سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :16

- مومل! سامي مون سوَ ڏٺا، ههڙو ڪونه ٻيو

مومل مومل ٿو ڪري، ويراڳي ويهيو

جوڳي منهنجي جيءَ ۾ اندر روح رهيو

اٿم اعتبار اِهيو، ته سامي ورن آهي سون جي.

19- سامي ورن سون جو، جيئن اُڀري چوڏهينءَ چنڊ اوهاءِ

هڻي هٿ اُٿي وئي، مومل محل سنبهاءِ

اهي پار، پانڌي چئي، مون کي دل ۾ درس لڳا

قسمت آندم ڪاپڙي، منهنجو سامي سيتل راءِ

بيٺ ٻڌائين بگريون، مورئون منهنجي لاءِ

هار تنهن کي هزارين ڏيان سر صدقو ساهه

هاڻي سومل ڪر سماءِ، ڪنهن پر ڏسون ڪاپڙي.

20- سومل سمجهائي، ٻاهر ٻانهي موڪلي

انهي تنهن فقير سان اسان جي آلاڪو آهي

وٺي اچينس وقوف سان لوڪان لڪائي

جيڪو ٿو سامي سڏائي، سوراءِ وٺي آءُ روبڪار.

21- راءِ وٺي آر رُوبڪار، وير انهيءَ ويرا

دائي تنهن درويش اڳيان ٿي ڀِريو ڏي ڀيرا

هل توکي مومل آڻايو، سامي موچارا

هو ته گجريون گلبندن جون، جيئن طرح مثل تارا

تنهنجي روز ڏسڻ ڪاڻ، هو ته ڍول! هڻن پيون ڍارا

پڇن ٿيون، پانڌي چئي، ڪانگ اُڏايو ڪارا

وير انهيءَ ويرا، گڏجي گوليءَ سان هليو.

22- راڻيون رانئي هليون، سيتل سڃاڻي

گيڙو ويس گودڙيون، لنگ به لاٿائين

مومل جي ماڙيءَ تي، اچي پَٽُون پهريائين

شيشا گل گلاب جا، عطر اوتيائين

مٺيون ڳالهيون مومل سان ويهي ڪيائين

ايهين ٿي چيائين، ”منهنجا اڄ غم لهي گوندر ويا“

23- غم لهي گوندر ويا، ٿيڙم ڏينهن ڏٺي

ستي هئي سيتل سان، مومل محل مٿي

کلندي هار کڻي ڏنئين، سُتي سيتل کي

هڪڙي خبرخاوند کي، ٻي توکي ۽ مونکي

ڪنهن سان ڳالهه ڪٿي، هاڻي نه ڪج هار جي.

24- مومل ٿِي هار ڏئي، هڏيءَ ساڻ هڏي

علم ۽ حلم جي ذات، ساميءَ وٽ سَڀي

جادو هن جوان کي، هر ڪنهن دل کسي

آدم، تنهن کي آدمي، ڏينهنڪ ڪونه ڏسي

اُها مومل ٿي سکي، جنهن کي سامي گُن سيکاريو.

25- هاڻي سيتل هليو سنبهي، سامي ستين ڏينهن

گيڙو ويس، گودڙيون، کنيا سامي پاڻ سيئن

موهي تنهن مومل کي، ويو نهوڙي نيهن

ساريو ويٺي سڏ ڪريان، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن

ڪڏهن ايندو ڪاپڙي، هلي مون وٽ هيئن

ڏيئي اعتبار ائين، سامي وڃي سنبهيو.

26- سامي هليو سنبي، نينهن لائي نيهي

ڌاڳا ڌوئي هليو، وير ڪنهن ويهي

ات اعتبار اچڻ جا، ورتا مومل مڙيئي

هار کڻي هيئي، سامي سنبهي هليو.

27- سامي سنبهي هليو، دل جهي داناءُ

وَسئون وهندس ڪينڪي، ڄاڻي هڪ الله

انهيءَ تون انجام تي، مومل ڪج سماءُ

وير ڏيئي ويساهه، سامي سنبهي هليو.

28- سامي سنبهي هليو، ٿي مومل موڪلائي

رهه اسان وٽ راتڙي، جا اڄوڪي آهي

پوري ڳالهه، پانڌي چئي، وڃي ساميءَ سڻائي

مون وٽ منهن نائي، ڪڏهن ايندين ڪاپڙي!

29- قسمت وس ڪاپڙي، جي ايندم ايڏانهون

مومل! تنهنجي من سان، اٿم جيئري جاٽائون

پوريون ٿيندم، پانڌي چئي، روح جون رٿائون

ماڙيءَ مٿانئون، مومل! منهن ڏيکارجان.

30- ماڙيءَ مٿي منهنجا پرين، ڪنديس شمّ شعاع

پير ڀري پانڌي چئي، الله لڳ پيو آءُ

سئو ڀيرا صدقو ڪريان، سامي تو تان ساهه

توکان بنان ڀاءُ، ڪُل ڀانيان ٿي ڪاپڙي.

31- راجا سان رلمل ٿي، سڀ سليو سومل

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، زومي کائي زحل

جو مڻيو ڏنو مانءِ مومل، سو هار وڃايئي هٿن سان.

32- سامي سنبهي هليو، کئون مومل موڪلائي

اها ڳالهه به راجا نند کي، ڪنهن وڃي چئي چتائي

ته مون جو مومل توکي ڏنو، هار هڏيءَ پائي

سو ڪامڻ منهنجي ڪم جو، ڏي مڻيو موٽائي

ڪالهه به ڪوٺائي، جيڪو راجا ڏيئي ويئي رکڻو.

33- راجا ڏيئي ويئي رکڻو، منهن برابر مون ڏي آهي

پر ڪنٺا، ڪِستيون، ڪيوٽيون، آيو لنگ بنديون لاهي

نانگ بند هئا نانگي کي، آيون آلفيون اوڍائي

گيڙو ويس گودڙي، آيو سامي سڏائي

ڏسيو تنهن فقير کي، مون کي ٿو خوف وڏو کائي

صدقو تنهن سر جو، ڏنم گهورون گهمائي

اها خبر راجا نند کي، ٿي چيو سڻائي

جيو ڏنو مون لاهي سو ڪُرڪج ڪيم ته قبول پئي.

34- چئي: ڪُرڪان ڪيئن ته قبول پئي، جو ڏنئي  هُونهِين ڏاتار

ٿيئن پٽائڻ پيءَ جي، سڙيئن سڀ ڄمار

هار گمايو هٿن سان، هاڻ ٿي طرح بتائين تار

ڪيئي ڪروڙيون لکها، انهي هڏيءَ ۾ هزار

ٽڪا راجا نند جا، تو گمايا گينوار

هاڻي سڪندينءَ سڀ ڄمار، ساريندينءَ سهاڳ کي.

35- سارينديس سهاڳ کي، منهنجو حال سڻج هيءُ

قضا ڪم ڪري وڌو، هار هٿان مون هيءُ

پڇي ڏس، پانڌي چئي، رکي مور نه ريءَ

پاڻ مَ لوڌج پيءُ، مون کي ماڻهو ڏيندا ميهڻا.

36- ماڻهن جي مهڻن جو، توکي هئي! حيا نه پئي

ڪامڻ رکيئي ڪانه ڪا، پيءَ جي ڳالهه پتي

اسان ۽ تنهنجون ڳالهيون، هاڻي ڪندا ڪي

صبوح سڀ سڏي، سومل به سوريءَ چاڙهيندس.

37- سومل جي سوري چاڙهئي مان، توکي کوندو ڪيئن خدا؟

مومل جي مارئي مان، وري ورندئي ڇا؟

اڳيان سرڪار صاحب جي، جتي پڇاڻو پڇندا

اتي ته نه هلندا، دنيا دولت پاڻ سان.

38- چئي: دنيا دولت مونکي پانهنجي، نڪا مون ٻئي جي چورائي

مومل سومل ٿيون ڪنئي، در مٿي دائي

کڻي پير پدمڻي، هلي جا آئي

مومل پنهنجي منهن تي، سرتين سمجهائي

هار گُمايو هٿ سان، هاڻ ٿي موٽائين مائي!

سومل ڳالهه سچي ڪري، سڀڪنهن سڻائي

بابا، ڪالهه هتي جو ڪاپڙي آيو الاهي

کلندي هار کڻي ويو، ٿيو رند وٺي راهي

اها خبر راجا نند کي، وڃي ڪنهن سڏي سڻائي

پوءِ لوڌي لڏائي، مومل پنهنجي ماڳ مان.

39- ڪامڻ کنيا ڪرڙ جا، پهه ٻڌي پوڻيون

مومل کنيو پاڻ سان، ڀينر سڀ ڀيڙيون

پرچڻ جو، پانڌي چئي، هن موٽايون ميڙون

ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪيڙيون، وڃي لُڊاڻي لهي پيون.

40- لُڊاڻي پاس لهي پيون، هِرڪي پَسي هير

مومل ميڙون موڪليون، واري وِير وزير

آيا راجا نند جي، دران دَر فقير

مدايون مومل کي، تاب ڦٽا ڪر تقصي

اهي خطائون خانن کان، پيون اصل ٿين امير

ڪر مٺيون ڳالهيون مير، پرچڻ جون، پانڌي چئي.

41- پرچڻ جون، پانڌي چئي، هن کي ڏنو جوان جواب

مومل مُئي! ماٺ ٿي، کري ٿي آهين خراب

مدائي جو مائٽن سان، تو وِڌو وير اَجهاڳ

وڃي ٿي ورهين کي، کريس ڏسيو خواب

تون آهين مارڻ حق حساب، پر پاپ پرائيندس ڪينڪي.

42- پاپن کان ، پانڌي چئي، هن ڌيءَ تڙي ڪئي ڌار

مومل محل اڏايا، چورنگي چوڌار

گام بنائين گجريون، ٻاهر ڪوٽ ڪنار

مومل جي ماڙيءَ کي، هئا جڙاءِ لعل جنهوار

هيٺان ڦير ڦُلن جي، مٿان گلن جي گلزار

سونهن سورج گل جان، جيئن جاين گل جنسار

ليمن ۽ لوهيڙن جي، ڦلن ڦور ڦلهار

انبن ۽ انجيرن جي، آهي بادامن بهار

توت صوف ڪيوڙا، آنچون آهن انبار

ڳورين ٿي ڳهڻا ڪيا، هس پايو ات هار

ٻيٽيون راجا نند جون، ٿيون ڌوڌو ڪن ديدار

ڪنواريون ڪاڪ تڙن تي، سوڍيون ڪن سينگار

تن جي هاڪ سڻيو هيڪار، ڪئين وڃن ٿا ڪاپڙي.

43- ڪئين وڃن ٿا ڪاپڙي، مومل در سوالي

کٽ وڇايائين کريب جي، کوهه مٿي خالي

هئا اڪابر عقالي، پر ڪاڪ نه پهتا ڪاپڙي.

44- ڪاڪ نه پهتا ڪاپڙي، مومل وٽ مٿير

شڪل بنائي شينهن جان، دُرس بنائي ديوَ

ڪاغذ، ڪائي، ڪَل جا، رنگ بنائي ريب

سائو درياءِ سمنڊ بنائي، جتي لهريون کائن ليٽ

شير بنائي شرفتا، واسينگ نانگ ولهيٽ

ڪيئي وڃن ڪيترا، سڻيو دانهن دلير

ناتر اڳيان نٽ جا، ڦند ٻڌا ها ڦير

ڏوران ڏسي وَهليا، وِير اتي تنهن وير

مومل مڙئي مٿير، ڪاڪ کپائيا ڪاپڙي

45- ڪاڪ کپايا ڪاپڙي، جي هئا اڪابر آري

چڙهيا چارئي ڄڻا، سوڍا شڪار

ويٺل عمرڪوٽ جا، آهن سدا مند ساري

ڪامڻ ڪنين سڻائون، مومل موچاري

هڪ ڌماچاڻي سينهڙو، ٻيو ڏونئر ڀٽاڻي

هلي در همير سومري جي، اچي ڄاڻ ڪيو ڄاڻي

ته مومل هلي ماڻين، جيڪا مُلَڪ ۾ مشر آهي.

46- ملڪن ۾ مشر آهي، ڪل بنائي ڪائو

سڻي ڳالهيون سومري، ٿي ورنهه ويڃايو

راڻو ڀي تن روبرو، ات سوڍو سڏايو

خان خزانا خوشيءَ مان، هڪ کڻو ٻيو کائو

هلو مون سان ميڙ ٿي، هلي ڏينهڪ ڏيکاريو

جڏهن روح لڳن رايو، تڏهن ڪيائيون حُب هلڻ جي.

47- ڪيائون حب هلڻ جي، اُتي مومل من پچار

سونين سازين سهڻا گهوڙا گهوٽ ٿيا هسوار

پٽون ريشم پَٽ جون، مٿن هئا موچار

ميناڪاري مُٺ سان، هر ڪنهن سان هٿيار

روجهه ڏٺائون رڻ ۾، جتي سوڍي ڪي صلاح

هلندي همير سومري قهري ڪان بڇيا

گهوڙا ۽ گهوٽيا، رات رهي پيا ريل ۾

48- رات رهي پيا ريل ۾، جتي روجهه به ماريائون

ٻَريا شم شعاع ٿيا، شيخون پڪائون

ماس پچائيندي مينڌرو، سوڍو سڏيائون

پاڻي نه هئن پاڻ سان سنجهي ساريائون

اوڇڻ اوڍيائون، لاهي سنج سمهي رهيا.

49- لاهي سنج سمهي رهيا، جا رات ٽڪيائي هئا

اُتر پاسي اوچتو، اُڀري ٿيو اوهاءِ

تنهن کان سڏ ڪري سوڍي، ڍول پڇيو آهه

ڪٿي ويٺو آهين، تون مونکي نالو نيڪ! ٻڌاٰءِ

سامي سهڻا ڪپڙا، تو ڪهڙي روپ رتاءِ

متان آهين ڪڪوريل ڪاڪ جو، جيڪا ڪاڪ سُڄي ٿي ڪا

مونکي سڄي ڳالهه سڻاءِ، ڏي حقيقت حال جي.

50- حقيقت سُڻي منهنجي حال جي، ٿيندين ساهه سڌير

پيارينِ پانڌي چئي، اڳيان ڪاڪ ڪَبير

چئي: ويٺل جيسلمير جو اصل آهيان امير

قسمت ڪيو آن ڪاپڙي، نه ته چوي ڪير فقير

ڇڏيو ملڪ ملير، تن ويڌن کان وريو وڃان.

51- ويڌن کان وريو وڃان، گفت ڪر يگوئي

سامي ساندارِي ڪڇَ ۾ اصل کان اوئي

تنهن کان مير مينڌري وير پڇيو ويهي

ذات سڻائج پانهنجي، هجي جيهي سا تيهي

مومل جي ڪاڪ ۾ تو ڪل ڏٺي ڪيهي

سوڍي سان سچي ڪري، راوَ ڏنو روئي

مون مان مڙد مقيم هئا، صوبا سڀئي

مومل منهنجا مارائي ڇڏيا، ناتر ڪُل نيئي

سڀ مارايا سنگي، منهنجا مومل مڙيئي

ڳالهه ڪريان ڪيهي، جيڪا ويئي منهنجي وس کان

52 - ويئي تنهنجي وس کان، سا ورنهه! ڳالهه وسار

سامي سُترڪي سوڻ لاءِ، مونکي پاڻي پيار

ويهه ته ڪريون ڳالهڙيون، گهڙي مون وٽ گهار

مونکي منهن ڏيکار، سامي! ساعت هڪڙي.

53- سامي سانداري ڪڇ ۾، پاڻي پاتائين

وٽو ڀري وير کي سوڍو سڏيائين

ڪَڪو پاڻي ڪاڪ جو ڏُوران ڏٺائين

ائين چيائين، تو مونکي راڻو ڏسي ريب ڪيو.

54- هي ڪَڪو پاڻي ڪاڪ جو، تون راڻا! ڀانءِ مَ ريب

انهيءَ پاڻيءَ ۾، پانڌي چئي، ڪونهي کيب کريب

مومل جو مير مينڌرا جي هلي ڏسين ظاهر زيب

مٿي کٽ کريب، ٿي ڪاڪ بنائي ڪامڻي.

55- ڪاڪ بنائي ڪامڻي، ٿي بنائي پازار

وڌئين کٽ کريب جي، ٻي ڪرت نه ڄاڻي ڪار

هل سامي! ور پوئتي، هلي مومل مُنهن ڏيکار

جيڪا ملڪ سڄي ۾ مشر آهي، نام وڏي سان نار

اٿم توسان قول قرار، منهنجو مومل سان مقابلو.

56- چئي: مومل سان مينڌرا! ڪنهن جي چلي ڪانه

سوڍا! ڳالهه سلوڪ جي تون ويهي سڻ وريام

لشڪر ڪروڙيون لک هئا مون سان جوڙ جوان

ميناڪاري مولهيا، ڏاڍي دور دمام

ڪالهه هئاسون ڪاڪ ۾، گڏ گجر جي گام

مومل، چئي مير مينڌرا! ماريا ٿي مزمان

اهڙي پارين، پانڌي چئي، منهنجي ڪاڪ چلي ٿي ڪانه

پوءِ ايڏي کان ارمان، موٽيو وڃان ٿو مينڌرا!

57- سچ ڳالهاءِ سامي! تون جُوٺو ٻول نه يار

موچاري مومل جا، پانهه! ڏي تون مونکي پار

جوڳي لڳ جبار، مونکي کُتا ڏس کڻي ڏي

58- وري وڃ نه پوئتي، توکي چڱيان ٿو چاهيان

هل سامي ور پوئتي، توکي هلي مومل پرڻايان

موڙ ٻڌائي مونگهٽا، تنهنجا چوڙنگ چٽايان

ميندي پاڻ هٿن سان توکي لاڳ هلي لايان

سهرا آڻي سونَ جا توکي ٻهڳڻ! ٻڌايان

جن تنهنجا گهاتو گهائيا، تن جون گوليون گهرايان

جا مشر آهي ملڪ ۾، سائي مومل پرڻايان

ڪوڙنه ڳالهايان، ٿي پوري ڳالهه، پنهور چئي.

59- پوري ڳالهه، پنهور چئي، تنهنجي اصل کان آهي

پر ڪيئن هلان ڪاڪ تي سامي سڏائي

ڪالهه انهيءَ ڪاڪ تان آيس وارو وڄائي

ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون، ڏينديون طعنن سان تائي

ته اجهو مومل ماڻڻ آئيو، جيڪو ڪالهه لنگهيو هتان ڪاهي

مرڻ چڱو مينڌرا، انهيءَ مومل کان آهي

لڊاڻي لاهي، منهنجا ڪل ماريائين ڪاپڙي.

60- ڪل ماريائين ڪاپڙي، تنهنجا سامي رات سُتي

ڏي پار، پانڌي چئي، مومل جا مونکي

آءُ وڃان اوڏهين، ڪاهيو ڪاڪ مٿي

هوءَ ڦُري ٿي فقيرن کي ڌتاريو ڌُتي

مومل جون مونکي، اچي خان سڻاءِ خبرون.

61- مومل سومل اٿئي مينڌرا، موچاريون محلن

دايون ٻايون ان جون، ٿيون حرفت ساڻ هلن

گهيڙ گهٽيون گهاپ گهڻا، جت واهڙ پس وهن

تيرهن طاق تلاءِ کي، سنديون بحر نمن

ڏسيو دئور درياءِ جا، ڪيئي دانهه پيا دهلن

سامهون وڃ مَ تن، راڻا راٺوڙين جي.

62- راڻا راٺوڙين جي، ڳالهه ڪريان ڪيهي

لشڪر ڪروڙيون لک هئا، مون سان مڙيئي

تنبو توشڪ پاڻ سان، هئم قناتون ڪيئي

ڪاهي آيس ڪاڪ تي، اچي وير رهيس ويهي

مومل مزماني ڪري، ناتر سان نيئي

سڀ ماريا سنگتي، منهنجا مومل مڙيئي

ڳالهه ڪريان ڪيهي، سوڍا! انهيءَ سور جي.

63- سوڍا انهيءَ سور جي، ڳالهه ڪريان ڪائي

لڳن پهه، پانڌي چئي، اٿن وات اها وائي

ڪاڪ پڇائي ڪاپڙين، چئني چتائي

ڪونج ڏٺائون ڪُنبتي، جيڪا اول کان آئي

تون ڪاڪ ڌڃاڻي ڪوٽ جي، تون ٻانهي ڪِي ٻائي؟

چئي: ڪاڪ ڌڃاڻي ڪوٽ جي، اُتي آهي ٻائي

آءٌ تن جي در جي، دانَهه آهيان دائي

سڄي سڀڪا ئي، سُڻ سڻايئين ڳالهڙي

64- گهڙو کڻي گهيڙ تي، اچي ڌوتائين دلو

تنهن کان همير سومري، پر ۾ ايئن پڇيو

ته مومل نالو تنهنجو، تون ڪوڙ ڪريين ٿي ڪو

پڇائي پانڌي چئي، اسان توڏي پنڌ ڪيو

پاڻي ڀرج پو، پهرين ڳالهه سڻاءِ ڳجهه جي.

65- ڳالهه سڻايئين ڳجهه جي، ڪهڙي وري ڪا

پاڻيءَ ۾، پانڌي چئي، تنهنجو وڃي ڇا؟

ڪير آهين ڪاڏي وڃي، نالو نانءُ ٻڌا

انهيءَ تَڙ مٿا، لوڌيو وڃي لال ٿيو.

66- لوڌي ڪڍن ڪاڪ مان، مسافر اڳي

ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو، تاري ڪونه تڳي

اٿو ڀيڻي منجهه ڀڳي، آن کي چڱائي ٿي چوان.

67- سورهه آهيان سومرو، نالو مون همير

ويٺل عمرڪوٽ جو، اصل کان امير

هليس حب تنهن جيءَ ۾، وٺي نال وزير

مومل ڏٺيم خواب ۾، جنهن لاءِ ڦري ٿيس فير

انهيءَ پر، پانڌي ڇئي، ٿيم دل دلگير

پت رکندين پير، تن ويدن جو ويڄ ٿي.

68- ويندن جو ويڄ ٿي، ڪر الله لڳ احسان

راڻو ٿو همير سان، ڪري بات بيان

ٻانهي ڏسي ٻَهتريين، مورک مَت اَڄاڻ

مومل سُڄي ٿي ماڙئين، جنهن جي ڪل پوي ٿي ڪانه

ٻاهر تنهن جون ٻانهيون، پاڻي ڀرين پاڻ

سامي سرت سڄاڻ، ناتر سڀ نمائيا

69- ناتر نانءُ ڌڻي جي، تون ٻانهي ڳالهه ٻڌيج

منهنجي پارئون مومل کي، هلي حال ڪريج

ڳجهه اندر جون ڳالهيون، سومل ساڻ سليج

وري ورندي ڏيج، ڪا موچاري مومل کي.

70- هلي لاهه همير! دائيءَ هٿ دلو

رهه همير سومرا، تنهنجو ڪندو شاهه ڀلو

گهوڙا گهوٽ جهليو، ترسي پَئو تلاءَ تي.

71- ترسي پيا تلاءِ تي، ڏسي باغ بهار

موچاري مومل جي، وڻين گويا ۽ گفتار

ٻانهي ٻاروتڻ جا، ڏئي وئي قول قرار

خان به خبرچار، ويهو ته آن کي وري ڏيان

72- ويهو ته آن کي وري ڏيان، حال سندو هنن

ٻانهي ڳالهه ٻڌي موٽي وئي محلن

سڻائي سومل کي، سڀئي پار سندن

کڻن راند کريب سان، ڪل نه ڪنهن سان ڪن

آهن مزمان مومل جا، ٿا سومرا سُڄن

مومل وائي وات ۾، اهائي اٿن

ٻانهي! وڃي چئين، سوڌيون سڻايو خبرون

73- مومل مومل ڪندي مينڌرا، هتان لکين لک ويا

اهي ڪاڪ نه پهتا ڪاپڙي، سي رئندا رت ويا

هل ته ڏيکاريئين، حاجي پانڌي چئي، تن جا پڊ پيا

ري مومل مايا، ٻئي ڪنهن وٽ اڇي ڪانه ڪا.

74- ڇا مومل، ڇا ماس، ڇا وس آهي واڃاڻي جو

هو ڦُري ٿي فقيرن کي ٻڌيو لَر لباس

هت به ٿيندو، حاجي پانڌي چئي، اڳيان حق تپاس

پر تون به ناتر ٿيندينءَ ناس، جو تو آهن کاڻي! کوه بنايا.

75- چئي راڻا! ڪهڙو آهي وس ٻانهيءَ جو، جا هئي بندي حڪمن

توکي مير مينڌرا چوريو ڪن چَرين

هڪ مومل، ٻي سومل، ٽي سهجان ڀيڻ سندين

حرڪت حاجي پانڌي چئي، مور تنين جي من

مومل جي ڪاڪ تي ٿا لکين لک اچن

گهوڙا تن گهوٽن جا، هئا نقرا تن نيڪن

سرخا، سنجاف، سمند هئا، هن جا بادامان ڀڙڪن

بور، بودليا، بينسريا، تن جا ڪاڇي ڪوڏ ڪڏن

ڪارا ڪٺ ڪميت هئا هئا، جڙيا جنجيرن

ڳڻي ڳڻيندون ڪيترا، تن جا چينا لک چون

سونا تخت صاحبيون هيري هنڌ سندن

مينڌرا! مون من، مون کان وير وسرن ٿا ڪينڪي.

76- (ناتر چَيُّن ناز مان) ته ٿي راءُ سڏي راڻي

هو ڪندو عرض الله کي، ڏونئر به ڏينهاڻي

مومل مونکي ميلين، هادي! تون هاڻي

گڏجي گوليءَ سان هليو، پٺيان لڳي پاڻهي

ڪڙڪا سُئائين ”ڪين“ جا، جتي هئي مومل محلاڻي

مومل مزماني، ويئي ويچاري وسري.

77- ويئي ويچاري وسري، سنگت ساريائين

ڏکويو ڏُسڪي گهڻو، هنجهون هاريائين

سوڙهيون گهٽيون سَوَ ٿيس، هاڻي وڃي ڪيڏاهين

ڳوڙها ڳاڙيائين، هن جو جهڄي من جهيڻو ٿيو.

78- جهڄي من جهيڻو ٿيو، رکيس پاڻ الله

ناتر نيزو هٿ ڪيو، آئِي ٿي اڃان

آئي ٿي اوطاق تي ناز ڪيو نٽ تان

هلي اوهان مان هڪڙو مير هتان مون سان

ڌُئل ڌماچو اٿيو ته”اول هلان ٿو آن“

لُنگي لال لڱن ۾ اچي پهريائين پٽ تان

پاتائين پانڌي چئي، جهاڙولا جهٽ تان

مومل رايو روح ۾ آهي ڪو اسان ڏانهن

پاڻ هليو پُّٺ تان، ٻانهي هلي مهند ۾.

79- ٻانهي هلي مهند ۾، هن پوئتان پير کنيا

دهشت ڏسي ديهه جي ڪڙڪا ”ڪِين“ ڪيا

ٿوري هوش هٿ هڻي سينهڙي سڏ ڪيا

واهر ٿج وڏا پِير! مون تي آفت آئي آهه

پئي ماڪ مٿانءَ، ڍونگر رات ڍري پيا.

80- ڍونگر رات ڍري پيا، ڪاڪ مٿي ڪاريون

کلندو آيو کِينَدو سٻيول سوپاريون

پايو پاڳ مٿي ۾ آيو لال لنگي ڍاريون

هاڻي خبرون ۽ چارون، مير! پهرين سڻاءِ پانهنجون.

81- پهرين سڻايئين پانهنجون، حاجي چئي هرڪا

مومل مون لاءِ مينڌرا! بيٺي پاتا لياڪا

پيئي ملڪ مجاز جي ڪاڪ مٿيئي ڪالهه

ڪُل پُسايم ڪپڙا جهڳ ۾ جهاڙو لا

مومل من مٿان، مونکي ويل نٿي وسري گهڻو.

82- مومل جا مُنهن تي تورڳا ڪوڙ ڪيا

نڪو ڪڪر آڀ ۾ نڪا ماڪ مٿان

ڌماچاڻي سينهڙا تو موجا مُٽِ ڀَريا

دَهليُون در مٿان، توکي شر شَراپيو

83- مونکي شر شراپيو، پاڻ ٻڌي ٻيهر

اَٺ ڄڻيون اڳئي آهن، نائين آهن ناتر

تنهن به ٿي سوڍا سوڍا ڪيو سڏ ڪيا دائي مٿي در

تون به گهوٽ هلندُون گهر، توکي به ڪنوارن ڪاڪ ڪوٺائيو.

84- ڪنوارن ڪاڪ ڪوٺايو، توڪي سوڍا سڏ سُئا

مٿس پوتا پٽ جا راڻي ريشم جا

سائي سال ڪلهن ۾ آهيس هٿڪٽاري ڪا

کنيائين خوشيءَ مان سوپاريون سوئڙا

هاڻ الله آس اها، منهنجي پوري ڪج، پانڌي چئي.

86- پرديسين جي، پانڌي چئي، مٿي تو ميار

ٻانهي هلي مهند ۾ جنهن پوئتان پير کنيا

پر مائي ڊني مارکان، جنهن ڪيون ڳالهيون لک هزار

ته راڻا اڳيان ريب جا، اٿئي شر شمار

ڪوڙا ديوَ اٿئي ڪاغذ جا، اٿئي بيحد بيشمار

سوني کٽ کِريب جي، نئينءَ سان نهوار

ڌُوج مَ ويهج ڌار، ريءَ مومل کان مينڌرا.

87- منجهه گهڙي ويو مينڌرو، جت هو پريءَ جو پرلاءُ

سوڍي  اُتي سوپاري هنئي، جتي ڪائي ڪيو ڪڙڪاءِ

اندر مرگهه ملوڪ هئي، جنهن جي صورت ڪيو سهاءِ

ماڻهن ليکي کنوڻ هئي، پر هو پريءَ جو پرلاءِ

هاڻي ساراهيان الله، مثل ماڻهوءَ جهڙي.

88- مثل ماڻهوءَ جهڙي، آهي ڪونج ڪنول

ست ڀينرون سومل جون اهڙيءَ سان اٽڪل

راڻو منجهن ريب- وندو هندوءَ ۾ حرڪت

گڏ گهميو گام سان، ٻانهيءَ سان ٻيهر

سوڍي سا سَٽي وڌي، دائي مٿي در

تنهن کي چيئين چوري چڙهندو آهيان لک ڇڏيو لشڪر

گهوڙن ۽ گهوٽن جي ڊڄ ڊيڄاري ڊپ

گهيڙ لتاڙي گهٽيون اڳيان ڪوڙي اٿئي ڪل

منجهه گهڙي ويو مينڌرو، ٻاڻ ٻڌي ٻيهر

راڻيون رانئينِ تنهن کي اوتيو تيل عطر

هو پرتا هئا، پانڌي چئي، اهڙي سان اٽڪل

ڪالهه ڦيرائي ڪل، راڻو ڪاڪ رڱي ويو.

89- راڻو ڪاڪ رڱي ويو، ڪاڪ مٿي ئي ڪالهه

جنهن جون خلق کاڌيون کارڪون، ڇنڇر ڏينهن آچار

هن جو بخت بلند هو، ٻئي جي ناهه مجال

کڻو هٿ الله ڏي، يارو! سڀئي ڪريو سوال

ڀلي ڪيا آهن ڀال، الله تن عاشقن تي.

90- الله عاشق جا، سڏ سڻين مردن

تيرهون سنه لنگهي ويو، چوڏهون سنه چون

مردن کڻي ماٺ ڪئي، اچ ٿيون رنون راڄ ٻڌن

اَوک اشرافن رکيو، ٿا ڀاڙي پڳ ٻڌن

ڀاڙي پارين پڌرا، ٿا سِرجيو سنگ ڪڍن

مڙد تن مڙدن وٽ اڳئي هليو پيا اچن

سئو رپئي تي به سينڌ نه مٽجي چڱا ائين چون

دنيا منهن ڪافر جو، ڪُوڙي ڪَٽيلن

سخي حضرت شاهه جي منجهان گنج گهرن

ڳالهيون پيون ڳائجن، هر ڪنهن جون، حاجي پانڌي چئي.

91- هر ڪنهن جون، حاجي پانڌي چئي، پرور پت رهاءِ

يار سڏينئي مينڌرا ٻاهر تنهنجي لاءِ

هلڻ ۽ هِت وهڻ جي اسان کي خبر خان سڻاءِ

اسين تنهنجي لاءِ، هت ويٺا آهيون، حاجي چئي.

92- هت ويٺا آهيون، حاجي چئي، اسين تنهنجي لاءِ

ڪنوارن ٿي ڪاڪ ۾ ڪيا راڻي سان رهلا

لڏن ٿيون لُڊاڻي ۾ ڳوريون ڪيو ڳهلا

سوڍي جي سببان، عطر اُن اوتيو

93- عطر ان اوتائيو، طرح مکيائونس تيل

تن جا هُل، حاجي پانڌي چئيم، سُڄن ٿا سويل

وسارِي تنهن ويل، سوڍي سنگت پانهنجي

94- سوڍا سنگت پانهنجي، وير مَ تون وسار

تون منهنجو ولهو آهين، آن تنهنجي ڪنوار

هيڪر همير سومرو اچي ڏوران مون ڏيکار

ڍاري راند رهاءِ، سوڍا! ساعت هڪڙي.

95- سوڍو ستين ڏينهن آيو، هلي وٽ همير

لکيو پاران رب جي، هئي طرفان اها تقصير

هل، توکي مومل آڻايو، سومرا سڌير

مينهن ڏهڻ جي لاءِ کير، آيس راڻو ريب ڪري.

96- نڪي مُنهن ميهار جو، نڪي آهي ڌراڙ

نڪي ڄاڻي ميهُنِ مان، نڪي آهي سنگهار

پروڙيم پانڌي چئي، آهي سومرو سردار

نالو هن جو همير آهي، ملڪ ڌڻي مختيار

منهنجو ٿئي ڀاءُ، تو راڻا هن سان رڻ ڪيو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org