سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :8

 

 

ميھار ھن جي ھمت ۽ قرب ڏسي گد گد ٿي ويو، مگر جنھن صورت ۾ پاڻ اڃا نٻل ۽ نستو ھو، تنھن صورت ۾ لاچار قبول ڪرڻو پيس تھ آئيندي سھڻي وٽس تري وڃي. ھن کان پوءِ سھڻي ھر رات ھار سينگار ڪري، سياري توڙي اونھاري، درياءَ جي درندن جو خوف نھ رکي، لڙ لھريون لنگھي، وڃي پنھنجي حبيب سان ھيڪاندي ٿيندي ھئي، ۽ سندس ٽھل ٽڪور ڪري، اسر جو اچي گھر ڀيڙي ٿيندي ھئي. ميھار جي دونھيءَ جو شعاع سندس رھنما ٿيندو ھو. موٽي اچڻ بعد، گھڙو ڪناري تي ڪانه جي گھاٽن ٻوڙن ۾ لڪائي رکي ويندي ھئي.

ھڪ رات جو بدقسمتيءَ سببان، سھڻيءَ جي نيڻان کي سجاڳي ٿي. ھن کي ٻنڀي کان ٻاھر ويندو ڏسي، لڪي سنديس پٺيان لڳي، ۽ ساري حقيقت کان واقف ٿي، موٽي اچي گھر سکي ٿي. صبح جو ڀاءُ سان ڳالھھ ڪيائين. پوءِ ٻنھي سھڻيءَ کي گھڻو سمجھايو ۽ طعنا تنڪا ھنيا. پر سھڻي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، مقرر وقت تي پنھنجي منٺار کي پيئي گڏجڻ ويندي ھئي.

آخر جڏھن ڏٺائون تھ سھڻي مڙڻ جي نھ آھي، تڏھن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڀرجي ويا، ۽ پرن ڪيائون تھ ھھڙيءَ نابڪار ڀاڄ کي نھوڙي نيڻ گھرجي. جتي سھڻي گھڙو لڪائي رکندي ھئي، سا جاءِ نيڻاسن چتائي ڇڏي ھئي. ھڪ ڏينھن منجھند جو وڃي، پڪو گھڙو ٻوڙن مان ڪڍي، ان جي عيوض ھڪ پڪي دلي وانگر داءَ ڏنل ڪچو گھڙو رکي آئي.

ته سياري جي رات آھي، اڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇائنجي ويو آھي، چوڌاري اونداھھ انڌوڪار لڳو پيو آھي، سخت طوفان پيو گھوگھاٽ ڪري، درياءُ مستن وانگر موج ۾ پيو جھولي، ڪنن جو ڪڙڪو پيو پوي، لھرون لوڙا پيون ڏين، کنوڻ جا چمڪاٽ پيا پون، ۽ مينھن بھ اوھيرا ڪيو پيو وسي، ڄڻ تھ قدرت پنھنجي وس آھر سھڻيءَ کي چتاءُ ڪري رھي آھي تھ اڄ درياءَ ۾ گھڙڻ جو خيال من تان لاھي ڦٽو ڪر. سھڻيءَ جي دل ۾ بھ طرح طرح جا خيال ۽ خطرا اچڻ لڳا، پر ھيءَ دھلجڻ جي نھ ھئي ۽ سمن تي پوري رھي. عشق جي انڌ وچان، ڪچي گھڙي جي ڪل نھ رکي، ڪنن ۾ ڪاھي پئي. جڏھن وچ سير ۾ پھتي، تڏھن ڀيلو ڀرڻ لڳو. پر ھن ستيءَ ھمت نھ ھاري. ڪجھھ وقت ٻانھن ۽ پيرن سان ترندي وئي، پر نيٺ سندس عضوا ھڻي ھڻي، نستا ٿي پيا ۽ غوطا کاڻ لڳي. گھڻي ئي دانھون ڪوڪون ڪيائين ۽ ميھار کي سڏ ڪيائين. ميھار جو سندس لاءِ انتظار ڪڍي رھيو ھو، تنھن کي سڏن جو پڙلاءُ ڪن تي پيو، جنھن مان معلوم ڪيائين تھ سھڻي ٻڏڻ تي آھي. پاڻ ويچارو بلڪل ڏٻرو ۽ ضعيف ٿيو پيو ھو، تنھنڪري ملاحن کي ڏاڍيون ميڙون منٿون ڪيائين تھ پنھنجي مڏن تي چڙھي، سھڻيءَ کي بچائڻ جو ڪو بلو ڪريو. پر طوفان سبب ملاحن صفا نابري واري. تنھن تي ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي درياءَ کي پٽيندو پاراتا ڏيندو، پاڻيءَ ۾ گھڙي پيو، ۽ تري وڃي سھڻيءَ کي رسيو. پر ھيڻائيءَ سبب سھڻيءَ کي تارڻ جي طاقت ڪانھ رھي ھيس. آخر ٻئي ساڻا ٿي ھڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ درياءَ ۾ غرق ٿي ويا.

نڪو ساھڙ سڏ، نڪا سڄي سھڻي.

مرحوم شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ صاحب، پنھنجي ڪتاب سر سھڻي ص- 1 ۾ سھڻيءَ ۽ ميھار جو احوال ڏيندي چوي ٿو تھ اھو قصو پنجابي ڪتابن جو آھي، مگر سنڌ ۾ ٿورو ٻيءَ طرح چوندا آھن. چوندا آھن تھ سھڻي ذات جي واھوچي ھئي جا سنڌو درياءَ جي الھندي ڪناري تي رھندي ھئي، ۽ سندس مڙس جنھنجو نالو ڏم ھو، سو ذات جو سامٽيو ھو، ۽ درياءَ جي اڀرندي ڀر ڏانھن رھندو ھو، ۽ ميھار جو نالو ساھڙ ھو. چوندا آھن تھ جڏھن سھڻيءَ ۽ ڏم جي شادي ٿي، ۽ ڄڃ پتڻ تي آئي، تڏھن ميھار کان کير چڪو وٺي، سڳڻ خاطر، گھوٽ ڪنئار کي ڏنائون، جنھن جي پيئڻ سان سھڻيءَ جي دل ميھار سان اٽڪي ويئي ۽ منجھن حقيقي عشق اچي پيدا ٿيو. سھڻيءَ جي قبر شھدادپور شھر جي نزديڪ حيدرآباد ضلع جي ھالن واري ڀاڱي ۾ آھي. اتان ڪنھن زماني ۾ درياءَ وھندو ھو.

ساڳئي اھڙي قسم جو عشقيھ قصو يوناني ڏند ڪٿائن ۾ پڻ ڏنل آھي. ھيلسپانٽ ڳچي سمنڊ جي ٻنھي ڪنڌين تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٻھ شھر ھئا، جن مان ھڪڙي جو نالو آبيڊاس ھو ۽ ٻئي جو سيسٽاس. سيسٽاس ۾، ھيرو نالي ھڪ سھڻي ڪنيا، وينس ديويءَ (زھره) جي مندر ۾ شيوڪ ٿي گذاريندي ھئي، ۽ آبيڊاس ۾، ليئنڊر نالي ھڪ حسين جوان رھندو ھو. وينس جي مندر تي سال بسال ھڪ وڏو ميڙو لڳندو ھو، جنھن تي ماڻھن جا حشام اچي مڙندا ھئا. ھڪ اھڙي موقعي تي ليئنڊر ۽ ھيرو جون اکيون پاڻ ۾ اڙجي ويون. پر جنھن صورت ۾ ھيرو وينس جي شيوڪ ھئي، تنھن صورت ۾ عمر تائين حق بخشايل ھوس، ۽ مندر کان ٻاھر نڪرڻو نھ ھوس. تنھن ڪري ھي ٻئي پاڻ ۾ ڳجھھ ڳوھھ ۾ پريت ونڊڻ لڳا. ليئنڊر ھر رات درياءَ تري اچي ساڻس ريجھھ رھاڻ ڪري، صبح جو موٽي ويندو ھو. نيٺ سندن ناتو بلڪل ڳوڙھو ٿي ويو. انھيءَ تي وينس ۽ ٻيا ديوتائون نھايت ڪوپ ٿيا. ھڪڙيءَ رات درياءَ جي ديوتا نيڇون سخت طوفان کڙو ڪيو. جنھن ڪري ليئنڊر لھرن ۾ لڙھي ويو. صبح جو جڏھن ھيرو کي خبر پئي، تڏھن ھن بھ پاڻ کي درياءَ ۾ اڇلي ڦٽو ڪيو، ۽ نيٺ ٻنھي جو ميڙائو موت ۾ ٿيو.

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

سھڻيءَ ۽ ميھار جي محبت جي ڳالھھ، جيتوڻيڪ نھايت ڏک ڀريل ۽ دل ڀڄائيندڙ آھي، تڏھن بھ رڳي سکڻي آکاڻي نھ آھي. منجھس ھڪ وڏي تمثيل رٿيل آھي. سر سريراڳ ۾ شاھھ، سنسار کي ھڪ مھاساگر سان مشابھت ڏني آھي ۽ انسان کي خدا جي طلب ۽ توھھ حاصل ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪئي آھي. ھت وري طريقت ۽ معرفت جي اپٽار ڪئي اٿس. جھڙيءَ ريت سھڻيءَ کي درياءَ تري، ميھار کي پار ملڻو ھو، تھڙيءَ ريت انسان کي بھ ھن مايا روپي دنيا جو درياءَ تري،  پنھنجي حقيقي محبوب سان وصال حاصل ڪرڻو آھي. مگر جنھن جو انگ ازل ۾ لکيل آھي، سو ئي اھڙي سڀاڳ جو ڳولائو آھي. سھڻيءَ جون بھ ميھار سان ميثار کان ئي لائون لڌل ھيون، تنھن ڪري ھن دنيا ۾ بھ وري اچي کيس ڳولي لڌائين. انھيءَ ڪري چئبو تھ سھڻيءَ مان مراد آھي: سالڪ.

سالڪ کي ٻن قسمن جي مصيبتن کي منھن ڏيڻو آھي: ھڪڙيرون بيروني، ۽ ٻيون اندروني. جيئن سھڻيءَ جي حالت ۾، درياءَ ۽ ان جا خوف خطرا بيروني مصيبتون ھيون، ۽ گھر اندر ڏم ۽ ان جا ڏکا اندروني مصيبتون ھيون، تيئن سالڪ جي حالت ۾، بيروني مصيبتون آھن: دنيا ۽ دنيويءَ تعلقات ۽ اندروني مصيبتون آھن: نفس ۽ نفساني وسوسا، اھي ٻئي ھن کي سنئينءَ راھھ کان گمراھھ ڪرڻ جي ھر وجه ڪوشش پيا ڪن. ساھڙ پرينءَ ڀر سڪيءَ ڏنيءَ تي آھي. جڏھن دنيوي درياءَ لنگھي پار پئبو، تڏھن ئي ان جو ديدار ٿيندو. ھاڻ جنھن صورت ۾ سالڪ کي اھڙيون بيروني توڙي اندروني آفتون درپيش آھن، تنھن صورت ۾ ھن کي ضرور ڪي ڪارگر اپاءَ ۽ وسيلا کپن، جن جي سھاري سندس مقصد حاصل ٿئي. سھڻيءَ جي حالت ۾، پھرين ڳالھھ جا بلڪل ضروري ھئي، سا ھئي خدا کي ٻاڏائي ڏم کي اگھور ننڊ ۾ وجھڻ، تھ متان ھو جاڳي کيس محبوب جي ملڻ جي سانباھيءَ ۾ رنڊڪ وجھي، ۽ ٻي ڳالھھ جا سنديس لاءِ ضروري ھئي، سا ھئي ڪنڀار وٽ وڃي گھڙو ھٿ ڪرڻ، جنھن جي مدد سان پار تري وڃي. سالڪ جي حالت ۾ بھ، اول شرط آھي پنھنجي ڏم جھڙي ڪوڙي ۽ ڪوڙھيي نفس کي قابو ڪرڻ، يعني عقل ۽ ايمان، عبادت ۽ رياضت جي رستي مٿس ضابطو رکڻ. جڏھن ھو ھن منزل کي رسي ٿو، تڏھن ھڪ نئين قسم جي ڪشش پيدا ٿئي ٿي، جا کيس ڇڪي، حقيقي محبوب جي ديدار جو مشتاق بڻائي ٿي. پوءِ ھن کي عشق جو آڳه وٺي، ڪنھن ڪنڀار، يعني مرشد ڪامل جي مدد سان طريقت تورڻي پوي ٿي. طريقت جو تڙ نھايت اڙانگو ۽ ترڪڻو آھي، ۽ امڪان آھي تھ سالڪ جو پير ڪنھن مھل بھ کسڪي وڃي. پر مرشد جي فيض جي نظر، جا ھڪ پڪي گھڙي مثل آھي، سا سندس رھبري ڪري، کيس معرفت جي دڳ لڳائي ٿي. پوءِ سالڪ کي محبوب جو ديدار حاصل ٿيڻ لڳي ٿو. پر جنھن صورت ۾ جسم، نفس ۽ حواسن جي بلا اڃا سندس گردن ۾ پيل آھي، تنھن صورت ۾ اھو ديدار گھڻو وقت جٽاءُ نٿو ڪري. پل ساعت کنوڻ وانگي چمڪاٽ ڪيو، الوپ ٿيو وڃي. انھيءَ ۾ ھڪ وڏي حڪمت رکيل آھي، ڇو تھ جيڪڏھن ڪا شيءِ جلد ۽ آسانيءَ سان ھٿ اچي ٿي، تھ ان جو پورو قدر نٿو پوي.

ھرکھ او ارزاڻ خرد ارزاڻ دھد،

گوھري طفلي بقرص ناڻ دھد.

يعني: جيڪو سھانگو ڳنھندو، سو سھانگو ئي وڪڻندو، ٻار ماڻڪ مانيءَ ٽڪر تي ڏيئي، ڇڏيندو. سو جيڪڏھن محبوب جو دائمي وصال ستت ئي ور پوندو، تھ سالڪ جي جيءَ اندر جا لوڇ آھي سا ھڪدم ماٺي ٿي ويندي.

انھيءَ ڪري ئي شاھھ چيو آھي تھ:

وصالا فراق جي، ٿي سڄي ڳالھھ ڳري.

ڪڏھن دوست جو در کليل ھوندو ۽ ڪڏھن تاڪي ڏنل ھوندي، يعني ڪڏھن بسط ھوندو ۽ ڪڏھن قبض، تھ سالڪ باقي رھيل کھيل جسمانيت ۽ خام طبع کي پھاڻ جيئن پچائي، رڪ جي حالت کي رسي، پاڻ کي پرينءَ جي پورڻ ۽ دائمي وصال جو پورو پورو لائق بنائيندو.

پر جنھن ھڪوار محبوب جو مشاھدو ماڻيو آھي ۽ جنھن وصال جي مھيءَ جي چڪي چکي ڏٺي آھي، تنھن کي دائمي ديدار ۽ وصال کان سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ سندس سڪ ۽ سوز کي نھايت نھ آھي. جيستائين محبوب سان نٿو ملي، تيستائين سندس جيءَ پيو جلي ۽ جيئن جيئن وڃي محبوب جو ديدار ڪندو، تيئن تيئن وڃي سندس سڪ زور پوندي.

جڏھن سالڪ ھن منزل کي رسي ٿو، تڏھن محبوب جي ديدار کان سواءِ ھن کي ٻيو ڪي بھ نٿو اجھي. پوءِ سڀ دنيوي توڙي ديني، بيروني توڙي اندروني لاڳاپا ۽ سنٻنڌ ٽوڙي، وسيلا ۽ آڌار وڃائي، گناھھ ۽ ثواب، نفع ۽ نقصان، ھار ۽ جيت، دک ۽ سک، جسم ۽ جان، جن مڙنئي مان ھن کي دوئيءَ جي بوءِ اچي ٿي، سي ترڪ ڪري، ۽ پڻ پنھنجي انفرادي ھستي وڃائي، موتوا قبل ان تموتوا (يعني: مرڻ کان اڳ پاڻ کي ماريو.)جو درجو پائي ٿو. ھن کان پوءِ ھو محبوب جو ھميشه لاءِ مشاھدو ماڻي ٿو، ۽ وحدت جو عميق، جنھن جو ھيءُ سنسار روپي ساگر بھ فقط ھڪ جزو آھي، تنھن ۾ لءِ ٿي، ساري سرشٽي پاڻ ۾ سمايل ڏسي ٿو.

سھسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مھراڻ.

ھاڻ سندس روح ۾ توڙي اکين کان ٻاھر، محبوب کان سواءِ ٻيو ڪي بھ نٿو ڀاسي ۽ ڪائنات جي ھر ھڪ جزي مان کيس حق جو جلوو پيو نظر اچي.

سڀت پچار پرين جي، سڀت ھوت حضور.

اھڙو جيون مڪت عارف، باقي حياتيءَ جا ڏينھن مشاھدي ۾ گذاري، موت لاءِ منتظر رھي ٿو، جو امر ڪيل وت تي اچي، سندس جسم جي ڪچي گھڙي کي ٽوڙي، کيس ابد تائين حق ۾ غرق ڪيو ڇڏي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com