سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :5

  

عمر ۽ مارئي

 

عمر مارئيءَ جو قصو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشھور آھي، ۽ ڪيترن صاحبن ان کي نثر ۾ توڙي نظم ۾ آندو آھي. مير طاھر محمد، جنھن سنڌ جي تاريخ نالي تاريخ طاھري، 1621ع ۾ جوڙي راس ڪئي، تنھن ھيءُ قصو بھ ان ڪتاب ۾ درج ڪيو آھي. ھن صاحب جي ھڪ ٻي تصنيف ناز و نياز نالي آھي، جنھن ۾ سنڌ جون جھونيون ڪھاڻيون شعر ۾ نقل ڪيون اٿس. تاريخ طاھري ۾ چوي ٿو تھ جڏھن نواب مرزا خان خانان ٺٽي کي پنھنجي قبضي ۾ آندو، تڏھن شھر جي مکيھ ماڻھن کي پاڻ وٽ سڏايائين، ۽ انھن مان مرزا جاني بيگ ۽ ٻين ڪن سکر ماڻھن کي ساڻ ڪري، اڪبر بادشاھھ جي درٻار ڏي روانو ٿيو. دھليءَ ۾ پھچڻ شرط، سنڌ جي رفيقن کي اڪبر جي ملاقات ڪرايائين. خبرون چارون ڏيندي وٺندي، مارئيءَ جو ذڪر اچي نڪتو. اڪبر انھيءَ دم مرزا جاني بيگ کي فرمايو تھ مارئيءَ جو سربستو احوال ڪري سڻايو. (جيئن تھ اڪبر بادشاھھ جو جنم امر ڪوٽ ۾ ٿيو ھو ۽ ھي قصو بھ امر ڪوٽ سان وابستھ ھو، ان ڪري بادشاھھ کي ھن قصي سان چاھھ پيدا ٿيو ھوندو.) مرزا جاني بيگ وراڻي ڏني تھ قبلا ھن غلام پاڻ سان مرزا مقيم نالي ھڪ شاعر آندو آھي، جو سنڌيءَ توڙي فارسيءَ جو ماھر آھي ۽ کيس ھن حقيقت جي پوري پوري پروڙ آھي. جي اجازت ھجي، تھ آڻي حاضر ڪريانس. مرزا جاني بيگ کي خود ساري قصي جي سڌ ھئي، پر آرزو ھيس تھ ڪنھن بھاني مڙيو ئي شاعر جي شھنشاھھ سان ڏيٺ ويٺ ڪرايان. اڪبر اجازت ڏني. شاعر ڪچھريءَ ۾ ڪوٺايو ويو. پر ھن ويچاري مارئيءَ جو نالو مس ٻڌو ھو، سو ابتو سبتو پئي بڪيائين، ۽ پڻ چوڻ لڳو تھ مارئيءَ کي عمر مان ھڪ پٽ بھ ڄائو ھو. اھڙيءَ اڻ ڄاڻائيءَ تان اڪبر کي سخت مٺيان لڳي، ۽ شاعر شرمندو ٿيو. پوءِ تھ مرزا جاني بيگ سمورو احوال ڪري سڻايو، جو سڀني کي اھڙو تھ وڻيو جو مارئيءَ جا بيت سنڌي ٻوليءَ ۾ وري وري پئي چيائون.

علي شير قانع بھ تحفة الڪرام ۾ ھيءُ قصو بيان ڪيو آھي. پر جيئن تھ ھيءُ ڪتاب 1767ع ڌاري لکجي تيار ٿيو، تنھنڪري منجھس آيل احوال تاريخ طاھري تان ئي نقل ڪيو ويو ٿو ڏسجي. عام روايت آھي تھ شاھھ عنايت رضوي پھريون ئي شاعر ھو، جنھن مارئيءَ جا بيت سنڌي ٻوليءَ ۾ چيا، ۽ پڻ شاھھ عبداللطيف کي مارئيءَ جو مذڪور سڻائي، منجھس مارئيءَ جي بيتن چوڻ جو شوق پيدا ڪيو. ھيٺ ڏنل آکاڻيءَ جي سٽا انھن ٻنھي تاريخن ۾ آيل احوال مطابق واقعن سان ملائي، وڌيڪ مائيدار ڪيو ويو آھي.

قصو

عمر سومري (1) جي زماني ۾، ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾، پالڻي نالي ھڪ پنھوار رھندو ھو. ھيءُ مسڪين مارو ۽ سندس زال ماڏوئي(2) سارو ڏينھن مال سان پھري ان کي جھنگ چاري ايندا ھئا. سندن گذران ڏٿ ڏؤنري ۽ جھڻ مکڻ تي ھوندو ھو. ٻني ٻارو بھ ھون، جنھن جي پوک ڦوڳ نالي ھڪ ھاريءَ جي ھمراھيءَ سان ڪندا ھئا. کين سڪي پني ھڪ نياڻي ڄائي ھئي، جا ڄاپندي ئي حور جھڙي حسين ھئي. جيئين وئي وڌندي تيئن وئي ھيڪاري سونھن ۾ سرس ٿيندي. آخر جڏھن سامائي، تڏھن سندس حسن جي ھاڪ ھنڌين ماڳين ھلي وئي. اھا سوڀياوان سندري، جا مارو قوم جو مرڪ ھئي، تنھن کي سڏيندا ئي مارئي ھئا.

پکي منجھھ پدمڻي، ڪر ڏئي وراڪا وڄ

جھڙيءَ صورت سڄ، تھڙي مورت مارئي.

ٻالپڻي کان ئي ڦوڳ جو مارئيءَ تي ڏاڍو ارواح ھوندو ھو. ھاڻ تھ سندس جوانيءَ جو جلوو پسي، ويتر مٿس مست ٿي پيو. آخر پاڻ جھلي نھ سگھيو، سو ھڪ ڏينھن وجھھ وٺي پالڻي کان مارئي جو سڱ گھريائين. پالڻي تھ مارئيءَ جي مائٽي پنھنجي ھڪ نياتي کيت سين سان اڳيئي ڪري ڇڏي ھئي، سو صفا نابري واريائين. ڦوڳ جون آسون اميدون سڀ پٽ پئجي ويون، ۽ ننھن کان چوٽيءَ تائين باھھ وٺي ويس. پوءِ تھ ساڙي ۽ حسد وچان وير وٺڻ جون سٽون سٽڻ لڳو. پھھ پچائي، آخر اھا رٿ رٿيائين تھ ڪو حيلو ھلائي، مارئيءَ کي عمر جي ڦندي ۾ ڦاسايان. انھيءَ مراد سان ملير ڇڏي، اٿي امرڪوٽ ڏي پنڌ پيو، ۽ سٽون ڏيندو ستت ئي اچي منزل مقصود تي پھتو. عمر اوڏي مھل پنھنجن اميرن وزيرن سان ڪچھري ڪيو ويٺو ھو، ۽ کين ھدايتون پئي ڪائين تھ رعيت سان ستم ڪرڻ آھي پنھنجي پير تي ڪھاڙو ھڻڻ. اوچتو سندس اک وڃي ڦوڳ تي پئي، جو در وٽ داد لاءِ دانھون ڪري رھيو ھو. ھن کي ھڪدم سڏائي، کانئس پڇيائين تھ تون ڪير آھين، ۽ توسان ڪھڙي ويڌن آھي؟ ڦوڳ ھٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪيو تھ جيئندا قبلا! ھن بندي کي حضور جن سان ھڪ خلاصي خبر ڪرڻي آھي. عمر انھيءَ ساعت ڪچھري برخاست ڪئي ۽ ڦوڳ کي فرمايو تھ چئھ، جيڪي چوڻو ھجيئي. ڦوڳ عرض ڪيو تھ جھان پناھھ! ملير جي ڳوٺ ۾ مارئيءَ نالي ھڪ نينگر آھي، جنھن جي سونھن جي ڪھڙي صفت ڪريان! آھي سا ڌنار جي ڌيءُ، پر سج بھ سندس اڳيان سر نمائي ٿو. لڱن تي ليڙون اٿس، پر جي لاکيڻو لباس پھري، تھ ھوند پرين کي بھ پري بيھاري. اھڙي من موھڻي مورت شاھي محلات ۾ ئي سونھي.

اھو احوال سڻي، عمر کان نياءَ جون نصيحتون وسري ويون. مارئيءَ جي اڻ ڏٺل صورت تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. ۽ پڪو پرن ڪيائين تھ کيس حيلي بھاني ھٿ ڪري، پنھنجي پٽ راڻي بنائيندس. پوءِ پاڻ ۽ ڦوڳ ويس بدلائي، وھٽ پلاڻي ملير ڏي ڪاھيندا ويا. ٻھ چار منزلون ماري ٽئين ڏينھن سج اڀرئي، اچي ملير کي اوڏو پيا(3). ھاڻ پاڻ ۾ پھڻ لڳا تھ ڪھڙيءَ ريت مارئيءَ کي ڦسلائي ڦندي ۾ آڻجي. اھي گھاٽ گھڙيندا، اچي ڳوٺ واري کوھھ وٽ  نڪتا.

ٿر جا کوھھ اڪثر اونھا ٿين ٿا، جن مان پاڻي ڪڍڻ البت وقت پڇي. انھيءَ سبب ٿر ڄائيون آڌيءَ اٿي، سنجڻ وينديون آھن، ۽ جيڪي ويسليون ٿي سمھي رھنديون آھن، تن کي ڏينھن جو وارو مشڪل ملندو اھي، ڇو تھ پوءِ گھر جي ٻيءَ ورتڻ ۾ ئي رڌل رھنديون آھن. مارئي بھ، راڄ جي رواج پٽاندر، ھر روز وڏيءَ وير اٿي، کوھھ تان پاڻي ڀرڻ ويندي ھئي. قضا سان، اڄ ننڊ نھوڙي نيو ھوس، سو جيئن جاڳي، تيئن گھڙو کڻي، اٿي کوھھ ڏي ھلي. اتي سنديس ھڪ ساھيڙي بھ بيٺي ھئي، جنھن سان اڃان کليائين، کيڪاريائين پئي، اوچتو سنديس اک پريان اٺ تي ايندڙ مسافرن تي وڃي پيئي. انھن اوڦٽو آدمين کي ڏسي، مارئي ھيسجي وئي، گھڙو اتي ئي ڦٽو ڪري، پويان پير ڪرڻ لڳي. پر سنديس ساھيڙيءَ کيس ھمتائي چيو تھ ڇو ٿي ڇرڪين؟ ھي ويچارا ڪي واٽھڙو ٿا ڏسجن. الائجي متان پاڻ ۽ سندن وھٽ اڃايل ھجن، ۽ پاڻيءَ لاءِ ھيڏانھن ايندا ھجن، گھڻي ۾ گھڻو تھ بھ پاڻ کان پاڻيءَ لپ گھرندا، ۽ ان جي عيوض پاڻ بھ کانئن ملڪ جو واءُ سواءُ لھنديونسين. ساھيڙيءَ جي صلاح تي لڳي، جھڙو موٽي تڙ تي آئي، تھ واٽھڙو بھ اچي مٿانئس ڪڙڪيا. ڦوڳ اڳي ئي عمر کي ڦوڪ ڏيئي ڇڏي ھئي تھ مارئي اھا اٿيئي. اھڙو حسن پسي، عمر جي نينھن کي نئون نيش اچي ويو. پوءِ پاڻيءَ پيئڻ جو بھانو ڪري، اٺ ھشائي، لھي ھيٺ ٿيو، ۽ اڳڀرو وڌي مارئيءَ کي منٿ ڪيائين تھ پاڻيءَ ڍڪ پيار.

تڏھن مارئيءَ ماڳھين ڪڍئو، آب اڇو ڪر کير،

آڱرين وڇو ڪرئو، لاھيو وجھي نير،

منجھان حب ھمير، ٿو گھورون وجھي گھوٽِئو.

ويچاريءَ وسوڙل جيئن ڀاڻ ڀري عمر کي ٿي آڇيو، تيئن ھن کيس بازن کان جھلي، کڻي اٺ تي چاڙھيو، ۽ واڳون وٺي، اٿي وطن ڏي وريو.

امرڪوٽ ۾ اچڻ سان، عمر مارئيءَ کي نيئي وڃي محلات ۾ قابو ڪيو. رات جو وٽس لنگھي ويو. ڏسي تھ ھوءَ رت پيئي روئي، سو کيس چوڻ لڳو روڄ راڙي مان ڇا ورندئي؟ ڏڌو کير وري ٿڻين ڪين پوندو. ھاڻي ھتي ئي رھي، منھنجي پٽ راڻي ٿي ويھھ. منھنجون ٻيون سڀ راڻيون تنھنجيون گوليون ٿي گذارينديون، ۽ آءٌ بھ ساري عمر تنھنجو ٻڌو ٻانھو ٿي گذاريندس. پر مارئي جيئن وئي پنھنجا پکا ۽ پنھوار ياد ڪندي، تيئن ويتر وئي ھنجون ھاريندي. آخر جڏھن عمر گھڻو ستايس، تڌھن جواب ڏنائينس تھ منھنجون کيت سين سان ازل کان ئي لائون لڌل آھن، سو ھن بنا منھنجو جيءُ ٻئي ڪنھن سان مور نھ ٻجھندو. مھر ڪري، مون کي موڪل ڏي تھ آءٌ موٽي ملير وڃان. پر عمر نھ مڙيو ۽ سمجھائين تھ جيئن وقت ويندو گذرندو، تيئن مارئي ويندي ھوڏ تان ھٽندي. سندس اھا اميد اجائي ھئي. جيئن وئي ويرم پوندي، تيئن مارئيءَ جي من ۾ وئي عمر لاءِ ڌڪار وڌيڪ ٿيندي. راتو ڏينھن سانبين کي ساري، پيئي جھرندي ۽ جھڄندي ھئي. پر انھن مان بھ ڪو واھرو ڪونھ وريو.

عمر بھ سنديس پچر نھ ڇڏي. روز رات جو وڃي، لالچون ڏيئي، ريھيندو ريڀيندو ھوس. پر مارئيءَ پکن جي پريت ماڙين سان مور نھ مٽي. مارن لاءِ جا اندر ۾ اڪير ھيس، سا ھرگز ماٺي نھ ٿي ٿيس. عمر جي پٽ پٽيھرن ۽ بخمل بافتن کي اباڻيءَ لوئيءَ جو مٽ نھ ڪيائين. ھن جي سونن روپن ڳھڻن، عطرن عنبيرن، پلائن، ست رڇين ۽ ميون مٺاين کي تڇ سمان ڪري سمجھيائين. عمر گھڻو ئي ڌتاريس، پر وريو ئي ڪين. آخر ڏمر وچان کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيائينس، بس پوءِ تھ ويچاريءَ کي ٻنھي پارين حياتي وھھ ٿي آئي. ھيڏانھن عمر جا اھنج ۽ ايذاءَ، ھوڏانھن مارن جي لاغرضي ۽ بيپرواھي! اتر لڳي کوھھ تان کڄي آئي ھئي، مٿان اچي واھوندا وريا. مارن جون مند مند جون ھاجون ياد ڪري، ھنجون پيئي ھاريندي ھئي. سندس ورلاپ ٻڌي، واٽھڙو بھ اکين مان آب پيا آڻيندا ھئا. جي سانبيڙا اچي سار لھنس ھا، تھ بندي بند نھ ساري ھا.

ھاڻ اچي مينھن جي موسم ٿي آھي. مارو مال ڪاھي، ڊٽين پٽين پکڙجي ويا آھن. ھر ڪو پنھنجي ھاج ڪم ۾ ئي پورو آھي. مارئيءَ جو محلن ۾ ھينئون پيو منجھي. نااميدي ۽ نراسائي وڪوڙي وئي اٿس. کٿي کسي، ليڙون ليڙ ٿي وئي اٿس. چڳن ۾ چيڙھھ پئجي ويا اٿس. دل ۾ جا درد جي دونھين پئي دکيس، تنھن ھڻي منھن ميرو ڪري وڌو اٿس. کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو اٿس ۽ مرڻ وھيڻي اچي ٿي آھي. سو عمر کي سڏائي، کيس ٻاڏائي چوي ٿي تھ جيئري تھ آجائيءَ جو ڏينھن نھ ڏٺم. ھاڻ وطن لاءِ واجھائيندي، جي ھت ئي مري وڃان، تھ مھر ڪري، منھنجو مڙھھ ملير روانو ڪج، ۽ دفن ڪفن وير، مر ۽ لوبان جي بدران، ان کي منھنجي ڏاڏاڻي ڏيھھ جي ولين جو واس ڏج. ائين چئي، ساڻي ٿي ڪري پيئي.

مارئيءَ کي ھل ھلان ۾ ڏسي، عمر جي دل اٿلي آئي، سو ھڪدم سندس بند خلاص ڪيائين. پر ھڪواريءَ وري کيس وينتي ڪري، چيائين:

در، دروازا، دريون، ھاڻي ھتي ھو،

ڪوڙيين اڏيان ڪيترا، تنبو مٿاءَ تو،

جي مل نھ آيا، مارئي! تنين رڙ م رو،

ڪوڪٽ آھي ڪو، پسي پھنوارن ۾.

مارئي وراڻي ڏني تھ:

سنھي سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھھ،

ويٺي ساريان، سومرا! گولاڙا ۽ گاھھ،

ھيون مھجو ھت ٿيو، ھت مٽي ۽ ماھھ،

پکن منجھھ پساھھ، قالب آھي ڪوٽ ۾.

اھڙو ست ۽ سچائي ڏسي، عمر جو من ڀڄي پيو. ھاڻ ھن ستيءَ کي پنھنجي سڳي ڀيڻ ڪري سمجھڻ لڳو، ۽ مارن ڏانھن ماڻھو مڪائين تھ، اچي پنھنجي امانت وٺي وڃو. ھي سنھيو سڻي، ويچارن مارن ۾ نئون ساھ پيو. پر شڪ پين تھ متان عمر اسان کي ڪوڙو دلبو ڏيندو ھجي، سو ھڪ اوٺي سنڀرائي روانو ڪيائون تھ وڃي سڌ سماءُ لھي اچي. اوٺيءَ امرڪوٽ ۾ پھچي مارئيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ دلداري ڏيئي چيائينس تھ، جھڙو ست سيل رکيو اٿيئي، تھڙو ئي رکيو اچجانءِ. اجھو واھرو وريا ڪي وريا. پوءِ وھلو ئي ملير موٽيو، ۽ مارن کي وڃي سارو حال سڻايائين. ساري ڏيھھ ۾ واڌايون وري ويون. پوءِ تھ مارئيءَ جا مائٽ ۽ کيت سين گڏجي امرڪوٽ آيا. عمر ساڻن وڏا سھج ڪيا، ۽ مارئي کي سوکڙيون سڙيون ڏيئي، کيس سندن حوالي ڪيو. (4)

تاريخ طاھري جو مصنف چوي ٿو تھ کيت سين جي من ۾ مارئيءَ بنسبت بدگمان ويھي ويو، سو کانئس گوشو پيو ڪندو ھو، ۽ اٿندي ويھندي ويڻ پيو وجھندو ھوس. سانگ سان عمر کي پتو پئجي ويو تھ ڪيئن نھ کيت سين مارئيءَ جي ست ۾ شڪ آڻي، خود سندس بدنامي ڪري رھيو آھي. ڏاڍي مٺيان لڳيس، سو ھڪدم فوج سنڀرائي، مارن تي حملو ڪرايائين. مارن کي بھ کڙڪ پئجي وئي، سو اٿي ڀڳا. ھاڻ تھ ھيڪاري وڌيڪ چوپچو ٿيڻ لڳي. تنھن تي عمر ماڻھن کي چوڻ لڳو تھ ھن ستيءَ جو ور ڇو ٿو کيس مفت آزاري؟ اھا ڪا خبر پويس ٿي تھ ائين ڪرڻ سان نھ فقط پنھنجيءَ زال جي، پر منھنجي بھ شھرت ناس ٿو ڪري؟ ھيءَ روئداد ڏسي، مارئيءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو. پوءِ ھيءَ پتورتا، نيات جي زالن کي تسلى ڏيئي، پنھنجي ست جي زور تي سڌو عمرڪوٽ لنگھي وئي، ۽ وڃي چيائينس تھ تون ھن ملڪ جو والي آھين، جي اھڙا ابتا پار نھ ھلين ھا، تھ اڄ نھ پاڻ کي پڻائين ھا، نھ مون کي. پرائي لڄ کي ٻارھن مھينا ڪوٽ ۾ قابو رکي، ناحق ھن کي شڪ شبھي جو شڪار بنايئي! لوڪ کي سچ ڪوڙ جي ڪھڙي ڪل؟ جي اسان تي بھتان رکيائون، تھ ان ۾ ڪھڙو عجب؟ غيرت وچان جي منھنجو ڀتار مون کي ھڻي ماري وجھي، تھ بھ ڏوھي نھ چئبو. تلافي تھ ڪان ڪيءِ، اٽلو آيو آيھن ڏکويلن کي وڌيڪ ڏکوئڻ! پنھنجا افعال ساري، امين ٿي ڏس تھ ڪنھن جو ڏوھھ آھي. عمر کي اھا ڳالھھ دل سان لڳي آئي، ۽ پنھنجي ڪئي کان پشيمان ٿي، فوج واپس گھرائي ورتائين. پوءِ کيت سين کي سڏائي چيائين تھ، قسم کڻي ٿو چوان تھ مون ڪا خيانت ڪانھ ڪئي آھي. انھيءَ ڳالھھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ آءٌ ھندو ڌرم جي ڪھڙيءَ بھ پريکشا لاءِ تيار آھيان.(5) پر مارئيءَ نھ مڃيو. چوڻ لڳي تھ پريکشا مون کي ئي جڳائي، من ائين ئي پاڻ تان ۽ پنھنجي ڪر تان ڪارنھن جو ٽڪو لاھيان. اھا رٿ قبول ٿي. پوءِ ھڪ آڙاھھ تيار ڪرايو ويو، ۽ منجھس ھڪ لوھھ جي سيخ تپائڻ وڌي وئي. جڏھن اھا تپي لعل ٿي، ۽ کوڻ جيئان جھلڪا ڏيڻ لڳي، تڏھن مارئي ان کي ھٿن ۾ جھلي بيٺي. خدا جي جوڙ، جو لھس بھ ڪانھ آيس. ھاڻ ھندن جي نظر ۾ ھوءَ سڀ عيب کان آجي ٿي، ۽ سڀني کي تصديق ٿي تھ ھوءَ تحقيق ستي آھي. قدرت جو اھڙو عجب رنگ پسي، عمر بھ پنھنجيءَ سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ متي مچ ۾ ڪاھي پيو. سندس وار بھ ونگو نھ ٿيو. ھاڻ ماڻھن جا وات بند ٿي ويا. ھن کان پوءِ کيت سين ۽ مارئي پاڻ ۾ محبت ونڊي، باقي حياتيءَ جا ڏينھن سک سانت ۾ گذارڻ لڳا. (6)

 

ھن قصي ۾ آيل تمثيل

ھن سر ۾ شاھھ انسان جي اصلوڪي وطن جي اپٽار ڪئي آھي. ڪو وقت ھو، جو ھيءُ سارو عالم عدم جي اوڙاھھ ۾ غرق ھو. پر جڏھن خدا خواھش ڪئي تھ پنھنجي ذات ۽ صفات جي لڪل خزاني کي کولي ظاھر ڪريان، تڏھن ڪن چئي، ڪائنات کي وجود ۾ آندائين، ۽ انسانن جا روح خلقي، انھن کان وفاداري جو واعدو وٺي، کين عالم ارواح ۾ رکيائين. جيئن مارئيءَ ملير ۾ جھل پل بنا، سرتين سان پاڻ ريجھائي، روح رچنديون پئي ڪيون، ۽ پنھنجي محبوب کيت سين سان محبت ونڊي، سندس خذمت ۾ حياتي سڦلي پئي ڪئي، تيئن روحن بھ وحدت جي واديءَ ۾ ھڪ ٻئي سان رھاڻيون ڪري، عرش جي ڪنگرن مٿان پکين جيان پرواز ڪري، پنھنجي رب جي الفت ۽ عبادت ۾ زندگي صرف پئي ڪئي. آخر جڏھن اھبطو(7) جو امر ٿيو ۽ روح جسماني جامو پھري، عرش تان لھي فرش تي پيا، تڏھن ساڻن اھڙي ڪار ٿي جھڙي مارئيءَ سان امرڪوٽ ۾.

ھاڻ روح نھ فقط اچي دنيا جي ڪوٽ ۾ قابو ٿيا، پر نفس جي ڦندي ۾ پڻ ڦاسي ويا. ڪيترا تھ مجازي مزن جو شڪار بنجي، پنھنجو ساڻيھھ وساري ويھي رھيا. حديث ۾ فرمايل آھي تھ الدنيا سجن للمؤمنين و جنة للڪافرين يعني: ھيءَ دنيا مومنن لاءِ قيد آھي ۽ ڪافرن لاءِ بھشت اصيل انسانن کي ھن بنديخاني ۾ بنھھ آرام نٿو اچي. جيئن مارئيءَ جو قالب ڪوٽ ۾ ھو، پر قلب ملير ۾، تيئن اھڙن انسانن جو بھ بت بنديخاني ۾ آھي، مگر سندن من ھميشه لامڪان ۾ پيو وسي. رات ڏينھن حقيقي محبوب کي ساري اکين، مان ارتو آب پيا ھارين. ھوڏانھن نفس بھ عمر ونگر کنجون کنيو بيٺو آھي تھ کين ڌتاري، ڌڻي کان ڌار ڪريان. گھڻي ئي تاب دڙڪا ٿو ڪرين، گھڻي ئي لوڀ لالچون ٿو ڏئين، پر ھو مارئيءَ وانگر ثابت قدم رھي، نڪي ٿا ساڻيھھ جي سار ڇڏين ۽ نڪي ٿا محبوب کان منھن موڙين، اٺ ئي پھر نفس سان جنگ جوٽيندا پيا اچن. نفس بھ آخر نااميد ٿي، سندس پچر ئي ڇڏيو ڏئي. پوءِ جيئن ملير مان مارئيءَ جي مدد لاءِ ھڪ قاصد ڪھي آيو ھو، تيئن اھڙن مقبول ٻانھن لاءِ بھ خدا جي طرفان ڪو نھ ڪو ھادي اچئو پيدا ٿئي، جو کين نفس جي قيد مان آزاد ڪري، وڃئو ابد لاءِ محبوب جو مشاھدو ماڻائي.

جاميءَ پنھنجي ڪتاب يوسف زليخا ۾ ھن حقيقت ڏي نھايت دلچسپ اشارو ڪيو آھي:

دلا تاکي درين کاخ مجازي

کني مانند طفلان خاکبازي؟

توئي آن دست پرور مرغ گستاخ

کھ بودت آشيان بيرون ازين کاخ،

چرا زان آشيان بيگانھ گشتي؟

چو دونان چغد اين ويرانھ گشتي؟

بيفشان بال و پرز آميزش خاک

بپر تان کنگر ايوان افلاک.

يعني: اي روح! تون ھن مجازي محلات ۾ ڪيترو وقت ٻارن وانگر مٽيءَ سان پيو کيڏيندين؟ تون اھو دادلو ڪوڏ نپايل پکي آھين، جنھن جو اصلوڪو آکيرو ھن فاني محلات کان ٻاھر ھو. ڇو انھيءَ آکيري کي ڇڏي، ويڳاڻو ٿيو، چٻري وانگر ھن دنيا جي ويراني ۾ پيو ڀٽڪين؟ ھن دنيا جي خاڪ پنھنجن پرن تان ڇنڊي، وڃي عرش جي ڪنگرن تي پرواز ڪري ويھھ.

 

حوالا

1.           تحفة الڪرام جي سند موجب عمر سومري 1255ع کان وٺي 1390ع تائين حڪومت ڪئي. پر تاريخ طاھريءَ جو مصنف چوي ٿو تھ خبر نھ ٿي پوي تھ عمر ڪيترو وقت حڪومت ڪئي، پر سارو وقت ناشايستھ عملن ۾ صرف ڪيائين ۽ رعيت جي شرم ۾ ھٿ وجھڻ جي بڇڙي علت ھوندي ھيس.

2.          ڪي قصھ نويس ماڏوئيءَ کي مھراد يا مھراڏي بھ ڪري سڏين ٿا. برٽن صاحب پنھنجي ڪتاب سنڌ ۽ ان جا ماڻھو (ص- 107) ۾ مارئيءَ جي ڳالھھ ڪندي، چوي ٿو تھ ماڏوئي اصل لاکي ڦلاڻيءَ جي گھر ۾ ھئي، جتان پالڻو کيس ڀڄائي، ملير ۾ وٺي آيو ھو. ان وقت مارئي اڳي ئي گرڀ ۾ ھيس. ڪڇ ملڪ جي ڪھاڻين ۾ پڻ اھڙو اشارو ٿيل آھي، مگر انھن ۾ ڄاڻايل آھي تھ پالڻي مھراڏيءَ کي ڌرم جي ڌيءُ ڪري سنڀاليو. پر اھا ڳالھھ نڪي شاھ جي ڏنل احوال، نڪي تاريخ طاھريءَ ۽ تحفة الڪرام جي مطابق آھي. شڪ نھ آھي تھ ڪنھن قصھ نويس جي دماغ جو دم پختو آھي.

3.          امرڪوٽ ملير کان پنجاھھ ڪوھھ پري آھي. رسالي جي قلمي نسخن ۾ امرڪوٽ جو لفظ الف ۽ نھ عين سان لکيل آھي. اھا ئي صحيح ھجي آھي، ڇو تھ امرڪوٽ جو شھر پرمار گھراڻي جي راجپوت امر سنگھھ اٽڪل يارنھن صديءَ عيسويءَ ۾ ٻڌايو ھو، ۽ عمر سومري سان ڪوبھ واسطو ڪونھ اٿس. (ڏسو ٽاڊ صاحب جو تاريخ راجستان، جلد 2، ص-234)

4.          رواجي قصھ نويس مارئيءَ جي آزاديءَ جو احوال اور نموني ڪن ٿا. چون ٿا تھ کيت سين لڪ چوريءَ مارئيءَ کي امرڪوٽ وڃي مليو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ مارئي ڪو بھانو ڪري فلاڻي ڏينھن فلاڻي پير جي زيارت لاءِ ويندي، جتي کيت سين اٺ سميت ھڪيو ھوندو، ۽ کيس اٺ تي چاڙھي ساڻيھھ ڏي سٽيندو ويندو. پوءِ اھا رٿ عمل ۾ آڻي، مارئيءَ پاڻ کي آزاد ڪيو. تاريخ طاھريءَ توڙي تحفة الڪرام موجب مارئي ڀريا ٻارھن مھينا عمر جي بند ۾ ھئي.

5.          مارئيءَ جي ھندو يا مسلمان ھئڻ تي گھڻو بحث مباحثو ھلندو آيو آھي، پر تاريخ طاھريءَ جي ھن ۽ ھيٺ ايندڙ گفتي: ھاڻ ھندن جي نظر ۾ وغيره مان صاف ظاھر آھي تھ مارئي ھندو ھئي. شايد ھيل تائين ڪنھن تڪليف وٺي، اھو ڪتاب نظر مان نھ ڪڍيو آھي. انھيءَ ڪري ئي ايترو اجايو بحث ھلندو آيو آھي.

6.          تحفة الڪرام جو مصنف بھ اھا ساڳي ڳالھھ ٿو ڪري.

7.          يعني ھيٺ لھو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com