سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :9

- بيت مريد بهڻ جا[1]

1- جڏهن سوڍن سنبت ڪئي، پهرين ڏينهن پچار

بلڪل بادشاهن کي ٿيو مٿي شوق شڪار

تنگ ڪَشي تازين جا، ٿيا سنا سرا سوار

ٻڌي سروپائون سونَ جون، هيري ساڻ هٿيار

سوڍن سونَهريون چيلهه تي آلِيبَند آڌار

موتي سي موزن تي پائي هليا پيزار

ڪاڪ جي قبلي تي چڙهيا چارئي يار

حاڪم گڏ همير سان، هليا تي هسوار

خان وڏي خاني سان، صوبا سڀئي سردار

سج جي مثل سامي گڏين، ڪو عجب مُنهن اسرار

هن جي مُگهٽ تي، مريد چئي، جَڙيا هئا جنسار

ڏسي وِڻڪ وَرنَهه جي ڪن گويائون گفتار

پيا پاٻوهِين پاڻ ۾، ٿا پڇن وير ڪري ويچار

ته نينهن کڻي نانگو ڪيئي، ڪي لڳئي تن ۾ تار!

ڪي حسن پسي حيران ٿئين، ڪي لڳئي ڪٿان لغار!

معلوم انهيءَ مذڪور جا، پورا ڏي تون پار

ڪر ڪا خبر چار، ته ڪٿان اچين ٿو ڪاپڙي؟-

2- چئي: اچان ٿو اتاهين جتي ماڙيون موملن جون

سَتئي آهن سهڻيون سوڍيون هِن سَن جون

ڪُهن ٿيون ڪاڪ ۾ رمزون راٺوڙين جون

سُونهن سَمهڙي جهلي ڪونه ڪو، اڳيان ڪانيون ڪونجن جون

جهڙيون ملوڪون، مريد چئي، تهڙيون ٿَن هايون حُسن جون[2]

 جهڙيون پيشانيون پٽ جون تهڙيون لالايون لڱن جون

جيئن چمڪن تارا چنڊ اڳئئون، تئين ڏيکايون ڏندن جون

جهڙا ڪُنڍا نڪ، ڪاريون اکيون، تهڙيون ڀانِيون ڀِرُن جون

سي ماريو ڇڏين ماڻهوءَ کي، هڻيو گوريون گزن جون

آءٌ ڪريان بيهي ڪيتريون تعريفون تن جون

مون تي ورائي ڇڏيئون واريءَ جيئن، ڪي سَٿيون سورن جون

سڻو مومل جي مَن جون، خان! اهي اَٿانوَ خبرون[3]

3- خان سڻن پيا خبرون، تازي ترسايو

جوڙيو پڇن جوڳيءَ کان وير به ورجايو

ته اهو لَين لِڱن کي اٿئي لاهوتي ڪٿان لايو؟

جنين رتو آهين راول! تنين جو پورو ڏي پايو

تون جوڳي ڪنهن جوءِ جو، آهين آديسي هتي آيو

جتان ڪاپڙي تون آهي ڪاهيو، سو هتان ڪاڪ پنڌ ڪيترو؟

4- چئي: ڪاڪ جي پنڌن جو، پئي ٿو ڪونه پرو

ڪوهن ۽ ڪشالن جو، آهي تانگهڻ مشڪل ترو

اڄ ڪي سڀاڻي، ات خان پهچندئو کرو

ڪي جيئو هن جهان ۾، اوهين دم ذرو

ته، ماٺ ڪري موٽي پاهوُن پاڻ ورو

اڳيان وجهي ڏينديانوَ هٿن سان، مٿان زهر ذرو

ماري ڇڏينديوَ، مريد چئي، ٻيئڙ ڏيئِي ٻرو

مارڻ لا مَ مَرو، ڪاڪ پڇايو ڪا مَ ڪا.

5- چئي: قسمت کڻي ڪاڪ ۾، متان موازي ني[4]

واڳُون واليءَ هٿ ۾، متان جوڳي! وڃون جي

سو راول رخ ڏَسيهُون، سنئون قبلو ڪاڪ اُتي[5]

گهڻا در، گهڻيون دريون، آهن مومل جي محلي

سامي! اسان کي سي، ڪر معلوم گهٽيون ماڙيءَ جون.

6- چئي: گهٽين ۽ گهَٽن جو سنڌو نه ڪو سيڙهو

در هڪڙو، دريون گهڻيون، اڳيان واٽن کي ويڙهو

ڪڏهن ڏٺوسون ڪونه ڪو، اڳي رنگ اهڙو

گهاٽو وهي پيو گهُور جو، اڳيان موت جو ميڙو

اتي عزيز اوڏو ناهي، ڀاءُ نڪو ڀيڙو

توبهه بازي آهي تجلو، ٻيو پئي جهاتيءَ جو جهيڙو

آن جو ڪم ڪهڙو، وري اتي آهي وڃڻ جو.[6]

7- ڏَس مومل جي محلات کي، گهڻيون چاڙهيون، گهڻا چارا

گهڻيون ٿوڻيون، گهڻا ٿنڀ، گهڻا موافق منارا

گهڻا دربان اٿس درن تي، جي ٿا ڪن پَريٽون پسارا

تون ڪتاب کولي ڪاڪ جا، ڪڍي آيتون اخبارا

سي سڻاءِ اسانکي تون سامي پڙهي سيپارا

جيڪي باري حڪم بارا، سي قاعدا ڏسجن ڪيترا؟

8- چئي: چوڏهن طبق چمن ۾، آهن اَڏيل اوتارا

تنهن سرنگهه مان سماءَ نه پئي، اندر اونڌارا

ڌنڌ گاڏئون درن تي مثل مونجهارا

چئني ڪنڊن تي چاڙهيون، ٻيا جاين کي جارا

اتي شينهن ۽ شيطان ٻڌا، وٺيو شِر هڻن شوڪارا

ماڻهو ڀؤ کان ڀڄيو وڃن، اهي ڪُم ڏسيو ڪارا

هِنئين کي هيبت لڳي، ڏِسيو ڏورئون ڏيٺارا

لُنڊ بلائون لکن کان گهڻيون ڪوراڙون ڪُنڀارا

ٻيا ڏينڀُو اُڏريو ڏنگ هڻن، مٿان ڪريو منارا

اهي چاري گهمن ٿا چمن تي، چوڪيءَ چوڌارا

سي سڻڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، ڪَن کَلُون کڙڪارا.

ڪئين واڄا، طبلا، اندر نوبتون نغارا

کُتا پيا آهن کُري جا، ڪي ماڙيءَ ۾ مارا

ڪندي وڙهڻ سان وارا، جڏ چڙهندئو منهن مقابل مومل جي.

9- مومل ٿي ماڻهو ماري، ڪيئن آکا پڙهيو اکر

ڪي تاب ڏيکاريو، ترڪٽ ڪريو، ٿي ماري ڦهڪا ڏيو ڦڪر

ڪي ليکي ۾ لپاٽ هڻيو وڃي اُٿلايو جوڙ ڏيو جيڪر

ڪي حساب سان هوش گُمايو، ٿي مَنڊي ساڻ مڪر

چون: ايڏا ڪيئن ڪندي هوندي چمن منجهه چڪر!

حال ڏَسيهون هيڪر، ته وري وهڃايون انهيءَ ويچار کي.

10- چئي: ننڊئون جاڳي، نيڻ اُگهي پَري ڇنڊيندي پَر

اوٻاسي ڏئي، آرس ڀڃي، ڪامڻ موڙيندي ڪَر

گهُنڊ پائي، گهُور هڻي، وِيههَ وجهندي وَر

ڪنڌ کڻي ڪونج جيئن، ڪندي نازڪي نظر

اُتي اسرار ٿيندو اوچتو، تاءُ ڪندي تَجَر

نڪا ڀيڻي ٿيندي ڀڄڻ جي، گهٽي ڪيڏانهن گهَر

اتي فوجون ڦري وينديون، چؤ قبليون چؤڌار

چارئي پاسا چمن جا، ڪندي قابو، دريون ڏيئي در

اتي ويس ڀِڄائيندا وڳا، اوهين پُسائيندا پکَتر

نه ته ٻي ڪا مَ ڪريو اوهين پَرائي پچر

تڏهن خان! پونديوَ خبر، جڏهن چڙهندئو منهن مومل جي.

11- چون: مومل ماريندي ڪينڪي، ماري ڪِيم خدا

پَريان ڏينهن پڄي ايندا جڏهن منزل ڪندو مَلڪا

تڏهن هرڪو هتان هليو ويندو، ڇڏيو هيءُ هنڌا

اهڙي آمُل کان جوڳي تون ٿيو ڪيئن آهين جدا

اِنهيءَ مومل ڪاڪ مٿاءُ، ڪڏهن هليو آهين ڪاپڙي؟

12- چئي هيڪ هليو آهيان ڪاڪ کان، اٿم ٿورا ڏينهن ٿيا

ٻيا ته ڪاڪ ٻاهران ڪيترا هئا منهنجا پٽ پيا

آءٌ هڪڙو هوس ڪينڪي، مون سان هئا ٻاٽِي سئو ٻيا

سي کَپائي کريبن سان، ناتر سڀيئي نِيا

مومل پٺيان  مسافريءَ منهنجا ههڙا حال ڪيا

نيهن اچي نانگو ڪيس، لاهي سڀ لِيا

سڱ سڀيئي سِيا، آءٌ ڇورو ٿيو ڇنيو وڃان.

13- ڇورو ٿي نه ڇِن تون، حيلو ڪو ته هلاءِ

مُٺا! وڃين ٿو ماٺ ڪريو، ڪاپڙي! ڪنهن لاءِ

ڪاڪ ٻاهران ڪو وڃي جوڙ اُتارو جاءِ

اهڙي معشوق اڳيان، مريد چئي، هوند جوڳي جيءُ جلاءِ

سامي! سچ ڳالهاءِ، ڪٿان اچين ٿو ڪاپڙي؟

14- چئي: ڪوڙ ڪريان ٿو ڪونه ڪو، ٿو اچان اُتاهون

ڪَهي موٽيو آهيان ڪاڪ تان، پوئتي اُٿلي پاهون

نه ڪو آهي عدل اتي، نه ڪو فضل ڪيائون

ري شرع آچار بنان، وڃان وڍايو ٻئي ٻانهون

پنهنجون پرايون غيبتون وڃان کڻيو گلائون

ڏَڌو رَڌو ڏکن ۾، اندر ۾ آهون

ڏيهه وريو ڏانهن، موٽي وڃان ٿو ملڪ تي.

15- موٽي نه وڃ ملڪ تي، هنجون ڪوهه ٿو هارين!

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، هوند اتي ويٺو گزارين

پِنيو سِنيو پاڙي مان، هوند پيٽ ويٺو پارين

ڪي ته گهڙيون ڪاڪ ۾، گهُونا! هوند گهارين

اهڙي مومل کي، مريد چئي، ويل نه وسارين

اِئين ڪريو ات ڪي جُڳ جوڳي جيءَ کي جيارين

مُئا! ڪوهه ٿو مارين، رُلائي پنهجي روح کي.

16- چئي: ويهي ويهي ورهيه لنگهيا، ٻيا حيلا ڪين هليم

ڪارا وار ڪَڪا ٿي، اڇا اچي ڄايم

سَٺُون وِيهون سَوَن تائين، هزارين هاريم

سي ڇَليون بَس ڪري بيهي رهيون، کاڻيون کپايم

سي پدم پورائي نه پيا، ڪروڙين خرچ ڪيم

تن مان سُوڌو نڪي سَريو، سي واءِ وِ ڪِر ويم

ٻيا سنگتي هئم ساڻيهه جا، سي مرڳو وڃي مُئم

اڄ تن جا پور پيم، تڏهن اوڇنگارون اچن مؤن.

17- اهو امر الله جو، انهن تي لکيل ائين ئي هو

انهيءَ ۾ نڪي وس تنهنجو، نڪي ڏوهه تو

جنهن جي مٿان جڏهن ايندو، سڏ ڀريندو سو[7]

رڙ نڪي روءِ، ڪڙهه نه تن لاءِ ڪاپڙي!

18- روئندو رڙندو وٺيو وڃان واٽ آءُ پنهنجي

اوهين نڪي چوريو مونکي، نڪي آءٌ ٿو پچر ڪريان آنهنجي

ساٿ هئم سنگتين جا، سي ماري ڇڏيئين مانجهي

هينئر اچي ويون اونداهيون اکين اڳيان، ڀانيان سج لهي ٿي سانجهي

لائِي توڙي لانجهِي، ته به غم کايو گذاريو وڃان.

19- پوءِ موڪلائي، مريد چئي، بابُو ٿيو بهير

هليو ويو هنگلاج ڏي، ثابت رکي سير

ڪَهندو ويو ڪعبي ڏي ڪاپڙي ڪن- چير

گنگا، ناني، گرنار ڏي، هن کي واءُ ڇڪيو وير

پوين سورن پٺيان کنيون، اڳين جي اُڪير

ويراڳي بيحال ٿيو، ديوانو دلگير

سناسي سنگت لاءِ، نديون روئندو ويو نير

ويراڳي وڇوڙيو، ۽ فراقيو فقير

پورب سندي پير، پوءِ واري نيو وطن تي.

20- پوءِ هي به هليا اٿي اوڏهين، چڙهي گهوڙن مٿي گهوٽ

سوڍو اڳ ۾ سونهون ٿيو، پٺيان لڳ پالوٽ

ڪٽڪ اچي ڪڙڪو ڪيو، ڪاڪ ٻاهران ڪوٽ

ڪاهي لتا ڪنڊ تي، اَجهو ڏسي اوٽ

هيءَ به اڳيان ٿي آين اوچتي البيلي اڻموٽ

ناز منجهان هيءَ نڪتي، ڪري کِريب کوٽ

اچي چالو ڏنئين چوغان ۾، چهرو ڏيئي چوٽ

ڏسي ڏيل ڏندڻيا، اِنهارجِي ويا آرهوٽ

لُڏي ڪِريا لاڏڪا، جهوٽا کائي جهوٽ

هنيان لتن هوٽ، تڏهن هري هري هوش آئيا.

21- هري هري ٿي هوش آئيا، اُتيا ڪنڌ کڻي

هڪڙو هئن اشارو اک جو، ٻيو لڳين گُهور گهڻي

نازڪيءَ ناز سان، وڏا حور هڻي

چوٽيءَ تائين چُور ٿي، ٻين پيرن سينءَ ڦڻي

اتي سوڍي  سهي ڪري، ڳهڻي ڳالهه ڳڻي

ته هيءَ حرڪت آهي، حُسن ۾، يا بازي آهه بڻي

ڪهڙي ارادي آنداسون، کُٽيءَ هت کڻي

اچي موت جي منهن پيا آهيون، جتي ڌوڙي ناهي ڌڻي

ڪنهن ڄائي، ڪنهن ڄڻي، سُڀان الائي ڪير ماڻي ڪاڪ ۾!

22- اتي سوڍي سهي ڪري، پهي ڳالهه پچائي

ته هيءَ ڇوري نپني آهي ڇنِنڀُن تي، جنهن جو ڀاءُ نڪي ڀائي

سا بادشاهزادي بورائي ڪري، آهي ننڍڙي نپائي

سا پاڙهي پاڙهي پڪي ڪري، تن کٽن تي کيڏائي

ڪُلني ڪمن جي قابل ٿي آ، ڪري ڪُريزون ڪمائي

تنهن کپائي ڪي خان هتي کوٽيءَ ڇڏيا کائي

لڳي پئي هيس لبن تي، لالي اٿس لائي

هيءُ به اڳواڻ اٿس اڳ تي، ڪا در مٿي دائي

گولي سڃاڻو گس تي، پڪ ٻي ڪا آهي ٻائي

هيءَ جوءِ اڳيان جائي، ٻانهي اٿو ڪنهن ٻِيءَ جي.

23- هي انهيءَ ردبدل ۾ هئا فڪر ۾ في الحال

ته ناتر نمونو ڪري آئي تيرهن تالي تال

سبب تن سوڍن کان، هلي پڇڻ آئِي حال

ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڪهڙي کنيو خيال؟

ڪي رازا آهيو ڪنهن راجا جا، ٿا ماڙيون چِٽيو محال[8]

ڪي سوداگر آهيو سنڌ جا، ڪي دنيا- خور دلال

ڪي وڳا وڪڻڻ هليا آهيو، ريشم کڻي رومال

ڪي کَلون کڻڻ هليا، آهيو ڪي ڪلال؟

ڪي پِير ٿي وهندو پيڙهيءَ تي، گهڙيون وڄائي گهڙيال

ڪي پانجُوسي هليا آهيو چوريءَ تي، چور مٽائي چال

ڪي پينو پنڻ هليا آهيو، سَينُون هڻڻ سوال

ڪي درزي آهيو دڪانن جا، پيا پوتا سِبو پال

آن سان ملڪيت، مريد چئي، ڪهڙا مَڏيون مال؟

ڏيو حقيقت حال، ته ڪيئن آيا آهيو ڪاڪ ۾؟

24- نڪي چور، نڪي چاڪار، نڪي پينو، نڪي آهيو پِير

نڪي آهيو ڦورو، نڪي آهيون ڪي فقير

اُمراءُ آهيون عمر ڪوٽ جا، اسين ڪُل امير

گڏ چڙهيا آهيون گشت تي، حاڪم ساڻ همير

اسان جي اڳتئون آهن ٻانها ٻيا وزير

اسين خان ويهون کٽن تي، پِيئون کنڊون ۽ کير

صاحب آهيون سنڌ جا، قلعي ڌڻي ڪِير

مومل ڄاڃي مير، آيا آهيون سوڍيءَ سندي سڱ لاءِ.

25- مومل ويٺي محلات ۾، اندر دادلي ديواني

رُوءِ تنهن راٺوڙيءَ جي، آهي ريشم رُوئاني

سوڍيءَ تي سونهن جي وُٺي آهي رحمت رباني

جڏهن سورهن سينگار ڪري ڪجل پائي ڪاني

ڪنڌ کڻي ڪونج جيئن، ڪندي نظر نگهباني

ته ڪَئين اتي قتل ٿين، ڪوڙين قرباني

ڪئين سي ڌار ڪِري پون، ٿين هزارين حيراني

آءٌ به هن جي اڳيان آهيان، ننڍي ٿي نپائي

روز رسايان ٿي رتول ۾، مومل کي ماني

هوءَ ٻائي، آءٌ ٻانهي، آهيان دائي تَنهن جي در جي.

26- دائي آهين ته دلاسو ڏي، ٿيءُ اسان جو آڳانڍو

آدابي شل آدم کي، نينهن نه ڪري نانگو

جڏهن لڄ لاهي ٿياسون سِر سٽي سانگو

ڪاهي پَتڻ پهتا آهيون لنگهي هيءَ لانگهو

هاڻي هن پَٽن تي، جهڙو تار تهڙو نانگهو

هاڻي هن پَتن تي، جهڙو تار تهڙو تانگهو

ٻيو پوئتي ڇڏينداسون ڪينڪي، بچائي بانگهو

توڙي ملي مهانگو، ته به وٺنداسون سڱ سوڍيءَ جو.

27- چئي: سوڍيءَ جي سڱ لاءِ، سوين آيا سلطان

سي مومل ماري ڇڏيا، ڪَئين کپائي خان

ويا سي وصال ڪري، منجهه هن ئي ميدان

جي ويٺا هئا ورهيه ڪي مڙهيون وجهيو مڪان

اِتي هئن اوطاقون، چمن پاسي چوغان

طرح هُن جي تنهن سان ڪابه چَلي ڪانه

ڪي ويهي ويهي وري ويا، ڪي مري ويا مزمان

ڪي ڪُهي ڇڏيئين ڪاڪ ۾، ڪي ڪندي ويئي قتلام

ڪي نيئين گهاڻي حوالي گهوٽيا، ڪي ماريئين نظر چٽي نشان

ڪوڙين لکين ڪيترا، هندو مسلمان

لڏي ويا لاڏڪا، جوڳي مان جهان

سي ’مومل مومل‘ ڪندا ويا، انهيءَ منجهه ارمان

اهي اٿئي ماڳ قبرون مڪان، پَريان پٽ ۾ پرديسين جا.

28- چيائون: آڌر ڀائي اڳيان ڪجي، آين جي آڌار

ڪڏهن سَئي سون ڪانه ڪا، ڪاٿي مزمانن مار

هاڻي جس کٽي جيئدان ڏي، جئن تئن اسان کي جيار

آهيون الله ۽ تنهنجي آسري، ٿي پاسو اسان پرديسين جو پار

نينهن هڻيو نر نايو وجهي، نمائڻ ڇاهي نار!

ڇيهو پيو، ڇا ٿيو، نفعي ڏي نه نهار

پر لکن تائين لائي وڃي هزارن تائين هار

هيڪر هلي ڏيکار، ڪنهن عقل ساڻ اسان کي.

29- هوءَ ڏسڻ کان ڏاڍي، آهي آدمخور

ڪنهن جو چلي ٿو ڪونه ڪو، ظلم ساڻس زور

نڪو هلان ڪري هلي وڃي، نڪو چوريءَ وڃي چور

ٻاهر مري، ويا ڳري، مانجهي ڪيئن مور

ڍڳو ناهي ڍور، جو  هلي ٻڌي ڏيکاريان اوهان کي.

30- تاب ڏيکاري تن کي، اتي وري ويئي

خبر تن خانن جي، وڃي ناتر ڪئي نيئي

ته هڪ جيڏا، هڪ سرتا، آهن سهڻا سڀيئي

تن چئني ۾ چوٿون قائم آ، ٽِيلي ۾ ٽيئي

ويهه ته ڳَهلِي ڳالهه سڻايَئين، وينگس سڻ ويهي

هنن جو واس آيم، وِرسي پيس، حالت ٿيم هيهِي

سو سوڍي سڀيئي، تنهنجا مَٽ ٿي ڀانيان.

31- چئي: گولِي! گَزمَ هڻ تون ڪَچا ويڻ مَ ڪر

ڪُٽي لوڌي ڪاڪ مان، وڃي ڪڍ پليتن پَر

ڇا وِڃايو اٿن هتي، جو ايندا منهنجي گهر

مُورنهن تن کي متان آڻين دائي منهنجي در

پر هيڪر جوڙي جانچي وڃي ڏِسين ناڻو زر

جي هجي، ۽ حاصل ٿئي، ته وڃي ترسائينِ تيتر

ڳَلٿا ٻڌي، ڳالهيون ڪري، ڀيڻي ڇڏين ڀَر

اِنهيءَ تي ڪوشش ڪجان، خيال رکي خاطر

هڻي لَڏوئي ليٽائي وجهينِ ڪنهن وقوف سان ور

ڪنهن نموني ناتر! وڃي راند وڙهه ڪنهن ريب سان.

32- چئي: راندين ۽ ريبن کان آهن زورئون زوراور

ايندا ڪين هنن جي عقل جا مونکي پوءِ به اکر

چئين ته ڀَڃي وڃي ڀورا ڪريان، ٺلها ٺوڪي ٺڪر

ڪوڙا کيڏ هلندا ڪيترا، کِهيرا ککر

هلن نٿا هنن اڳيان، منهنجا هُت مڪر

هُو چارئي آهن چڱا، صالح ڪي سکر

هنن اڳيان وکر، آءٌ ڪهڙا پڌرا ڪنديس پانهنجا.

33- پر هاڻي به همٿ ڪري، ٻانهي وڃي ٻار

ٻيون حاجُون ٻَن ڏي، ڪم ڇڏي ڏي ڪار

چوٽِي مکي، چاق ٿي، سرمون ڪري سينگار

ڏورئون ڏين ڏيکائي، حُسن پائي هار

ويهه نه ويسلي متان تمام نه ٿئي تار

وَٽيون ڀري وِهه جون، پِٽِن کي وڃي پيار

جان ڪا ننڊ پڙهي، نشو ڏيئي، وڃي  مارين کي مار

وير ٿينديَئي ڪانه ڪا، اِهي چُٽيندي چار

سَتيا جهل، سڄڻ ٿيءَ، ڏيندئي سوڀ ستار

اهو ڏانءُ وڙهي ڏيکار، ڪري انصاف اسان کي.

34- چئي: مومل! جي منهن ڏسين هنن جو هيڪار

ته ڪَڻ به ڪڇين ڪينڪي ٻيو گهمرو ٻيهار

آءٌ سَتر وِجهان سُرما، سوين ڪريان سينگار

ڀَنِي هلي وڃان هن اڳيان، حُسن پائي هار[9]

ته به هلندا ڪين هنن اڳيان، تکا منهنجا تار

توبهه آهي تن اڳيان، آهن چڱا چارئي يار

عالم آهن علم جا، وڏا ڪي وينجهار

هنن جي عقل کي انڪار، مون کان ڪڏهن ايندو ڪونه ڪو.

35- ٻانهي! ٻارهن ڦٽا ڪر، تيرهون تال ڇَپا

ڌوُئي آهين، ڌايون پڙهي، اُڇلي هڻنِ اَکا

اوريان وڃي هنن تي، ڪي لِڪي وراءِ لَپا

ڊڄ نڪي ڊپ ڪر، حرف ڪين هَپا

مٺا مٺا، مريد چئي، ناتر ڏي نياپا.

پهريائين کسي وٺين کڻي، سوني سروپا

پوءِ ڦُرين ڦند هڻي، ريهو ڏيئي رُپا

ڪري کيڏ کپاءِ، ڪنهن به هنر سان هنن کي.

36- هُنر منهنجو هُن سان، ڪو به هلي ٿو ڪُونَه

ڪئين ڏيندا مونکي، مريد چئي، کڻي سروپايون سُون

آتشي انهن جي اکين ۾ خوف ٻري پيو خُون

ڪڏهن جهليندئين ڪينڪي، تاب انهن جو تون نه

پان جهڙيون پاڻي لئي نه سونهن، توڙي حُسن حَسينيُون هُون[10]

حشمت اڳيان حاڪمن جي ڪي گُهور جهليندي گهُون

توبهه اٿئي تن اڳيان، جن جو مُنهن ڏٺو مون نه

سُڀان رخ انهن جي رُو نه، ڪڏهن چڙهندينءَ ڪانه ڪا.

37- (چئي: ٻاڙو ڪيم ٻول تون)، ٻانهي ٻاڻ سنڀاءِ

ڪلون چوري ڪاڪ جون، ڪي واڄا اتي وڄاءِ

چنگ، بگل، بينون، تارون ۽ طبلا

گهيڙ، گهٽيون بند ڪرينِ، قابو چارئي قبلا

ميڙي ڪک، مريد چئي، دونهون لاٽ دکاءِ

وِههُ جو واس ڏين تون وڃي مَٿئين واءِ

ته ويري وڃن هليا، جيئن جوڙي وهن نه جاءِ

ڏيئي اچين هور هوا، وِهه جي ڪنهن وقوف سان.

38- تڏ ڪامڻ ڪَٽوري مَلِي، ڪري ڏِنگ ڏيو

گڏ وِههُ مَيس مَليائين سُرخ سَنِکيو

کڻي هلي خانن ڏي، ڏيئي لِڪائي لِيَو

هِي وِرڇ اَٿان وڏي پير جي، وٺي وير پيئو

جيڪو دم جيئو، سو ڪو مَ ٽِڪو ڪاڪ ۾.

39- جِي جِي آخر، وڃبو نيٺ مَري

آيا آهيون آس ڪري، سو وڃون ڪيئن وري

پوئتي موٽڻ جو، مريد چئي، اسان کي چئو ڪيم چري

پئي هيڪر دل ٺري، جي ملون مُک مومل کي.

40- ملڻ تان مومل کي، اَئانّ ڪٺن ڪم وڏو

اوهين غريب ٿي، غم کائي، وڃو ڦٽو ڪري ڦَڏو

ڏاها ڏسجو ٿا ڪينڪي، اَٿوَ عقل جَڏو

ڪٽنب اوهان جو ڪل ٿيندو گار اِتي گڏو

پَٽي ڇڏيندوَ پاڙون ٿُڏي ساڻ ٿَڏو

آءُ ڏسان ٿي اکين سان، لڙهي ويندوَ لڏو

ڇڏي هوڏ هڏو، ماٺ ڪري موٽي وڃو.

41-            موٽون تان ميهڻو، اهو لقب اسان تي لڳي

ڪڏهن ڪيو اٿئون ڪونڪو، اهڙو ڪم اڳي

هاڻي ملڪيت حاضر ڪنداسون آئي سُئيءَ سڳي

ڪنهن تاريءَ جيئن تڳي، تيئن اسان کي تڳاءِ تون.

42- ناتر نوڪر تنهنجا، آهيون ٻيلي اسين ٻانها

پار اسان جي پاران ٿي، سچي سورهن آنا

ڳچيءَ ٻڌينس ڳاريون، ڳڻ ڪري ڳانا

ميڙيون ڪرينس منٿون، جيئن تيئن ڀري جانا

هيڪر وڃ، وڃي ڪر تون مومل سان معنيٰ

پوءِ جيڪي کپيئي کڻي وڃ خرزين مان خزانا

ٻيا ڀري رومال روانا، ڪريون اسين ڪاڪ ڏي.

43- پوءِ ته اُلڙي پيئي، سڄي اڳيان ساري

نينهن هڻيو نَر نايو وجهي، نمائڻ ڇاهي ناري

ڳارا ڏيو پيئي ڳالهيون ڪري، جيئن وسي مٿان واري

خوش طبيعت کلي گهڻو، هيءَ وَر ڏيو ويچاري

ٻِي ٻوليو ڪا مَ ڪا، هيڻي هيڪاري

جنهن جو نالو الله آهه، سو مڙيئي ڪندو موچاري

دِل جي دلداري، آءُ آڻيو ٿو آن کي ڏيان.

44- ائين چئي اُٿلي ويئي، موٽي ماڙيءَ ڏانہ

وڃي ڏنئين مومل کي، سارو سڌ سماءِ

ته هڪڙو آ حاڪم همير سومرو، بلند منجهن بادشاهه

ٻيو آ ڏاهو ڏَونئر تنهين سان، ڀَٽي سندن ڀاءِ

ٽيو آ ڌَماچاڻي سِينهڙو، چوٿون راڻو منجهن راءِ

مومل جهلڻ مشڪل اٿئي، طبل انهن جو تاءِ

ڪڏهن جهليندئين ڪينڪي، گهُور انهن جو گهاءِ

چئي: لڳيئي سولاءِ، جيڪو هلئي حليو هنن سان.

45- ناتر ناز ڪري، ويئي وري تنهن وير

ويس ڪَيئِن وڳا، گلابي رنگ گُلير

هڪڙا ڪيئين هيٺ، ٻيا مٿي، ڦُلڪاري ڦُلير

هلي اٿي حاڪمن ڏي، پائي حسن هاري هُلير

چئني سان چوياري وڃي، ٻانهي ٻڌي ٻير[11]

ته اوهان مان هڪڙو هڪڙو ٿي هلي، جيڪو دانهه هوءِ دلير

ڀِيڙوڪو هلي ڀير، آن کي مومل سڏايو آ ماڙيءَ تي.

46- ختنگ سڻي خوش ٿيا، بلڪل باغ بهار

پَهه پچايئون پاڻ ۾، اُتي ڪَيَئون آچار

تن سڀني ۾ صلاح سوڍي جي، همير ڪئي هموار

ته اُها اسان کي آمين آهه، قائم ڳالهه قرار

ڀلي هڪڙو هڪڙو ٿي وڃي، حڪم ساڻ هوشيار

چون ته: سائين! ”تڙ هوندي تيم نه روا.“ اهو نه اسان کي اختيار[12]

پهريِنّ آ پڳ مٿئه، تون وڃ، تنهنجي وار

تنهن کانپوءِ موڪل ڏي، مريد چئي، ٻين کي ٻيهار

اتي سومري سونَهري کنئي، ٿيو تَنهين مهل تيار

هڻي ٻانهن هليو، ڪست ڪري قهار

ته اڳيان لاٽ اُڏاڻي، لُڙ ٿيو، دونهون ڌنڌوڪار

مٿي کان مٿي ٿيو، اوچتو اسرار

اچي پيو واچُولو وڻن ۾، ڏڪي ڀڳا ڏار

سي وٺي اُڏاڻا، ويا ٽاريون مٿي ٽار

بادشاهه اتي بيهي رهيو، ڏور ڏسي ڏهڪار

يا خدا خير ڪرين، رکين رب رکڻهار!

بچائجان بلائن کان، کائي نه ڪن خوار

هُنهين لڳي هٿ حيوان جي، مري نه ٿيان مردار

الائي ڪيڏانهن اُڇلينِ، گُم ڪري غار

جواڻ کُٽيءَ آداب کائي، ٿيان ناحق نگهوسار

پسڻ کان هي پار، منهنجي ڏسڻ کان ڏور ٿيو.

47- ائين اٿليو پوئتي، هري هري هٽي

ترار تنهن کان اڳي، ڦاڏ به الائي ڪٿي ڪيئين ڦٽي

پير جهلي وريو پانهنجا، ماٺ ڪري موٽي

اشراف اڳتي ويو ڪينڪي، گهوٽ لتاڙي گهٽي

جهڙي هئي تهڙي دل ۾، وريو وِهه پِي وٽي

ڀڄي ڇُٽو ڀؤ کان، جيئن تيئن لڪي اُتان ليٽي

آيو خير ساڻ کٽي، اچي مهمير اتي منهن ڪڍيو.

48- اٿي بيٺس اڳتي، سڀني ڪيو سلام

سائين! سلامت آئيون، جيءُ! خبر ڏي خان!

وَنِي ماڻي وَرئين، ڪيئن سگهو ورئين سلطان!

ڪي اوريان موٽئين اَڌ تان، هُل سڻي ها گام

ڪي دهشت ڏسي دهلئين، دهڪا ۽ دهمان

ڪِيِ پري کان پَريٽ ڏٺئي، چمڪو منجهه چوگانِ

ڪي چڪرا ٿيا چمن ۾، ترارين جا تانَ

ڪي کسڪي ڀڳين خوف کان، ڪي ڪڙڪا ٻُڌي ڪانَ

ڪي هِينئين جي زور تي هليو آئين، ڪي پيرن آندين پهلوان

جيءَ! ٻول! جوان! ڪُڇ ته ڪا ڪَل پوي.

49- چئي: ڪُڇان اوهان سان ڪُڄاڙو، وڃي کِل وهايم خواري

کٿوري گڏي کِريب سان، اٿن ڇنڊي ڇٽڪاري

ٻِي واٽ وِههُ جي، حرڪت اٿن هاري

ڪوسي تپائي ڪڻاهه ۾، وڇائي اٿن واري

پاڻي پِي اچي اٿم پگهر سڪايو، ڏيئي ساهه کي سڌاري

ٻيو ڪونه ماڻيندو ڪاڪ جي حاڪم هنباري

هاڻي تر سو مَ، ڪريو تياري، ته هينئر ئي هلڻ جي ڪريون.

50- بادشاهه ڏيئي بَس ڪيو، سڀ قصو سارو

ته ڏونڪو هڻي ڏَونر اٿيو، وڄائي وارو

چئي: ماڻيندس مومل جو، آءٌ اوتارو

بڻڇي ڪيئين ڪلهي ۾ ڪَڇ ۾ ڪٽارو

سورهيه نڪتو سنڀري، نر هڻي نارو

هليو اٿي اوڏهين، ٻه ٽي وکون ٻارو

ته اڳيان لاٽ اڏاڻي، لڙ ٿيو، دونهون ڌنڌ ڪارو

سقم وڌو هئائون سِيهي جو، ڪو پلٽائي پارو

مِرُن ڇنڊي مُنهن ڪڍيو، هڻي اُٿيا هانڀارو

نه ڪيڏانهن وئي بڻڇي، ويو ڪيڏانهن ڪٽارو

بِماسجي بيهي رهيو، جاچي پيو جارو[13]

اڃان ڏسي ته آفت ڪا اٿي آهي جنهن جو شرو نه شمارو

ڏهه فوٽ ڏند هڪڙو هڪڙو، ڏيئي ڏاٺ ڪندو ڏارو

هڻي وات ويهن کي، ته چٻي چاليهارو

هن جي اک ڪوڏي هڻي ويئي، تنهن مهل ڦري ويس تارو

سوآڏو ٽيڏو پيو اچي، پٺتي پاسيارو

موجا ڀريئين مٽيءَ، خطري سان کارو

اهڙيءَ تڪليف سان اُتان وريو ويچارو

ٿي ليزَم لڄارو، اچي ممبر منهن ڪڍيو.

51- تڏهن سڏيو ٿو سِينهڙو پڇيس، جي! خبر ڏي جوڙي

ادا! ويهه اور ڪَري، منهن اسان ڏي موڙي

سنئون ڳاٽ ڪري ڳالهاءِ ڪڍي ڪنڌ منجهان ڪوڙي

جهڙو وئين تهڙو موٽئين، ڪي آئين لک مرادون لوڙي

ڪي کسڪي ڀڳين خوف کان، ڪي آئين ٻيڻو حال ٻوڙي

اوريان ئي اوري ورئين، ڪي وڃي توڙ رسئين توڙي.

ڇنڊي سڀ ڇوڙي، يار! سچيون ڪر يارن سان.

52- چئي: يار سچي يارن سان، آءٌ ڪريان ويهي ڪهڙي!

ڇڪي ڪوسي مکي اٿن محلات کي سا ساڙي ٿي سيڙهي

ٻي رات ڏينهن رَن ويٺي آهي واٽ تي ويڙهي

سا کوٽي کريبتاڻي، اجائي اويڙي

ٻي ڪابه هوندي ڪانه ڪا، حرفتياڻي ههڙي

سا لِڪايو لوڌ ٻڌيو ويٺي آهي، مِرن جي ميڙهي

جان کارائي خوار ڪندي، جان  ٻُڙيندي ٻيڙي

ڳالهه ڪانهي، شهر آهي، جهڙي جي تهڙي.

پوءِ ابتي واٽ اهڙي، سا ڪڏهن ورتي ڪانه ڪا.

53- ڏونئر ڏيئي بس ڪيو، بِلي ساڻ بِلو

تڏهن ٽپي ٽاهُو ٿيو، کڻي شينهڙو شَڪِيلو

ماڻيندس مومل جو، آءٌ ڪاهي ڪاڪ ڪِلو

گهَڙي گهٽ ڪندس ڪينڪي، نڪي وچان وجهندس ويلو

هي هليو اتي اوڏهين، عامل اَڪيلو

ته اڳيان لاٽ اُڏاڻي، لڙ ٿيو، هِن کي سِرهه سويلو

ڏِس ٿو ڏيکائي ڏئيس، ڪڍيو ٻُوٿ ٻِلو

ٻيو ٿيو ڌوُڙيو دريءَ پار ۾، هونهين ٺڪاءُ ٺلهو

وهي ويو ويچاري کان ران اُڀيءَ ريلو

اتي هن جون پنج به ويون ڇَهه به ويون، ٿيو ڇڏي ڍال ڍِلو

چئي: گهڻي کان گهوريو، هن مُٺيءَ جو ميلو

کڏ ۾ پئي کاڻيءَ جو، ظالم هيءُ ضلعو

اتان اٿليو پوئتي، ڦِڪو ٿي ڦِلهو

ڪري ٻُوٿ ٻِلهو، اچي ممبر اتي منهن ڪڍيو.

54- تڏهن سڏيو ٿو سوڍو پڇي، راڻو اتي راءُ:

جيءُ! خبرون ڏي خير جون، ڀلي آئين ڀاءُ!

وڃي اوڏي ڏٺيئي، ڪِي ورئين اور وِچاءُ

سٿ ويٺو آهين سومري جي، جا ڏس ڪهڙي جاءِ

ڪوڙ ڳالهائج ڪيم ڪي، ليزم ٿي مَ لڪاءِ

دوست! ڪر مَ دل ۾ فِڪر ڦڪائي ناه

سچي سچي ساءِ، ويهي سُرهي ڪر وچ ۾.

55- چئي: سُرهي تان ڪريان، جان ساريان سوڀائي،

 هڪ واٽ ڌنگي، ڏکي، اونهي، اجائي،

 ٻيو ويندي ڪاڪ ڏانهن سوجهرو نه سهائي،

سوڙهه ۾ سختي گهڻي، آگم اونداهي

کڻان ته کڻڻ نه ڏئي، ساهه کي ساهي

ماٺ ڪندي ماريو هئس، کَربُوزن کائي[14]

هي رن ويٺي آهي، واٽ تي، ڦڙتي آڌيو ڦاهي

چاڙهي ته چڙهڻ چُڪي، گهوري لنگهيءَ جي لاهي

ٻيڻا ٻُڪ ڀري وجهوس، ڇڄ ڀري ڇائي

ايڏو چوڪيخانو مڙئي چمن تي، اهي مڙيئي سپاهي

کاڌيءَ وڌو هئس کڏ ۾، اها مري شل مائي!

جي منهنجي مصلات وٺو، ته ٿيرو راتوڌا راهي[15]

نه ته صبح صفائي، هت ٿينديان هٿن جي.[16]

56- اها خبر سڻي کِروِ کرا ٿيا، پيا سنبرن، سنج ڪيائون

هي راڻو هلڻ جي نه ڪري، اُٿي نه اُتاهون

ادا! ڏاهو ٿي، هوڏ ڇڏ، هل، راڻي چيائون

ٿو اَڻ کٽيءَ اَجل کڻئي، وڃ مَ ايڏاهون

نه ته سڀاڻي اينديون عمرڪوٽ ۾، دلبر تنهنجون دانهون

لهندين جنهن سِر لائون، تنهن سِر ڪُل پِينداسون ڪاٺ ۾

57- تڏهن سڏ ٿيو سوڍي کي، ماڙيءَ مٿي محل

ڪيئين سوال الله کي، همٿ ڪري هڪل

آهيان تو آهر، توڙي رسائين توڪل

گوهر وڃيس گُفتَ ۾، ڳالهئين لائي ڳل

نڪا لاٽ اُڏاڻي، نڪو لُڙ  ٿيو، نڪا اڻ کُٽي ازل

بين واڄا بيهي ويا، بيهي ويا بِگل

نڪا ڪاوڙ ڪشومت ٿي، نڪو ها گامون هُل

حاڪم هليو ويو، وڏي آب عزت ساڻ امل

اٿي بيٺيون اڳتؤن، ڪونجون ڪري ڪر ڳل

هڪ جيڏين اٿي هنڌ وڇايا، گلم گاديون ڳاڙها گل

مشڪ کٿوري عنبير ڇٽيئون کٽ تي، عطر جال اُڇل

راڻي کي رانيَئُون، سهرا ڳائي شغل

اتي ملائڪن شاهديءَ، مريد چئي، ڍوليي ڇوڙي ڍل

راڻو رات پرڻيو، پئي ڪاڪ ۾ ڪل

ماڻيائين مومل، سوڍو چڙهيو سيج تي.

58- سوڍو چڙهيو سيج تي، ڏٺو ڏيهه جوان

هاڻ ته هڪجيڏن ۾، مينڌري لڌو مان

رانجهن اچي راضي ٿيو، مٿان رب رحمان

عاشقن تي اصل آهي مالڪ مهربان

توڙي رسائي تن کي، جن سنڀاليو سبحان

خدا چاڙهيو کٽ تي، شرف ڏيئي شان

رنگ رتولون راڻي تان، ڪاڪ ڪَيئَون قربان

اهڙا ڏيارڻ الله جا، ڏس ڏاتر ڏنس ڏان

مومل ماني مينڌري، ڏٺو ڏيهه جهان

جهلي جنگ جوان، کٽي دانَهه داءُ آئيو.

59- سڀني پڇيو سوڍي کان، جيءُ تهتان ڏيئي تار

پوري ڏي پانهنجي، کِلي خبر چار

ادا، اور اسان سان، ويهي هت وينجهار

ڪيئن وئين، ڪيئن آئين، ڏي پنڌ انهيءَ جي پار

وڃي ڪيئين ويهي رهئين، ڪيئن دير ڪيئي دلدار

متان مومل ماڻي ورئين، ڪا ڪئان ڪارونڀار

ڪا سرسي هُئي ته سُڌير ٿيءِ، سوڍا ڏي سڌار

کُل ته لهن کار، دليل اسان جي دل جا.

60-                         چئي: دل جو دوکو ڪريو ڪو مَ ڪو، وَهم سڀ وساريو

جيڪو وڃي سو وريو اچي، هٿان پنهنجي هاريو

هيءُ ته حق جنهن جو هو تنهن کي ڏاتر ڏيارو

هاڻ اُبتن آسانگن جو پَهه ڪو مَ پچاريو

حاضر تيار هلڻ لاءِ، سنجهي وهٽ سينگاريو

واڳون پوئتي واريو، ته اُسرون عمرڪوٽ ڏي.

61-            جڏهن خانن اها خبر سڻي ته غازين لاٿو غم

دوکو لهي دل تان، ويو تنين وهم

سڀئي سرها ٿيا، قادر جو قسم

ڏسو ته راضي ٿيو آهي، راڻي تي، رازق ڪيو رحم

اهڙيون ڀلايون الله جون، اهو قادر جو ڪرم

سڱ ڏنئين سوڍي کي، ڌڻي ڪيو ڌرم

نه ته هتي ڪئين آيا، ڪئين ويا، ڄرم ڏئي ڄم

ڀانئجي اصل لکيل هو انگ ۾، لوحئون اهو قلم

سَڌڙيا ڪي سڱ نه ٿِين، هيءُ قسمت جو ڪم

هاڻ اها ڪاڪ، اهو راڻو، اها مومل، منجهه محلم

دير نه ڪريو دم، ته اسرون عمرڪوٽ ڏي.

62- ائين چئي اُٿيا، پيچ ڏنائون پاڳ

ڪامل قلعو ڪاڪ جو، ماڻي چڙهيا ماڳ

مومل پسي موٽيا، ڀيلي کائي ڀاڳ

موٽي هليا ملڪ ڏي، گهوڙن واري واڳ

عامل کٽي آڳ، وري آيا عمرڪوٽ ۾.

63- آيا عمرڪوٽ ۾، اچي ٿيا جاءِ بجاءِ

راڻي کي روح ۾، برهه ٻاري باهه

سوڍي سج نه اُلهي، ويهو رات وِهاءِ

انّ پاڻي اندر کي نه وڻي، کير نه ماني کاءِ

ويٺو پَهه پچاءِ، ته هاڻي ڪيئن ٿي وڃبو ڪاڪ ڏي.

64- ڍوليو ڍَٽئون هليو، پَهه پهرينءَ رات

سوڍي کي سهڻي ۾، اچي مومل پئي ياد

عاشق پڙهي اٿيو، ڳنڍي سوَڻ سوَلات

انهيءَ مهل چڙهيو اُٺ تي، ڀلي پلاڻي ڀات

تنهن اُٺ نيئي اتي رسائيو، جتي هئي مومل جي محلات

اهڙيءَ راڻو ريت رَهات، ڪامل گهمي ايندو هو ڪاڪ مان.

65- ڪيئي ڏينهن ڪاڪ مان، پئي آيو ۽ ويو

هڪڙي ڏينهن سومل سُتي مومل سان، کاڻيءَ کريب ڪيو

مثل آئي مرداڻو، ڪري ويس ٻيو

تنهن وچور جو ويچاريءَ  کي نه ڪو انت پيو

سوڍو ويل سَمُنَ جي، هڪلي حاضر ٿيو

ٻِٽ ڏٺئين ٻن کي، مٿان هو پوش پيو

اتي پاند پاسي ڪري، لاتئين ڪونه لِيو

هُو ڪڇ ۾ ڪام ڏيو، اُٿاري ويو اُٺ کي.

66- اُٿاري ويو اُٺ کي، کٽو ٿي کارو

راڻي کي روح ۾، اچي پيو ڪٽر ڪسارو

اکيئين ڏٺئي آدمي، ڪاوڙجي ٿيو ڪارو

هڻي ڪري ها هنڌ تي، مرد اتي مارو

پر ڪيئين ڪين مومل کي، لوڪ ۾ لڄارو

موٽي ويو مينڌرو، وِهه پِي ويچارو

سوڍي کي انهيءَ سور ڪيو، ڏاڍو ڏکارو

عاشَق کڻي آرو، ڪامل ويو ڪاڪ تان.

67- ڪامل راڻو ڪاڪ کي، ڏيئي ويو ڏهاڳ

سونهن منهنجي سرتيون، سوڍو هو سهاڳ

ڪو جو راڻو مون کان رسي ويو، ڀينر کسي ڀاڳ

هاڻي وري هن چاڳ، ڪريان آءٌ ڪنهن سان.

68- ڪريان آءٌ ڪنهن سان، آريون انگ انگل

توريءَ مير مينڌرا! رڻ ڀانيان راڻل

ڪانڌ ڪري وئين مون سان، سڃ ڪري سوڍل!

ٻي هڙئي دل هيڪاندي کڻي وئين، ڪري اونڌ اُٽل

ڪانه پيم ڪل، ته ڪو راڻا هئين تون رڻ ڪندين.

59- راڻا، تون رڻ ڪري، وئين کسي حال هنيون

مون کان مِٺيون مينڌرا، وڃي ڪِيئي پرين پياريون

جن سان سکيو آسودو ساڻيهه ۾، وڃي ڍوليا ڍٽ ٿيون:

هت شيشا لال گلاب جا، پسائي هوند پيون

ڪو جو وساري ويُون، ڏيئي ڪامل اولانبو ڪاڪ تي.

7- بيت مريد مري جا[17]

1- همير سومرو، ڏونئر ڀٽي، شينهڙو ڌماچاڻي، راڻو هو منجهن

هُئن شوق شڪار جو نڪا مومل هُئن مَن

رميا رات رڃن، پئي اونداهه امير کي.

2- پئي اونداهه اميرن کي، لَلنگهه پيا لهي

تازين تنگ ڇڪيا، نڪتي روجهه رهي

راڻي گهوڙو ڪاهيو، سالڪ ڪيو سهي

مري چئي، مينڌري سَڃي سِيڱ هنئي

خاطوءَ کيسائي، اچي ماريندس همير سومرو.

3- پويان کڻي رَند راڻي جو، بانڪا بر چڙهيا

مرد گڏين هڪڙو، جنهن ڪيو وير وڌاءِ

ٿڪل گهوڙو، مُٺل هسوار، کڻيو کيهه ويا

پوءِ اِجهي ماريندا، مُنهن ايندن مينڌرو.

4- شڪار ڪري شير ٿيا، ڪئي سوڍي سڻائي

راڻي رام ليکيو، ٻي جا جَس جڙي

ٿئي تابش تماچيءَ تي، ڪئي خان کڙي

ڪڍي ڪاتي ڪڻٺ مان، وڌئين ڪونج ڪهي

هڪٻئي کان وڌيا، سورهيه سڀيئي

تن ۾ سوڍو سوايو ٿيو، تنهن واڌو وِک کنئي

ٻِي به رات پئي، اچي بانڪا لٿا بَر ۾.

5- اچي بانڪا لٿا بر ۾، سَهي ڪيائون سُڃ

نڪا وَسُهَن ويجهڙي، لڳي عاقلن اُڃِ

پاڻي ڪونهي پنڌ پري، ٻي سُڄي روجهن رُڃَ

روجهه پچي راس ٿئي، لٿو اُلڪو اميرن

مير پڇيو مينڌري کان، توکان ڪهڙي آهي مَن

ڪنهن پر وڄون وَسن، اچي سوڍا صلاحي ٿيءُ.

6- سوڍا ٿيءُ صلاحي، ڇڏ جڻئي جي جاٽ

ڍوليا هلندين ڍاٽ، تڏهن سير ورهائيندس سونَ جا.

7- ات ٿيو بابو پيدا باک مان سامي صورت وند

جهڙيون راسيون سِج جون، تهڙو راول رنگ

جهڙيون موگهون مِينَهن جون، تهڙا اکيون منهن ڏند

هيءُ ڪامل ڀيٽي ڪاڪ هو چڙهيو بر بلند

سائُو ڀري سُنگ، جوڳي موٽيو جُوِءِ تي.

8- جوڳي موٽيو جُوءِ تي، سُهڻا ڏٺئين سوار

ڀلا گهوڙا گهوٽن هٿ ۾، ڀلا اٿن هٿيار

هڪڙيون اَٿن پوشاڪون پٽ جون، ٻيا الاهي اِسرار

ڳانيون ۽ ڳل- کوڙ سونهن وڏي سينگار

طرحين طرحين تنگ هين، ٻيا بالا- تنگ بهار

لڏن لالون لَوَندن تي، موتين لک هزار

تن ڪلنگيون سِر ڪاپار، هُئا مرد ويٺا ميدان ۾.

9- وٺي سلام ساميءَ کان، ڏٺئون جوڳيءَ جو جنسارو

ڪير آهين ڪيڏانهن وڃين، ڪهڙو نانءُ سندوءِ

چئي: آءٌ پاڻ بادشاهه هو، ٻيٽو راءِ نِدام جو.

-----

مون نوَ لک ناڻي جا، پنج لک کنيا پرسن

ويٺي مونکي ورهه ٿيا، مٿي ڪاڪ ڪنڌين

هاڻي ڏَڌو ساڻ ڏکن، موٽيو وڃان ٿو مينڌرا.

10- موٽيو وڃان ٿو مينڌرا، بابو ڇڏيو بَر

تو مِرن جي ملڪ جو سوجهيو هوندو سفر

تو ڪا ڏني تار تليءَ تون ڪو گهوٽ ڏيندين گهَر

ڪاڪ ڪهڙيءَ ڪنڊ تي، تو سامي ڪڏهن ڇڏيو سَرُ

واٽ انهيءَ تي ور، هلي ڏسون ماڳ مومل جا.

11- ماڳ ڏسڻ مومل جا، مور نه هلان مذڪور

پنج حصا پَريُن کان هوءَ حسن ۾ وڌ حُور

کڻيو اکيون خون ڪري، ٻيا گهائي هڻيو گُهور

آءٌ به سهيو سڄر سور، سامي وڃان ٿو سکڻو.

12- ٿو توکي چوان مينڌرا، مُنهن چڙهيو مير

تو جهڙا ڪُٺا ڪامڻ ڪيترا، گهوڙا گهوٽ، وزير

هڪڙن موٽڻ مشڪل ٿئي، ٻين جو سڪي ساهه سرير

ويٺا وِماسيا وِڪِر ۾، اُت ڪئين حد هَمير

هڪڙا ڪُهي ڪاڪ ۾، ٻيا ڦريو ڪري فقير

آءٌ به سهيو سور سرير، سامي وڃان ٿو سکڻو.

13- رمي هليو راڻو پڇي سامي کان سوال

هلو هلو ڪاڪ تي، هلون حال في الحال

ڏسون ماڳ مومل جا، ڪريون اُني سان احوال

هِت ڪانهي کوٽ خزاني جي، هوءَ به ماريو وٺي پئي مال

ماڻهن ناهه مجال، ڪامڻ سندي ڪاڪ تي.

14- چارئي چست هليا، ڀونءَ وٺي ڀيڙا

بندوقون ۽ بٿيون، هئا خانن سين کيڙا

ڪرڳل ڪاڪ ڪنڌين ۾، هُئا ماڻهن جا ميڙا

مارائي مردن کي اُت جوءِ ڪرايو جهيڙا

هي به سورهيه سويڙا، آيا ڪامل ڪاڪ تي.

15- ڪامل آيا ڪاڪ تي، ڪنڊ مٿي ڪاهي

ناتر وڏي ناز سان پئي دانهه دٻائي

راوَ پڇيو راڻي کان، ڳجهو ڳالهائي

مومل جيڪا مارا ڪري، سا متان اِها آهي؟

سوڍا پڇ وڃي صلاح تون پڳ پٺي پائي

تڏهن ٻهڳڻ ٻولائي، منهن چڙهيو مور جي.

16- مُنهن چڙهيو ان مور جي، اچي راڻو ٿيو روءِ

وڻ ٽڻ سڀ واسيا، کٿوري خوشبوءِ

چئي: اڳي ڏٺو مون ڪونه راڻو مرد اهڙيءَ روءِ

سوڍو مرد صبوح، ڪامل آيو ڪاڪ تي.

17- ڪامل آيو ڪاڪ تي، هنيئن لٿو هول

حُورون ڏين گهُورون، پون پرين جا پڙ ٻول

حسن وند هندورن ۾ مٿن انگ ارول

لُڏن پيون لاڏڪيون، چڙهيو منجهه چوڏول

ٻيون مڙئي موچاريون، ”مريد“ چئي، پر مومل سا منهن ڍول

جنهن ۾ عشق اَلولَ، سا موهيو مرد ڦٽا ڪري.

18- موهيو مرد ڦٽا ڪري، مومل ڪري مارا

کريبڻ جي کوهه تي، آهن چوڌاري چارا

وٺيو واٽون هن جون، ڪن عامل اشتهارا

لٿا ڏٺائين ليار هيٺ، مرد به موچارا

موٽي وئي محلين، چئي: ٿا سونهن سونهارا

مومل! مڻيارا، ڪي ڪامل آهن تنهنجي ڪٽنب جا.

19- مومل پئي مناظري، وائي ٿي واري

چئي: تون رن رفيق ٿي آئينءَ سوار سيکاري

ڇا کان تنهنجي دل وڌي، جو مون ويڻ ڏئين واري

سَٽائي ڇڏيندي سَئين سيلن سان، مرڳوئي مارائي

موٽي وڃ منهنجي محل تان، پنهنجو جيءُ به جياري

اڄ ناتر نه سَت ساري، ڪا مَدي اَٿس مَن ۾!

20- مَدي آهي مَن ۾، ٻانهيءَ ٻه ڀيرا

هِنيون تن حبيبن سان، وڃي جيءِ گڏيائين جيرا

پرين جي پريت جا، تنهن اندر آنهيرا

مري چئي، محبت جا وڃي پاتائين پيرا

ٻهڳڻ سان ٻيهي ڪي سِر ٻڌائين سهرا

تون چئو ڪير آ، جي توکي ٻانهي ٻاجهه پئي.

-- -- -- -- -- -  -- --- -- -- --[18]

هڻي همير بادشاهه کي تو آندو بي عقل

موزا پارائي مير کي، آئين ها منجهه محل

ته انهيءَ مهل انصاف جي، ڪامل پوئي ها ڪل

پرڻايان ها پارس کي، سَهڄ وڏي سُومل

اها وِيَئي مرد مهل، تڏهن ٻيون ريتيون ٿو ڪرين.

-- -- -- -- -- -- -- -- -- -- -- --[19]

ٽڪي پوين ها ڪاڪ تي، جيتر اُڀري سج

چئي لڳي چُغلن جي، ڪاري ڪاڪ نه ڪج

سڏي ماڻهو ڪاڪ جا، تون شاهد کڻي ٿج

پوءِ حقي حرف ڏج، ڪر نه مٺايون ”مريد“ چئي.

-- -- --

چئي: مومل مٺاين جو، تون تاڻو هڏ نه تاڻ

تو جنهن راڻي روح رهاڻ، سو ڪاڪ ڌڻي اٿئي ڪاوڙيو.

8- بيت غمٽار مهر جا[20]

1- همير، مينڌرو، شينهڙو، ڏانور، چڙهيا چارئي شوق شڪار

وڃي روجهه مار هُيائون رڃ ۾، جنهن جي دوڙيا ها درڪار

ڀُل چوڪ ڳالهين ڀوڳ ۾، ڏاند رنگيو ڪيائين رنڀڪار

تنهن تي مينڌرو مونجهه ڪري، ويو حال پسي هندڪار

کلن کؤنس خوشيءَ مان، ڪن چرچي جي چٽڪار

”توکي گوشت روجهه جو مينڌرا، کارايون ٿا هاسيڪار“

اوڳا اڃ ڪري وڌا ڇٽن قبلي جي ڪار

اها رات معراج جي هئي، دوست ويو درٻار

جنهن جا پڙلاء پري هئا، کنوڻيون پورب پار

کنوڻ ڏسي خوش ٿيا، اُڃارا اوتار

ٻولي ٻوليائين پاڻ ۾ ها منزل موئيندار[21]

گهوڙي همير سومري جي، هڻي سؤ ڪوهي ڦٽڪار

وَلَهن واڳون ڇڏيون، جهليائون هَنن منجهه هٿيار

سؤ ڪوهه کؤن اوراڪ لڳي ٿيو، تڏهن ”هان، هُر“ ڪيائين هڻڪار

اڃان هن کي پاڻي پٽ نه نظري، نڪا بُنهِه[22] ڀني ڇنڊڪار

ثابت سوجهاڪا ٿيا[23]، ڪيا ڏينهن سندا ڏهڪار

سامي آين سامهون، چئنچل چوٽيدار

هن جو حسن ڏسي حيران ٿيا، بيشڪ باغ بهار

تون ڪاڏهون آئين ڪوڏريا[24] ڏي خاصي خبرچار

هيا تجلا انهيءَ طرف تي، ٻيا ته کنوڻين جا کجڪار

چئي،”مان آيس اوڏهون، جاڏهون ٻئي کي ادب نڪو اختيار

سنگتي لـــــوءِ[25] لکين سڀ دولهه دنيادار

ملڪ ملڪ جا مهانڊا ها پڪا پلٿيدار[26]

”ناتر“ سڀ نهوڙيا، اهي اٿس آچار

ٻُڌو مومل جا پار، هاڻي مان ٿو چوان موٽي وڃو.“

2- اُتي مُڙيا موٽيا ڪنيڪي، ويا قابل ڪاڪ ڪهي

ڪندا سي مومل ساڻ مقابلا، وڏا وس وهي

وڃي چاري ٿيس چوگان ۾، پيس روشني منجهه رهي

تنهن ڏي شربت شراب ڪيترا آيا ٿاڌل ٺان ٺهي

وڏا ڪانڌ ڪتن کي، پوءِ مئا هئا لٽ لهي[27]

مومل جي مير مينڌري ڪئي رمز سهي

تڏهن برسين طعام تيار ڪري، وينِ ناتر پاڻ ڏئي

سٽي ڏنائونس سونگهڙا[28]، جهليائون ٺانءُ ٺهي[29]

تنهن تي ناتر ڪري نيڪال، مومل وٽ وئي

ته مينڌري نانءُ مشهوري آ تنهن کي عقل عطائي

اڻ عيب احمق کي، آٿلو رنگ رئي

اڳ خواب ڏٺو هئائين، پسي گجر غم ۾ پئي

پاند منجهائي پٽ جا، ڏنائين ٿٻن[30] منجهه ٿهي

جلدي وٺو جوانو! هن جي تکي تند لهي

ڦورو ڦوليائون ڪينڪي، سُٽ جا هُيا سهي

ڇَٻان[31] ڪپي، نوڙ وٽي، ڏنائون گهوڙن تنگ لئي

مومل جا ”مهر غمٽار“ چوي، پيا سڀئي ڊوهه ڊهي

مُهڙ چڙهيا هئا چانئٺ تي، مينڌري ري ٽيئي

موزا[32] پائي مٽ سان، آيا کٻوس[33] کهي

اُتي مينڌري چيو نڪو بادل اڀ ۾، نڪا گاج ته گوڙ ڪئي

هڻي هوڏ همير سان، خان کڙهه کنئي

پاڻ هنيائين ٻانهي کي، نَههَ ناتر ڪانه ڪئي

کٽ ڏسي کانگهي کي، ويئي سڀا حال چئي

وڃي چوريائين چرخي کي، ته ڏسي دوڙ درياءَ جي

پٿر هنيائين پاڻي تي، ڪهه ڪهه ڪچ ڪئي[34]

اُتهون ارڏو اڳي ٿيو، وڃي پهتو اُتيئي

مومل راڻو پاڻ ۾، ويٺا کٽ تي ٻيلهه ٻئي

ڳالهِين ساڻ ڳهي، ڏس مومل ماڻي هئي مينڌري.

3 - مومل ماڻي مينڌري، سڀ ڪري سرسي

آيو همير سومري وٽ، وٺي گهوٽ گهٽي

پاڻ آيو هان پرڻجي، رنگن ساڻ رچي

کڻي سومرا سڪ سچي، تون موٽي وڃ ماڳ تي.

4- موٽي وڃان ماڳ تي، پر زال سندءِ ڏيکار

مان ته هليو هوس حب ڪري، ٿي مومل جي درڪار

لاهه لٽا، کڻ کٿو، هلي ڪنڍين کي ڪڻڪار[35]

وجهي ڪڪڙا ڪونار ۾، ڀاڙو[36] مينهن کي چار

پلئو هڻندي مينهن کي، پوءِ تڏهن نڪرندي نار

ڪري رڇ پنهنجي هٿ ۾، زور جا گوها مار

ڏسندين منهن مومل جو، امير انهيءَ اعتبار

تون صورت سڀ نهار، هاڻي قدرت ڏس ڪريم جي.

5- قدرت ڏس ڪريم جي، ٿي مينهن جو ميهار

ڏنڊو تنهنجي هٿ ۾، ڌوڙي ڌڱ ڌرارا[37]

چوندس، مزور رکيو ٿَم مينهِين ۾ چڱو چاري دار

وَڇُون واڙيندين ڪُونها ڪاهيندين، ڪندين داء[38] انهيءَ ديدار

متان شعاع ڏسي هيڻو ٿئين رنگيءَ جو رخسار

متان ٻانهن ڏسي دانهن ڪرين ٿئين ليلائي لاچار

کنوڻين جا خمار، سا به مٿئون ڪندي اٿيئي مينهن تي.

6- ممبر ميڙي مينهن کي، ويٺو نانڍ نِپڻ[39]

چُواڪا ڪري چُرن کي لڳيس رت ٽِمڻ

جڏهن ٻڌائين جهوٽ جهلي جي تڏهن لڳي باهه بکڻ

ڏِيئي جان ڏينهن ٿيو، لڳي ڪر ڀڃڻ

مند گندي مينهن نه ڏڌي، ٿلها مينهن جا ٿڻ

اتي واجهائي ويسوڙي[40] ۾ لڳي نوڙي نار تڪڻ

اُتي رڇ رت جو ڀري، لڳو امير اُٿڻ

گهوڙي چڙهي گهوٽ هليو ڪري ساز سٿڻ

ٻانهي هاري کير کي، مگهه[41] ميٺي مانجڻ[42]

ته مومل کئون مينڌرو، لڳو پاڻ پڇڻ

ته جوان آيو جارِتُو[43] اهو صوبو سونهن پسڻ

آيو هُيئه مير ملڻ، پر چڙهئين ور وزير جي.

7- ڇا ڪيئه مينڌرا، حال ڪيئه هاڻي!

ساڻ آندو هوءِ سنگتي امير ڪنهن آٽاڻي

نقري[44] چڙهي نر ويو، سا به ولايت ماڻي

خبر نه ڪيئه خيال جي، سندي سوڀ سڃاڻي

مون تنهن کي پاڻهي، جيڪر ڏيان هُندَ[45] سڱ سومل جو.

8- ڏيان هُند سڱ سومل جو، جيڪا ڀيڻ منهنجي آهي

پرڻايانس هُند پريت مان، لال ميندي لائي

گلم ڏيانس هُند غاليچا، سوڙيون هنڌ وڇائي

محل ڏيانس ها موڪري، ماڙ مور وجهائي

گڏ وهاريانس ها،”غمٽار“ چوي، سالو سيڻ سڏائي

راڻا! ڪڍيئه رسائي، هاڻي آڻاوڻ[46] اوکو ٿيو.

9- آڻاوڻ اوکو ٿيو، جيڪو مير ويو موٽي

هڪ پيو قافلي[47] ڪُنڍِين جي تاءُ ڇڏي شوخي

ڄاڻي تو ڄٽ ڪيو، چئڻڪ[48] ڪري چوکي

مذاق ڪيئه مير سان، اوچاٽ[49] اها اوڇي[50]

لعل اهو لوچي[51] پرڻايان هُند پريت مون.

10- پرڻايان هُند پريت مان، سومل جنهن جو نانءُ

جيڪا دَهلائي دُبر[52] ۾، حسن سان ٿي ڙي هانءُ

صوبو سڪ منجهان، سوبه ڪانڌ موٽي ويو ڪاڪ تان.

11- ڪانڌ موٽي ويو ڪاڪ تان، هيڻو ٿيو حرفن[53]

نڪي بادشاهه سمجهيو بُسريءَ کي، ته اهو کاڄ رنن

نڪي پرکيئين پَٽ کي، ته اهو مونڌل آ مانجهين[54]

نڪي سمجهيو راڻي جي رَملن کي، وڃي ويٺو ساڻ وَڇين[55]

ڏهڪي ساڻ ڏکن، سوبه ڪانڌ موٽي ويو ڪاڪ تان.

12- نڪو منهن[56] مومل ڏي، نڪو مينڌري تي ميار

هن ته برابر بيک ڪيو، پر جوءِ مٽيو جنسار

کٽ پاڳي رکيائين پٽڪو، جُتي مڙس جو پار

مينڌري جي مومل سان، نڪو هو اچڻ جو اقرار

عاشق جي آڙاهه جي، هيس من اندر مونجهار

مومل پئي ڀيڻ سمهاري ڀر ۾، لِيوو[57] ڪئي لاچار

گوري[58] هئي زوري، جنهن ڀلايو مومل جو ڀوتار

پنجاهه ڪوهه پري ويئي، سا اُڏامي اوتار

دونهين تي  سونهون ٿيو، جاٿي هو ڌوڙي ڌڱ ڌرار

جنهن رُئي مَٽي[59] هئي راڻي جي، خوب ويهاري خار

ڪاهي آيو ڪاڪ تي، ٻيلهه وٺي ٻڪرار

ڍيري ويڙهي پانهنجي، پئي سنڀالي سنگهار

سوڍي سؤ رپين جو، ڏنس شئي ڪارڻ شمار

تون موٽي وڃ پنهنجي مال ۾، هي اٿيئي ڪاڪ ڪنار

جڏهن مور وڙڪيو محلات ۾، تڏهن ڏٺائين طرح جو تُومار

سومل سمجهيو ڪينڪي، ڏٺائين سڀ سيتل جو سينگار[60]

جڏهن مرد ڏٺائين ميدان تي، تڏهن واجب هوس هڪوار

غافل کي ”غمٽار“ چوي، ڪري هُند منجهون ننڊ هوشيار

ماري هن مدعي کي، تڏهن وٺي وڃيس هُند وار

ڀڃيس هُندَ ڀالن سان، ڪڙڪائي ڪاپار

سندي ڊاءَ ڊڄي ويو، سو به هَنيائين ڪين هٿيار

مينڌري جي مهل جو، آهي وهم وڏو ويچار

پر پاڻ پلي پنوهار، سوبه پانهه پک[61] رکي ويو.


[1] . هيءَ روايت الله رکئي پُٽ لال بخش شِينهڙي، نَڙ بيت ڏيندڙ سگهڙ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. مريد فقير بهڻ، ڳوٺ محمد خن رند، ديهه لياري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. پير صاحب پاڳاري جي جماعت جو فقير هو. سنه 1946ع ۾ 80 ورهين جي ڄام ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان سندس جنم سنه 1866ع ڌاري ٿيو هوندو. فقير بيتن جو شاعر هو ۽ پاڻ پنهنجا بيت نڙ تي چوندو هو. بچو وساڻ، بَخشو شر ۽ الله رکيو شينهڙو سندس شاگرد آهن جن مان بچو وساڻ گذاري ويو.

[2] . ٿَنِ- اٿن.

[3] . اٿانوَ- اوهان کي آهن.

[4] . موازي- مبادا.

[5] . ڏسيهون- اسان کي تون ڏس.

[6] . آنّ جو- اوهان جو.

[7] . ر ”ڪوڙين ۾ ڪندو، سڏ ڀريندو سو.“

[8] . محال- محلَ.

[9] . ڀَنِي- ڀَلي.

[10] . پاڻ جهڙيون هنن کي پاڻي پياريندي به نه سونهن.

[11] . ٻير- ٻيل. ٻير- ٻيهر.

[12] . يعني پاڻيءَ جي کوهه هوندي تَيمَ ڪرڻ جائز نه اهي. تو همير بادشاهه جي هوندي اسان مان ڪنهن کي به اڳ ۾ وڃڻ نه جڳائي.

[13] . بماسجي- وماسجي- ويچار ۾ پئي.

[14] . کربوزن- جهنگلي جانورن

[15] . مصلات- مصلحات- صلاح

[16] . ٿينديان- اوهان کي ٿيندي.

[17] . ڇپيل ڪتابڙي تان ورتل.

مريد ذات مري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو، ۽ سن 1946ع ڌاري وفات ڪيائين.

[18] . هتان وچ وارا بيت کٽل اهن. جڏهن راڻو همير کي ميهار ڪري وٺي آيو، تڏهن ٿي مومل (هيٺئين بيت ۾) چئيس ته:

[19] . هت وچ وارا بيت کٽل آهن. جڏهن راڻو مومل ۽ سومل کي گڏ ڏسي موٽي ويو، تڏهن ٿي مومل (هيٺئين بيت ۾) چئيس ته:

[20] . خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيل. غمٽار عرف زنگي، مهرن جي اُتاڻي پاڙي مان آهي، ”گابر جي پَٽ“ ۽ ”چنيسر جي تڙ“ تعلقي ميرپور ماٿيلي جو رهاڪو آهي. پير صاحب پاڳاري جو مريد آهي. ٻڪرين جو ڌڻ سندس گذر سفر جو وسيلو آهي. سندس عمر تقريباَ 75- 80 سال کن ٿيندي ۽ سن 1890ع ڌاري ڄائو هوندو. غمٽار 16 سالن تائين ٻين جا بيت چوندو هو. جڏهن 17 سالن جو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن ڏٺائين ته تڙ تي جيڪو چم جو رسو رکيل هو سو آهي ڪونه. پيرو ڏسڻ سان معلوم ٿيس ته گدڙ رسو کڻي ويو آهي. پوءِ ان گدڙ جو پيرو کڻي اڳڀرو ويو ته رسو چٻاڙيل ڏسڻ ۾ آيس. ان موقعي تي گدڙ تي بيت چيائين. ان کان پوءِ ٻيا گهڻا بيت چيائين. سندس بيتن تي مهرن جي مقامي ٻولي جو رنگ چڙهيل آهي.

 

[21] . موئيندار- موئن ٻڌل يا مقرر ڪيل جاءِ.

[22] . بنهه- ڀُون، ڌرتي.

[23] . سوجهاڪا- سوجهرا، روشني.

[24] . ڪوڏريا- سرها، خوبرو.

[25] . سنگتي لوءِ- هم وطن ساٿي.

[26] . پلٿيدار- پهلوان.

[27] . لٽ لهڻ- مٽي ڳولڻ

[28] . سونگهڙا- بُسريءَ جي قسم جي مٺي ماني.

[29] . ٺانءُ ٺهي- چاه مان.

[30] . ٿٻيا ۽ ٿهيون- ڍڳ.

[31] . ڇٻان- تندن جا ڳُچا.

[32] . موزا- جتيون.

[33] . کٻوس- بيوقوف، ڄٽ.

[34] . ڪچ- شيشو.

[35] . ڪڻڪار- مينهن کي سڏڻ.

[36] . ڀاڙو- مينهن کي ڦر بدران ڏُهڻ وقت ڏنل گاهه.

[37] . ڌوڙي ڌڱ- مضبوط ۽ جانٺو.

[38] . داءُ- بهانو، نمونو.

[39] . نانڍ- سيکڙاٽ. نپڻ- ٿڻن مان تمام ٿورو کير ڪڍڻ.

[40] . ويسوڙو- وهم.

[41] . مگهه- برتن.

[42] . مانجڻ- ماڃڻ، صاف ڪرڻ.

[43] . جارتُو- زيارتي، زيارت جو طالب.

[44] . نقرو- سفيد گهوڙو.

[45] . هُند- هوند، جيڪر.

[46] . آڻاوڻ- آڻائڻ.

[47] . قافلو (ٿ)- مقابلو

[48] . چئڻڪ- چرچو.

[49] . اوچاٽ- اڳرائي.

[50] . اوڇي- اجائي يا اڻوڻندڙ.

[51] . لوچڻ- ووڙڻ، ڳولڻ.

[52] . دُبر- هڪ شهر جو نالو.

[53] . حرفن- فيصلي يا انصاف موجب.

[54] . مونڌل- منجهيل، مانجهين- ڏاهين جو.

[55] . رَمل- اٽڪل.

[56] . مُنهن- ڏوهه، ميار.

[57] . لِيوو- ڪپڙو (جو سومل تاڻي سُتي هئي).

[58] . گوري- ڏاچي.

[59] . رئي مٽڻ- رُخ بدلائڻ.

[60] . راڻي کي ٻڪرار شڪ ويهاريو ته ”مومل، سيتل راءِ سان ڦٽل آهي“.

[61] . پک- ڍَڪ، پردو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org