان موٽي اچي، وير ڪري ويچار

ته ڪهڙو هاڃو همير ڪيو، سومرا سردار

هاڻي وري موٽئون پوئتي، متان ٿيو خلق منجهه خوار

جنهن جا پڇائي آيا آهيو پار، اها اٿوَ ڪونج ڌڃاڻي ڪاڪ جي.

16- تڏهن ٻانهي موٽي پوئتي، جنهن وڃي خوب ٻڌايو خط

ته هڪڙا آهن اُٺوال اُٺن جا، ٻي پوري ناهين پت

هڪڙو پهرين ڏينهن پروڙيم، آهي ڪاڻي منجهه ڪُپت

سو ڪين ڇڏيندءِ ڪاڪ تي، ڪندءِ مرد به پنهنجو مٽ

ڀڃي منڊَ مومل تنهنجا، ڪڙا اِهي نٽ

گڏ ويهندوءِ، گل محمد چئي، خان به چڙهي کٽ

هاڻي منهنجي وٺو مت، ته ڪڍي ڇڏيونِ ڪاڪ تان.

17- تڏهن مومل ماڻهو موڪليو، ته ٻانهي نڪتي ٻَهار

آن مان هلي هيڪڙو، ٿيو آ طعام تيار

اٿيو همير سومرو، هو مڙن جو مهندار

هوءَ ناتر ويئي نڪري، گولي ٿي ويئي غار

هن کي لڳو وِرهه وجود ۾، جو لنگهه ٿيو لاچار

هڪڙي سختي لڳس سهه جي، ٻيو ڏٺائين اوندهه انڌوڪار

هڪڙا ڪڙڪا ٻڌائين ڪَلُن جا، ٻيا سُڻائين ديوَن جا ڌڌڪار

چئي: اسان ڪئي زاري، انهيءَ زال کي بخش بخشڻهار

سگهو ميل سنگتين وٽ، جتي آهن گهوڙا ۽ هسوار

شل جئري جدائي نه ٿئي، ڏسون ٻچا ۽ ٻار

نڪو هو ڪڪر اُڀ ۾، نڪا هئي بوند بهار

ڊنو هو، گل محمد چئي، ٻڌي چيٽن جا چهڪار

جن کي پرور اُڪاريو پار، سو بيٺو گهوٽ ڏسي گهوڙن کي.

18- گهوٽ ڏسي گهوڙن کي، تنهن کان پڇيائون خبرچار

ته ڪهڙو منهن مومل جو، ڪهڙا اٿس پار؟

چئي، اڇا اطلس جا ڪپڙا، آهنس ڪئين قيمتدار

جيئن شَمَ ٻري شعاع ڪري، تيئن آهيس منهن تي ميناڪار

اهڙي آتش اک جي، جيئن بجلي ڪري بهار

حور لڏي ٿي هندورن ۾، قرب منجهان ڪنوار

تنهن وٽ ٻانها گولا ڪيترا، آهن ڪم مٿي ڪوٽار

سونهن ڏٺي هيم سومل جي، هئي ناز ڀري نار

ورنهه ويٺي هئي وچ ۾، وينگس ڇوڙيو وار

هنجهه ڳچي، منهن موڪرو، هئي ڪَنٺ ڪوئل جي ڪار

پير منهنجا اُت پُسيا هئا، جت ورتي هيم ڪوٽ ڪنار

اُتي وَٺي بوند برهه جي، مٿان مينگهه ملار

انهين کان خبرون پڇجؤ، کوسو چئي آن کي پورا ڏيندو پار

هاڻي سَرس ڪري سينگار، اچي ناتر وري نڪتي.

19- اچي ناتر نڪتي، ٻانهيءَ ٻولايو

ته: آن مان هلي ٻيو، جنهن کي آ مومل ڪوٺايو

تڏهن ڀڙڪ کائي ڀَٽِي اُٿيو، وڃي ڪوڏ منجهان ڪاهيو

هوءِ ناتر ويئي نڪري، ويئي گولي گُسايو

ڏٺائين دور درياءَ جا، جنهن کي اچي واڳن ورايو

شينهن ڪيهر ڪيترا، هن کي کر وڃن کايو

رڇ، بگهڙ، ڀولڙا، اچي سوئرن ستايو

بيٺو معافي گهري مرن کان، پاند ڳچيءَ پايو

ته وري ايندس ڪينڪي، مونکي قسم کڻايو

اڄ قضا آندس ڪوٽ ۾، مونکي امر آڻايو

انهيءَ غازي کي، گل محمد چئي، هن ئي باريءَ بچايو

هاڻي اُجهيو ٿي آيو، سورهيه انهين سِڌ تي.

20- همير پڇيو ٿي ڀٽيءَ کان، ته پورا ڏيج پار

منهن ۾ گڏيئه مومل، جان ٻانهي ٻُهاريدار

چئي: ڪنگوءَ ورنا ڪپڙا، اٿس هس ڳچيءَ ۾ هار

پيرن ۾ پدمڻيءَ کي، هيون ڪڙيون ڪرفدار

بئينسر بولا، ڪنگڻ ڪڙولا، هيس منڊيون ميناڪار

هيرا، موتي، جنهور، هئس گج مٿي گلدار

ڍَڪي آيا ڍاڪونءَ ۾، جوڙ چڱيءَ جنسار

ماني کائي موٽيس پوئتي، پيش ڪري پُرڪار

اِن باغن منجهه بَليلاڻي چئي، مون ڏٺا الاهي ڪي اسرار

هاڻي ڀلو ٿيئوَ ڀارَ، ته ناهي طاقت توهان جي.

21- سڏي تنهن سِينهڙي کي، هو ٻانهيءَ ٻولايو

تان آن مان هلي ٽيون، جنهن کي آ مومل ڪوٺايو

تڏهن موڪلائي هليو مردن کان وڃي کنو کِنوايو

جڏهن گهوڙيو مونجهاري مومل جي، ويئي وٽانئس گولي گسايو

ڏٺائين دؤر درياءَ جا، هن کي اچي واسينگن ورايو

شينهن ڪيهر ڪيترا، اچي ڀٽوئن ڀڄايو

سئونت ڇڏي ويئي سينهڙي کي، پيو ڪنڊن ۾ ڪاهيو

ڀڙ چڙهيو ٿي ڀتن تي، وچ گوڏا گسايو

ته مٺائي محي الدين جي، ويندس وچ تي ورهايو

جيئن ٻيڙو اوڪاريائين ٻڌڙيءَ جو، تيئن مونکي تار منجهان تاريو

سڏ ڪيائين سردار کي، مونکي اچي اوجهڙ اُڪاريو

تڏهن غور ڪيائين، گل محمد چئي، هن بيٺي ساجهر سنڀايو

اُجهيو ٿي آيو، سورهيه انهين سِڌ تي.

22- سڀني پڇيو سينهڙي کان، ٻڌاءِ تون احوال

ڪهڙو منهن مومل جو، ڪهڙا اٿس حالَ؟

چيائين، مون سونهن ڏٺي هئي سومل جي، هئي مومل منجهه محال

اکيون سندس آهوءَ جهڙيون، جيئن ٻَرن مرگهه مشعال

سنهي ٻُر ٻانهن تي، ويٺي آهي زيور پايو زال

هيرا موتي هٿن تي، ويٺي ڪونج ٻڌيو ڪٺمال

بخمل آهيس بدن تي، ٻي سِر تي سائي شال

ڪامڻ کي ڪلهي تي آهي ريشمي رومال

جهوڙا تنهن ۾ جهڳمڳ، ٻيا هيرا موتي لعل

پاڻ ويٺي پلنگ تي، خوب رکيو خيال

غم ميٽين، گل محمد تان، تون سهڻا قلندر لال

جنهن کي ڏاتر ڏياري زال، سو ڀل حور ويهاري هنج ۾.

23- راڻي کي رمز ۾ هو ٻانهيءَ ٻولايو

تان آن مان هلي چوٿون، جنهن کي آ مومل ڪوٺايو

تڏهن موڪلايو هليو مردن کان، وڃي لڪڻ لڪايو

جتي هئي ناتر نٽائيندي، ويندي هئي گولي گسايو

اتي ور ڏيئي جهليائينس وارن ۾، ويس چوٽيءَ  چتايو

بهادر کڻي بيد کي، اچي ويريءَ وڄايو

چئي، مونکي مار ڪينڪي، توکي ڇڏيان رستو بتايو

اها گهٽي انهيءَ جي گهر تي، وڃي ڪوٽ مٿي ڪاهيو

ڏاکڻي پاسي ڏسج ويٺي آ هنر هلايو

اتي اٿئي کوهه کِريب جو، جنهن ڇڏيا خان به کپايو

پاڻ ويٺي آ پلنگ تي، هو چوپڻ وڇايو

اتي سوڍي سوپاري ڪڍي هڻي ڏٺي، عاشق اُڇلايو

ته ڪڙڪو لڳي ويو ڪَلُن ۾، هيءُ ڪوٽ مٿي ڪاهيو

گڏ ويٺو، گل محمد چئي، هُت ڳاٽ ڳچيءَ پايو

هاڻي هُتي سڻايو ته مومل ماڻي مينڌري.

 

7- بيت مريد مري جا[1]

1. راڻو رات نه ايو، مون وِلهيءَ جو وار

راڻو رات نه آيو، منهنجو مرڪڻ مسافر

راڻو رات نه آيو، پيو ڪامل کي ڪٽر

ڪونه ٻڌان ٿي ڪنن سان، اُٺين جو اوڳر

وٺي ويو ويچاري کي، عشق جو اثر

سوڍي ڌاران سرتيون، اهو باغ مڙيوئي بر

مومل ڀلي مر، جنهن جو راڻو رات نه آيو.

2- راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي

اُٺ کي اچڻ جي لڳي، ڪرهي کي ڪيهي

ٻيءَ رات، ٻروچ چئي، منهنجي پرينءَ کي پيئي

وانگوڙا وارن مان، ڇڪيو ڇنيئي

ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪٺمالون، هڻان ٽانڊي ۾ ٽيئي

سُٿڻ، سلواريون، گج گلابي، رليون رهزن، ساڙيان سڀيئي

سڙيو ٿي سومل کي، ڏي پاراتا پيئي

مونکي ماريوئي، تڏهن ڍولو ڍَٽ قراريو.

3- ڍوليو ڍٽ قراريو، جنهن کي ڏهون ڏينهن ٿيو

ڪارهين رات ڪنواٽ نه آيو، مون کي مُٺيءَ جو مَئيو

ٻارهين رات، ٻروچ چئي، مومل ڪيو سعيو

تيرهن ڏينهن تڪرار ڪري، حاڪم قيد ڪيو

مونکي مٺيءَ موت ٿيو، تڏهن راڻو رات نه آيو.

4- راڻو رات نه آيو، مرلي کنئي مومل

سامي اچي سوڍي سان، ٿيو راڻي سان رلِمل

تان ڦوڪ وڄاءِ فراق جي، آهي مير توکي موڪل

هن سُر کنيو سارنگ جو، تڏهن مينهن ڪيو منڊل

سامي سوڍي سان ٿيو، راڻي سان رلمل

ڪَس لاهه اُٿي قلب تان، جوڳي بچين شل

مير کنيو منزل، ڪٿان اچين پيو ڪاپڙي.

5- چئي: آءٌ اُتان ئي ٿو اچان، جت ٻئي جي ناهي مجال

سڻ سڻايان توکي، اصل جا احوال

رات ٽڪندس هيڪڙي، سوڍا! ڪر سنڀال

متان وڃي وسري، توکي منهنجي من مقال

مير تنهنجو مهمان آهيان، ڪاڪ اچان ٿو ڪالهه

اٿم اُڃ اندر ۾، خشڪي جا خيال

جر پياريائين جا، توي خان! ٻڌايان خبرون.

6- ڪاڪ اچين ٿو ڪاپڙي، توکي تريل کارايان طعام

ويهه اچي ويجهو ٿي، توکي جَر پياريان جام

سُتل ڏسي سيڄ تي، لڪڻ رکي آيس لام

سا رهجي ويئي آهي راڻِي وٽ، سا ڪاڪ وٺي ڏي ڪام

سامي! توکي آءٌ، اَپر ڏيان انعام

پوءِ وڃڻ آهي حرام، مونکي مومل جي ملڪ تي.

7- حاڪم تون حرام نه ڪر، ناهي مومل ميار

سومل سُتي سيڄ تي، پڳ رکي ٻئي پار

ڀڄي آيو آهين ڀئو کان، رکي ڪاڪ مٿي ڪار

ماري وجهين ها مڙد کي، تکي هڻي تلوار

مشهور ٿئي ها ملڪ ۾، سوڀ تنهنجي سردار

وري ڪر ويچار، هو نيٺ منهن ڏسڻو ماڻهوءَ جو.

8- منهن ڏسان ڪيئن ماڻهوءَ جو، ٿي پسي اکين سان انڌو

اگهاڙ پنهنجي عورت جي، لوڪ سڄو سڻندو

ماري وجهڻ ماڻهوءَ کي، آهي غافل ڪم گندو

سامي ويهه تون صبر ڪري، منهنجو ڏيل وڃي ڏڪندو

منهنجي قادر ڪورٽ ڪندو، تڏهن مومل کي حرف ڇڪيندس حق جا.

9- مومل ڏيکاري مير کي، لسڻ نشاني

منهنجي ميڙ مڃي هل، جدا نه ٿي جاني

سامي ستل ڪونه ڪو، توکي پيو شڪ به شيطاني

کاڻي مثل خواب جو، آهي دنيا ديواني

هاڻي مُلهه ورتل، مهيري چئي، آهيان ٻول ٻڌي ٻانهي

ڪر مون تي مهرباني، ڪامل چڙهي هل ڪاڪ تي.

10- ڪين هلان تنهنجي ڪاڪ تي، رُسي آيس راڻِي

ڪين هلان تنهنجي ڪاڪ تي، آيس ڪري پَڪ به پڄاڻي

تڪبر هڻن تڪڙا، اصل اناڙي

سمجهه ڪن سياڻا، ٻيا ڄٽ هڻن ڄاڙي

ڏسي عيب اکين سان، ڀر ۾ وهن ڀاڙي

مومل مون کان ڪيئن ٿيندي، ڪَنين ڪياڙي

سوڍِي تو ساڙِي، آهي رتي منهنجي روح جي.

11- رتي پنهنجي روح جي، تو نه عاشق آڇاري

کاڻي تنهن مٿي، مون وڇائي پرس پاٿاري

سامي ستل هو ڪونه ڪو، مون سومل سمهاري

ويهي رهي وقوف سان، چست رکي چاري

ڀاڪر ڪڍي ڀيڻ مان، مون وهاڻِي وهاري

ڏسڻ هوءِ ڏينهن جو، نر آهي ناري

ماري وجهان مڙد کي، هڻي ڪامل ڪٽاري

انهيءَ مور کائي سان، مهيري چئي، تو ڪاڪ ڪئي ڪاري

انهيءَ مام منجهه مينڌرا! آهين منهنجو مياري

ڪر ڪا ڪامل ڪچهاري، ڪيون نياءُ پنهنجي نيهن جو.

12- نياءُ نه ڪندس نينهن جو، ٻئي جڳ نه آهيان جيئڻُو

جواب هُن جهان ۾، آهي ڏاتر کي ڏيڻو

اهو ڪرڻ مقابلو، مهيري چئي، آهي مڙدن کي مهڻو

جوڙ ستو پيو هو توسين، جوڳي ٻک وجهيو ٻيڻو

پوءِ ڀاڪر پائي ڀيڻون اسان ڪڏهن ڏٺيون ڪينڪي.

13- لاٿائين گيڙو ويس، ڪيائين زنانا زيور

مومل وڌا مير کي، ڀري ڪي ڀاڪر

متان مونکي ڇڏئين، جيئري جانب يَر

جن وڌو وڇوڙو وچ ۾، سي کامي وڃن کر

ماري تون مومل جي، هت ڪامل ڪر قبر

تو اڳيان ساهه وڃي، ته سوَلي ٿيان مهندا ڏينهن محشر

پنهنجو ننگ سڃاڻي نر! ڪامل چڙهي هل ڪاڪ تي.

14- ڪيئن هلان تنهنجي ڪاڪ تي، آس ڪري پڪ پڄاڻي

جوڙ ستو پيو هو جوڳي، سو آيس سِيتل سڃاڻي

تو پُري ڪئي پڌري، نانگي ناناڻي

پڳ وِڌئي ڀيڻين جي، ڪ نانگي ناناڻي

محبت جا، مريد چئي، تون تندا ٻيئي تاڻي

جڏهن تون سوڍي ساماڻي، تڏهن آيو ڏولائو ڏيهه کي.

15- ڪين ايندو ڏولائو، راڻا ڪرهو ڪاڪ مٿي ڪاهه

سامي ستل هو ڪونه ڪو، تون وير! ڪر ويساهه

پيرين پاڙيچن کان، هلي لالڻ پڇ لقاءُ

پاڻهي ٿيندو پڌرو، شمس جو شعاءُ

نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾، سوڍا! تو ۾ ساهه

آءُ کائي ويس خفقان ۾، مُٺي تو لئي ماهه

توکي عقل ڏئي الله، تون ڪامل! چڙهي هل ڪاڪ تي.

16- ڪين هلان تنهنجي ڪاڪ تي، مُٺي ڇڏ مڪر

ڪامڻ ڪيا تو ڪيترا، توڙا اصل تڪبر

ڌن هنياءِ ڌوڙ ۾، جي ڇڏيا ڪاڪ جي ڪلر

ترس نه آيئي تن مٿي، تو ٿي ماريا مسافر

سوڍا ساڻ ثمر، تو ڪُهيو ڇڏيا ڪيترا.

17- مون ماريا ڪينڪي، انهن جا پريان ٿيا پورا

ناتر نهوڙي جهليا، سوڍا سمورا

مومل نالو مياڻ جو، سڻو سمجهه وارا

ناتر چون ڳجهه کي، جا ڏي ٿي کاڻي خسارا

انهيءَ ڳجهه ڏيئي ڳارا، ناتر کڻي ناس ڪيا.

18- ناتر کڻي ناس ڪيا، ڪونه ڪيائين قياس

مون ڏٺو هو تنهنجي ڀيٽ ۾، ماڻهوءَ سندو ماس

کائي ڇڏيو خانن جو، تو مٺي سڀ لباس

تن ۾ ڪر تپاس، تو گهوٽ ڪئين گهائي جهليا.

19- راڻا ڪر نه ماڻا، اڱڻ آءُ اصيل

سڙي تنهن سومل جو، ويو ڏُلي ڏکيءَ جو ڏيل

شاهد انهيءَ شڪ جو، آهي جو دؤن جبرئيل

سچي تنهن سردار جو، آهي واحد جو وڪيل

سچي آهيان سوڍا! لاهي ڇڏ دل مٿان دليل

مون وٽ آيو ڪونه، مريد چئي، مٿي ڪاڪ قليل

سوڍا! توکان سبيل، پنان ٿي پرچاءُ جو.

20- پِن ڏجي ان کي، جيڪي مومل جا محتاج

سڙي تنهنجي سري کان، مون ڏٺا هئا سامي سندا ساڄ

پڳ ٽنگيل پائي ۾، مون تت ڏٺي هئي تاج

شاهد ڪيا هئا مون انهيءَ شڪ جا، پر ات راڻي هئا نه راڄ

جيءَ نه وجهه جهاجهه، ڪين هلان تنهنجي ڪاڪ تي.

21- ڪاوڙجي آئين ڪاڪ تان، ڪري ڪامل ڳالهه ڪچي

راڻا! تنهنجي روح ۾، ويئي اها پرين ڳالهه پچي

پسي کير اُٺ جو، يا کاڌي مير مڇي

آءٌ سوڍا آهيان سچي، تون قرب ڪري هل ڪاڪ تي.

22- چوڏهين چڙهي آيس، گهميس ڪاڪ ڪنڌي ڪر ۾

نظر ڪري پي نهاريم پنهنجي پر ۾

سيتل ستو سيڄ تي، ڀاڪر پائي ڀر ۾

سا باهه ڀڙڪي ڪري، سڪل جيئن سر ۾

ٿي شرمندو شرم ۾، موٽي ويس پنهنجي ملڪ ۾.

23- مڙس هئين مينڌرا،  تنهنجو مهل به مڙساڻو

ٻه نالا تو مٿي، هڪ مينڌرو ٻيو راڻو

چار اکيون تنهنجون، توکي ڪير چوي ڪاڻو

هڪڙو ڪَچو ڪم ڪيوئِي، تڏهن توکي چوان ٿي ڪاڻو

جڏهن منهنجي ماڙي ۾، ڏٺو هوءِ چلٽ چوراڻو

توکي پري پڪ نه رهي، تڏهن وڃي سٽي سڃاڻو

ڍاٽي تون ڍٽ ۾، هئين سورهيه ساماڻو

مُڇ وڍي مينڌرا! تو ڪيو هو سامي سوڃاڻو

نه ته سٽي تنهن سامي کي، هئين مڙهي تي مارڻو

هئي ڏيهه کي ڏيکارڻو، ته توکي ڪاڻو چيائون ڪونه ڪو.

24- چئي: ڪاڻو آهيان ڪينڪي، مونکي ڪاڻو ڪين چئو

گند انهي گيدڙي سان، تنهنجي لڳي ويئي لئون

دين پنهنجي ڌرم جو، توکي ڀانءِ نه پيو ڀؤ

جوڀن ۽ جوانيءَ جو، توکي مومل هو مَئو

ويٺي سُهم سهو، راڻي رسامڻ جا.

25- راڻا رسامن، پر تو پِرت پاتي

ڪرهو ڪاهيج ڪاڪ، توکي چوڏهين چوان ٿي

سومل ڪين سمهارينديس، جيسيس هونديس حياتي

عشق جي آگ ۾ سوڍا! سڙان ٿي

نه ته هڻان ٿي هٿ  سين، ڪنڌ مٿان ڪاتي

تو لاءِ رت رئان ٿي، تون ڪرهو واري هل ڪاڪ تي.

26- مومل تنهنجي من ۾، هو اڳئي من مڪر

ڪُل جوڙايئِي ڪائي جا، ٻيا بنايئي باندر

خان هنياءِ کوهه ۾، ٻيا لاکون لشڪر

سوين”سليمان“ جهڙا، ويا جام وهائيندا جر

سي مور نه وريا، مهيري چئي، گهوٽ به آيا گهر

مومل مرين ته مَر، ڪين هلان تنهنجي ڪاڪ تي.

27- منٿ مڃِي نه مينڌري، ٿيو راڻيءَ کي رنج

مومل محلاتن ۾، هاري بيٺي هنج

ڏناءِ ڏيل منهنجي کي ڏنج، ڪين بخشينديس قيام ۾.

28- مومل موٽي ويئي ملڪ تي، جڙيو ئي جواب

سڄي ڳالهه سومل سين ڪري، آڻيو اکين مان آب

ادي! وڏائي مون وس ڪيا، پر نميو ڪين نواب

سوڍي ڌاران سرتيون، مونکي مرڻ آهي ثواب

ڪڙهي ٿينديس ڪباب، مينڌري بنان مچ ۾.

29- وڃيو سا مومل کي، ٿي سومل سمجهائي

ڍولئي ڏانهن ڍَٽ ۾، وڃان ڪرهل کي ڪاهي

سڃاڻندم سپرين، اينديس بديون بخشائي

پاند وجهي پيرن جا، اينديس ٺَڪر کي ٺاهي

نه ته پوءِ پاند پلئه پائي، تو وٽ راڻو وٺي اينديس روبرو.

30- سومل اُتان سنڀري، هلي راڻي پار

سوڍا! ٿيءُ سياڻو، مومل تون نه مار

ڇنيو تولاءِ ڇوُتا ڪري، وانگوڙا ۽ وار

لاهيو ڇڏي لڱن تان، سوڍِي سڀ سينگار

بديون بخشي هل تون، سائين لڳ سردار

راڻا تنهنجي رنج ۾، اوءَ بيحد آهي بيمار

آن ڀيڙي سُتي هيس ڀيڻ سان، تون ادا ڪر اعتبار

مرد اسان وٽ ماڙي ۾، نڪو حاڪم هٿ هٿيار

مون پڳ ٽنگي هئي پائي ۾، متان اچن چور چڪار

پوءِ وري ڪري ويچار، تون ڪرهو واري آءُ ڪاڪ تي.

31- ڪرهو نه آڻيندس ڪاڪ ، آيو هوس قول ڪري

کاڌو حرام پيٽ ۾، مونکي ماڳئون ڪين مري

شرع شڪ حرام ڪيو، تون ڏس ڌيان ڌري

اها مومل مر مري، ڪين هلان تنهنجي ڪوٽ تي.

32- مومل مري منٿون ڪري، جنهن اندر ناهي آرام

مونکي اٿس موڪليو، سوين ڏئي سلام

پيئي آهي پٽ ۾، ڪريو منهن مٽيءَ ماتام

سوڍا! تنهنجي سڪ ۾، هن گهر ڇڏيا گام

پوءِ پرزا اهي پيغام، اٿئي مومل خط موڪليا.

33- اهي پرزا کڻي پاڻ سان، ڪجئين ڳالهه ڪَن

آءٌ ڪرهو ڪاهي آيس ڪاڪ تي، اچي ڏٺو عيب اکين.

ڌنار مونکي دلجاءِ ڏني، اٿس اڄ سامي ساڻ سمن

وِرهه نٿا وسرن، اهي ڏک به منهنجي ڏيل تان.

34- سومل چيو مومل کي، ادي! ڪجئين ڳالهه منهنجي ڪَن

مون وڏائي وَس ڪيا، پر مون ڏٺو عيب اکين

لکيل هو نصيب ۾، توکي وڇوڙو ورهين

اهو پهاڪو اڳئي پڌرو،” ڏاهيو ڏک ڏسن“

جيڪي ورن ساڻ وڙهن، تن جو ٿيندو ڪارو منهن قيام ۾.

35- مومل چو سومل کي، اوهين مونکي موڪلايو

ڏيل مون ڏکيءَ جو، اوهين کاڻيءَ جو کپايو

ڏيل مون ڏکيءَ جو اوهين جيئري جلايو

اڳيئي ائين هو، شايد ربّ جو رايو

هاڻي سڙڻ جو سعيو، آهي ڪامڻ ڪيو ڪاڪ تي.

36- گڏ ڪيائين ڪاٺيون ڪاڪ تي، ميڙي ات مٿا

محبت جي ميدان ۾، آهي سر ڏيڻ سُنتا

سڏ ڪيائين سردار کي، هادي ڏج همٿا

چڙهندي ڏٺائين چاهه مِان، ڪئوڙين تن مٿا

منجهان من، مهيري چئي، گوندر غم لٿا

هيرا موتي، جهومڪ جالاريون، هئا مينڍي ڦل ڳُتا

وانگوڙا وارن مان، ڇوڙيائين سڀ ڇنا

تلڪ ڏيئي تيار ٿي، هٿ مينديءَ ساڻ رتا

مُڙي ڪين مچ کان، نه ڪيائين ڪٿا

هاڻي گهوري گهوٽ مٿا، هن ڏيل چاڙهيو اچي ڏاڪ تي.

37- ڏيل چاڙهي ڏاڪ تي، کامي ٿي کورا

لکي خط خاطيءَ کي، ڏنو سومل سويرا

پانڌي وڃ پيغام کڻي، ولهي جا آهن ويرا

چئج: مومل رات مري ويئي، جنهن جا پريان ٿيا پورا

پوءِ ڳل انهيءَ جا ڳورا، پر ڄر ڄرائي ڇڏيا.

38- مينڌرو چڙهيو مهريءَ تي، آيو به اُڏائي

روبرو راڻو اچو، ٿو سومل سڏائي

سومل! وڃي سيگهه مان، اچ ڏاڪ مٿان لاهي

سومل سچي ڪريو، ٿي ڳوري ڳالهائي

مومل رات مري ويئي، جنهن جي خبر خدا وٽ آهي

رِيهه ڪري راڻي وڌو عاشق پاڻ اڇلائي

جيئري هن جهان مان، ويا لاڳاپا لاهي

جيڪو گلا ڪري راڻي جي، سو ماڙهون تان ناهي

ڏسو سچائي سوڍي جي، آيو ڪيئن باهه مٿي ڪاهي

الله اُجهائي آتش کي، ڇڏيو بهشت بنائي

مومل راڻو گهڙيا بهشت ۾، ڇڏيائون کلي ڳالهائي

مئي، پڄاڻا، مهيري چئي، ڇڏيائون بديون بخشائي

هاڻي جيڪو عاشق چائي، سانگو ڪري نه ساهه جو.

39- سانگو ڪري نه ساهه جو، هاتڪ جي هجن

قصو مومل راڻي جو، پورو ات چون

موليٰ هن، مريد کي، تون الله ڏي امن

سني سڏ سواليءَ جا، تون قادر ڪندين ڪن

ڪلمون پاڪ پڙهن، سي لنگهي ويندا لڪيون.

لا اِلہٰ اِلالله محمد رسول الله

 

روايت -5

راجا ڀوڄ جي ذڪر سان ڳاهن واري ڳالهه

هڪ درويش ڪنهن جبل تي ويهي خدا جي عبادت ڪندو رهيو. ايترو وقت عبادت ڪندو رهيو جيستائين وڃي پيرسن ٿيو، اُٿڻ ويهڻ کان آزُرت ٿي پيو. فقير پنهنجي عبادتگاهه وٽ رٻ جو ڪُنو چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڻ عبادت ۾ مشغول رهيو. هڪڙيءَ رات هڪدم سهائو ٿي ويو ۽ فقير رٻ جي ڪُني ڏي نگاهه ڪئي ته اُن جي ڀر ۾ هڪ نهايت حسين عورت ويٺل ڏٺائين، اها روشنائي انهيءَ عورت جي حسن ڪري پئي ٿي. فقير اُن عورت کان پڇيو ته: تون ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ عورت جواب ڏنو ته: مان ڪير آهيان، تنهن جي خبر مون کي ڪانهي، باقي هِت فقط تنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ آئي آهيان. تنهن تي فقير پڇيس ته: مون کي اڳئين جهان ۾ ستر حورون ملڻيون آهن، جيڪڏهن تون انهن مان هجين ته ٺيڪ، نه ته هتان وڃ هلي. پر عورت جو نه ڪو هو گهر، نه ڪو ڳوٺ، نه ڪو مِٽ نه ڪو مائٽ، تنهنڪري ساري رات اتي فقير جي عبادتگاهه وٽ ويهي وِهايائين.

راجا ڀوڄ جي محلات، فقير جي عبادتگاهه کان پنج ميل پري هئي، ۽ راجا رات جي وقت محلات تي چڙهي چؤطرف نگاهه ڊوڙائي ته هڪ طرف کيس شعاع ڏسڻ ۾ آيا. بادشاهه گهڻو ئي ويچار ڪيو پر سمجهي نه سگهيو. تنهن هڪدم وزير کي گهرايو، وزير پڻ اهي تجلا ڏٺا، مگر اُهو به اها ڳجهارت ڀڃي نه سگهيو. کنوڻ تڏهن ٿيندي جڏهن ڪَڪر يا جهُڙ هوندو. باهه به رکي رکي ڀڙڪا ڪندي، مگر هي شعاع جيئن شروع ٿيو تيئن ٿيندو رهيو.

صبح جو وزير ۽ بادشاهه گهوڙن تي سنج رکائي، چڙهي انهيءَ طرف روانا ٿيا. پنڌ ڪندي ڪندي هڪ جبل ڏسڻ ۾ آين. گهوڙا هيٺ دامن ۾ ڇڏي پاڻ ان جبل تي چڙهي ويا. جبل تي هڪ عورت ڏسڻ ۾ آين. بادشاهه ۽ وزير سِڌا اُن وٽ پهتا ۽ بادشاهه اُن کان حال احوال ورتو. عورت ٻڌايو ته: آءٌ ڪير آهيان، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي، باقي هن فقير جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿي آهيان، مگر فقير مون کي نٿو قبولي. انهيءَ تي بادشاهه، فقير کان عورت جي اجازت ورتي. فقير اجازت ڏني ته: ڀل عورت کي تون وٺي وڃ. پوءِ بادشاهه اُن عورت کي چيو ته: تون آهين منهنجي دين جي ڌيءُ، تنهنڪري تون هلي مون وٽ رَهه. بادشاهه ان عورت کي گهوڙي تي چاڙهي آڻي پنهنجي محلات ۾ ڇڏيو، جتي اڳيئي بادشاهه جون ڇهه ڌيون رهنديون هيون. هن عورت جو نالو بادشاهه رکيو ”مومل“. هاڻي ستئي ڌيون بادشاهه جون گڏ گذارڻ لڳيون. مگر مومل نهايت عقلمند ۽ داناءُ هئي، تنهنڪري بادشاهه جي محلات جو سمورو ڪم ڪار مومل جي حوالي ٿي ويو ۽ مومل سڄي ڪم کي عقلمندي سان هلائڻ لڳي.

راجا ڀوڄ جي راجڌاني ۾ سمنڊ نزديڪ هو. ان سمنڊ ۾ هڪ ڪلاداري نانگ رهندو هو، جنهن وٽ هڪ مَڻ هئي. اها مَڻ نانگ پنهنجي پيٽ ۾ رکندو هو. جڏهن نانگ کي شڪار جو شوق ٿيندو هو، تڏهن پاڻي مان نڪري ٻاهر ايندو هو ۽ اها مَڻ اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي رکندو هو ته ميلن ۾ شعاع ٿي ويندو هو ۽ پکي پکڻ، جيت جناوَر سڀ انهيءَ روشنائي تي پيا ڏسبا هئا ۽ نانگ پنهنجو شڪار ڪري خوش ٿي اُها مَڻ واري پنهنجي گُجيءَ ۾ رکي، اندر سمنڊ ۾ هليو ويندو هو. انهيءَ نانگ جي خبر ڪيترن ئي جوڳين کي پئجي چُڪي هئي، جن نانگ تي ڪيئي حملا ڪيا هئا، پر نانگ سڀڪنهن حملي وقت جوڳين جي جٿن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ آجو رهيو. اهو نانگ، اصل ۾ ديو هو، ۽ حضرت سليمان جي واري جو هو، جيڪو خزاني تي ويٺل هو.

نانگ ۽ مڻ جي ڳالهه ايتري ته مشهور ٿي وئي جو پري پري جا جوڳي نانگ سان مقابلي ڪرڻ ۽ مَڻ هٿ ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. انهيءَ هُلچاري ۾ هڪ جوڳي نالي ”گورکناٿ“ به نانگ ساڻ مقابلي ڪرڻ لاءِ اچي راجا ڀوڄ جي بادشاهي ۾ نڪتو. نانگ گهڻو ڪري اونداهين راتين ۾ سمنڊ مان نڪري ٻاهر شيل ڪندو هو. گورکناٿ جوڳي ماڻهن کان نانگ جو شڪار ڪرڻ وارو هنڌ معلوم ڪري اتي ويهي رهيو. هڪ ڏينهن نانگ دستور موجب ٻاهر نڪتو ۽ مَڻ اوڳاڇي ميدان تي رکي، پاڻ روشنائي ۾ راند ڪرڻ لڳو، ايتري ۾ گورکناٿ جوڳي کي به وجهه ملي ويو، تنهن ڌڻيءَ کي ساري هئين جا نانگ کي وير- مُٺ ته نانگ چيرجي ٻه اڌ  ٿي پيو ۽ مَڻ جوڳي کڻي رمندو رهيو.

ڪلاداري نانگ واري مَڻ هٿ ڪري، جوڳي انهيءَ مڻ جي زور تي سمنڊ ۾ اندر گهڙي وڃي هيرا موتي هٿ ڪندو هو. هڪ دفعي مَڻ کي کنيو سمنڊ ۾ پئي گهميو ته هن کي ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو ۽ هي سِڌو انهيءَ ٻيٽ تي ويو. ٻيٽ جي زمين سٺي هئي ۽ اتي وڻ ٽڻ به ڏاڍا هئا. جوڳي کي اهو ٻيٽ ڏاڍو پسند آيو، تنهنڪري هو اتي پنهنجي رهڻ لاءِ جايون جوري، ڪوٺيون ڪارخانا بنائي ويهي رهيو. هن جو ڌنڌو اهو هوندو هو ته پهرين پهر مَڻ جي زور تي وڃي سمنڊ سوجهيندو هو، جتان هيرا موتي، ماڻڪ ۽ لالون کڻي آڻي پنهنجين ڪوٺين ۾ ڍير ڪري رکندو هو ۽ پوئين پهر ويهي ڌڻي جي بندگي ڪندو هو.

گورکناٿ جوڳي کي هڪ هرڻ جو ٻچڙو هٿ آيو تنهن کي کڻي اندر ٻيٽ ۾ اچي پاليائين. جڏهن هرڻ وڏو ٿيو، تڏهن هرڻ جو سڱن تي سونا کوپا چاڙهي ڇڏيائين ۽ ٽنگن ۾ سونا گنگهرا ٻڌي ڇڏيائين. هرڻ جوڳي سان اهڙو ته هري مري ويو، جو جوڳي کان سواءِ کيس ساعت به نه سرندي هئي. جوڳي گورکناٿ هڪ ڏينهن هرڻ کي جهلي سندس مٿي جي کَل چيري، مٿي جي کوپري تي نانگ واري مَڻ رکي، هرڻ جي کَل وري سبي ڇڏي. ٿوري وقت کان پوءِ هرڻ تندرست ٿي ويو. هاڻي هرڻ پاڻي ۾ گهڙي ته پاڻي پري ٿيندو وڃي ۽ هرڻ کي واٽ ملندي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته هرڻ سمنڊ کان ٻاهر به نڪري ويندو هو. کائي پِي ڍؤ ڪري وري سڌو فقير وٽ هليو ايندو هو. فقير اچي پوڙهو ٿيو. تنهن سمنڊ مان هٿ ڪيل خزانو سڀ ٻيٽ ۾ اندر ڪوٺيون ٺاهي، انهن ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ڌڻيءَ جي بندگي ۾ لڳي ويو.

هڪ ڏينهن راجا ڀوڄ شڪار جي تياري ڪئي ۽ امير امراءِ ساڻ وٺي شڪار تي نڪتو. سمورن دوستن صلاح ڪئي ته شڪار جي پٺيان فقط اهو ماڻهو وڃي، جنهن جي اڳيان شڪار نڪري، ٻيا ان جي پٺيان نه وڃن. تنهنڪري مِڙني مصلحت ڪئي ته شڪار ورائي بادشاهه جي اڳيان ڏيون ته ڀل بادشاهه شڪار پٺيان ڊوڙي ۽ پاڻ انهيءَ هچا کان ڇُٽي پئون. ايندي ايندي هڪ هرڻ ڏٺئون جنهن جا سِڱَ سونا ۽ پيرن ۾ سونا گنگهرا ٻڌل هئس، تنهن کي ڦيرائي ڦيرائي آڻي بادشاهه جي اڳيان ڪيائون. بادشاهه هرڻ کي ڏسي کڻي گهوڙو هرڻ پٺيان لاتو. هرڻ ٽاهڙ هو، سو گهوڙي ۽ بادشاهه کي ڏسي ڇال هڻي ڀڄڻ لڳو. بادشاهه به گهوڙي کي تيز ڪيو. بادشاهي گهوڙو سو به وري شڪاري گهوڙو، تنهن هرڻ کي گهمائي ورتو، مگر هرڻ ٽِپي وڃي سمنڊ ۾ پيو، تڏهن بادشاهه گهوڙي کي روڪيو، مگر جيئن ته بادشاهي شڪاري گهوڙو هو، سو بادشاهه کان روڪيو نه ٿيو ۽ گهوڙو سڌو هرڻ پٺيان پيو. هرڻ سمنڊ ۾ گهڙيو ته سمنڊ سُڪندو ويو ۽ هرڻ ڀڄندو ويو ته گهوڙو به هرڻ جو پيڇو ڪندو پئي ويو. تان جو هرڻ وڃي ٻيٽ تي پهتو. اتي بادشاهه به وڃي ٻيٽ تي پهتو، تنهن تير هڻي هرڻ کي ماري وڌو. مگر هيءُ سمورو وقت بادشاهه حيران هو ته ڇا، هي سچ پچ ڪا حقيقت آهي يا خواب آهي جو ڏسان پيو! بادشاهه سمجهي ويو ته اها مڻيا هن هرڻ ۾ آهي پر آهي الائجي ڪٿي. تنهن ويهي هرڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. هڪ هڪ ٽُڪر کڻندو پاڻي ۾ گهڙندو ويو، مگر پاڻي هن کي جاءِ نه ڏني. نيٺ جڏهن هرڻ جي سِسي کڻي پاڻي ۾ ويو ته پاڻي جاءِ ڏيڻ لڳو، تڏهن سمجهي ويو ته ڪَلا هن کوپري ۾ آهي. جن کڻي مُنڍيءَ جي کَل لاهي ته کيس مٿي تي رکيل مَڻ ڏسڻ ۾ آئي. بادشاهه اُها مَڻ کڻي اندر پاڻي ۾ ويو ته پاڻي کيس جاءِ ڏني. بادشاهه مَڻ کي ڌوئي صفا ڪري، مَڻ پاڻ وٽ رکي ۽ پوءِ گهوڙي کي ٻڌي پاڻ ويو ٻيٽ گهمڻ. ٻيٽ ۾ گهمندي گهمندي جوڳيءَ جو ٿان ۽ آستان ڏٺائين ۽ جوڳي وارو پوريل خزانو جنهن ۾ موتي ماڻڪ هيرا لال جنهوار، رُپي ۽ سون جو ته ڪاٿوئي ڪونه هو. سو به هٿ پيس، بادشاهه نهايت خوش ٿيو. ڪجهه وقت ترسي، دم پٽي، وري گهوڙي کي تيار ڪري، لانگ ورائي اٿي سمنڊ ۾ پيو ته سمنڊ گهوڙي کي جاءِ ڏيندو ويو، نيٺ بادشاهه سمنڊ کان ٻاهر آيو ۽ سڌو پنهنجي محلات تي پهتو.

راجا ڀوڄ وٽ پنهنجو ذاتي خزانو به تمام گهڻو هو. تنهن کي اچي خيال ٿيو ته اتفاق سان جيڪڏهن بادشاهه گڙدي ٿي پوي ۽ مونکي حڪومت ڇڏڻي پوي ته پوءِ هي منهنجو خزانو ته ٻيو غنيم بادشاهه کڻي ويندو، تنهنڪري ڇو نه هيءُ خزانو به وڃي سمنڊ واري ٻيٽ ۾ ٻئي خزاني سان گڏ رکي اچان، ته پوءِ جيڪڏهن بادشاهي هلي وڃي ته به خزانو ته بچي پوندو. تنهن اها سِٽا سٽي، بادشاهي وارو خزانو به پاڻ پنهنجي سِر کڻي وڃي ٻيٽ واري خزاني سان گڏي رکي ڇڏيائين. باقي رهي مڻ، تنهن کي محفوظ رکڻ جو ويچار ڪري، هڪ سونو هار ٺهرائي، انهيءَ جو ڍولڻي ۾ مڻ بند ڪرائي، اهو هار مومل کي ڏنائين ته: هيءُ هار تون ڳچي ۾ پائي ڇڏ! مومل هار وٺي ڏاڍو خوش ٿي ۽ هار ڳچي ۾ پائي ڇڏيائين. هاڻ بادشاهه کي خزاني جو کٽڪو به لٿو ۽ دل کي پڪ به ٿيس ته اتي مڻ سلامت رهندي.

انهيءَ زماني ۾ ڪابل قنڌار ۾ سامي سيتل راءِ نالي هڪ جوتشي رهندو هو، جو وڏو هوشيار ۽ داناءُ هو، جنهن کي ٿي ٿيندِي جي خبر پوندي هئي. هڪ ڏينهن سيتل راءِ جوتش هڻي ڏٺو ته راجا ڀوڄ وٽ هڪ وڏو خزانو آهي، خزاني جا کوهه ڀريا پيا آهن. خزانو آهي به سمنڊ ۾، ۽ اتي ڪير به وڃي نٿو سگهي، پر جي کڻي ڪو ويندو به، ته به خزانو اندر کوهن ۾ پوريل آهي ۽ اُنهن کوهن جي مٿان وڻ بيٺل آهن، سو ڪنهن کي به شڪ گمان ڪونه ٿيندو ته ڪو هتي خزانو پوريل آهي. مگر، اتي مڻ جي وسيلي پهچي سگهجي ٿو پر اها مڻ راجا هار ۾ بند ڪرائي، هار مومل کي ڏنو آهي، جنهن وٽ هار قابو آهي. هاڻ جيستائين اهو هار هٿ نه ڪبو، تيستائين خزانو هٿ نه ايندو. تنهن ويهي اٽڪل ڳولي ته ڪهڙي ريت مومل کان هار هٿ ڪجي. سو جادو جي زور تي اتان اڏاڻو ۽ اچي راجا ڀوڄ جي بادشاهيءَ ۾ نڪتو. سامي سيتل راءِ نهايت ملوڪ هو. جهڙو هو شڪل شباهت جو سهڻو، تهڙو هو هنر ۽ جادو ڀڙ. سو گيڙو ۽ رتا ڪپڙا پائي، چڪر چمڙا چيلهه سان ٻڌي، دست پناه ۽ ويراڳڻ هٿ ۾ کڻي سڌو آيو مومل جي ماڙي تي:

سامي ويل صبح جو، ڪري آيو ويسِ وڳا

مومل جي ماڙي تي، اچي هنئين سين سدا

اٿي آئي اوچتي، ڪا دائي در مٿا

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين هتي، تنهنجو ڇا؟

هي ماڙي اٿئي مومل جي، جنهن تي ٻڌو هل هنيا

بابُو جهل بکيا، وٺ پنهنجي واٽڙي.

مومل جي ماڙي تي پهچي، سامي اچي سَين هنئين ته: بکيا ڏيو. انهيءَ تي اندران مومل جي دائي نڪري آئي، جنهن آڻي فقير کي پنجڪڻي ڏني. مگر فقير بکيا وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ٻانهي کي چيائين ته: آءُ بکيا خود ڌڃاڻيءَ کان وٺندس، تون وڃي پنهنجي ڌڃاڻي کي ٻڌاءِ ته فقير فقط توکان بکيا وٺندو. مومل جڏهن ٻانهيءَ کان اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن وري به ٻانهيءَ کي چيائين ته: وڃ فقير وٽ ۽ کانئس پڇ ته توکي ڇا کپي، جيڪي گهرجيئي سو چئو ته توکي ملي. تڏهن فقير جواب موڪليو ته: هڪ ته مونکي خيرات فقط مومل کان ئي وٺڻي آهي، ٻيو ته خيرات ۾ مونکي مومل جي ڳچي وارو هار کپي. دائي وري موٽي اچي مومل کي مذڪور ٻڌايو؛ ۽ مومل کي چيائين ته: هي سامي ٻين فقيرن جهڙو ناهي، هن جي منهن ۾ چنڊ پيو چمڪي. مومل! تون جيڪڏهن هن سامي کي ڏسين ته هوند حيران ٿي وڃيين. سامي سيتل راءِ پنهنجي جادو جي زور تي مومل کي اهڙو ته موهي وڌو، جو هوءَ بيتاب ٿي ٻاهر دروازي ڏي وڃڻ لڳي. مگر سومل کيس چيو ته: ڀوري، تون ترس ته سامي کي اندر ٿا سڏايون. ائين چئي دائي کي پاسيرو ڪري چيائين ته: وڃي سامي کي اندر محلات ۾ وٺي اچ. مومل هڪ ڪمري کي سينگاري سنواري، منجهس ڇپر کٽ رکي، سيج بند وڇائي، عطر ۽ عنبير ڇٽڪاري، ڪمري کي گُل ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ ٻانهي به سيتل راءِ کي اندر ڪمري ۾ وٺي آڻي ويهاريو:

گڏجي گولي سان هليو، پير اوڏهين پائي

مومل محلاتن ۾ پلنگ وڇايو پٽ جا ٿي عطر اوتائي

سامهون سيتل راءِ کي، بيهي ڏٺئين چتائي

پوءِ ڇٽ مٿان ڇانئي، هن کي راڻيون رانئي هليون.

سامي جي شڪل شبيهه ڏسي، مومل مٿس موهت ٿي پيئي. جڏهن سامي مومل کان هار گهريو تڏهن مومل خوشي مان هار لاهي کڻي سامي کي ڏنو، جو هن وٺي کڻي پنهنجي بَگريءَ ۾ وڌو. مومل، سامي کي عرض ڪيو ته: مهرباني ڪري مونکي جادو سيکار. سامي ته هو وڏو جادوگر ۽ جوتشي، تنهن مومل کي اهڙا ته ريب کريب ۽ جادو سيکاريا، جنهن جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. جڏهن مومل جادو سکي هوشيار ٿي، تڏهن سمي کي اجازت ڏنائون.  مگر سامي کان سُنهن ويساهه ورتائون ته تون وري به اسان وٽ ايندين:


[1] . هي روايت يوسف پٽ سکيي جو، رجيرو ڪرمتي، ويٺل شيخ بچل جو راڄ(تعلقو جاتي) کان ملي.

مريد فقر پٽ در محمد مهيري، ڪڙئي گهنور خان جي ويجهو ڳوٺ ٻاگهلي جو رهاڪو آهي، اڻپڙهيل آهي. سندس جنم اندازاَ 1892ع ڌاري ٿيو هوندو.

[2] . هيءَ ڳالهه وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان سليمان جهانجهڻجي جي زباني ٻُڌي 18 سيپٽمبر 1965ع تي قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org