سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :7

بيت شادي مري جا[1]

 

1- اول نام الله جو، ڪيم سائين کي صدا

مير محمد مصطفيٰ، ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا

پنجتن پاڪ رسول جا، خلقيا پاڻ خدا

راجا نند راوَ هو، طالب تخت مٿا[2]

پَئِي جو شوق شڪار جو، ڪيئين اها روح رٿا

چڙهيو پوٺي پٽ تي، ماريئين هرڻ هٿا

سونا سڱ تنهين جا، سي به هڪ هڪ سير سوا

ماڻڪ تنهن جي مغز مان ڪو پارس ٿيو پيدا

سون رُپي سودا، تنهن مان هيرا هزارين ٿيا

2- ٻيٽيون راجا نند جون، هيون نام ڪٺيون نروار

ڌڻيءَ تنهن کي ڌيئرون ڏنيون، تنهن مان چوکيون هيون چار

”مومل“، ”سومل“، ”سهجان“، منجهن هئي ”مرادي“ مختيار

مومل جا مڙين ۾، هئي اصل عقلدار

سانڀڻ لاءِ سرڪار، مڻيو ڏنو ان منڌ کي.

3- مڻيو ڏنو هئين منڌ کي، سوگهو سانڀج تون

پارس تنهن پڌر ۾، مولي ڏياريو مون

وڌو مومل مڻيو هار ۾، ڪري نازنئون

پارس پوئڻ سئون، ٿيو ڏاڍو حسن هار ۾.

4- ڪيئين ڏاڍو حسن هار ۾، جنهن جو هنڌ وماڳ هڳاءُ

سڌ پئي سيتل راو کي، جنهن ڇڏيا ويس وڳا

سنبهي سامي ٿي هليو، ٻڌي سور سڳا

جادو سکندي جوان کي، ڪي ڏڍا ڏينهن لڳا

ڪاهي آيو ڪاڪ تي، رکي دم دڳا

دانَهه در اڳيا، اچي ڪاڪ ڪڪوريو.

5- اچي ڪاڪ ڪڪوريو، اٿس حجت هلائي

سين سڻي سامي جي، سا درس هلي دائي

ڏاڍي دور دماغ سان، عاشق وٽ آئي

ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، تو اچي هي لوڌ لوڌان لائي

بابو بِکيا تو ڏيان، ٿي راهه وٺي راهي

جادوءَ جلائي، دائي تنهن درويش جي.

6- دائي تنهن درويش کي، ٿي اڀي ڪري آزي

مون تان مداين جا، غم لاهين غازي

هڪ تنهنجي صورت هنيو ساڙيو، ٻي جا تند لڳم تازي[3]

کاهوڙي خوشبوءِ سان، آهيان تو نانگي نوازي

جٿي روح تنهنجو راضي، آءٌ تنهنجي آکيي پٺيءَ آهيان.

7- آکيي پٺيءَ آهيين، مون کي سڌ سڻاءِ ساري

ڪين تون دائي انهيءَ در تي، ڪين وس نه ويچاري

ڪين منڌ وسين محلات ۾، ڪين ڌار وسين ڌاري

ڪين رهين راٺوڙين ۾، ڪين گوشي گذاري

ڪل لهي ڏي ڪاڪ جي ڏيان دل کي دلداري

جيڪا مومل موچاري، تنهن کي معلومي ڪر منهنجي

8- معلومي ڪر منهنجي، نالو ڏس نشان:

هوس بادشاهه پنهنجي ملڪ تي، مون ٿي چلايا چَلان

تهدل پنهنجي تخت تي، ون ٿي سڏايو سلطان

سڻي صورت تنهنجي، ٿيو مست هنيو مستان

تنهنجي مُنڌ مجاز ۾، دلبر ٿيس ديوان

سامي سليمان، ٿيس جوڳي جيسلمير مان.

9- چئي: جوڳي جيسلمير جا، سڻ تون سامي سليمان

مومل اٿئي محلات ۾، جنهن کي روپ ڏنو رحمان

سامي تنهن جي سونهن تي آهن هرڻ پکي حيريان

ڪئين پڻ راوَ رلي ويا، جن ٿي سڏايو سلطان

شوق منجهان، شادي چئي، تن جا تنبو ٿيا طوفان

انهيءَ مٿان قربان، ڪوڙين ٿي ويا ڪاپڙي.

10- جي ڪوڙين قربان ٿي ويا ڪاپڙي، دائي مٿي در

آءٌ به هوس بادشاهه پنهنجي ملڪ ۾، زابر زوراور

تنبو تعظيمن سان، منهنجا لکين هئا لشڪر

مايا ڪمي ڪانه هئي، جا قوت ۽ جنهور

سي ڇڏي هلي سامي ٿيس، مون جهاڳيا سڃ سفر

چئو: تنهنجي ديکڻ لاءِ دلبر، مون تان جوڳي جيءُ ڪيو.

11- جوڳي تنهنجي جيءَ جو، هاڻ ٻڌو ٿَمِ حال

دائيءَ داناهي ڪئي، وئي درس مٿي ديوال

منهن چڙهيو مومل کي، ڪري ساميءَ ڪارڻ سوال

ته بابو ڪارڻ بکيا، اچي ڪامل ويٺو ڪال

ٻاهرئون مچ مچائي، دُرس دونهيوال

هڪ بَگري اٿس بنات جي، ٻي لُنگ لاهوتي لال

لهه ساميءَ جي سنڀال، جي صورتِ توکان سهڻو.

12- صورتِ مون کان سهڻو، ٻيو ڪامل ناهي ڪو

بيهندي تنهن بازار ۾، تو سامي ڏٺو سو

ماڻهو مومل جهڙو، ڪو پانَهه ڄاپي پو

مير محمد مصطفيٰ، چڱو تنهن کي چو

هاديءَ پنهنجي حال جو، قول جنهين سان ڪيو

نيئي ڏان ڏيو، دائي! تنهن درويش کي.

13- دائيءَ تنهن درويش کي، نيئي ڏنو ڏان

کاهوڙي خوشيءَ مان، دُرس نه کڻي دان

موٽائي ڏيو مومل کي، هيءُ نه منهنجو مانُ

ڪستئون هلي ڪامڻي، سا منڌ وئي مهندان

سوڍيون! هن ساميءَ جي مونکي ڪل پوي ٿي ڪانَ

هڪ آهي صورت سهڻو، ٻيو مست آهي مستان

ڪپي ويٺو ڪاتيءَ سان، جوڳي پنهنجي جان

ڪنهن دلاسي ديوان، ڪڍي اُٿارج ڪاپڙي.

14- ڪڍڻ خاطر ڪاپڙي، سا مُنڌ لنگهي وئي مهند

ڪل ٻُڌائج ڪاپڙي، ساميءَ سندي سُنڌ

ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، ٻولي منهنجي ٻُنڌ

ڏٺو منهن مومل جو، ڪامل ڦيري ڪنڌ

ساميءَ گُن سنڀاليا، ڇانَو پکيڙي ڇند

منتر سان مومل جون، بازيون ڪيائين بند

ڪيائين عرض الله کي، رازق مَ ڏي رَند

سامي صورتوَند، ڪو پِرهه جو پيدا ٿيو.

15- پِرهه جو پيدا ٿيو، سامي صورت ساڻ

حُسن پسي حيران ٿي، ٻنگ لڳي ويس ٻاڻ

نيڻ لڳي وييس ناٿ سين، سا پانهين وري نه پاڻ

سوڍيون اچيو ساميءَ سين ڪن راٺوڙيون رهاڻ

مومل جا مڙين کي، ٿي حال ٻڌائي هاڻ

سوگهو ٿيو آهي سرتيون، مُئيءَ جو ساهه به ساميءَ ساڻ

ٿئي مومل جو مهماڻ، ڪِيم وڃي شل ڪاپڙي.

16- ڪين ٽڪي ٿو ڪاپڙي، سامي صورتدار

جنهن کي مومل ٿي منٿون ڪري، سُومل سَوَهزار

پائي پاند ڳچيءَ ۾، سهجان ساڻ سينگار

مرادي تنهن مرد کي، ٿي وس ڪري وينجهار

ناتر نيازمنديءَ مان، آڻي نه اختيار

سوڍيون ساميءَ ڪارڻيون ٿيون روئن زاروزار

جيڪي طلبين سو توکي ڏيون، جاقوت ساڻ جنهوار

مهندان مرد ڳالهايو، ڪيو گوهر هي گفتار:

آهيان سوالي تنهنجي سِر جو، مون کي اهوئي ڏان ڏيار

مون مَٽي ملڪ ڦِٽو ڪيو، لاءِ تنهنجي لاچار

بيشڪ آءٌ بادشاهه هوس، عاقل وڌي اختيار

لڳم ناوَڪ نيهن اندر ۾، تن ۾ تنهنجي تار

پاتم ڳانا ڳچيءَ ۾، ڪنٺا ڪنگڻ هار

جڏهن تنهني سُڻم تَوار، تڏهن مڙئي مشڪل معاف ٿيا.

17- جي مشڪل تو تان معاف ٿيا، ته کٽ ويٺو کاءُ

پَٽ پوشاڪون تو ڏيان، منجهان حرص هنڊاءِ

هي محل ماڙيون بنگلا، آهي جانب تنهنجي جاءِ

هي سر توتان صدقو ڪريان، پل پل منجهه پساه

سامي مئيءَ جو ساهه، قابو ڪيو اٿئي ڪاپڙي.

18- قابو ڪيئون ڪاپڙي، جوڳي جنساري

ويهاريئون وقوف سان، سامي سينگاري

مومل تنهين مرد کي، ٿي کليو کيڪاري

سامي سندي سونهن ڏي ٿي نت نت نهاري

سيج پلنگ پالڪيون، ٿي وهاڻا وٿاري

راتو ڏينهن راڻين سان، ٿو ڍول رهي ڍاري

ٿو سامي سيکاري،سڀوئي گن سومل کي.

19- سڀوئي گن سومل کي، ٿو سيکاري سامي

رهه تون رنگ محلات ۾ دائم مدامي

ڪوڙين ڏيانءِ ڪامڻي، ڪوٽار ۽ ڪامي

امير جي ملڪ جا، ٿينئي هوند صوبا سلامي

هيءَ ڪاڪ قرباني، توتان ڪيان راجا راٺوڙين سان.

20- راجا راٺوڙين سان، ٿيو ڪامل قبولدار

سيکاري گن سومل کي، ڪيئين خوبئون خبردار

ڪل سين ڪاوا ڪيترا، چوڙيائين جنسار

شينهن، شادي خان چئي، ڪيئين چوڪنڊ چوڪيدار

رڇ راڪاس ڪيترا، ڪيئين هنر ساڻ هزار

هاٿي هنبارين، آهن خوني خبردار

ڪل سان جوڙيائين ڪيترا، جهڙ بادل ميگهه ملار

ننديون وهن ناز سان، درياهه ڌڌوڪار

چوڌاري تنهن چورنگ کي، ٿا ڦرن ڦيريدار

مومل چيو تنهن مرد کي، جيڪي طلبين سو تيار

مڻيو گهريو هو منڌ کان، ويٺي تنهن وينجهار

گهرندي ڏنئين گهوٽ کي، هٿئون لاهي هار

جادو جوڳي يار، ڪو ناٿ بڇايئي نيهن جا.

21- ناٿ بڇايس نينهن جا، جنهن جلايس جيرا

ساميءَ سانبيرو ڪيو، تڏهن ٿي پاڻ پوي پيرا

کيئڻ کاهوڙيءَ ري، ٿيس وه تنهين ويرا

متان مير وساريين، مومل جا ميرا

ڪڏهن مَ لاهج ڪاپڙي، پونءَ مٿان ڀيرا

ڪامل وڻندم ڪينڪي، تو دوست بنان ديرا

سامي سويرا، ٿو رخصت راڻين کان وٺي.

22- ٿو رخصت راڻين کان وٺي، سامي ستين ڏينهن

آڻيو آب اکين مان، ٿي مومل وسائي مينهن

سک نه سوڍين کي اچي، طعام نه کائين تيئن

ننڊ نه اچينِ ناٿ ري، جنهن کي ناوڪ لائي نينهن

گام پڇن ٿيون گجريون، ڪامل ايندو ڪيئن

ڏهه- ڏهه ڀيرا ڏينهنِ ۾ هو فارون وجهن فراق مان.

23- فارون وجهن فراق مان، جن کي بره لائي باهه

چوڪنڊ چارياڻيون ٿيون سوڍيون ساميءَ لاءِ

ڪڏهن ايندو ڪاپڙي، سرتيون سيتل راءِ

اڱڻ اسان جي سپرين، آڻيندو الله

گهوريندي سرگهوٽ تان، ڪندي صدقي صدقي ساهه

ڪپي سر قربان ڪندي، هي مومل سارو ماهه

اڄ پڻ انندراءِ، ٻئي پارس پڇڻ آئيو.

24- پارس پڇڻ آئيو، مڻيو ڏي مومل

ڪامڻ ڪڇي ڪانڪا، سچ چيس سومل

سهجان آئي سيگهه مان، مرادي تنهين مهل

پيهيو چون پيءُ کي، هيڏا حرص مَ هل

صبح سوالي آئيو، ڪو رکي تاءُ طبل

ٻيٽيون راجا نند جون، مون کي دان ڏياريو دل

مڻيو نام موليٰ جي، ڏنو مهند لاهي مومل

جهونا پاءِ مَ جهل، اسان جي اگهامي نانءُ الله جي.

25- تنهنجو ڪيئن اگهامي نام الله جي، ماڙهو ڏين مال

بابو ڪارڻ بکيا، سوين ڪن سوال

مهري اُٺ ميا هئا، ڏين ها باري نالي بحال

تازي طبيلن مان، ڇوڙي ڪامڻ ڏين ها ڪالهه

تو پئي پارس ڏنو، سو مڻيو نه هو مال

ايڏو سون سنڀال، جو پارس ٿي پيدا ڪيو.

 26- پارس ٿي پيدا ڪيو، بيشڪ بيشمار

مڻيو نام موليٰ جي، ڏنو مون ڏاتار

هاڻي موڪل ڏي مونکي ڪريان اڪيلائي اختيار

ڪاڪ اَڏائي ڏي ڪنڊ تي، لائي لک هزار

محل ماڙيون بنگلا، سوين ڏي سينگار

راجا ايندم رس تي، ڪي ڏِسين جا ڏاتار

محبت ۾ مشتاق ڪيان، ڪي دنيا دولت دار

سندا پارس پار، ني ته ناڻا تو ڏيان.

27- ني ته ناڻا تو ڏيان، اتي راضي راوَ ٿيو

ڪاڪ آڏائي ڪنڊ تي، ٿس منجهان ناز نيو

حرام جِنهين کي هڏ ۾، منجهان پرت پيو

هي اَٿوَ محل ماڙيون بنگلا، جنهن ۾ راٺوڙيون رهو

ٻيٽيون راجا نند جون، اوهين ڪري ويس وِهو

مون کي ڏان ڏيو، مومل! مايا منهنجي.

28- مومل تنهن مايا ۾، ٿي ڪامڻ قبولدار

راتهين راٺوڙين جا، هليا بارن مٿي بار

سومل بنائي سيگهه ۾، بر ۾ ڪا بازار

ٻاهران ڪوٽ، ٻروچ چئي، اندر ڪئين اسرار

کٽون رکائي کوهن تي، ترتئون ڪن تيار

هڪڙا پينگها پٽ جا، ٻيا چوڏولا چوڌار

لڏن تنهن ۾ لاڏڪيون، ڪنهن ڏاڍي خيال خمار

تن سوڍين ڪيا سينگار، اڄ ملڪن ۾ مشهور ٿيون.

29- ملڪن ۾ مشهور ٿيون، جڏهن سوڍيون ساماڻيون

آهن آفاتون عقل جون، سڀئي سياڻيون

جهنور جَڙايو جان تي، روپ ڪن راڻيون

سڻيو هاڪ حسن جي، نر ڏين ناڻو

لک لايو لکيسري، ڪن راجا رهاڻيون

اڃان به وتن ويڳاڻيون، سوڍيون سيتل راوَ لاءِ.

30- سوڍيون سيتل راوَ لاءِ، ويٺيون واجهائين

سوين ساميءَ ڪارڻيون، لک ويٺيون لائين

لکين لشڪر لاڏ مان، ٿيون کليو کپائين

گهوٽ وجهيو گهاڻن ۾، ٿيون گجرون گهمائين

ڪن نه قياس ڪريم جو، اهڙيون ئي آهين

شوق منجهان، شادي چئي، ويٺيون حڪم هلائين

اڃان ٿيون پارس پڇائين، لڊاڻي جون لاڏڪيون.

31- لڊاڻي جون لاڏڪيون، ٿيون نامڪٺيون نروار

سڌ پئي همير سومري کي، سو تهتئون ٿيو تيار

جيڪي جانب جيءَ جا، سڏايئين ستيار

ڌماچاڻي سينهڙو، هو عاقل وڏي اختيار

ڏونئر ڀٽاڻي ڏاهو هو، وير وڏو وينجهار

راڻو وزير همير جو، سوبه حاڪم وٽ هوشيار

پڇاڻي پانهه هليا، تازي ڪري تيار

تنهن ڏس مٿي ڏاتار، سي هليا ساڻ همير جي.

32- هليا ساڻ همير جي، تنهن ڏس مٿي ڏاتار

چار ڄڻا سي چار هئا، هليا ٿي هسوار

مومل جي محلات تي، ٿيڙا  ترت تيار

روجهه ماريائون رڻ ۾، ڪيئون شادي چئي شڪار

کائي تنهن مون خوش ٿيا، ڪن پاڻيءَ جي پچار

نڪي سرڪ ساندارين ۾، نڪي تڙ تلار

رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪن چوڏولا چمڪار

سامي ساڻ سينگار، تن کي اڳيان آڏو آئيو.

33- اڳيان آڏو آئيو، تنهن کان پڇيو حال همير

ڪين تون بادشاهه ملڪ جو، ڪين تون واگهه وزير

ڪين تون ڏاتار ڏيهه جو، ڪين تون عقلوند امير

ڪين تون سامي سنگت ساٿ جو، ڪين ڦيريدار فقير

واٽ ڏسيو وڃ وير، ڪٿان وڃون ڪاڪ تي.

34- ڪٿان وڃڻ ڪاڪ تي، پڇ ته ڏيانءِ پار

سئو سپاهي مون ساڻ هئا، چايل چوڪيدار

ٽي سئو ٽپالي هئا، هڪل تي هشيار

چار سئو چاڪر هئا، سئيس مٿي سينگار

پنج سئو پٽيوال هئا، منهنجا بانڪا بيشمار

ڇهه سئو ڇيڙائي هئا، ڪم مٿي ڪمدار

ست سئو سناسي هئا، مون سان ڍول ته ڍاري مار

اَٺ سئو ٿي اڳيون، هليا جن سان بتيون بيشمار

نو سئو نوڪر هئا، منهنجا توڙئون تابعدار

ڏهه سئو ڏوڌي هئا، منهنجي مينهن جا ميهار

يارهن سئو يار هئا، منهنجي مجلس ۾ مختار

ٻارهن سئو ٻانڀڻ هئا، پڙهيل پوٿيدار

تيرهن سئو طعامائو هئا، جن ڪيو ٿي طعام تيار

چوڏهن سئو چاڙهائي تي هئا، بالم بٺيدار

پندرهن سئو پخالي هئا، جن ٿي ڪيو پاڻيءَ تي پسار

سورهن سئو صوبا هئا، فالم فوجدار

سترهن سئو مون ساڻ هئا، ڪَل مٿي ڪلدار

ارڙهن سئو مون اڳيان هئا، ڪاٺين جا ڪاٺيار

اوڻيهه سئو اُمراءِ هئا، عاقل عقلدار

اهڙا ويهوڙا وريامن جا، هئا ڪٽڪ ڪارونڀار

اهي سڀ سوڍيءَ ڪيا سنگسار، آهيان تن جي

فڪر منجهه فقير ٿيو.

35- تن جي فڪر منجهه فقير ٿيس، سامي ڏئي ساک

موٽي وڃ همير سومرا، تون هل مَ ٿيءُ هلاک

اڳيان مومل ٿي مارا ڪري تاڙيون ڏيو طاق

شوق منجهان شادي چئي، ويٺي ڪري منڌ مذاق

ڪوڙين منجهه ڪلاڪ، گم ڪري ٿي غار ۾.

36- گُم ڪيائين غار ۾، ڪي ساميءَ جا سامان

عاقل اٿم انهن جا، ايڏا ڪي ارمان

مون سان وير وزير هئا، طنبو ڪئين طولان

عقلوند اَجهاڳ هئا، صوبا ڪئين سلطان

گهوڙا جي گهوٽن جا، ناميل هئا نريان

هڪڙا ديوانا دونهين تي، ٻيا موڳا ڪئين مستان

فند ڪري فرستان، اهي گجر سڀ گمائيا.

37- جي گجر سڀ گمائيا، ڪر سامي ڳالهه سچي

موٽان ڪيئن، مري چئي، اوڏو هاڻ اچي

ڪنڌيءَ ورڻ ڪاڪ جي، آهي ڪرڻ ڳالهه ڪچي

مانجهي ميدانن تي، هلن مڙد مچي

جيئن ويا اڳي نرنچي، آءٌ به انهن مان آهيان.

38- تون انهن مان آهيين، پراڳي ويا ڪئين مهمير مري

پاهون پيدا ڪونه ٿيو، تن مان ظاهر ڪا ذري

مومل جي محلات تان، ويڙو ڪونه وري

شوق منجهون، شادي چئي، سي ويا ڳجهان ڳجهه ڳري

دانا هن دري، سوجهي سهي ڪونه ڪيو.

39- سوجهي سهي ڪونه ڪيو، ته به پنڌ تني جا پير

آهن مومل ساڻ مقابلا، جن ماريا مرد مٿير

جن جا ڪنڌ وريا ٿي ڪينڪي، ٿي  پاڻ سڏايئون سير:

پوءِ آيا هي اوطاق تي، صبح ساڻ سوير

ناتر انهيءَ وير، سا قاصد ڪامڻ ڏي وئي.

40- قاصد ڪامڻ ڏي وئي، سا پڪا ڏئي ٿي پار

ته هڪ سامي سو اٿئي، جنهن جا ماريئي هت هزار

امير انهيءَ کان اڳرا، چاڙهي آيو چار

طرحين تازي تن جا، آهن جوڙيا تنهن جنسار

گهوڙا جي گهوٽن جا، آهن جڙيا ساڻ جنهوار

اهي وينگس اٿئي وينجهار، جي گجر توکي گڏبا.

41- گجر کي ڪئين گڏبا، جنهن سئو لکين سامان

هڪڙا دور درياه جا لوڙهيا ڪئين لقمان

هڪڙا شينهن بيٺا آهن، شادي چئي، چيٽا مٿي چوگان

نانگن نهوڙي ڇڏيا، ٻيا وري ڪئين وريام

ٻي جا کٽ رکيل آهي کوهه تي، تنهن جي ڪل ڪنهين کي ڪانه.

جيڪي اتئون لنگهي آئيا، اٿن زهر زبان

اهڙا عقل جا اخوان، سي به گجر سڀ گنوائيا.

42- گجر سڀ گنوائيا، جن تي هنيون زيب زريون

چڻا چائي موڪليئين، ڀڃائي ڀريون

تنهن مون دانهه دونهيون ٺاهيون، ٻاٽي ٿي ٻريون

دائي درس پچائيون، بيشڪ ڪي بسريون

زابر زهر تني ۾، مٿان ڪي مصريون

جڏ سوڍي ڪاڻ سَريون، ته اتي مڙد منع ڪئي.

43- اٿي مڙد منع ڪئي، ٻولائي ٻيهار

ٽاري آئين ٽُڪر ڏيو، حيوان آهين هزار

ڪُتو ڪنڌيءَ تن جي، ڪو اُڀو هو آسيار

ڳپل ڳچ تنهين کي، ڏياريو ڏاتار

سوبه کائيندي کامي رهيو، موت ٿيو مردار

مڙدن لڳي ماٺ ٿي، وڏو ٿيو ويچار

مومل هت هزار، متان انهيءَ کيڏ کپائيا!

44- انهيءَ کيڏ کپايئين، حاڪم انهيءَ هنڌ

ناتر ناز ڦٽو ڪيو، ڇڏيائين سڀ ڇند

موٽي سا محلات وئي، راه وٺي سي رَند

مومل! جي مون کان پڇين، ڦٽا ڪر تون ڦند

شوق منجهان، شادي چئي، اهي بازو ڪند ئي بند

جوکائتي اٿئي جند، توکي مومل ماڻن آئيا.

45- چئي: مومل ماڻڻ آئيا، سي ڪامل آهن ڪير!

پنج سير نيئي پٽ جا، ڦورا اُتي ڦير

چئو: سالڪ اوهين سمجهي ڏيو، متان دانَهه لڳي دير

اوبي ڏيوم عقل سان، مڃانوَ سو مٿير

 اِتي وري به ناتر وڏي ناز مان، پاهون واريو پير

آڻي ڏنائين انهن کي، ڪي پٽ جا پنجئي سير

گڏ رکيائون گوڏن تي، پٽ مٿاهون پير

سوڍو اڳ ستل هو، اٿيو جڏ اوير

تنهن پَٽ  مان پڇاڙيون ڪيون، واڳون انهيءَ وير

پئي سڌ سوير، سا به معلومي ٿي مومل کي.

46- معلومي ٿي مومل کي، ٿو ڪامل هيئن ڪري

مُٺي! تنهنجو ذهن ظاهر ٿيو، پئي ڳالهه پري

پَٽ مان پڇاڙيون ڪيون، ڪامل هيئن ڪري

آهي جوکو تنهنجي جيءَ کي، ٿو منهنجو ڏيل ڏري

شوق منجهان، شادي چئي، ويهج ڌيان ڌري

وچئون ڪيئن وري، هي اٿئي آيو ڪٽڪ ڪاڪ تي.

47- اهڙا ڪٽڪ ڪاڪ تان، مون ڪئين موٽايا مانجهي

موڪل ڏين، مري چئي، سڌ پئي سانجهي

ناتر وڏي ناز مان، ڪئي پختائي پنهنجي

چئي: مومل مزماني ڪئي، عاشق اوهان جي

اها پر اٿس پنهنجي، جو هڪ هڪ اٿي هلندو.

48- همير هڪوئي هليو، عاشق وڏي اختيار

پٽ پوشاڪ تنهن کي، هئا بيشڪ بيشمار

گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، پريو انهي پار

اچي ڏٺائين اوچتا، ڪي درياه سندا ڌڌڪار

هڪڙا هل ها گام هئا، چيٽن جا چوڌار

بور هلڻ کان بس ٿيو، وک نه کڻي واڌار

سومري ساهه سڪي ويو، جنهن کي وسريو سڀ واپار

لٿو وڏي لاچار، سوبه مس گڏيو هو مارڪي.

49- مس گڏيو هو مارڪي، جنهن کان پهيو پاڻ پڇن

مومل ماڻي آيُون، ڪين ڏي سڌ سندن

چئي گام پري ٿيو گجرو، جت سوڍيون ٿيون سُجهن

اتي طاقت ناهي ڪنهن جي، گهوڙن ۽ گهوٽن

ماڙهو پنهنجي ملڪ جا سَوَ سنڀارون ڪن

موٽي هلو ملڪ تي، هلي پهچي پسئون تن

انهي ڪاڪ مٿي ڪن، ويهي سر وڃائيا.

50- ناتر نيزو هٿ ۾، اچي دائي جهليو در

چئي: مومل آهيان موڪلي، ٻانهي سا ٻيهَر

ڌماچاڻي شينهڙو سنڀريو آهي سَڌر

سو به گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، پُريو انهيءَ پَر

ناتر ويس نڪري، وچئون ڏيئي وَر

اچي ڏٺئين دور درياه جا، ڪي ڏاڍا زور زَبر

شينهن، شادي خان  چئي، ڪيڙا هُل حشر

 تڏه موٽايائين مشڪيءَ کي ڏيئي واڳن وَر

هن کي ويرا منجهه ورهيه ٿيا، ساعت منجهه سفر

موزا مينهَن پسائيا، اتي گهوٽ سنڀاليو گهر

ڪاڪ ڇڏي ڪونڌر، سو به مس گڏيو هو مارڪي.

51- مس گڏيو مارڪي، تنهن کي پهيو پڇن پاڻ

ته مومل ماڻي آئيون، ڪِي ڏي ان جا اهڃاڻ

چئي: گام پري ٿيو گُجرو، جت ڪن راٺوڙيون رهاڻ

مومل ماري ڇڏيا، گهوڙا گهوٽن ساڻ

موٽي هلو ملڪ تي، هلي پهچي پسون پاڻ

هن ڪاڪ ٽڪڻ جي ڪاڻ، هت مَ رهجو راتڙي.

52- ناتر نيزو هٿ ۾، ٿي ٽئي کي ٽڪائي

مومل مزماني ڪئي، ڪو خاص هلي کائي

ڏونئر ڀٽاڻي ڏاهپ مان، ٿو ڪست منجهان ڪاهي

ماڻي ايندس مومل کي، آءٌ ڀانيان ٿو ڀانئي

ناتر ويس نڪري، گَسئون گُسائي

اچي پيو اونداهه ۾، اُڀو ئي آهي

گهوٽ جهليو گهوڙي کي، ٿو صاحب سندائي

ساري رات سمنڊ کي ڪامل ٿو ڪاهي

پانَهه پڇائي، سوبه اچي مس گڏيو مارڪي.

53- مس گڏيو هو مارڪي، تنهن کان پڇن حالي:

ته مومل ماڻي آئيون، ڪِي خان وريون خالي!

چئي: گام پري ٿيون گجريون، چال سندن چالي

مومل آهن ماريا، جيڪي سندس هئا سوالي

واسطي تنهن والي، موٽي هلو ملڪ تي.

54- ناتر نيزو هٿ ۾، وئي منڌ مٿي محلات

عاشق تو وٽ آئيا، ڪِي وچئون وريا واٽ

خونياڻيءَ کلي چيو: منڌ ڪري ويهه ماٺ

هڪڙا اٿئي بي عقل عمرڪوٽ جا، ٻيا اٿئي ڀٽ سندا ڀاٽ

چئي: مومل! جي مون کان پڇين، مون راڻو ڏٺو رات

سو سياڻو آهي سڀن کان، عقل جي آفات

مينڌري کي مات، آهي منشا مَن ۾.

55-اٿس منشا من ۾، سوڍو ڪر سجاڳ

چئو مومل مزماني ڪئي آهي، خاصو تولاءِ کاڄ

ٺڳيءَ سان ٺڳاريا آهن، راڻي اتي راڄ

اهڙا منگتا منهنجي در تان، اچيو لکين وٺن لاڳ

سندا مومل ماڳ، هر وير نه وٺي سگهيا.

56- ناتر نيزو هٿ ۾، اچي پهتي پاڻ

مومل مزماني ڪئي، سوڍا هل سڄاڻ

گهوڙو گهوٽ سنبيريو، ٺاهي منجهان ٺاڻ

توڪل جا ترها ٻڌي، هليو الله جي اماڻ

ور ڏئي ونيءَ کي، ڪيئين اڳ سندو اڳواڻ

در مٿي دائيءَ کي، اچي پهتو پاڻ

مار ڏنائين منڌ کي، سچي ڪر مون ساڻ

چي: مينڌرا جي مون کي ڏئين، جيءَ سندو جيڏاڻ

ترس ته آءٌ توکي ڏيان، انهن جا اهڃاڻ

اتي به ڏسي دستور درياه جا، تون پاڻهي بيهندون پاڻ

تنهن کي سوڍا سوپاري هڻي، لهه ڪائي سندي ڪاڻ

شينهن ڏسندين، شادي، چئي، آهن کَلن سندي کاڻ

هڪڙا اٿي نجهورا نانگن جا، ٻيا واسينگن وٿاڻ

ٻي جا کٽ رکيل آهي کوهه تي، تنهن کي وير نه اٿي واڻ.

کلي ويهج کٽ تي، تون سوڍا مومل ساڻ

تڪڙو طعام نه کائجان، ڀلي پهرين کائي پاڻ

وڃي مومل ماڻ، تون راڻا انهيءَ ريت سان.

57- راڻا انهيءَ ريت سان، وڃي ماڻيندون مومل

کٻي پاسي کٽ جي، سوڍا اٿئي سومل

جنهن نَوَ تِر آهن نراڙ تي، نيشاني نرمل

ڇوڙيو وار ڦٽا ڪري، ڳچ مٿاهون ڳل

ايڏا اٿس اقبال اکين ۾، ساٿي ڪري خون خلل

جيڏو حسن حور ۾، سا اٿئي ماڙي تي مومل

جنهن گهوٽ گمايا گهَل، تنهن جي پيشاني آهي پڌري.

58- پيشاني اٿس پڌري، حسن هُلڪار

مَشِر آ ملڪن ۾، چايل سا چوڌار

لکين زيور لاڏ مان، ٿي برسي بيشمار

ڳڻي ڳڻيان ڪيترا سوڍيءَ جا سينگار

ناتر ڪئي نروار، راڻي پير پروڙيو.

59- راڻي پير پروڙيو، وٺي پار پڪا

جنهن کي سوڍي سوپاري هنئي، ٿيڙو ڌوم ڌڪاءِ

ڪائي جهليو ڪينڪي، ڀڄي ٿيو ڀُڪاءِ

شينهن به، شادي خان چئي، چيٽا سڀ چُڪا

نانگن نالو نه ڳڌو، چريا سڀ چُڪا

در مٿي درواڻن جو، ڏٺو لال لقا

سوڍي کي سڀڪا، ٿي معلومي محلات جي.

60- معلومي محلات جي، راڻي کي رهي

کٽ ڏٺي هَئِين کوهه تي، سالڪ ڪيو سهي

مهندان لنگهي مينڌرو، ويٺو گوڏو گڏ ڏئي

راڻو مومل پاڻ ۾، ويٺا ٻِٽ ٻئي

کينڪر جا خونياڻي، سا به ڪسندي ساڻ ڪئي

راٺوڙين رهي، اڃان به ڪا رکي مدي من ۾.

61- رکيئون مدي من ۾، هنئين منجهه هزار

وڌئون وهه تنهين ۾، بيشڪ بيشمار

مهند ڏنائون مينڌري کي، ڪري طعام تيار

موٽائي ڏنو مينڌري، کيان نه توکان ڌار

اتي سومل چيو مومل کي، مُٺي! هٿ هڻي تون هار

جڏهن گوڏي گڏ ويهاريئِي ته مڙس نه پنهنجو مار

پوري اٿئي ڀتار، لائون لهه اِنهيءَ سان.

62- لائون لڌائون، اتي شڪر ڪيائون شادي

راجا انند روح ۾، راو ٿيو راضي

ريڌو رب راڻي سان، حاضر ٿيو هادي

شاهه ڌڻي”شادي“ سان تون مدد تجان مهدي

مومل ماڻي مينڌرو، ويٺو گام گجر گادي

سوڍي سيراندي، ورتس ٻانهن، ٻروچ چئي.

63- ورتس ٻانهن ٻروچ چئي، ڪئي سرهي سيج ستار

رات وهامي ڏينهن ٿيو، پرهه ڏنا ها پار

حملو همير اُٿاريو، سيگهون ڪري سڀنار

متان مارائي مينڌري کي، سوڍيءَ ڪيو سنگسار

مهندان مردن جي کڻندس ڪهڙو نڪ نراڙ

ملڪ زالون لاءِ مينڌري، طعنا ڏيندم تار

پهرئين ڏينهن پچار، ٿي همير هلڻ جي ڪئي.

64- ٿي همير هلڻ جي ڪئي، سنگتين ساڻ صلاح

مهندان مينڌري، آيو من الله

موڪل وٺي مومل کان، تنهن رمي جهليو راه

هلي همراهن سان، سوڍي ونڍيو ساه

ماڻي آيس مومل کي، تنهن لٽي مال متاع

مون جيڪي قول ڪيا، تن مان حرف نه گهٽيو هڪڙو.

65- تن مان حرف نه گهٽيو هڪڙو، تو جي ڪيا قول قرار

جيڪا مومل ٿي مارا ڪري، سا ڏاهي مون ڏيکار

تڏه سوال ڪيائين سومري کي، ٻانهون ٻڌي ٻيهار

سائين، ڀوريون اينديون ڀاڻ تي ڪنڍيون ڪري قطار

اوڏيءَ ويل اتي اچي، تون واقف ٿي وينجهار

معلومي محلات جي، تون ترسي لهه تِهار

راڻي مومل سان ويهي، گڏ ڪئي گفتار

ته محرم ماڙهو منهنجو آهي، ڪو مينهن جو ميهار

تنهنجي ڏسڻ لاءِ ڏکيو ٿيو، هو کامي لئي کينڪار

اهڙي سان آڌار، اڄ سوچي همير سڏائيو.

66- سوڍي همير سڏائيو، اڄ انهيءَ اهڃاڻ

ڪڻڪي ڪنڍيون نڪتيون، آيون ڀريون مٿي ڀاڻ

کٿو هيٺ همير کي، پوش ڏنئون پهراڻ

ساڙهو کڻي سومرا، تون هلي ڏهج هاڻ

ڪڇج پڇج ڪيم ڪي، هو ماري ٿي مهماڻ

رهي دم رهاڻ، تون عاشق ڪج اکين جا.

67- عاشق ڪيا اکين جا، مومل سان ميلا

سابه حسن پسي حيران ٿي، جنهن هنئين پيا هيلا

همير جي هٿن سان، ٿي رت وُڙها ريلا

وريو تنهن ويلا، سور جهلي ڪُل سومرو

68- سور جهلي ڪل سومري، سوڍو سڏايو

مان وڏي سان مينڌرو، عاشق وٽ آيو

سوڍي مٿي سومري، ڏاڍو حڪم هلايو

مون تي هن ماڻهن جو، تو پَئِي کُورو کلايو

هي جي تو بَن بنايو، ڪين ڇڏيندو سئين ڪاڪ تي.

69- ڪين ڇڏيندوسئين ڪاڪ تي، تاب رکيئين توڙا

سيگهئون سنجايا اُٿي، گهوٽ پنهنجا گهوڙا

مينڌرو مڙدن اڳيان، هليو ڳاڙيندي ڳوڙها

قادر وجهج ڪينڪي، والي وڇوڙا

پر مور نه ڪنهن موڙيا، حڪم حاڪمن جا.

70- حڪم جي حاڪمن جا، آهن ڏاڍا زور زنجير

راڻو پنهنجي قلب ۾، ٿو گهڻو پُونجي پير

سوال ڪيائين سومري کي، هيڏيون ڪر نه همير

چئي: ماٺ ڪري ويهه مينڌرا، جهلي وات وزير

ڪيڏي ڪئي ڪاڪ تي، تو هندو! ساڻ همير

خوش پيتا اٿئي کير، مومل جي مينهن جا.

71- مومل جي مينهن جا، پيتئي کير کٽا

پس ڍڳيءَ پهريات جا، آيا وير وٽا

حاڪم جي حڪم ۾، ٿي راڻي قيد ڪٽيا

جيڪي فراقن ڦٽيا، سي تون قادر ڪڍج قيد مان.

72- قادر ڪڍي قيد مان، ڪيو سوڍو سوڀارو

حاضر رهج همير وٽ، تون ڏينهن سڄو سارو

اندر تنهن عاشق جو، ڪڙهي ٿيو ڪارو

حاڪم جي حڪم ، هو وس نه ويچارو

ورق ۾ ويسارو، هو ڪامل ڪنڍو ڪاڪ جو.

73- ڪامل ڪنڍو ڪاڪ جو، جنهن کي سک نه ساري رات

وڙڪندي آيو وڳ ۾، جت پڇايس ذات

ڪير آهين، ڪيڏهن وڃين ڀُٽو رلين رات

جت! مون کي جيڏاڻ ڏي، هيڪر ڪر حيات

ڪو وهٽ ڏيارينم وڳ مان، آءٌ ڪاهي ڏسان ڪاڪ

پرهه ڦٽي پرڀاٽ، وري به اچي ٿيان حاضر وٽ همير جي.

74- جي ٿئين حاضر همير جي، سوڍا ڪر نه سچي

کٻڙيون جي کيٽن جون، ڀلي پيرون پون پچي

هي به وڙڪيو جهلي واسِرا، چري نه اُٺِ اچي

اَسر مهل اُٿي ڏسان، مٿي ليٽ لُچي

جنهن چندن وڻ چڪاسيو، کنيئين ماه مچي

بنان ڪاڪ ڪچي، ٻي ناهي ميندي ملڪ ۾.

75- ناهي ميندي ملڪ ۾، نه ڪي چندن چاءَ

اُٺِ انهي انصاف سين، سوڍا نندءِ سا

ڪَرهيءَ بنان ڪري قافلا، ٻي ڪاڪ ڏيکاريندءِ ڪا

چڙهي ويٺو چانگيءَ تي، تنهن ڏيکاريس سا

سَوَن ڪوهن جا قافلا، هن هڪ ڪلاڪ منجهه ڪيا

لنگهي دانَهه در تان آيو محل مٿا

مومل کي ماڙيءَ تي، هئي نيڻين ننڊ نه ڪا هئي

وٺي پاسو پلنگ جو، آيو مير مٿان

سڀئي لُڙ لٿا، جڏهن آيو ڪامل ڪاڪ تي.

76- آيو ڪامل ڪاڪ تي، سوڍيءَ لاءِ سهاڳ

موٽي آيو مينڌرو، وٺا مومل ماڳ

شوق منجهان شادي چئي، لٿا ڏيهه ڏهاڳ

لايو عشق اجهاڳ، موٽيو وڃي مينڌرو.


[1] . هنن بيتن جو مدار، ٿرپارڪر ضلعي مان عبدالحڪيم پلي (تعلقو عمرڪوٽ)، ۽ ضلعي سانگهڙ مان محمد هاشم ولد مارو مري شير علي پٽ اسماعيل پٽ شادي مري ۽ حاجي محمد علي پٽ رحيمداد خان مري، ويٺل ڪنڊير(تعلقو کپرو) جي روايتن تي آهي. مکيه روايت شيرعلي جي آهي جيڪا سربستي ملي آهي.

شادي مري، ويٺل ڳوٺ پلنگهو، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ، وڏي بيماري (1919ع) ۾ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

[2] . ٻي پڙهڻي: راجا ڀوڄ راو هئو. الخ

 

[3] . ر، تاڙ لڳم تازي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org