سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :4

 

ٽينءَ رات بھ ناتر لڏندي لمندي، اچي يارن وٽ حاضر ٿي، ۽ ٺٺولي ڪري، ھمير سومري کي چيائين، قبلا! اوھان جو وزير تھ اوھان کان بھ ليڪو لنگھي ويو. ڀلا، جن کاڌا پلن جا پيٽيارا، تن جا ھينئڙا ويچارا! اھڙن سڌڙين کي سنھڻين جي پچار ئي نھ ڪرڻ گھرجي. ھن طعني سنھڙي کي تمام ڪري ڇڏيو، سو ڪمر ڪشي، اڇانگ ماري اٿي کڙو ٿيو. اڃا باغ جي ٻاھران ئي ھو تھ ھيبتناڪ آوازن جو پڙاڏو ڪن تي پيس. ٻڌندي ئي، ڦڦڙي وٺي ويس، سو ڪن لوساٽي، ساڳيا، پير ڪري، پٺتي موٽيو. يارن جي ھھڙي بزدلي ڏسي، راڻي کي جوش اچي ويو، ۽ پرن ڪيائين تھ جيسين پنھنجي مراد حاصل نھ ڪندس، تيسين پوئتي نھ ورندس.

چوٿينءَ رات، ناتر وري اچي پرگھٽ ٿي، ۽ نڪ کي موڙو ڏيئي، منھن ۾ گھنڊ  وجھي، وڏي واڪي چيائين، ڏٺوسين، اوھان جھڙن ڪانئرن بھ راڄڪمارريون ماڻيون! اھي مڙساڻا ڪپڙا لاھي، کڻي زنانو ويس ڍڪيو! ھيءَ سھم سڻي، راڻي کي ننھن کان چوٽيءَ تائين باھھ وٺي وئي، سو ھڪدم سھي سنڀري، زرھھ ڍڪي، سمنڊ گھوڙي تي سوار ٿي، ناتر کي اڳيان ڪري، مومل جي محلات ڏي ڌوڪيندو ويو. جڏھن پيچري جي منھن وٽ پھتو، تڏھن ناتر دستور موجب گوھي ڏيڻ جي ڪئي، پر راڻو ھوش سنڀالي، گھوڙي کي اڙري ھنئي وڃي مٿانئس ڪڙڪيو، ۽ کيس چوٽيءَ کان جھلي محلات جو گس ورتائين. جيئن وڌندو پئي ويو، تيئن طلسمي ڪلن ۽ جانورن جي ڌمچر سندس ڪن کڻي وڌا، پر ھن دلير جي دل ھرگز نھ دھلي. جڏھن پيچري جي پڇڙيءَ وٽ پھتا، تڏھن ناتر وجھھ وٺي، کڻي گھوڙي کي ٿيلھو ڏنو، جنھن ڪري راڻو باھڙجي ڪري پيو، ۽ پوءِ پاڻ اونداھيءَ ۾ کسڪي، الوپ تي ويئي. راڻو ستت ئي پاڻ سنڀالي، پيرين ڀر ٿيو. ڏسي تھ محلات جي اڳيان ھڪ خوفناڪ چشمو ڪن پيو ماري ۽ ڇوليون پيو ڏئي. پھريائين سو البت گھٻرائجي ويو، پر پلڪ ۾ پروڙ پئجي ويس تھ ٻئي ساري ٽڪساٽ وانگر، ھيءُ چشمو بھ ھڪ جادوءَ جي کيڏ آھي. وري بھ آزمائڻ لاءِ کيسي مان ھڪ سوپاري ڪڍي، پاڻيءَ مٿان ڦٽي ڪيائين، جا ٻڏي وڃڻ بدران، تلاءَ تان ترڪندي وئي. ھاڻ تھ ھيڪاري پڪ ٿيس تھ ھي مڙيو ئي منڊ آھي، سو نڪا ڪيائين ھم نڪا تم، ويو اڳتي ڪاھيندو، ۽ سڌو وڃي محلات جي ڏيڍيءَ وٽ نڪتو. مومل، جنھن ماڙيءَ جي دريءَ کان راڻي جي سورھيائيءَ جو سارو رنگ ويٺي ڏٺو، تنھن ھڪدم پنھنجي ھڪ خاص ٻانھي سندس مرحبا لاءِ ھيٺ رواني ڪئي. ٻانھي کيس کيڪاري، ديوانخاني ۾ وٺي ويئي ۽ چيائينس تھ سائين! کٽولي تي ويھي، ڪجھھ وسرام ڪريو، تھ آءٌ سانئڻ کي ڄاڻ ڪري اچان. ست ساڳيا کٽولا ڏسي، راڻو شڪيو، ۽ خيال ڪيائين تھ مڃاڻ ھتي بھ ڪا رمز رکيل ھجي، سو وھڻ کان اڳ، ڪلھي مان ڪمان لاھي، ان جي گوشي سان ڀر واري کٽولي تي زور ڏنائين. ھن جو اڃان ائين ڪرڻ ۽ گديون غاليچا، جي مٿانئس وڇايل ھئا، سي ڌو وڃي ھيٺ پيا. جان نھاري، تھ ڏسي تھ کٽولي ھيٺ ھڪ اونھو اوڙاھھ لڳو پيو آھي، جنھن ۾ جيڪر ڪو بي نصيب ڪري پوي، تھ اندر کتل ڀالن ۽ بڙڇين تي لڳي، ھوند ڇيھون ڇپھون ٿي وڃي. پوءِ تھ ويو ھر ھڪ کٽولي کي آزمائيندو، تان جو صحيح کٽولو سڃاڻي، مٿس چڙھي، بالم ٿي ويھي رھيو.

ھاڻ جڏھن مومل ڏٺو تھ سندس کيڏن ۽  کيلن مان کٿو ئي ڪين، تڏھن لاچار ھڪ ٻانھيءَ ھٿان راڻي کي چوائي موڪليائين تھ مھرباني ڪري مٿي ھليا اچو. راڻو بھ سنيھو سڻي، سڌو آيو بالاخاني ۾، جتي ڏسي تھ ڪيتريون ئي ڪماريون، ھڪجيڏيون، ھڪ ورنيون، ھار سينگار ڪيو، سندس آجيان لاءِ صف ٻڌيو بيٺيون آھن. سڀني نئڙي، کيس نياز ڪيو. راڻو ھنن جي رونق پسي، حيران ٿي ويو، ۽ سماءُ ئي نھ پيو پئيس تھ منجھائن مومل ڪير آھي. انھيءَ ئي فڪر ۾ غلطان ھو، تھ اوچتو ھڪ ڀؤنر مومل جي وارن جي سرھاڻ تي ڀنبولجي، اچي مٿانئس ڀرڻ لڳو. راڻي يڪدم سھي ڪيو تھ مومل اھا ئي آھي. پوءِ اڳڀرو ٿي، مومل کي وڏيءَ اڪير سان ڪوڏ ڪرنشون ڪيائين. مومل، جنھن کي راڻي جي سياڻپ، سونھن ۽ سورھيائي اڳ ۾ ئي موھي وڌو ھو، سا ھينئر پاڻ جھلي نھ سگھي. حجاب جو پردو لاھي، لاڏ ماڻو ڇڏي، وڃي راڻي جي ڳر لڳي، ۽ مٺي آواز سان للڪاري چيائينس، اي سورھھ سپرين! تو مون کي رءِ لھڻو. ھاڻ آءٌ تنھنجي گولي ٿي گذارينديس. پوءِ تھ شادمانا ٿي ويا، ۽ ٻنھي پاڻ ۾ لائون لڌيون. ساري رات محبت ونڊيائون. صبح جو، راڻو مومل کان موڪلائي، پنھنجن يارن کي ملڻ لاءِ سنڀريو، پر مومل کيس ڇڏي ئي نھ. آخر جڏھن انجام اقرار ڪيائينس تھ آءٌ اجھو ٿو وران. تڏھن مس مس رخصت ڏنائينس.

راڻو سگھو ئي اچي سنگتين سان مليو، جن کي پنھنجيءَ ڪاميابيءَ جو سارو قصو ڪري ٻڌايائين. سندس خوش نصيبيءَ تي سڀني واھ واھھ ڪئي، ۽ کيس کيرون ڏنيون. جڏھن حال احوال وٺي، کل خوشي ڪري، واندا ٿيا، تڏھن ھمير سومري راڻي کي چيو، يار! اسان کي نھايت خوشي ٿي آھي، جو مومل جھڙيءَ من موھڻيءَ جو ھٿ نصيب ٿيو اٿئي. شال ھميشه توکي نيبھھ ھجي! پر منھنجي ڏاڍي آرزو آھي تھ ھڪواريءَ آءٌ بھ جيڪر سندس منھن ڏسان. راڻي وراڻي ڏني تھ قبلا! منھنجون تھ اکيون ٺرن، پر مومل اھڙي ڳالھھ نھ مڃيندي، جيڪڏھن ھروڀرو کيس ڏسڻ جي خواھش اٿو، تھ ويس بدلائي، مون سان ھمراھھ ٿي ھلو.

جيتوڻيڪ ھمير سومري کي ھيءَ ڳالھھ ڳري لڳي، تڏھن بھ ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي، لاچار ميھارڪو ويس ڪري، نما شام جو راڻي سان گڏجي، مومل جي محلات ڏي راھي ٿيو. مومل جا راڻي لاءِ اکيون پايو ويٺي ھئي، سا کيس وڏيءَ اڪنڊ ۽ اڪير سان ملي، ۽ ھمير ڏي نھاري پڇيائي تھ ھيءُ ڪير آھي؟ راڻي جواب ڏنو تھ ھيءُ منھنجو ماڻھو آھي. پر ھمير جي مھانڊي مان ئي مومل کي معلوم ٿيو تھ قصو ٻيءَ طرح آھي، سو کيس ٽارڻ لاءِ چيائين تھ مينھن تھ ڏھي وٺ. ھمير کي ڪسجي مسجي چيو مڃڻو پيو، سو ٿانءُ کڻي، ويٺو مينھن ڏھڻ. ھڪ تھ عمر ڀر اھڙو ڪم نھ ڪيو ھئائين، ٻيو تھ مينھن بھ ڪا ھئي ٿڻين ڏاڍي، سو چوئيندي چوئيندي ھٿن ۾ لڦون پئجي ويس. راڻو ۽ مومل کيس اتي ئي ڇڏي، پاڻ وڃي آرامي ٿيا. ھمير ويچارو، مصيبت جو ماريو، آخر مينھن ڏھي، پالھو ٿيو ۽ کير جو ٿانءُ نوڪرن کي ڏيئي، جڪ کائيندو ۽ راڻي کي دل ۾ گاريون ڏيندو، موٽي اچي ماڳ رسيو.

ھمير سومري کي اھڙيءَ جٺ تي ھيڪاري راڻي سان

بغض وڌيو، سو کيس سيکت ڏيڻ جون سٽون سٽڻ لڳو. اسر جو، راڻي کي قاصد ھٿان چوائي موڪليائين تھ تنھنجا ساٿي ساڻيھھ لاءِ سنڀري رھيا آھن، ۽ توکي پيا سارين. سگھو خبر ڪر تھ تون بھ ساٿ سان ھلندي يا ھت رھندين؟ جيڪڏھن ڍٽ ڏي ڪو نياپو نڙو ڏيڻو ھجيئي، تھ اسين حاضر آھيون. راڻي جواب موڪليو تھ ساڻيھھ کي منھنجا سئو سلامن جا ڏجو، مومل جي محبت ئي مون لاءِ بس آھي. ھاڻ منھنجو وطن ھيءُ آھي. راڻي جو ھيءُ رکو نياپو سڻي، مومل کي ڪھڪاءُ آيو، سو راڻي کي ليلائي چيائين تھ ھروڀرو يارن سان ڦٽائڻ نھ گھرجي. سھڻي صلاح تھ ھيءَ آھي جو ھيڪر وڃي کانئن موڪلائي توڪلائي اچ. مومل جي مت مڃي، راڻو يارن ڏي موڪلاڻيءَ لاءِ روانو ٿيو. اڃا وٽن پھتو ئي ڪين، تھ کيس چؤکنڀو ٻڌي، اٺ تي جڪڙي سڌو امرڪوٽ ڏي سٽيندا ويا. اتي پھچڻ بعد، ھمير سومري راڻي کي ترم ۾ ھنيو. ڳچ وقت نظربند رھيو، ۽ مومل جي وڇوڙي ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن گذاريائين. ھوڏانھن مومل پڻ راڻي لاءِ رات ڏينھن واجھائيندي رھي. آخر ڪن چئن چڱن جي چوڻ تي ھمير مڙيو، ۽ راڻي کي بند مان ڪڍيائين، پر انجام ورتائينس تھ وري مومل جو منھن بھ نھ ڏسندين.

پر راڻي کي مومل کان سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ پئي تڙڦندي آھي، تيئن راڻي جي دل بھ محبوب بنا بي قرار ھئي. اھڙا انجام ڪي عشق جي آڏو پئجي سگھن؟ ستت ئي ساڄي لھي، پنھنجي ڀلي اٺ تي چڙھي، لڪ چوريءَ ڪاڪ ڏي ڪاھي، وري وڃي پنھنجيءَ مومل سان مليو. اھڙيءَ طرح، جڏھن جڏھن وجھھ ملندو ھوس، تڏھن تڏھن وڃي مومل سان رھاڻيون ڪري، موٽي ماڳن تي پيو ايندو ھو.(6) انھيءَ قصي جي ڳچ وقت تائين ڪنھن کي بھ ڪل ڪانھ رھي. پر چوندا آھن تھ عشق ۽ مشڪ بھ ڪي ڪڏھن ڳجھا رھيا؟ آخر ڳالھھ ڦاٽي پئي.

ھڪ ڏينھن ڀينڀرڪي جو، جيئن راڻو ڪاڪ کان موٽي آيو ھو، ۽ اتي جي ڳاڙھي دز لڱن تان ڌوئي پئي لاٿائين، تيئن سندس گھرواريءَ جي نظر ڳاڙھي پاڻيءَ تي وڃي پئي. سس کي سڏي، پاڻي ڏيکاري چيائينس:

پيٽي پٽوءِ، پر گھر ھنڌڻيون ڪري، شيل شڪار،

ڪنين ويريين وڍئو، ڪنين ڏنيس، مار،

ڪيين جيين منجھھ ڪپار، رت ريلا ڪئو نڪري.

سسڻس رت جھڙو ڳاڙھو پاڻي ڏسي، ڊڄي وئي، سو سڌو ڊوڙي وئي ھمير سومري وٽ. ھمير سومري ھڪدم سھي ڪيو تھ اھو رنگ ڪاڪ جي مٽيءَ جو آھي، سو سمجھائين تھ راڻي واعدو ٽوڙي، وري مومل سان لھھ وچڙ رکي آھي. ڏاڍو ڏمر وٺي ويس، سو وري بھ کڻي ترنگ ۾ ھنيائينس، ۽ سندس اٺ کي پيرن ۾ ميخون ھڻائي، جڏو ڪري ڇڏيائين. راڻي کي بند ۾ ڏسي، ڀيڻس، جا ھمير جي گھر ۾ ھئي، تنھنجيءَ دل کي ڏاڍو صدمو پھتو، سو ڳچيءَ ۾ پاند پائي، مڙس کي منٿ ڪيائين تھ ڪيئن بھ ڪري ادي کي آزاد ڪر. ھمير پنھنجي پياريءَ زال جي مرضي رکي، ۽ راڻي کي معافي ڏنائين.

ھاڻ تھ راڻو کليو کلايو مومل وٽ وڃي ٿي سگھيو. پنھنجيءَ ڀٽاريءَ ڏاچيءَ کي ھلڻ کان ھلاک ڏسي، ڏاڍو ارمان ٿيس. آخر پنھنجي ميرجت کان معلوم ٿيس تھ ساڳيءَ ڏاچيءَ جو گؤنرو آھي، جو ماءُ کان بھ وک ۾ وترو آھي، ۽ ماءُ جي پٺيان ڪيترائي ڀيرا ڪاڪ گھمي آيو آھي. پوءِ ڏاڍيءَ خوشيءَ مان ڪنواٽ کي جھاٻا ۽ جھوڙا ٻڌي، ڇير پائي، سھائي سنڀرائي، مٿس سوار ٿي، مومل جي محلات ڏي رخ رکيائين، ۽ موج مان ميي کي ھونگاريندو، ھيءَ لات لوندو پئي ويو:

ھل ميان ڪر ھل! تھ پسان ماڙيون مومل جيون،

توکي چندن چاريان، طرح موچاريءَ ترھل

اسين ماڻيون مومل، تون نايو ناڪيليون چرين.

راڻي جي جدائيءَ ۾ مومل بيحال ٿي رھي ھئي، ۽ سم ئي ڪانھ ھيس تھ ھن کي وري ڪھڙن ويرين جھليو آھي. سندس ڳڻتيءَ ۾ ڳرندي سڙندي پئي وئي. رات ٿيندي ھئي، تھ ھيڪاري انتظاري ۽ بيقراري وڪوڙي ويندي ھيس، ۽ پنھنجي پرينءَ کانسواءِ پلڪ بھ آرام نھ ايندو ھوس. پاڻ کي پرڀائڻ لاءِ، پنھنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ سومل کي راڻي جو ويس پھرائي، پاڻ سان گڏ پلنگ تي سمھاريندي ھئي. قضا سان، جنھن رات راڻو سڪ ۽ سوز مان وري اچي سنديس ماڙيءَ ۾ پھتو، تنھن رات بھ دستور موجب ٻئي ڀينرون ٻک وجھيو، گھريءَ ننڊ ۾ غرق ھيون. ھيءُ منظر ڏسي، راڻي کي سخت غيرت آئي. پھريائين تھ ڀانيائين تھ ھڪڙو ئي ڌڪ ھڻي پورو ڪري ڇڏيانس، پر مومل جي سھڻي صورت ڏسي ھٿ چيو ئي نھ ڪريس. آخر سور پي، پنھنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيءَ طور رکي، پير پير ۾ ڪري، ماڙيءَ تان ھيٺ لھي، اٺ تي چڙھي، امرڪوٽ ڏي واپس موٽي ويو.

صبح جو، جان مومل جاڳي، تھ ڏسي تھ راڻي جو لڪڻ

سندس ڀر ۾ رکيو آھي. ھڪدم سھي ڪيائين تھ راڻو رات جو آيو ھو ۽ کيس ٻئي ماڻھوءَ سان گڏ ستل سمجھي، رسي پوئتي ويو آھي. پوءِ تھ ڏانھس قاصدن پٺيان قاصد روانا ڪيائين ۽ گھڻا ئي ڪانگ اڏايائين، پر ھو باز نھ آيو. ھاڻ مومل کي جيئڻ جنجال ٿي آيو. منھن جو رنگ ئي اٻاٽجي ويو، ويس وڳا سڀ وسري ويس، ھنڌ ۽ حجرا کائڻ پئي آيس. رات ڏانھن روڄ ۽ راڙو پئي ڪيائين. راڻي کي پلپل ساري، نت نت سندس واٽ پئي نھاريائين. اھا ئي اميد ھيس تھ ڪنھن ڏينھن راڻو راضي ٿي، واڳ واري، وٽس ايندو. پر راڻو وڃڻ کي ويو، وري نھ وريو. ھاڻ مومل کان وڌيڪ اوسيئڙو سٺو نھ ٿيو، سو وڻجارڪو ويس ڍڪي، ڪاڪ ڪڙي ڪري، امرڪوٽ ۾ اچي نڪتي. اتي راڻي جي محلات سامھون ھڪ عاليشان ماڙي کڻي اڏايائين.(7) ٿورن گھڻن ڏينھن، راڻي سان ڏيٺ ٿيس. آھستي آھستي ھڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ جو رستو رکيائون. آخر پاڻ ۾ ايتري قدر تھ پريت ٿي وين، جو کائيندا، پيئندا ۽ کيڏيندا گڏ ھئا. ھڪ ڏينھن چوپڙ راند ڪندي جيئن مومل ڍارو اڇليو، تيئن سندس ٻانھن تان ڪپڙو لھي ويو، ۽ راڻي جي اک ھن جي ٻانھن وارين تروکڙين تي وڃي پئي. اھي ڏسي ٺھھ پھھ سڃاتائين تھ ھيءَ مومل آھي. مومل بھ جڏھن ڏٺو تھ راز پڌرو ٿي پيو، تڏھن يڪدم پاڻ کي ظاھر ڪيائين. پوءِ پلءُ پائي، راڻي جي پيرن تي ڪري پيئي، ۽ ٻاڏائي چوڻ لڳيس:

رس م، رسڻ گھورئو، ڇڏ، راڻا! ريڏائي،

مھجي ميٽ، ميڌرا! عاقل! اگلائي،

لپٽيج، لطيف چي، ڪامل! ڪچائي،

ڪر معاف مدائي، تھ سوڍا! سکياڻي ٿيان.

راڻي منھن ۾ گھنڊ پائي جواب ڏنس:

ڇني جا ھيڪار، ڪيھي جوڙي تھھ ول جي،

نھ ڄاڻان ٻيھار، ميڙو مئي ڪين جيئري.

پوءِ مومل سندس دامن ۾ ھٿ وجھي، عرض ڪيس تھ منھنجا پيارا! آءٌ آسائتي ٿي آئي آھيان، سو پاڻ ڀلائي، مون کي پناھھ جو پاند ڏي. پر راڻو نھ مڙيو. جڏھن سڀ حيلا وسيلا ھلائي ٿڪي، تڏھن مايوس ٿي، گھر ڏي موٽي. ايندي ئي شرط، ڪاٺين جو آڙاھھ تيار ڪرائي، وڃي ڏاگھھ چڙھي. راڻي کي کن ۾ اھا خبر وڃي ڪن پيئي، سو ڊوڙندو آڙاھھ ڏي آيو. مومل کي مچ ۾ ڏسي، سندس بھ دل اڀري آئي، اکين ۾ آب آڻي، ٽپو ڏيئي، متي مچ ۾ ڪاھي پيو، ۽ پتنگ وانگي مومل مٿان پاڻ صدقو ڪيائين.

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

شاھھ جي شعر جو اڪثر مضمون آھي: انسان جي ڌڻيءَ لاءِ ڳولا. ھن سر ۾ قصو ئي الٽو ٿيو پوي. ھتي خود خدا انسان جو ڳولائو ٿئي ٿو. ڪن ٻين سرن ۾ پڻ انھيءَ الٽي طلب ڏي اشارا موجود آھن، جھڙو سر ڪلياڻ (13,3) ۾:

تو جنين جي تات، تن پڻ آھي تھجي،

فاذڪروني اذڪرڪم، اي پروڙج بات،

سر سھڻيءَ ۾ (31,1) ۾:

پڇن جي مھار کي، پڇي سي مھار،

۽ سر سسئي آبريءَ  (8,1) ۾:

اندر جنين اڃ، پاڻي اڃيو ان کي.

مگر ھن ساري سر جو مضمون ئي انھيءَ اصول تي ٻڌل آھي.(8) انسان جو ھميشه حق جو طالبو آھي. حقيقت ۾ طالب مطلوب آھي ۽ مطلوب طالب. پاسڪل، ھڪ فرينچ صوفيءَ جو گفتو آھي تھ جي اسان حق کي ڳولي نھ لڌو ھجي ھا، تھ ان جي ڳولا ھرگز نھ ڪريون ھا. روميءَ بھ مثنويءَ ۾ ساڳي تند ٿو تنواري:

ھر کھ عاشق ديديش معشوق دان،

گو بنست ھست ھم اين ھم آن،

تشنگان گر آب جويند از جھان،

آب ھم جويد بعالم تشنگان.

يعني جنھن کي تون عاشق ڏسين ٿو، تنھن کي معشوق ڪري بھ ڄاڻ، ڇو تھ نسبتا اھو ھئن بھ آھي ھوئن بھ آھي، اڃايل جيڪڏھن جھان ۾ پاڻيءَ لاءِ پيا واجھائين، تھ پاڻي بھ دنيا ۾ اڃايلن لاءِ پيو واجھائي.

ڪائنات ڪيڏي بھ ڪشادي ھجي ۽ انسان ڪھڙيءَ بھ ڪنڊ ڪڻڇ ۾ کڻي پاڻ لڪائي، تڏھن بھ خدا پنھنجي دوربين نظر سان کيس ڳولي، اونداھيءَ مان ڪڍي، روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو. مومل وڏا ئي وس ڪيا تھ ڪنھن عاشق جي ور نھ چڙھان، ۽ ھنر حرفتون ھلائي ڪجھھ وقت قابو رھي، پر جڏھن راڻي جھڙو جبرو عاشق سندس طالبو ٿي آيو، تڏھن سندس باطل بازين ڪو بقاءُ نھ ڪيو.

مومل مان مراد آھي: اھو انسان جو ڌڻيءَ کان منھن موڙي، پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن مومل سحرسازي ڪري، پنھنجي چؤگرد ور ونگڙ پيچرا بنائي، پاڻ کي پوشيده رکي، پنھنجي عاشقن کي نٽائي پئي ڇڏيو، تيئن انسان بھ پنھنجي چوڌاري حرصن حوسن ۽ طرح طرح جي دنيوي اسبابن جو جار پکيڙي، پاڻ کي ڌڻيءَ کي محروم رکڻ ۾ مشغول ٿيو وڃي. پر اھي ور وڪڙ خدا کان ڳجھا نٿا رھن. جتي ٻيو ڪوبھ واٽھڙو جيڪر منجھي مري، اتي ھو سنئون رستو پيدا ڪيو، وڃيو مٿانئس ڪڙڪي. مائسٽر ايڪرٽ، ھڪ مشھور جرمن صوفيءَ چيو آھي تھ جو حق کان ٽھي ٿو، سو آخر وڃيو حق جي ھنج ۾ پوي.

پر جنھن انسان کي خدا چوڄ پئي، ڳولھي، ڦولھي، پنھنجي گود ۾ ويھاريو آھي، تنھنجي تر جيتري بھ خدا سھي نھ ٿو سگھي. ھو چاھي ٿو تھ اھڙو مقبول ٻانھو ھميشه سندس محبت ۾ ئي مخمور ھجي. قضا سان، جيڪڏھن کانئس امتحان وٺڻ لاءِ، پاڻ کسڪائي وڃي، تڏھن بھ ھن کي ھردم حاضر ناظر ڄاڻي، ساڻس سچو رھڻ گھرجيس، ۽ ٻئي ڪنھن کي بھ ساڻس شريڪ ڪرڻ نھ جڳائيس. خدا وٽ شرڪ سڀني ڏوھن ۾ بڇڙو ڏوھھ آھي. روميءَ انھيءَ ڳالھھ ڏي اشارو ڪندي، چيو آھي:

شاھھ را غيرت بود بر ھرکھ او،

بو گزيند بعد ازانکھ ديد رو.

يعني: بادشاھھ کي انھيءَ شخص تي غيرت اچي ٿي، جو سندس منھن ڏسڻ بعد (کيس ڇڏي). فقط سندس بوءِ پٺيان متوالو ٿئي ٿو.

مومل بھ سچي راڻي کي ڇڏي، جڙتو راڻو بنائي، ان سان

پاڻ پرڀايو، جھڙيءَ ريت بني اسرائيلن گابي کي جڙتو خدا بنائي، ان جو سجدو ڪيو. انھيءَ کن جي خطا خاطر مومل کي راڻي جي غيرت جي سزا ڀوڳڻي پئي، ۽ وري تيستائين راڻي جو وصال نصيب نھ ٿيس، جيستائين پاڻ کي جلائي ڀسم نھ ڪيائين. اھڙيءَ طرح اھو ڌڻي ڌئو ٻانھو، جو عارض فراق واري وقت ۾ ٻيوڪو بوتو بنائي ان سان روح ريجھائي ٿو، تنھن کي وري خدا جو ديدار تيستائين حاصل نٿو ٿئي، جيستائين غير گمان ڪڍي، مرڻ کان اڳ پاڻ کي نٿو ماري.

 

حوالا

1.           ڊاڪٽر رڊولف ھورنلي جي سند موجب (ڏسو رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل، 1905ع، ص- 4-1)، گجر قوم آرين وانگر وچ ايشيا مان لڏي، ڇھين صديءَ عيسويءَ جي اوائل ڌاري، اتر ھندستان ۾ اچي بئٺڪ ڪئي. ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ وڏيءَ بادشاھت جو پايو وڌائين. 840ع ڌاري سارو اتر ھندستان گجرن جي حڪومت ھيٺ ھو، ۽ سندن گاديءَ جو ھنڌ قنوج ۾ ھو. ڪيتريون ئي مشھور راجپوت ذاتيون، جھڙوڪ سولنڪي، چوھاڻ، پرڪار، پرھيار وغيره گجر قوم جي نسل مان ڦٽل آھن.

2.          چون ٿا تھ ماٿيلي جي ڪوٽ جو بنياد پھريائين راءِ گھراڻي 495ع ڌاري وڌو ھو. کانئن پوءِ ايندڙ گھراڻا بھ مٿس عمارت اڏائيندا رھيا، تان جو 1395ع ڌاري جڙي راس ٿيو. انھيءَ زماني ۾ راجا نند مٿس حاڪم ھو. (ڏسو ائبٽ صاحب جي سنڌي تاريخ، ص 105).

3.          لڊاڻو (لودرو) جيسلمير کان اتر اولھھ طرف پنجن ڪوھن جي مفاصلي تي آھي، ۽ ھاڻي ڦٽي ويو آھي. ڏھينءَ کان ٻارھينءَ صديءَ عيسويءَ تائين ڀٽي راجپوتن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. اصل لودر راجپوتن جو ٻڌايل ھو، جي پرمار راجپوتن جي نسل مان ھئا. لودرن جي ڏينھن ۾ ھيءُ شھر نھايت برسيل ھو، ۽ کيس ٻارھن دروازا ھئا. منجھس ٻھ وڏا مندر ھئا، جي اڄ تائين قائم آھن. انھن مان ھڪڙو مندر ماتا جو آھي، ۽ ٻيو پارشوناٿ جو. اڄ ڏينھن تائين انھن مندرن جي ڀيٽا لاءِ راجپوتانا مان ماڻھن جا حشام ويندا آھن. (ڏسو راجپوتانا گزيٽيئر، جلد 3، الف، جوڙيل ميجر ارسڪائين جو، ۽ ٽاڊ صاحب جو راجسٿان، جلد 2، ص- 19).

4.          ڪاڪ نيءِ لڊاڻي جي ٽڪر تان ھڪ چشمي مان منھن ڪڍي ٿي. ٽاڊ صاحب پنھنجي تاريخ راجسٿان ۾ لکيو آھي (ڏسو جلد 2، ص- 194) تھ ھڪ مشھور جوڳي انھيءَ چشمي تي رھندو ھو، ۽ سندس نالو ھو ڪاڪ يا ڪاگ، جنھن ڪري انھيءَ نيءِ تي ڪاڪ نالو پيو. اھا نيءِ اڄ ڏينھن تائين وھندڙ آھي. سندس ڪنڌيءَ تي ھڪ پٿر جي ڊٺل عمارت جا نشان بيٺا آھن، جنھن کي عام ماڻھو مومل جي ماڙي ڪري سڏيندا آھن.

5.          امرڪوٽ کان لڊاڻو 150 پڪا ميل پري آھي. ڀلو اٺ پنجاھھ کن ميل ڏينھنڪ ھڻي سگھي ٿو، تنھن ڪري امرڪوٽ کان لڊاڻي پھچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينھن لڳي ويا ھوندن.

6.          قصھ نويس چون ٿا تھ راڻو روز رات جو مومل وٽ وڃي ساڻس رھاڻيون ڪري، اسر ويلي امرڪوٽ موٽي ايندو ھو. ھن کان اڳ مٿي حاشيھ ۾ 5 ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ امرڪوٽ ۽ ڪاڪ جي وچ ۾ 150 ميلن جو مفاصلو آھي. اھا ڳالھھ ناشدني آھي جو ڪوبھ سوار ڪھڙي بھ ڀلي اٺ تي رات وچ ۾ اوٽ موٽ ايترو پنڌ ڪري سگھي. ان مان پڌرو آھي تھ راڻو بعضي بعضي، موقعو وٺي، مومل وٽ ويندو ھو، ۽ نھ ھر روز.

7.          انھيءَ ماڙيءَ جا ڦٽل نشان اڄ ڏينھن تائين امرڪوٽ کان سڏ پنڌ پري ظاھر بيٺا آھن.

ھڪ انگريز صوفي شاعر، فرانسز ٽامسن نالي (1859ع 1907ع) پنھنجي مشھور نظم ھائونڊ آف ھيون ۾ الٽيءَ طلب جي اپٽار ڪئي آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com