سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :15

- ڪاهي هليو ڪاڪ تي، سنڀالي سبحان

لڳيس ناوڪ نيهن جي، محب ڪيو مستان

ڇڏي سانگو سر جو، اٿي هليو حيران

ڪئونتل کي ڪُڏائيندو، آيو لئي امتحان

ڏٺئين پئي ڏور کان، مومل جو ميدان

اُٿي پيو اُڇاٿرو، وڏي خوشيءَ خان

حوالي حبيب جي، ڪيئين جند ۽ جان

ٽپي پيو ٽاڏ ڪري، مُهت وڏي ڪنهن مان

ڏوري ڏسان پَر ڪنهين مومل جو ته مڪان

وائي وات ٻي هيس، ريءَ قريبن ڪان

لڳي ويس وجود ۾، طلب پرينءَ جي تان

لائي هيس، لال چئي، قرب ڀريءَ ڪو ڪان

ننڊ ويس نيڻن جي، طعام طلب تاوان

ڏورڻ ڏونگر آيس، برپٽ ۽ بيبان

دلاور دهليو نڪي، هو درد ڪيو ديوان

ٻَڌي شملو شوق جو، چريو منجهه چوگان

مڙس وڏي ڪنهن مان، ڪُڏي آيو ڪاڪ تي.

30- ڪُڏي آيو ڪاڪ تي، سوڍل سوڀارو

رکيئين سر سڄڻ اڳيان،نذر نيارو

لاهي لاڳاپا، لال چئي، ٿي هليو هيڪارو

هنيئين وک وڏاندري، ٿي وريو ويچارو

اندر عشق عجيب جو، هُس قرب به ڪرارو

ڏسي ڪين ڏکيو ڪٿي، جادو جالارو

پيس پتو نه پَر ڪنهين، هو ويتر واڌارو

ڀانيئين سڀڪجهه سوجهرو، اڳتئون آنڌارو

بَر ۾ بلائن جو، ڏسي اوتارو

ڊڻو نه ڊاءَ ڪنهين، سوڍو سونهارو

بِرهه جي بحر جو، هو طالب۽ تارو

واليءَ ڏنس ويتر هيءُ ورائي وارو

هلي پيو هڪ ڄڻو، نَر هڻي نعرو

دهليو نه دهمانن کئون، هيءُ قابل ڪرارو

عشق حمايت هت ڪيس، برهه کنيس بارو

مومل جي محبت وڌس، من ڀي مارو

جهَٽي شوق شهباز ويس، ڏئي لاشڪ لامارو

چاهه سندو چارو، وٺئين ويل وڏيءَ سان.

31- اُٿي ويل وڏيءَ سان، هليو بانڪو بهادر

دُرس ڌَريئين دل سان، سڄڻ اڳيان سِر

ڪيون الله عاشق تي، عنايتون آپر

ڏسان ماڙي مومل جي، قرب وڏي ڪنهن پر

ڏسان ماڙي مومل جي، قرب وڏي ڪنهن پر

هُيس آس اهائي، اصل کئون اڪثر

لتاڙي لَڪ، لال چئي، هليو همّت سان هُن ڀَر

رُڪيو ڪنهن نه رنڊڪ ۾، ڏريو ڪنهين نه ڏر

بيٺو بار مڙئي کڻي، خوب ڪري کيڪر

دلبر جي ديدار جي، هيس من اندر مونجهر

پهچان در پرينءَ جي، ڏوري هي ڏونگر

انهيءَ توهه تڻي پيو، ڪري الله توهر

چُري لنگهيو چُر ۾، هئا وِنگا جنهن جا وَر

گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، جت نانگ وڏا هئا نَر

اچي ٿيس سامهان، نشانبر ناهر

وڪڙ ڏيئي ويڙهي ويس ڇپيون نڪري ڇر

اڳيئون باهه، پويئون ڪنڌي، ڪانه پويس ڪَرَ

اچي پيو آفت ۾، حال انهيءَ هيڪر

ڊنو نه ڊاءَ ڪنهن جي، هٽيو نا هِن پر

آيو قاف ڪٽيندو، سهي ڏوٺ ڏمر

کنيون ملامتون مڙئي، سوڍي ڪري ثمر

لنگهي لَڪ مڙيئي، وڃي پهتو منجهه پڌر

بر جون بلائون بڇڙيون، ويو لتاڙي لشڪر

ترِي ڏٺئين تار مان ڪُنن جا ته ڪَپر

لوچي لڌئين، لال چئي، دلبر سندو در

واليءَ ڪيس وَڙ کڻي، جنهن ميليس محب مَشر

ڪري ووڙ ورتايئن، وسوڙن جو وڳر

آيو محل مومل جي، ڪاهيو کنيو ڪَر

لاهي وڌو لاکيڻي، ڪلتي سندو ڪر

اوچي ڳاٽ اچي ڏنئين، سوريءَ مٿان سر

العشق نارُ يحرق ماسوي الله، پيو صاب ثمر

پيهي آيس پکي ۾، ناميون پاڻهي نر

لڳو هُيس لال چئي، پرت وارو پر

جنهن ويهڻ وههُ ڪري ڏنس، ترسيو نه تيتر

خوشي ويس کسجي، ڏٺئين جاني نا جيتر

نعرو هڻي نَر، پهو پار پرينءَ جي.

32- پهتو پار پرينءَ جي، رلي هت راڻو

مومل ڀي مينڌري سان، مَل ڇڏيو ماڻو

ٽوڙي ڇڏيئين ان مهل، ٽِه وَڪوڙيو ٽاڻو

سوڍي جي سڪ جو لڳس جيءَ ۾ جهوراڻو

ويهي رهيس وجود ۾، وِرهه ڪري ٿاڻو

آيس برهه بدن ۾، بهاريو ڀاڻو

ويٺس اچي وٽ ۾، سوڍل سياڻو

وٺي اوٽ عشق جي، آيو عاشق اَياڻو

چاهه سندو چاڻو، آيو مَن مومل جي.

33- مومل ۽ مينڌرو، هٿ گڏيا اڄ سيئي

لاهي اولا اندر جا، ٻِٽ ٿيا ٻيئي

گوندر وين گهٽجي، ثابت سنجهيئي

مومل سوڍي سان ملي، هيءَ خاص خبر پيئي

ڀڄي ويا ڀر ڇڏي، ڀيٽو سڀيئي

مومل ٿي مينڌري جي، صاف سڌر سيهي

ٺاهه ويو ٺيهي، لٿا اولا عالم جا.

34- مومل ماڻي مينڌري، ٿي ثابت سچائي

سچين دلين جو ميلو ٿيو، ملي وهه واهه واڌائي

هلي ڳالهه ڳڻين ڀري، هرڪا هيڪائي

سوڍي جي صاحب ڪئي، کڻي صاف سڻائي

ڏنئين مُنهن مرد ٿي، جوش لڳس جائي

جنهن کي حق هڙ ۾ آهه، تنهن جي سولي ٿئي سائي

ڏسي روءِ راڻي جي، ڇڏي مومل اَرڏائي

چي: تونس ائين مان ٻانهي، تنهنجي نينهن هان نوائي

مهر ڪرمنديءَ تي، ڏس نه ڏنگائي ڏائي

پوندي صاب سڄڻ اڳيان، هي ڪوجهي ڪمائي

وڃ نه ڇڏي وَلها، هيءَ دَرَ سندي دائي

لڳا منڊ مجاز جا، ڌوڌن ڌُم لائي

ويهه ته ڪريون ڳالهڙيون، سِڪ سليون سائي

بحري باز ڪيو پرواز، ويو چنبن منجه چائي

اصلي هيءَ التجا، منهنجي الله اگهائي

سنگت تنهنجي ساهه کي، آهه سوڍل! سيبائي

لڳي لوڇ لال لچئي، طلب تکي تائي

هيءَ قادر ڪمائي، منهنجي موليٰ ڪئي مقبول کڻي.

35- موليٰ در مقبول ٿيو، سوڍل جو سعيو

هُيو انگ ازل جو، رحماني رايو

پورو پيچ پرت جو، پرور تن پايو

الله کڻي عاشقن جو، عرضڙو اگهايو

راڻي ڀي پٺتي ڪيو، هلڻ جو سعيو

موڪلائي مومل کان، هن وڳ کي ورايو

هلي پاڻ همير وٽ، حاڪَم اُت آيو

ڪيئين ڪٿا قرب جي ڪل ڪيو ڪَمايو

چي: موليٰ کڻي منهنجو ڪيو، بس لايو سجايو

مومل ملي آ مون کي، ڪاتب قلم وهايو.

پر حال ٻڌي ”همير“ کي، کوٽ به کپايو

لڳيس لوڇ لال چئي، سور وڏو سايو

رکئي درد دل سن، کڻي دانهه دٻايو

ڪوٺي هنيئينس ڪاٺ ۾، ٿي ڏاڍو ڏکايو

ورتس باهه حسد جي، ڍُٽو نا ڍايو

رکي ريب راڻي سان، هن ڏاءُ کڻي ڏايو

چي: شاهن سان شهل هي، تو سڍا! ڪرايو

طرح انهيءَ آيو، هي توتي ڪوپ قيد جو.

36- آيس ڪوپ قيد جو، کنيئين چمي وڏي چاهه

نشانبر نروار ٿيو، ڏيهه ۾ پيئي ڏاهه

سَٺئين خوب خوشيءَ سان، سختيون مٿي ساهه

لڙي پيس لال چئي، مونجهان ڪل مٿاهه

لڳيس باهه برهه جي، ٿيو عشق کئون آگاهه

”همت مردان مدد خدا“ رڙهيو منجهه هن راهه

هيس سِڪ سڄڻ جي، پرت ڪيس ٿي پاهه

لُئن لُئن ۾ لالڻ جي لڳس لوري لاءُ

دهلي دل نه دانهه جي، ڏسي درندن جو دٻاءَ

سورهه لڳو سوچڻ ڪو اُٽڪڻ جو اُپاءُ

ته مِلان ڪيئن مومل سان، هلي پاڻ هتاءُ

جنهن ري ساعت نه سري، سوڏسان ڪنهن پر آءُ

لهن اولا اندر جا، دُرس ملي هي داءُ

ٿين ورق ويجهڙا، لڳي وصل جو واءُ

ڪيو قرب ڪباب آهه، گهُورن ڪيو گهاءُ

ڏَڌل هن ڏکيل جو، ٿيندو ٺاهه وڏي سان ٺاهه

ملندس وڃي مومل سان، سهي سور سڀاءُ

دلبر! تو دراءِ، ساٿي آندم سور هي.

37- ساٿي سور سڄڻ جا، ٿيس ثابت صاف سهي

وٺيئين ورهه وڏاندرو، ڪوشش ڪري ڪهي

موٽي هليو مومل ڏي، هڪڙي رات رهي

هئا داروغا جيل جا، ساڻس سرس صحي

ڪري عنايت عاشق تي، ويا سڀ ٺهي

ڪڍندا هئس قيد مان، سنجهي جو سهي

چڙهي خود چانگي تي، هو ملندو هن پر هي

ايندو هو اڌ رات جو ، مٿان ڪاڪ ڪَهي

واپس ٿي ورندو هو، وڏيءَ ويل وهي

مومل جي مجاز جي، پيتئين خود مهي

اهڙي لاڳ ”لال“ چئي، ويس ٺاهه ٺهي

رڙِهندو هو راتين جو، پائي پرت پهي

هيس خاص حبيب جي، طلب توهه تهي

پلڪ ڪين پري ٿيو، رهيو ڪين رهي

رُنو پئي رت گاڏئون، سڄڻ لاءِ صحي

ويتر ويس پئجي، ڳڻتين جي ته ڳهي

گوندر غم گهي، پئي مليو پاڻ مومل سان.

38- مليو پاڻ مومل سان، نَر پئي نروار

ثابت رهيو سڪ ۾، وِٿ نه وِڌئين وار

چڙهي پئي چانگي تي، ڪيئين دلبر جو ديدار

قيد ۾ به ڪڏهين نه وساريئين ڪوهيار

وس ڪري ورندو رهيو، مومل ڏي مختيار

رهي رات اَسر جو، ٿيندو واپس هو وينجهار

انهيءَ پر هليو پئي، لائق ليل نهار

مومل کي به منڊ لڳل، هئي لُئن لُئن منجهه لغار

هيس هُرکر هوت جي، عشق جو آزار

سوڍل ريءَ سمهڻ هُس، نه کائڻ نه کيڪار

ڏسندي هئي اکين سان، جڏ سرس سڄڻ سردار

تڏهن ڇنڊو هنيانءَ تي، پوندو هُس هن پار

وِٿ نه سَهي وارُ پر، هيءُ آگي جو اختيار

آڏو ڪيئن قادر جي، ڪير اچي ڪو يار!

لهي ليک نه لکئي مان، جيڪي لکيو لکڻهار

واڳ ڌڻين جي وس هئي، بندو آ بيچار

قادر جي قدرت جو، ڪير ڪندو اظهار

مومل جي ماڙي تي، آيو راڻو پئي هر بار

توڙي ڪَرٽ قيد جي، هيس مَٿئون ڀي مار

ته تر ترسيو ڪينڪي، جاري رکيئين جار

سڄڻ هئس نه ساٿي ڪو، چاري هُيس چوڌار

ڊنو نه ڊاءَ ڪنهن جي، رکيئين سڪ سنڀار

لڙيو ڪين لال چئي، نه دهليو کئون درٻار

پر هڪڙي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري ڪرتار

لکيو پَڙي، ڪين ٽَري، هڪڙو تِر هيڪار

رضا هئي رب جي، ٿيڻو اهڙو هو اسرار

رُسي ربّ ته ڏسي پوءِ پاڻيهي اهو پار

جيئن ٽُٽل کي ٽانڪو نه لڳي، گڏيل ڪري ڌار

نيارا رنگ رنگيءَ جا، آهن چئوطرف چوڌار

ڏئي ڏان ڏڏن کي، ٿو ڍڪي ڍڪڻهڌار

 مِهر ريءَ مالڪ جي، ٻي ڪانهي اوٽ آڌار

ٻيو اجهو آهي عربي، ضامن روز شمار

شافع ڏينهن محشر جي، جو ڪوثر جو مختار

هيڻن جو همراهه آهي، مُنجهيلن جو مهندار

دادلو ٻيو درگاهه جو، آهي جيلاني جالار

جنهن جي اوٽ اجهو آ ٻڌندو ڪامل سو ڪوڪار

دامن تنهنجي داسڙا! هن ورتي بد بيڪار

پوءِ هتئون ٿي هيڪار، ٿو قصو هلي قرب جو.

39- هليو قسو قرب جو، منجهه انهيءَ مهل

آيو راڻو رات جو، ڪڏي مٿي ڪَرهل

جهوڪي اُٺ جهوڪ تي، ڪاهه ڪيئين ڪرڳل

لنگهي آيو، لال چئي، ڌڪي منجهه دنگل

مومل موچائي ڏٺئين، سَرهي صاف ستل

ڪَيون پئي هئي ڪڇ ۾، ڪو ڀاڪر منجهه ڀليل

ڏٺو راڻي روبرو، پيس شڪ شهل

ويٺس خام خيال اُتي، خطرو خاص خلل

پاهون جهلي پيرڙا، موٽيو اُتان مَل

پَسي پرس پڌر تي، ڏاڍو ٿيو ڏکيل

ته ستو مرد مومل سان، هو وڏيءَ پڳ ٻڌل

بيٺو ڀڻڪي ڀورڙو، هوريءَ ڪيئن نه هڪل

گهمي ڏٺئين گهر کي، اَسر ويل الَل

پير نه هو ڪو پٽ تي، ڳوليئين خوب ڳپل

موٽي هليو مينڌرو، درد ويهاريو دَل

آيو عمرڪوٽ ڏي، جهليو نه ڪنهن جهل

ترسيو نه تِر جيترو، ڪڏي پيو ڪئونتل

سور لڳل سرسيرا، دونهان دُرس دغل

ڀَري پُرن پَل، موٽي ويو مينڌرو.

40- موٽي ويو مينڌرو، ڪيئين ڪونه ويچار

سرت نه رکي سوڍي، ٿيو سندو شڪ شڪار

ڪيئين اهڙي ڪار جو، ڪري نه ڪوئي ٻار

مومل اٿي مهل سان، جان پڌر پسار

گهمي ڏٺئين گهر ۾، چوطرفين چوڌار

ڏسي لڪڻ، لال چئي، رُني زارو زار

چي: دلبر منهنجا داسڙا! مون ڏي عيبن لک هزار

اوڻايون انڍڙ چئي، هِن اندر منجهه اَنبار

مينڌرا! مومل سان تون پاڙج قول قرار

ڏسي ڏوهه ڏڏ ٿئين، ويهي نه ڪيئي ويچار

ٿاهر سان ٿڌو ٿي، هيئن نه ڪرين ها خوار

پون اهڙا ڪين ٿا، مردن جي مُنهن پار

سُتي هيس، سومل سان، ڀَو ڪنهين ڀلڪار

پڳ ٻَڌل هئي پٽيل کي، جيڪس جهوليدار

تون ڀي خان! کُٽي پئين، سمجهه نه رکَيي سار

دشمن کئون دَهلِي وِئين، لاشڪ لڳاتار

نه ته ڏسي مرد اکينس ا، تون ڀڳين ڇو بيڪار!

هاڻي ڇڏ غلط آ گفتار، موٽي اچ هن ماڳ تي.

41- موٽي اچان نه تنهنجي ماڳ تي، تون رَن آهين رهزن

قرب جي ڪوڪار تو، ڪڏهن نه ڪئي ڪَن

رکيئي محبت مون سان، مدي ڌاري مَن

ڏٺم ڏک تولئي، گهڻا، ڪشالا ڪوهن

تنهنجي تات طِلب وڌو، ويتر منجهه قيدن

ايندو هيس عمرڪوٽ کان، توهه رکي توتن

پر شابس توکي سرس آهه، جو وڌئي منجهه ڏکن

جگر جوش جلايو آهه، جهوراڻا ٿا جُکن

ساريان ڪونه سڄڻ! تنهنجي، منجهئون سرس سُکن

ملڻ لئي تنهنجي آيس ٿي، وڏي شوق شگن

پر ڏٺم ڏوهه ڏکيرو، جنهن وڌو منجهه ڏکن

پٺتي موٽيس پيرن تي، ڪا منشا رکي من

ته هڪ توڪَن، ٻي مان ڪن، متان نه پوي ٻئي ڪَن

انهيءَ حال هليو آيس، ڇڏي توکي ڇِن

لڳي لوڇ، لال چئي، مونجهان ويتر مَن

ڏنئي سور سَوايا، رُودالا ٿا رَجهن

هنيئي ڌَڪ ڌَڪيل کي، مَر ماڻهو پيا مَرڪن

دُشمن دوست کِلايئي، هاڻي ڪهڙي ڪيانڪن

اهڙي هلت حال کي، ٻيهر ڏنم ٻَن

رکي مامَ ته ههڙي من، ڇو ڇِتي ڇتو تو ڪيو؟

42- چي: راڻا! ڇڏ ماڻا، تون دلبر ڏيان به ڌار

ٿيندو ڏوهي ڏوههي آههِ، وڏي ڪنهن ويچار

سياڻو ٿي، سمجهه رک، پت تون پنهنجي پار

اجايون شُنيدان ڳالهيون، اصل ڪين اُٿار

انهيءَ کان وڌ هڪ ڌڪ سان، مون کي کڻي مار

هيڪر هت هلي آءُ، ويڇا سڀ وِسار

پُڇي ڳاڇي پڪ ڪري، وڏي سان ويچار

ائين لئيءَ مان لٺ پَٽي، مور ڪينڪي مار

ڪَنين ٻُڌي ڪجهه نه ڪجي، اکئين ڏٺو ويچار

ڇڏي ڏنئي ڇوهه مان، بيوس ٿئين بيڪار

رکي رنج روح ۾، گوندر ۾ نه گذار

ڪڍي ڪاوڙ قلب مان، اچي ڏس ڏوهار

سياڻو ٿي سوڍل سگهو، دل مان بلا ٽار

اجايا تون اندر مان، وهم ڪل وِسار

واجب نه ٿَئي وِيهڻ ائين، سندوءِ ننگ نهار

نه اٿئي مناسب مينڌرا! ڪر نه ههڙي ڪار

اچي هيڪر هتڙي، بَدي هيءَ بهيار

پوءِ وس تنهنجي هيءَ بيوس آهه، جهڙي ڪرين ڪار

هاڻي اچ هڪوار، ته لَهن مونجهان من جون.

43- مينڌري مومل ڏي، نياپو مُڪو نال

ته ڇڏ مقابلو ماٺ ڪر، طرح ڦٽا ڪر تال

سَڳو سڪ جو ساهِيُم، تولئي ڪيئي سال

ڀريم سُنگ سنگت جو، سرت ساڻ سنڀال

لاتم دل، لال چئي، خاصي ڪنهن خيال

طلب ۾ تنهنجيءَ ٿيا، آخر ههڙا حال

رُنم ڏينهان رات پئي، جَر وهائي جال

ڪيئي پير پُٺيرا، ۽ اجا افعال

اکيئن عيب ڏٺو مانءِ بڇڙي ٿيئن بيتال

اچان ڪيئن توڏي وري، راهي ٿي رهوال

اجايون ڇڏ اَٽڪلون، هي زوراور زال!

هلنديءِ هت نه هيڪڙي، تنهنجي ناهه مجال

واپس ٿيس وري ڀي، ڪري ڀلائي ڀال

بس بڇڙي نه ٿي، ڪوڙي ڪر نه مقال

ايندس ڪين اصل وري، تو وَر بد خصال!

هاڻي تنهنجا ڳائيان ڪهڙا قرب ڪمال!

ڏَٽا ڇڏ ڏوهي ٿي، ڀونري اڄ بيحال

ههڙي حال حوال، رلندينءَ هاڻي رڻ ۾

44- رُليس هاڻ جي رڻ ۾، ته به تو سِر آ خواري

ڏِڪي ڇڏ نه ڌِڪو ڏئي، ڄاڻين تون ڌاري

ناهي ڏوهه ڏکيل جو، ڪر نه هيئَن ڪاري

ڄاڻي ٻجهي ”ڄٽ“ نه چئو، هت اچ هڪواري

پڇي ڳاڇي پڪ ڪر، سنگت مان ساري

هاڻي نانءِ الله جي، وِٿ نه وجهه واري

برهه تنهنجي بتال ڪيو، عشق ته آزاري

ساڙيو سِرڙو سورن آهه، ڏکن دل ڏاري

مونجهان پيون آهن من کي، چهٽي چوڌاري

گهمڻ ويهڻ وِهه ٿيو، بيهان ته بيزاري

نار يٿا هِن نيڻن مان، جاني! اڄ جاري

مار نه هيئن معذور تون، نشانبر ناري

لاڙي اچج، لال چئي، سهڻا! سواري

ڪلهي ڪانڌي ڀانئيان، توريءَ نر ناري

سڄڻ! هج سلامت، پر هيئن نه ڪر بيزاري

ڏسي ڏوهه اکين سان ڀي، ڪجي ڪي ستاري

چاڙهي ڇڏ نه چنگ تي، هيءَ ويتر ويچاري

درد وندي دلڙيءَ کي، دلبر! ڏي دلداري

بخش بَدي ساري، اچ هيڪر هلي هتڙي.

45- هلي نه ايندس هرگز، ڪو وَسَ نه ڪي ويچار

بدي ڏسي ڀيرو ڪرڻ، مردن آهه ميار

وري اچان نه تو درين، کڻي حرف هزار

توکي، توکي ڦَٻي، ڇڏ هي تال طرحدار

چَگهي! هيئن چالاڪيءَ سان، تو ڦُريا ڪيئي ٻار

لائق هُيئي نه، لال چئي، اهڙي رکڻ لار

ڦِرينءَ ڦِريل! جڏهن، پوءِ پڇين ڪهڙا پار

واجب ٿي وساري ڇڏ، وِرهه جا وهنوار

ڏنئي ڏک عمر جو، اندر ۾ آزار

خيما کوڙيا خطرن، اولا لک هزار

تولئي سختيون سِر کنيم، بيحد سَٺم بار

رُلي ويس رڻ ۾، گوندر ڪيا گهار

وِيهڻ ويو وِههُ ٿي، جڏ جيءَ ۾ لڳا جار

ڀانيم توکي عُمِر جي اوٽ مٺيل آڌار

پر ٿوري ڏينهين ٿڪي پئينءَ، نڪري ٿينءَ نروار

ملوڪن سان مُنڌ ائين، هلڻ نه ٿئي هموار

ٻٽاڪون هڻ ٻارن سان، ڪري تال تنوار

ٽڳا ٽوڙي هاڻ ڇڏ، ورق ڪل وسار

ٻئي ڀيري ان پار، ايندس ڪونه اصلئون.

46- ايندين ڇونه اصلئون، ڇڏ دوست دلاور! داءُ

ٿڌي دل ٿا هر سان، هيڪر هتڙي آءُ

حقيقت هن حال جي، ڪري پڇ پڇاءُ

اچي جاچ جلد ۾، ترت ڦٽو ڪري تاءُ

ٺاهج ڏوهه ٺلهيءَ تي، سڀ وس تنهنجي آءِ

ڏکيءَ تي ڏکن کي، وَڌڪ ڪين وڌاءِ

ڪوڙين ڪهاڻين تي، ڪينڪي ڪَن لڳاءِ

دُکي دل کي دُکڙو ڏئي سرس ڪين ستاءِ

غمن منجهه غلطان ڪري، گوندر منجهه نه گهاءِ

ڊڄ ڪجهه ڊاءِ خداءِ، مار نه هن معذور کي.

47- مومل! ويهه ماٺ ڪري، ڪوڙو ڇڏ واپار

مناسب نه اٿئي مُنڌ ائين، مردن سان مونجهار

ڪوڙي! ڪندينءَ ڪيترا، ڪوڙا قول قرار!

حّجت هل نه هيتري، سرت رک سنڀار

هاڻي ڇڏي ڏي هوري تون اجائي آتار

هلندءِ هڪ نه هتڙي، ڪجهه ڀي دُرس ڌتار

ڪوڙ نه ڪر ڪانڌ سان، ڇڏ تون هيءَ پچار

اجايا نه الزام ڌر، دُٽي ههڙا ڍار

ايندس ڪين اصل مان، وَسَ نه ڪر ويچار

ڇڏ هيءَ طرح تار، نه ته جوکو لڳندءِ جان ۾.

48- لڳس جو کو جيءَ ۾، آخر عين آپر

منٿون ڪري ماٺ ڪيئين، رکيئين سڪ ثمر

راڻي ڪڍيو ڪينڪي، دل مان ڏوٺ ڏمر

ڍُرڪي پيو ڍَٽ ۾، ڪارو ڪري ڪُر

الله جوئي امر، ڪا حاجت ناهه هيڻيءَ جي.

49- حاجت ناهه هيڻيءَ جي، ڇاڪندي ضاعفان ذات

مئي مُنڌ مفت ۾، محبت ٿيس نه مات

راڻي جِي رڳ رڳ ۾، طلب هيس تات

سوڍو پئي سنڀاريو، ڏکيءَ ڏينهان رات

مرڻ تائين مينڌرو، هيس وائي وات

ويهي رهيس وجود ۾، گوندر ڪري گهات

لُنئن لُنئن اندر، لال چئي، ڪيس نينهن نهات

ساڙي سِر سَرهي ٿي، چوريءَ چپ چپات

آخر ٿي اَثبات، اونهي عشق عميق جي

50- اونهي عشق عميق جو، ناهي پتو پار

وڻجيو جن وجود ۾، وِرهه جو واپار

 پاڙيو تن پرينءَ سان، اَلستي اقرار

ڏئي سِر سَرها ٿيا نشانبر نروار

هٽيا ڪين، توڙي ٿيا، سوريءَ سزاوار

”وَهو خيرُ لڪم وَلٰڪِن لاّ تَشعُرونَ“ ٿيو انهيءَ لئي اظهار

ڪلمون جن قرار، وينداسي ايمان سان

لا اِله اِلالله محمد رسول الله

4- بيت پانڌي پنهور جا[1]

1- اول اسم الله جو، جنهن جوڙي جڳ راس ڪيو

ٻيو پير حضرت آدم، جنهن آدم بنياد پيدا ڪيو

ٽيون پير حضرت ابراهيم، جنهن حلال حرام جدا ڪيو

چوٿون پير محمد رسول، جنهن تي دُر ڪلمون راس ٿيو

پنجون پير قادر محي الدين، جنهن درس ورائي دين ڪيو

ديون ۽ پرين تي، پانڌي چئي، هن جو حڪم بيشڪ برحال هو

جڏهن راضي رب ٿيو، تڏهن رکيئين مرضيون محبوب جون

2- رکيئين مرضيون محبوب جون، رکيون رب رحمان

قطب بنايئين ڪتيون، ٻيو عرش زمين آسامان

شمس بنايئين چنڊ ٿي، ٻيا هرڻ مرون حيوان

جادم خلقيائين جکرا، سپڙ ڪيائين سلطان

ڪئين شاهه سڪندر خلقيئين جهڙا دولهه درياخان

ڪئين اڪابر عقل جا، هئا جمجما جهڙا سلطان

ڪل ٻوڙيائين ڪن ۾، مئي مٿي مهربان

سڀ کپي خاڪ ٿيا، رهيا صوبا ۽ سروان

تن کان پڇندئي، پانڌي چئي، ويهاري وريام

ڪل پئي ٿي ڪانه، ڪهڙي واقعا آهي ويڙهه.

3- ڪهڙي واقعا آهي ويڙ ۾، جنهن جو خبر نڪو آ خواب

هرڪو هلي ڪندو، ڌڻيءَ در جواب

قاضي جي ڪريم جا، لکندا ڏوهه ثواب

پڙهڻ ۾، پانڌي چئي، ڪندا تر جو ڪونه تفاوّ

هلڻ ساڻ حساب، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو ٿيندو.

4- ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو ٿيندو، جنهن جو پرو ڪونه پيو

ٻهڳڻ ٻاهڙ مير ۾، راجا نند رهيو

جنهن کي جيسرمير جو، حڪم هٿ ۾ هو

چڙهيو چئن سوارن سان آيو پاڻ به پرو ڏيو

هرڻ ڪڊيئين هڪڙو، وڃي نديءَ پاس نَيو

جنهن تي رند کنيو، تنهن کي شوق شڪار جو.

5- تنهن کي شوق شڪار جو، مر پير ڀريو پائي

حڪمت تنهن هرڻ ۾، منهن مڻيا آهي

سُڪي پير سمونڊ جي، ڪر کنيو ڪاهي

ڪڍي گهوڙو ڪاهيو، ٻهڳڻ ٻولائي

ڪشي ڪان ڪمان مان، هنيس دانهه دل لائي

هن کي رب نه مارائي، موت مارڻ جو ڪين هو:

6- موت مارڻ جو ڪين هو،  هن کي محبت مارايو

وڍڻ جو تنهن وير کي هو اَڏي ايرادو

ڌڙ سِسيءَ کان ڌار ڪري ڪيئين پيٽئون پاسارو

مغز تنهن مٿي مان ڪڍيئين مڻيو موچارو

ڪڍيو وجهي ڪُڻڇ  ۾ ڏسيو ڏيکارو

مير مرون ماريو، پارس کڻيو وڃي پاڻ سان.

7- پارس کڻي پاڻ سان، هليو رند وٺي سو راءِ

حڪمت تنهن هڏيءَ ۾ ڏسان ڪهڙي آهي ڪاءِ

ڪاهي پيو ڪُن ۾، دور درياءِ ٿي ڪيا

پاڻي موٽيو پوئتي، اچي مڇيون مڇ موٽيا

لڌائين سڌ سماءِ، حقيقت تنهن هڏي جي.

8- حقيقت هڏيءَ جي، ڏسان ڪهڙي آهي ڪا

ٻهڳڻ تن ٻانهن سان، ڪري سئيس صلاح

کڻون صندوقون سڦريون، ڪڙين منجهه ڪڙا

خان خزانو پانهنجو رکي ٿو، دليان منجهه دريا

هڏي پاڻ هٿان، ٻئي ڪنهن کي ڏئي ڪينڪي

9- ڪنهن کي ڏئي ڪينڪي مور پنهنجي محلن

اصل تنهن کي اولاد جون ڌيئرو ست سُڄن

مومل، سومل، سهت، سليمت، سهجان، سوڍي، مرادي منجهن

گام پنهنجي ۾ گجريون ٿيون راٺوڙيون رمن

پينگهه وَٽايو پٽ جي، هو ليمي لام لڏن

ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون ڪيوڙي  هيٺ ڪتن

چرخا چندن عاج جا، ٿيون ڀڙا ڀڙ ڀڃن

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، هو خون کلندي ڪن

پَر ڀن ڪين، پانڌي چئي، وجهيو وير وتن

ستئِي ٿيون سڄن، ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون.

10- ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون البيليون اُتي

راجا ڏنو هو رکڻو مڻيو مومل کي

ڪنهن کي ڏجان ڪينڪي سڳي سومل کي

متان پڇئي ڪو، پانڌي چئي، ڏُتريو ڌُتي

پيءَ جي ڳالهه پِتي، مومل رکج من ۾.

11- مومل پنهنجي پيءَ سان ڳوري ڳالهائي

ابا! توکان مِٺو مون کي هڪ الله سو آهي

ورنهه تنهن وينجهارن کي ٿي سوڀي سڏائي

هڏي پنهنجي هار مان ٿي جُودان جوڙائي

ڳوري هار ڳچيءَ ۾ پويو ٿي پائي

عقل منجهه آهي، مومل مڙنيان کان گهڻو.

12- هليو هو هنگلاج مان سامي سٽ ڪري

چيلهه ٻڌائين چمڙا، مٿي جان جَڙي

ٿيو ٿم پنڌ پري، نه ته مڻيو وٺي موٽي اچان.

13- مڻي جي مذڪور جو لڳن روح اِهو رايو

شهر راجا ڀوڄ جو هن، پانڌي چئي، پڇايو

سو مون سُڻايو، جٿي گام رهن ٿيون گجريون.

14- سامي ويل صبوح جو ڪري آيو ويس وڳا

مومل جي ماڙيءَ تي اچي هنيئين سين صدا

پرهه جو، پانڌي چئي، نڪتي دائي در اڳيان

پڇئين: ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، هتي تنهنجو ڇا؟

مومل جي ماڙيءَ تي ٻَڌو اٿئي ڪهڙو هُل هُيا!

بابو وٺ بکيا، وڃ پنهنجي واٽ سان:

15- چيئين: وڃان ڪيئن واٽ وٺي آيو آهيان ڪابولئون ڪاهي

مرادون منهنجي من جون، مَن پير به پڃائي

زاري ڪندس زبان سان، پاند پَلؤ پائي

مومل منهنجي مُنهن تي، من ڳوري ڳالهائي

وجهانس نام ڌڻيءَ جو، ڏي مون کي هار هٿان لاهي

تون وڃ ٻانهي ٻولائي، وڃي منهن تي چئو مومل کي.

16- مُنهن تي چڙهيو مومل کي، ٿي ٻانهي ٻولائي

ته ڪنهن پر آيو ڪاپڙي هي بيک به بنائي

سُونهون تو ۽ مومل ججو، هي اصل کئون آهي

پاند ڳچيءَ پائي، هو هر هر ٿو هار گهري

17- هو هر هر ٿو هار گهري، بيٺو ور ڏيو وينجهائي

دائي! تنهن درويش کي، ڪي ڏٺئي چِتائي؟

ڪهڙا اٿس ڪپڙا، ڪهڙي اُهڃاڻن آهي؟

پڇينس وڃي، پانڌي چئي، نانءُ هن جو ڇاهي؟

متان چور چَريو آهي، جو هر هر ٿو هيرا ڏئي!


[1] . متن جو مدار ٽِن روايتن تي آهي: هڪڙي روايت (تعلقي ٽنڊي باگي) مان پير بخش جمالي کان، ٻي روايت(تعقلي حيدرآباد) مان سليمان جهانجهڻجي کان ۽ ٽي روايت ماڪوڙو رونجهي(ويٺل لڳ پٿورو) جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. ماڪوڙي رونجهي واري روايت بنيادي طور رکي ويئي آهي.

پانڌي پنهور پنگريي تعلقي ٽنڊي باقي جي ويٺل هو. (ٻي روايت موجب ڳوٺ بخش نظاماڻي تعلقي ماتلي جو ويٺل هو، ٽي روايت موجب راڄو نظاماڻي تعلقي ماتلي جي ويٺل هو، ماڪوڙي رونجهي جي چوڻ موجب عمرڪوٽ جي طرف جو ويٺل هو.) پهريائين پارو ابڙي سان گڏ چوريون ڪندو هو ۽ هڪ دفعي جيل ۾ به ويو. ”ٿر واهه“ جي جيلر کيس ڌڪ هنيو، جنهن تي سندس ساٿين ”سوني چانگ“ ۽ ”گلڻ ڇڇر“ جيلر کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو. جيل کان پوءِ توبهه تائب ٿي چوري ڇڏيائين ۽ پنهنجو پورهيو ڪيائين. ٻه ڀيرا حج تي به ويو. ٻئي ڀيري حج ڪندي وفات ڪيائين. مختلف روايتن موجب اندازاً سنه 1900ع/ 1318 هجري ۾ وفات ڪيائين. جواني ۾ عشق جي چوٽ لڳس ۽ بيت چوڻ لڳو. ميڙن مجلسن ۾ نڙ تي بيت چوندو هو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org