سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :10

فصل 10

رسالي جي تصنيف ۽ تاليف

رسالي کي ڪراڙ جي ڍبڍ ۾ ٻوڙڻ وري لکجڻ ٻين شاعرن بابت ساڳيون روايتون شاعر پنهنجو ڪلام هرگز ضايع نه ڪندو اٺاون جا ٻه سبب رسالي ۾ ٻين شاعرن ۽ سگهڙن جي بيتن جي وچور ٽرمپ صاحب جو ڇاپو بمبئي ڇاپو سرڪاري ڇاپو مرزا قليچ بيگ جو ڇاپو مرزا صاحب جو رسالي نسبت رايو هي ڇاپو.

 

شاه عبداللطيف جڏهين وجد جي حالت ۾ ايندو هو، تڏهين بي اختيار ويندو هوڳ بيت چوندو، جي بروقت سندس فقير لکي وٺندا  هئا. مولانا جلال الدين رومي به ساڳيءَ طرح پنهنجو ڪلام چوندو هو، جو هڪدم سندس مريد ۽ دوست حسام الدين چلپي لکندو ويندو هو. عام اعتقاد آهي ته شاه وفات کان ٿورو اڳ، رسالي جا نسخا فقيرن کان وٺي، ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڦٽا ڪيا؛ ڇو ته  اهو خيال اچي پيسته متان ماڻهو سندس معنوي ڪلام جي رمز نه پروڙي، گمراهيءَ ۾ گرفتار ٿين. ڪي چون ٿا ته رسالي جو هڪ اڌ نسخو، ڪنهن فقير وٽ رهجي ويو؛ ۽ ڪي وري چون ٿا ته رسالن نهوڙن تي، شاه جي مريدن ۽ فقيرن واويلا مچائي ڏني. شاه کي رحم اچي ويو، جنهن پنهنجي هڪ مريدياڻيءَ مائي نيامت (نعمت)، جنهن  کي گهنا بيت بر زبان ياده ئا،ف رمايوته مريدن کي اهي بيت لکارائي. جڏهين اهو نسخو تيار ٿيو، تڏهين شاه ان کي پنهنجي نظرم ان ڪڍي، تصديق ڪئي؛ ۽ فرمايائين ته سندس ڪيترو ڪلام، صحيح نقل ڪيو ويو هو، انهيءَ نسخي کي گنج ڪري ٿا سڏين. اوائل ۾ اهو گنج،ل شاه صاحب جي وڏي خليفي تمر فقير جي سپرد ڪيو ويو؛ اڃا تائين سندس پويان ان جي حفاظت ڪندا اچن. گنج ۾ شاه جا بيت، بنا ڪنهن ترتيب يا سلسلي جي درج ٿيل آهن. شاه صاحب جي وفات کان پٿورو ئي پوءِ، فقيرن بيتن کي مضمون موافق بيهاري، سرن جي صورت ۾ آندو.

هاڻي، اهڙي قسم جون آکاڻيون، ٻين مشرقي شاعرن بنسبت پڻ ڏنيون وينديون آهن. امير دولتشاه سمرقنديءَ، پنهنجي ڪتاب تذکرةڪ الشعراء ۾ پڻ ڪيترن شاعرن بابت اهڙيون روايتون آنديون آهن. مثلا چوي ٿو ته مظفر هرويءَ مرڻ کان ٿورو وقت اڳ، پنهنجو ديوان درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو،. انهي لاءِ ته کائنس، پُءِ، سندس شعر جو نڪو ڪو قدر ڪري سگهندو، ۽ نڪا ڪا ان جي معنيٰ سمجهي سگهندو! چوندا آهن ته مشهور فارسي شاعر حافظ، پنهنجا غزل ٺڪرين تي لکندو، مٽ ۾ وجهندو ويندو هو، جي سندس نوڪر ٻهاري کڻي ٻاهر ڦٽا ڪندا هئا! پر سندس گهرو دوست  محمد گل اندام، جنهن سندس ديوان گڏ ڪيو، سو ته اهڙي ڳالهه ڪري ئي ڪانه ٿو. هو چوي ٿو ته آءٌ بار بار حافظ کي سمجهائيندو هوس ته اهي پنهنجا بي نظير گوهر هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي ڇڏ ته تنهنجي همعصرن ۽ پونين لاءِ هڪ سينگار ٿين؛ مگر هو هميشه هيءُ عذر ڏيندو هو ته ماڻهن ۾ قدر شناسي ڪم آهي.

اها ڳالهه بنه اعتبار جوڳي نه آهي هت ڪو شاعر پنهنجو ڪلام ناحق ضايع ڪندو. ڏسوته  انسان، پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پرگهور ڪرڻ ۾، ڪيتري نه دقت ۽ هلاکي وٺي ٿو؛ انيهءَ لاءِ ته سندس وفات کان پوءِ سندس در کليل رهي. ته پوءِ ڪئن شاعر چاهيندو ته پنهنجا روحاني دادلا، يعني شاعراڻا خيال، جي هن رڳن  جو رت ڏيئي اُپايا آهن، تن جو پنهنجي هٿهن سان گهات ڪري؟ مشهور انگري شاعر ملٽن ڪهڙي نه سهڻي ۽ پوري ڳالهه ڪئي آهي ته ڪابه عمدي تصنيف، هڪ اعليٰ انسان جي جگر جو خون آهي، جنهن کي هو واسي ڌوپي، هميشه جي جياپي لاءِ سانڍي رکي ٿو خود شاعرن کي به پنهنجي ڪلام جي قدر شناسي ٿئي ٿي. ڪيترن شاعرن پنهنجي ڪلام جي دوام جي خواهش، پنهنجي شعر ۾ اظهار ڪئي آهي. سچو شاعر هميشه حق ڳائي ٿو، ۽ حق ڪڏهين به مرڻ يا مارجڻ جو نه آهي. الحق يعلو ولا يعليٰ. فردوسي شاهنامي ۾ پنهنجي شعر به نسسبت ڇوي ٿو:

بنا هاي آباد گردد خراب، ز باران وز تابش آفتاب.

پيء افگندم از نظم کاخ بلند، که از باد و باران نيابد گزند.

اهڙيءَ طرح ڪيترن وڏڌن شاعرن، پارسي توڙي عربي، جن مان ڪن کي اولياء ڪري به ليکيو وڃي ٿو،  پنهنجي شعر جي پايندگيءَ جو ذڪرڪ يو آهي. مولانا رفومي به فرمائکي ٿو:

بعد از وفات تربت ما در زمين مجوي

در سينه هاي مردم عارف مزار ماست.

شاه عبداللطيف جيتوڻيڪ ٻين شاعرن وانگي، سڌيءَ طرح سان اهڙو اشارو ڪونه ڪيو آهي، پر تڏهين به هيٺين بيت ۾ اڻ سڌيءَ طرح، اهو خيال ظاهر ڪيو اٿس:

سڌر سين سڱ ڪري، پر کنڊين پياس

سڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄاڻي ڪيڻاس

هُند نه سنڌ سياس، هن پريين ڪيس پڌري

وقت آيو آهي جو شاه جي پڌرائي، سندس شعر جي ذريعي ديسان ديس ٿي ويندي؛ ۽ ڪهڙو عجب جو ستتئي سندس سخن جو سڳنڌ، وڇي ولايت کي به واسي؟

اهڙن اُٺاون ۽ بناون جا ٻه سبب ڀائنجن ٿا. هڪڙو ته اهي شاعر، جن کي اويلاء پڻ ڪري ليکيندا اهن، تن جي حالت ۾ سندن مريد ۽ فقير سمجنهندا آهن،  ته شاعري انهن جي ڪرامتن ۽ اچرجن اڳيان تڇ  به نه آهي. هو شاعرن جي ولايت تي گهڻو زور ڏيندا اهن، ۽ سمجهندا آهن ته شاعري سندس شان وٽان نه آهي. دولتشاهه به مشهور صوفي شاعرن به نسبت اهو ساڳيو خيال ظاهر ڪيو آهي. هر هڪ اهڙي شاعر لاءِ چوي ٿو ته شاعري دون مرتبئه اوست، يعني شاعري هن جي مرتبي کان گهٽ آهي، ٻيو سبب هيءُ آهي، ته اهڙي شاعر جي مريدن ۽ معتقدن کي خيال ٿيندو آهي، ته متان ماڻهو سمجهن ته ڪلام نهايت ٿورو آهي، يا منجهس ڪچايون آهن؛ تنهن لاءِ اهو بهانو پيش ڪندا آهن، ته جيڪو اصلوڪو شعر هو سو گم ٿي ويو آهي؛ باقي نقل وڃي رهيو آهي. اهڙيون ڳالهيون رڳو متين موڙهل ۽ ڳنڍين ڳوڙهل ماڻهن جي ويساه وڌائڻ لاءِ رچيون وييون آهن. هندو پنڊت به چودنا آهن ته سندن مشهور ڪاويه مهاڀارت، جنهن جهڙو لنبو ڪتاب دنيا ۾ ڪو ورلي لڀندو، سو اڃا به گهڻو لنبو هو. پر عالمن جو رايو انهيءَ ڳالهه جي اصل اُبتڙ آهي. اهو ڪتاب اصل ۾ پاڻ ننڍو هو، مگر وقت جي عرصي ۾، ڪيترن ٻين ماڻهن به پنهنجا شعر ڍاهي ڪري منجهس ٽنبيا آهن؛ جنهن ڪري هاڻوڪيءَ صورت ۾ مهاڀارت هڪ جهنگ بڻجي پيو آهي.  شاه جي رسالي  سان پڻ اهڙيائي ڪار ڪئي ويئي ٿي ڏسجي. سرن جا سر ۽ بيتن جا بيت، رسالي جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ درج ٿيل آهن، جن جي تصنيف جو شاه عبداللطيف سان ڪو واسطو ڪونهي. ڪيترن پارسي شاعرن، جهڙوڪ حافظ، حڪيم سنائي، محي الدين، جلال الدين رومي وغيره جا غزل، قصيدا ۽ مثنويون به شاه جو ڪلام سمجهي رسالي ۾ درج ڪيون ويئون آهن. اٽڪل پنجاه کن بيت، شاه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جا، ۽ چار پنج بيت قاضي قاضن جا به رسالي ۾ جاءِ بجاءِ داخل ڪيا ويا آهن. ازانسواءِ ڪيترن ٻين گم نام سنڌي سگهڙن، جهڙوڪ ڌوٻي، کٽي، مڱيل، عيسو، خميسو، ڪيسر، قطب، لاکو، لکمير وغيره جا بي حسا بيت پڻ، شاه جي ڪلام ۾ شمار ڪيا ويا آهن. ڪي بيت، جهڙوڪ عنات جا، اهڙا آهن جو پريان ئي معلوم پيو ٿئي ۽ شاه جي بيتن جواب جواب آهن. وري ڪي هندستاني،  پنجابي، سرائڪي وغيره وايون ۽ ڳڪافيون، جي ايامن کان ناچن ۽ مسخرن کان ٻڌبيون آهن، سي شاه جي سنجيدين ۽ من موهيندڙ ڪافين جي عيوض، ٽرمپ صاحب واري نسخي کان سواءِ، ٻين سڀني نسخن ۾ ڏنيون ويون آهن. هيٺيان سر ۽ داستان جي گهڻو ڪري سڀني نسخن ۾ نظر اچن ٿا، سي گهڻي تفهص ۽ غور کان پوءِ، ۽ بيروني ۽ اندروني ٿابتين بعد معلوم ٿيا آهن ته شاهه جو ڪلام نه آهن.

سر سسئي آبريءَ جي آخر ۾ ٽيهه اکري.

سر بيراڳ هندي، هن سر ۾ شاه عبداللطيلف جو نالي ماتر به بيت ڪونهي، ڪيترن مشهور هندي شاعرن، جهڙوڪ گورو نانڪ صاب، ڪبير ڀڳت، دادو، سمن، پرمانند، ڪالو وغيره جي ٻانين جو انتخاب ڏنل آهي. سر جي پڇاڙيءَ ۾ مولانا جلال الدين رومي:ءَ جي مثنويءَ جي  جدا جدا دفترن مان. اوليائن جي ساراه وارا بيت درج ڪيا ويا آهن؛ ۽ آخرين وائي،  مشهور حڪيم سنائيءَ جي تصنيف ڪيل مناجات آهي.

سر هير رانجهو. هن سر جي ٻولي نڪي نج پنجابڪي آهي، نڪي نج سرائڪي؛ بلڪ سيالڪي پيئي معلوم ٿئي. هير رانجهوءَ جو قصو ساري پنجاب ۾ اهڙو مشهور آحي، جهڙو عربيءَ ۾ ليليٰ ۽ مجنون ۽ پارسيءَ ۾ شيرين ۽ فرهاد، هير چوچڪ سيال جي ڌيءَ هئي، جو ضلعي مظفر ڳڙه جي هڪ ڳوٺ رنگپور ۾ رهندو هو. رانجهوءَ جو اصلوڪو نالو ديڌو هو، مگر ذات جو رانجهو  جت هو. انهن ٻنهي عاشقن جو قصو ڪيتنر ئي پنجابي شاعنر  نظم ڪيو آهي، جهڙوڪ نامودر پتواري، وارث شاه وغيره، رسالي ۾ ڏنل قصو به ڪنهن انهي طرف جي شاعر جو چيل آهي.

سر برو سنڌي ڇوٽڪو، هي سر فقط ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ئي ڏنل آهي. بيتن جي بناوت ۽ منجهن جيڪي خيال آيل آهن، سي اهڙا رواجي ۽ بيسواد آهن، جو پريان ئي پڌرو آهي ته ڪنهن سگهڙ جا ٺهيل آهن.

سر رامڪلي. ٽرمپ صاحب جي نسخي  کان سواءِ ٻين سڀني نسخن ۾، هر هڪ داستان ۾ ڪيترا بيت آهن، جي شاه جا چيل نه آهن، بمبئي ڇاپ رسالو ته سڀني کان گوءِ کني ويو آهي. داستان ٻئي ۾ سنياسين ۽ جوڳين جي ٻارهن ڏينهن جي ڪريا ڪرم جو بيان ڏنل آهي، پر مذڪور  ڇاپ ۾ ٻين اڙهن ڏينهن جو بيان به ڳنڍي، مهينو مڙئي پورو ڪيو ويو آهي. اهي زائد بيت، هڪ شاه جي مريد ولي محمد هالپوٽي جا چيل آهن. ازانسواءِ سر رامڪليءَ جي آخر واري ٽيهه اکري پڻ شاه جي چيل نه آهي.

سر ڪاپائتيءَ جي پڇاڙيءَ واري مت، اها مت فقط ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنل آهي، ۽ پارسي نظم مسمط جر طرز تي چيل آهي. اها پڻ شاه جو ڪلام نه آهي.

سر مارئي، هن سر جو دستان ڏهون، جنهن جي سٽ سٽ ۾ قرآن شريف جي هڪ نه ٻئي سورة جو هروڀرو نالو درج ڪيو ويو آهي، تنهن کي ڪنهن به صورت ۾ شعر چوڻ  مناسب نه آهي. ازانسواءِ چون ٿا ته اهو داستان هارون شاه نڱڳوري جي دماغ جو دمپختو آهي. اهڙيءَ طرح داستان يارهين ۾ به ڪا شاعراڻي خوبي ۽ لياقت نظر نه ٿي اچي. ڪنهن سگهڙ؛ شاه صاحب جا اڳين داستانن ۾ ڪم آيل لفظ ۽ اصطلاح گڏي ڳڙڌاڻي ڪري هڪڙو خود ڪشيدو داستان ڪري بنايو آهيد.

سر ڍول مارئي. هي سر ڍٽڪيءَ ٻوليءَ ۾  آهي ۽ ڀٽ واري نسخي ۾  نه ڏنو ويو آهي. انيهءَ مان ئي ثابت آهي ته اهو سر شاه جو ڪلام نه آهي.

سر ڌناسري. هن سر ۾ خود شاه عبداللطيف جي مدح ۾ بيت چيل آهن؛ ۽ پڻ ڪٿي ڪٿي شاه حبيب ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني وعيره جي سراه ڪيل آهي. شڪ نه آهي ته اهي بيت ڪن فقيرن ۽ مريدن جا لکيل آهن.

سر بسنت و بهار.  هيءُ سر بلڪل ننڍو آهي، ۽ هڪ داستان ۾ ئي سمايل آهي؛ ۽ گهڻو ڪري منجهس لاکي جا بيت ڏنل آهن. ازانسواءِ ڀت واري نسخي ۾ به عدم پيدا آهي.

ڊاڪٽر آرنسٽ ٽرمپ پهريون ئي شخص هو، جنهن شاه جي رسالي کي اونده مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ آندو. هن صاحب کي نيتوڻيڪ برطانيه سرڪار پئسي جي ڇڱي مدد ڪئي، تڏهين به گهڻي خرچ سبب، ڪيترا سر مارئي سميت ڇپائي نه سگهيو. ٽرمپ صاحب پنهنجي ديباچي ۾ چئِ ٿو ته کيس ٻه  جهونا عمدا قلمي نسخا هٿ آيا، جن کي هڪ هوشيار پڙهيل ڏيهيءَ پيٽي ۽ صحيح ڪري، سنسد لاءِ نسخو تيار ڪيو، جو هن سنه 1866ع عيسوي ۾، جرمني جي لپسيا شهر ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. شاباس آهي هن صاب جي همت ۽ سرجوشيءَ کي. پاڻ علم لغات جو ماهر هو ۽ رسالي جي ڇپائڻ ۾ سندس هڪ مقصد هيءُ به هو ته علم لغات لاءِ اُتساه  پيدا ٿئي. پر افسوس جو س نسخن مقبال ڪرڻ جو ڪم سڄو پنهنجي سر نه ڪيائين. مٿي ڄاڻايل ڏيهي صاحب انهن نسخن جو پورو قدر نه ڪيو؛ـ جنهن ڪري ٽرمپ واري رسالي ۾ ڪيتريون خاميون رهجي ويون. هڪڙو ته صورتخطي خود ٽرمپ صاحب جي چوڻ موجب،  نه آهي اصلوڪي نه هاڻوڪي، مگر سندس خود بناوتي. ٻيو ته تلفظ گهڻو ڪري 1866ع عيسويءَ وارو، ۽ نه اصل نسخن وارو استمال ڪيو ويو آهي. تيون ته نسخن جون ڪي پڙهڻيون ڏيهي صاحب کي سمجهڻ ۾ نه آيون اهن، جن جي بدران خود ڪشيديون پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. هڪ وڏي خوبي منجهس هيءَ آهي ته جيڪي وايون درج ڪيون ويون آهن، سي در حقيقت شاه جون آهن، جن جي عيوض ٻين ڇاپن، ۽ خود ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارن نسخن ۾، ناچن ۽ مسخرن واريون وايون داخل ٿيل آهن، پر ڪيترن سالن کان ٽرمپ صاحب وارو رسالو اڻ لڀ آهي.

سال 1867ع عيسوي ۾  وري قاضي ابراهيم جي سعيي سان، شاه جي رسالي جو هڪ سنگي ڇاپو،  بمبئيءَ ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڪن ماڻحن جي دل تي وهم ويٺل آهي ته اهو ڇاپو اصلوڪي رسالي جو سچو نقل آهي. پر هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو ڪڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾ جيڪو به ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاه جي نالي ڳائيندا آهن، يا جيڪي بيت مسخرا مجلس ۾ راند وجهندي ڍوندا  ويندا آهن وغيره، سي سڀ سواءِ ڪنهن تميز جي، منجهس ٿڦيا ويا آهن. ازانسواءِ هن نسخي جي صورتخطي جهوني آهي، جنهن  جي چڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.

سنه 1900ع ۾، سنڌ جي تعليم کاتي به شاه جو رسالو هاڻوڪيءَ صورتخطيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهي رسالي جي منڍ ۾  چيل آهي، ته اهو ڇاپو  ڀٽ واري نسخي ۽ مٿي ڄاڻايل ٻن ڇاپن کي ڀيٽي ۽ سڌاري تيار ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ رسالي کي سڌارڻ جي هام هنئي ويئي آهي، تڏهين به اسان کي رڳو  صورتخطي جو سڌارو ئي نظر اچي ٿو. هڪڙو ته ڪابه تڪليف هن باري ۾ نه ورتي ويئي آهي، ته شاه جو سچو ڪلام ڪهڙو آهي، جو جيڪر جڙتو ڪلام کان  ڇني ڌار ڪجي؛  ٻيو اُن کي عاملڪو لباس پهرايو ويو آهي، ڄڻ ته هاڻوڪو حيدرآباد وارو تلفظ ئي صحيح آهي؛ ٽيون ته قلمي  نسخن جون ڪيتريون صحيح پڙهڻيون ڦٽيون ڪري، قياسي پڙهڻيون اختيار ڪيون وييون آهن؛ ۽ چوٿون ته ڪنهن به تمييز ۽ تنقيد کان سواءِ مٿي ڄاڻايل ڇاپي وارن رسالن مان ورتل ڪي سر ۽ بيت زياده ڏنا ويا آهن. انهيءَ سرڪاري رسالي جا، هيل تائين ٽي ڇاپا هڪ ٻئي پٺيان ڪڍيا ويا آهن، پر ٽپڙ اُهي ئي آهن.

وري سنه 1913ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجو ڇاپو پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن صاحب گهڻي تڪليف وٺي سڀني اڳين ڇاپن، خصوصاََ بمبئي ڇاپي وارا وڌيڪ بيت داخل ڪيا، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي جدا جدا ڇاپن ۾ ڏنل بيت هڪڙيئي  هنڌ آسانيءَ سان ملي سگهن.

مرزا  قليچ بيگ صاحب پنهنجي ڪتاب شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال ۾، شاه جي رسالي ۾ جيڪي جڙتو ۽ ڌاريا سر ۽ بيت اچي ويا آحن، تن جو ذڪر ڪندي فرمائيٿو ته صحيح ۽ سچو نسخو شاه جي رسالي جو اڃان به گهربل آهي. سهگوئي ڪنهن علم واري کي دل ۾ خيال پوندو جو اهڙو ڪتاب ڇاپائي پڌرو ڪندو، ته پڙهڻ وارا پڙهي، خوش ٿي،د عا خير جي ڪندا. ۽ پڻ سگما پنهنجي ڪتاب سنڌ بابت ٿورو ذڪر ۾ وڏي افسوس سان اهڙي ساڳي شڪايت ڪئي آهي.

هاڻ سڀ ڇاپيل رسالا ۽ ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارا جهونا قلمي نسخا مقابل ڪري، ڌاريا ۽ جڙتو سر ۽ بيت، گهڻي غُر ۽ تنقيد بعد رد ڪري، شاه جي رسالي جو حتي المقدور سچو ۽ صحيح نسخو تيار ڪيو ويو آهي. لفظن جي هجي هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڏني ويئي آهي؛ مگر تلفظ لاڙيءَ ٻوليءَ وارو قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ جا سبب هي آهن: هڪڙو ته شاهه جا ابا ڏاڏا، جهڙوڪ شاه عبدالڪريم لاڙ جي نزدطيڪ رهدنا هائ ۽ خود شاه عبدالطيف جو به  لاڙ سان گهڻو لهه وچڙ هو. جنهن ڪري سندس تلفظ لاڙي هو، ٻيو ته ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارن جهونن قلمي نسخن ۾ ڏنل  تلفظ لاڙي آهي. ٽيون ته لاڙ پاري واسي جا ڳوٺاڻا ماڻهو اڃا تائين اهو تلفظ ڪندا اچن؛ ۽ چوٿون ته اهو تلفظ اصلوڪن اشتفاقن جي مطابق اهي. گهڻو تفاوت رڳو انهن لفظن ۾ آهي، جن ۾ هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ نون غنه ۽ ه اچن ٿا، جن جو ذڪر فصل  نائين جي پڇاڙيءَ ۾ ڪيو ويو آهي.

ڇانڊ ڇونڊ بعد به شاه جو ڪلام جهجهوئي آهي، جنهن کان وڌيڪ ڪهڙو به اعليٰ درجي جو شاعرم شڪل چئي سگهندو. جئن ڪنهن چمن ۾، گلاب جي ٻوٽي کي وليون ۽ وڻ وڪوڙي، ان جو ذاتي حسن ۽ جهلوو جهڪو ڪري ڇڏينديون آهن؛ تئن ڌارين ۽ بيگانن بيتن به شاه جي ڪلام جي اصلي سوڀيا تي ڇايا وجهي، ان کي البت بي رونق بنائي ڇڏيو هو. اميد ته هاڻ شاه صاحب پنهنجي نوراني جمال ۽ جلال سان نظر ايندو.

ز رويت آستين بردار و گوهر را تماشا کن.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com