سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :7

 

سھڻي ۽ ميھار

 

مغل خاندان جي مشھور بادشاھھ شاھجھان (1627-1655) جي زماني ۾، پنجاب ملڪ جي گجرات شھر ۾ تلا نالي ھڪ ھاڪارو ڪنڀر رھندو ھو. مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ جي فن ۾ بينظير ھو. خود بادشاھھ ۽ سندس امير بھ گھر جي ورتڻ جا ٿانو کانئس خريد ڪندا ھئا، ۽ مٿس ھر قسم جي نوازش ۽ مھرباني ڪندا ھئا. انھيءَ ڪنڀار کي ھڪ نياڻي ھئي، جنھن جو جنم شب قدر جي سڳوريءَ رات جو ٿيو ھو. ٻالپڻي کان ئي ھن نينگر جي چھري مان نوراني حسن پيو ٻھڪندو ھو، ۽ جيئن عمر ۾ اسرندي وئي، تيئن سندس جلوو ۽ جمال بھ زياده ٿيندو ويو. سندس بيمثل سونھن جي ڪري کيس سڏيندا ئي سھڻي ھئا. سندس ذھن ۽ ذڪاءَ اھڙا اعلى درجي جا ھئا، جو ننڍيءَ وھيءَ ۾ ئي سارو ڪلام الله ڪنٺ ڪي ڇڏيو ھئائين. مطلب تھ چوڏھن ورھين جي ڄمار ۾ چوڏس جو چنڊ ٿي پيئي.

ساڳئي زماني ۾، ھڪ وڏو واپاري ميرزا عاليءَ نالي بخارا ۾ رھندو ھو. جھڙو ھو شاھوڪار، تھڙو ئي ھو سخي ۽ ديانتدار. دنيا جا سڀ سک نصيب ھئس، مگر اولاد جو سڪايل ھو. رات ڏانھن اھا تاڙي لڳي پئي ھوندي ھيس. نيٺ ھڪ ڏينھن معلوم ٿيس تھ ڪنھن اجنبي درويش اچي سندس وطن ۾ واسو ڪيو آھي. ھڪدم سندس زيارت لاءِ روانو ٿيو. فقير سان ملاقات ڪري، ھن کي پنھنجي دل جو درد بتايائين. درويش دعا ڪيس ۽ چيائينس تھ تنھنجي من جي مراد جلد پوري ٿيندي ۽ ستت ئي ھڪڙو پٽ ڄمندءِ، مگر اھو سورھن سالن جي عمر ۾ توکي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، ڪنھن ڏورانھن ڏيھھ رمندو رھندو.

پوري ڏھين مھيني، ميرزا عاليءَ کي پٽڙو ڄائو. چون ٿا تھ ھن جو جنم ساڳيءَ شب قدر جي رات جو ٿيو، جنھن تي سھڻي ڄائي ھئي. چوگرد واڌايون وري ويون. ڇوڪري جو نالو عزت بيگ رکيائون، ۽ کيس لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو. جڏھن وڏڀرو ٿيو، تڏھن ھندستان ملڪ جنھن جي گھڻي تعريف ٻڌي ھئائين، تنھنجي ڏسڻ جو اندر ۾ اچي شوق جاڳيس. پڻس کي جڏھن سندس ارادي جي خبر پئي، تڏھن ان کيس گھڻو ئي روڪيو، پر ھو باز نھ آيو. آخر ڳچ مال متاع ساڻ کڻي، سير ۽ سوداگريءَ لاءِ ڳوٺان سنڀري، ھندستان ڏي رخ رکيائين. گھمندي گھمندي اچي دھليءَ ۾ نڪتو. ڳچ مدت دھليءَ ۾ عيش عشرت ۽ مزي ۾ گذاريائين، پر نيٺ ڪڪ ٿي ويو ۽ لاھور وڃڻ جو پھھ ڪيائين. لاھور جو شان ۽ شوڪت ڏسي نھايت خوش ٿيو ۽ اتي جون ڪيتريون نفيس ۽ عمديون شيون خريد ڪري، وري وطن ڏي واڳن وارڻ جو خيال ڪيائين. جڏھن گجرات شھر جي ويجھو پھتو، جو راويءَ ۽ چناب ندين جو دو آب ۾ نظاري ۽ نزاڪت سان اڏيل ھو، تڏھن ان جي رونق پسي، دل ٿيس تھ ٻھ چار ڏينھن رھي ويساھين وٺان. شھر جي بزرگن ۽ سکر ماڻھن سان ڏيٺ ويٺ ڪيائين، ۽ ھڪڙي ڏينھن پاڻ وٽ گاني جي مجلس ڪيائين. محفل ۾ ڳالھين تان ڳالھيون ڪندي، ذڪر نڪتو تھ شھر ۾ تلا ڪنڀر رھي ٿو، جو ٿانون جوڙڻ جي ھنر ۾ نھايت قابل آھي ۽ جھڙس ساري ھندستان ۾ ڳوليو نھ لڀندو. عزت بيگ کي انھيءَ ڪنڀار ۽ سندس ٿانون ڏسڻ جو شوق ٿيو ۽ مرضي ٿيس تھ ڪي ٿانو خريد ڪري، سوکڙيءَ طور پنھنجي ڳوٺ کڻي وڃان. پنھنجي ھڪ نوڪر کي تلا جي گھر موڪلائين تھ وڃي ڪي سھڻا برتن نموني طور وٺي اچي. ٿانو خريد ڪندي، نوڪر جي نظر تلا جي سھڻيءَ ڌيءَ تي پئجي وئي. ھن جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو. موٽڻ شرط، پنھنجي خاوند کي سھڻيءَ جي سونھن جي ساک ڏنائين. ٻڌڻ شرط، عزت بيگ جي اندر ۾ اچي عشق جي آگ ڀڙڪي ۽ ريءَ ڏٺي سھڻيءَ تي مفتون ٿي پيو، ۽ ھن جي موھڻيءَ مورت ڏسڻ لاءِ، ٿانون جي خريد ڪرڻ جي بھاني ڪنڀر جي گھر ڏانھن روانو ٿيو. سھڻيءَ کي ڏسڻ شرط، سڪ جو سلو جو سندس سيني ۾ اڻ ڏٺو اسريو ھو، سو ھيڪاري وڌي وڻ ٿي پيو.

ھاڻ، ھن وطن جو خيال موراھين منان لاھي ڦٽو ڪيو. شھر ۾ ھڪ دڪان کڻي کوليائين، جنھن ۾ تلا ڪنڀر کان ٿانو ڳنھي پيو وڪڻندو ھو. ھر روز ٿانون ڳنھڻ جي بھاني، تلا جي گھر پيو ويندو ھو ۽ انھيءَ ريت پنھنجي محبوب جو ديدار ڪري، پيو دل خوش ڪندو ھو. عشق بازيءَ ۾ اھڙو محو ٿي ويو، جو پنھنجي مال متاع جو ڪوبھ سماع نھ رھيس. مھانگا ڳڌل ٿانو سستي اگھھ تي وڪڻي، آخر پاڻ کي ڪنگال ڪري وڌائين. جڏھن سندس نوڪرن ڏٺو تھ اسان جو ڌڻي گجرات ۾ کپ کوڙي ويھي رھيو آھي ۽ بخارا موٽڻ جي وائي نٿو واري، تڏھن ھڪ رات جو، اوچتو ئي اچتو، باقي رھيل کھيل مال ۽ سامان تڳائي رمندا رھيا. ھن حادثي عزت بيگ کي ويتر سڃو ڪري ڇڏيو. پر تڏھن بھ دستور موجب روز تلا وٽ وڃي، اوڌر تي ٿانو خريد ڪري ايندو ھو. نيٺ قرض ۾ ٽٻي ويو، ۽ تلا بھ ھاڻ کانئس قرض جي تقاضا ڪرڻ لڳو. تنھن تي عزت بيگ چيس تھ منھنجا نوڪر مون کي ڦري اڇو ڪري ويا آھن، ھڙ ۾ ڪي ڪين اٿم جو ڏيانءِ، باقي جي قبول ھجيئي تھ تو وٽ نوڪري ٿي وھي قرض جا پئسا پورا ڪري ڏيانءِ. تلا اھا آڇ مڃي. کيس پاڻ وٽ نوڪري ڪري بيھاريائين ۽ مٿس ھر روز گھر ٻھارڻ، باسڻ ملڻ ۽ ٿانون جوڙڻ لاءِ درياءَ مان چيڪي مٽي آڻڻ جو ڪم رکيائين.

عزت بيگ جو ناز سان نپنو ھو، تنھنجي لاءِ ھڪ نوڪر وانگي نيچ پورھيو ڪرڻ نھايت ڪٺن ڪم ھو، پر يار جي ديدار سندس دل کي آٿت پئي ڏنو. رڳو اھو سو خطرو رھندو ھوس تھ متان ڪنڀار مون کي ڪاھل ڏسي، نوڪريءَ کان جواب ڏئي، تنھن ڪري جيءَ کي جفا ڏيئي، سخت محنت ڪندو ھو. نيٺ ھڻي پاڻ کي جھوري وڌائين. تلا کي مٿس ڪھول آئي، جنھن اڳتي پنھنجي مينھن چارڻ جي ڪم تي ڪري ڇڏيس. ھر روز ڍڪيءَ جو، مينھون پھرائي درياءَ جي پار ويندو ھو، ۽ نما شام جو موٽي وٿاڻ تي ايندو ھو. انھيءَ سبب مٿس ميھار جو نالو پئجي ويو.

ھڪ ڏينھن سانجھيءَ جو، جيئن مينھن جي ڏھائي پئي ڪيائين، تيئن سھڻي ڪنھن سانگي سان وٿاڻ ڏي آئي ۽ ميھار کي مينھون ڏھندو ڏسي، سڄر کير پيئڻ جي سڌ ٿيس، ۽ ھن کان چڪو وٺي پيتائين. ميھار ھاڻ سھڻيءَ کي اڪيلو ڏسي، مينھن ڏھندي، ساڻس پنھنجي اندر جو آزار اوريو ۽ مٿس جيڪا ماجرا وھي ھئي، تنھنجو سربستو بيان ڪري ٻڌايائينس. سھڻي جا ذات جي حليم ھئي، تنھن کي ميھر جي حال تي رحم اچي ويو. ازانسواءِ ھن جي سھڻي صورت ڏسي، سندس دل بھ ڏانھنس ڇڪي ڏني ۽ ٻنھي جي وچ ۾ گھرو سنٻنڌ ٿي ويو. پوءِ ڏيھاڙي سھڻي کير ۽ مھيءَ جو منھن ڪري صبح شام ميھار وٽ وڃي، ڳجھي محبت ونڊيندي ھئي، ۽ سندس منھن ڏسڻ کانسواءِ آرام نھ ايندو ھوس.

مھارا مھي، پيتائين پريم جي،

ارڪ، سرڪ، سيد چي، لڳيس ڏوت ڏھي،

سگھي تان نھ سھي، ملي جان نھ مھار کي.

پر خون خستوري لڪڻ  جا ناھن. سھڻيءَ جي ھلت ماڻھن ۾ چوٻولو پيدا ڪيو، تان جو سندس ماءُ کي بھ کڙڪ پئجي وئي. ماءُ ڌيءَ کي ڳجھھ ڳوھھ ۾ گھڻي ئي سمجھايو، مگر ھوءَ باز نھ آئي. نيٺ لاچار ٿي مڙس سان ڳالھھ ڪيائين، جنھن ھڪدم ميھار کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڦٽو ڪيو. گلا ۽ غيبت کي ٽارڻ لاءِ، ستت ئي سھڻيءَ کي سندس سوٽ ڏم سان شاديءَ ڪرائڻ جو سعيو ڪيائون. سھڻيءَ ويچاريءَ گھڻو ئي پٽيو کوھيو، پر وريو ڪي ڪين. آخر زبردستي ڪري ڏم سان سندس نڪاح پڙھيائون.

جڏھن ساھري گھر وئي، تڏھن خدا کي ٻاڏايائين تھ اي پرده پوش! ڪو اھڙو سبب ڪر، جيئن منھنجو ست ۽ سيل سلامت رھي اچي. ڌڻيءَ سندس عرض انايو. ڏم کي روز رات جو اھڙي اگھور ننڊ وٺي ويندي ھئي، جو سھڻيءَ جي يادگيري بھ نھ رھندي ھيس. اھڙيءَ ريت سھڻي پاڪدامن رھي. پر پلپل پرينءَ کي ياد ڪري، پيئي پچندي ۽ پڄرندي ھئي، ۽ درياءَ تي وڃي ڏيھھ جي ڏوڌين کان سندس ڏس پتو پيئي پڇندي ھئي. ھوڏانھن وري ميھار کي وڇوڙي جي درد ماري وڌو. ڪجھھ ڏينھن تھ فقيراڻو لباس ڪري شھر جي آسپاس ڦرندو وتندو ھو. نيٺ ھڪ ڏينھن وجھھ وٺي سھڻيءَ جي ساھري گھر وڃي سئن ھنيائين. سھڻيءَ آواز سھي ڪيو تھ ڪير آھي ۽ بکيا ڏيڻ جي بھاني سان در تي اچي، پنھنجيءَ لاچاريءَ جو سمورو حال سڻايائينس، ۽ پڻ ائين بھ چيائينس تھ خدا منھنجو ست قائم رکيو آھي ۽ اميد تھ پنھنجو ميڙو جلدي ٿيندو. جيتوڻيڪ سھڻيءَ سان ھڪوار ملڻ ڪري کيس ھڻو ڌيرج آيو، تڏھن بھ نااميدي گھيري ويس، ۽ حياتيءَ مان عاجز ٿي، جھنگ منھن ڏيئي رمندو رھيو. گھمندي ڦرندي اچي ھڪڙير پھاڙ تي نڪتو، جنھن تي گورکناٿ جي ھڪ مڙھي اڏيل ھئي. مڙھيءَ جي ٻاھران بيھي سينڍ ھنيائين، جنھن تي مھنت ٻاھر نڪري آيو ۽ چيائينس تھ جيڪڏھن جوڳي آھين تھ اندر ھليو آءُ. ميھار وراڻي ڏينس، مان جوڳي نھ آھيان، مگر خواھش اٿم تھ جوڳين ٿيا. مھنت کي ھن جي سھڻيءَ شڪل شبيھھ ۽ لڇڻ موھي وڌو ۽ کيس ھڪدم جوڳين جي ڪوفي ۾ داخل ڪيائين. ٿورا ڏينھن مڙھيءَ ۾ گذاري مھنت جي اھڙي تھ خدمت چاڪري ڪيائين، جو ھو مٿس نھايت راضي ٿيو، کيس ور گھرڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ميھار مھنت کي پنھنجي محبوب سان وصال حاصل ڪرڻ لاءِ وينتي ڪئي. مھنت خاطري ڏنيس ۽ دعا ڪيائينس تھ تنھنجي اندر جي آس جلد پوري ٿيندي. پوءِ ميھار خوش ٿي موٽي محبوب جي وطن ڏي ويو، ۽ چناب نديءَ جي پرينءَ ڀر سھڻيءَ جي گھر جي آمھون سامھون دونھي دکائي، فقير بڻجي ويھي رھيو. سندس سھڻي صورت ۽ نيڪ سيرت ڏسي، اوسي پاسي جا ملاح ۽ ٻيلي ۾ رھندڙ ميھار اچي وٽس ڪچھريون ڪندا ھئا، جنھن ڪري وٽس مڇي، مکڻ ۽ ڏڌ جام ھوندو ھو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس ناماچار وڌندو ويو ۽ عام خلق وٽس زيارت ۽ دعا لاءِ اچڻ لڳي. دستور موجب، شھر جي زالن جي بھ وٽس آمدرفت ٿيڻ لڳي. سھڻيءَ کي جڏھن ھن نئين فقير جي اچڻ جي خبر ملي، تڏھن شڪ پيس تھ ھي شايد منھنجو دوست ميھار آھي. سو ھڪ ڏينھن پنھنجي نيڻان کي آزي نيزاري ڪري، موڪل وٺي، فقير جي زيات لاءِ آئي. ڏسڻ شرط ھن کي صحيح سڃاتائين. فرصت وٺي، ھڪ ٻئي سان ڳجھھ ڳرھي، صلاح ڪيائون تھ اڳتي ھر روز رات جو ميھار ندي تري، اورينءَ ڀر اچي، سھڻي کي ملي.

ھاڻ ميھار ھر رات تري اچي سھڻيءَ کي ملندو ھو. ھميشه پاڻ سان پڪل مڇي کڻي ايندو ھو جا ٻئي گڏجي کائيندا ھئا ۽ پرھھ ڦٽيءَ تائين ھڪ ٻئي سان ريجھھ رھاڻ ڪري وري پنھنجي پنھنجي ماڳ مٽي ويندا ھئا. ڪيترا ڏينھن قصو ائين پئي ھليو. ھڪڙي ڏينھن طوفان جي ڪري ميربحرن وٽان کيس مڇي ڪانھ ملي. خيال ڪيائين تھ يار وٽ ھٿين خالي وڃڻ نھ جڳائي، تنھنجي ڪري پنھنجي ران کي چيري، ان مان گوشت ٽڪر ڪڍي پچائي، سھڻيءَ لاءِ تحفو ڪري کڻي ويو. پر گھڻي رت ڇڏڻ ۽ پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري، اورينءَ ڀر پھچڻ شرط ساڻو ٿي ڪري پيو. سھڻي ھي حال ڏسي، ڏاڍو حيران ٿي، جڏھن ميھار سامت ۾ آيو، تڏھن کانئس سندس ماندگيءَ جو سبب پڇيائين. ميھار سارو حال ڪري ٻڌايس. محبوب جي اھڙي قرباني ڏسي، سھڻيءَ کي نھايت رقت ۽ درد پيدا ٿيو، ۽ چيائين تھ تون پنھنجو فرض ادا ڪري چڪين. ھاڻ جڳائي تھ آءٌ بھ پنھنجي فرض ادائي ڪريان. پر ميھار سندس ڳالھھ نھ مڃي. ٻيءَ رات جو ھن ميھار جو گھڻو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪڍيو، پر ھو پيدا نھ ٿيو. سھي ڪيائين تھ ميھار کي سور بيحال ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي ڪري ئي سمن تي پورو نھ رھيو آھي. ميھار جي بيماريءَ ڪري سندس دل ۾ نھايت اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ ٿي.

تـڙ نھ گھـڙي تور، توءِ من ڪاڍو مھار ڏي

ڏاڍو دور درياءَ ۾، سڪڻ وڏو سور،

نيٺ ھڪ پڪو گھڙو ھٿ ڪري، ھمت جھلي:

پاڻ اڇلي آب ۾، وه سر وڌائين،

لھريون لنگھيائين، لطف ساڻ، لطيف چئي.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com