سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :9

فصل 9

شاهه جون نحوي بناوتون

شاه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرت سان مشابهت حالتي پڇاڙيون جنس بي جان ضميرن جي حالت اضافت ضميري نشانيون فعل معروف فعل مرڪب اسم مرڪب ظرف ۽ حرف جي هاڻ متروڪ ٿي ويا آهن.

 

شاه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي مشابهت پراڪرت ساڻ، هاڻوڪيءَ سنڌيءَ کان وڌيڪ آهي. جيڪي نحوي قاعدا ۽ قانون، مشهور پراڪرت نحوين، ور  رچيءَ ۽ هيمچندر بيان ڪيا آهن، سي گهڻو ڪري شاه جي سنڌيءَ سان لاڳڪو آهن.

شاه جي سنڌيءَ ۾ پراڪرت وارين حالتي پڇاڙين جون گهڻيون نشانيون نظر اچن ٿيون، جي هاڻوڪيءَ سنڌيءَ مان يا ته گم ٿي ويون آهن. يا ته وڃن ٿيون آهستي آهستي گم ٿينديون؛ ۽ انهن جي عيوضي ظرف يا هرف جر لڳايا وڃن ٿا. هڪڙي حالت، جنهن کي سنسڪرت ۾ اپادان يا هيتو و ڀڪتي ڪري ٿا چون،تن هن جي عدد واحد جي پڇاڙي آت آهي، جا پراڪرت ۾ بگڙجي آدو ٿئي ٿي. مگر اها پڇاڙي جهونيءَ سنڌي ۾ بدلجي آءٌ ٿي پيئي ۽ وري گهٽجي آ جي سادي صورت ورتائين، ۽ بعضي وري ئون ۽ ٿيو ٿي پيئي. هاڻ انهن سڀني پڇاڙين جا قسم، شاه جي سنڌيءَ ۾ ڪم آيل آهن. مثلاََ

هيجا = هيج مان، هيج سان. گهراءُ = گهر مان، گهر کان.

نرتون = نرت مان، فرت سان.

اها ئون شاه عدد جمع ۾ به ڪم آندي آهي. مثلاََ

ڏاگهنئون = ڏاگهن کان. اکينئون = اکين کان.

ڪُلنئون = ڪلهن کان، ڪلهن تان.

هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ آ کي غنو ڪري، آن ڪيو اٿن، ۽ فقط اها پڇاڙي ئي عام طرح مروج آهي. مثلاََ:

گهران، ويچان وغيره.

عدد جمع ۾ ئون، هاڻ بلڪل ورلي ڪم اچي ٿي، ۽ ان جي عيوض حرف جر، جهڙوڪ کان، مان وغيره ڪتب اچن ٿا.

سنسڪرت ۾ مڪاني حالت جي پڇاڙي اي آهي، جا پراڪرت ۾ گهٽجي ا ٿيو پوي. اها پراڪرت واري پڇاڙي، شاه جي سنڌيءَ ۾ هوبهو ڪم آيل آهي. مثلاََ:

هنڌ = هنڌ تي. ڪنڌ= ڪنڌ ۾، ڪنڌ تي.

ازانسواءِ شاه خود اسم جي حالتي صورت کي به مڪاني حالت واريءَ معنيٰ سان استعمال ڪري ٿو. مثلاََ:

سوري چڙهڻ= سوريءَ تي چڙهن. انگهن چاڙهن = انگهن تي چاڙهڻ. پر موجوده سنڌيءَ ۾ اسمن جي مڪاني حالت، ڪنهن حرف جر يا ظرف جي ذريعي ڄاڻائي سگهجي ٿي، سواءِ انهن اسمن جي، جن جي آخر ۾ ا آهي.

شاه جي سنڌيءَ ۾ حالت اضافت، اڪثر ڪري، حالتي صورت جي رستي ئي، بنا ڪنهن حرف  جر ڳنڍڻ جي استعمالڪ يل آهي. مثلاََ:

اي ڪم عاشقن = هي ڪم عاشقن جو. ڦلين ڇائون = ڦٽن جون ڇائون. حالت ندا، حالت فاعليءَ جي صورت ۾ ئي، سواءِ ڪنهن حرف ندا جي ڳنڍڻ سان، ظاهر ڪيل آهي. ڪڏهين ڪڏهين ته اسمن توڙي فعلن کي فقط ه گڏڻ سان حالت ندا جو مقصد حاصل ويو آهي. مثلاََ:

سنسڪرت ۽ پراڪرت، ٻنهي ۾ ٽي جنسون موجود آهن؛  جنس مذڪر، جنس مؤنث ۽ جنس بي جان، هندوستان جي هاڻوڪين آريه ٻولين مان فقط گجراتيءَ ۽ مرهٽيءَ ۾، اڃا تائين اهي ٽيئي، جنسون قائم آهن؛ باقي ٻين ٻولين مان جنس بي جان، متروڪ ٿي ويئي آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ مان پڻ گم ٿي  ويئي آهي. پر شاه جي سنڌيءَ ۾ انهيءَ  جنس جا ٿورا گهڻا آثار معلوجم ٿين ٿا. ڪن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اون آيل اهي مثلا: پرينڻون، هيون، اها پڇاڙي پراڪرت ۾ بي جان جنس جين شاني آهي ۽ پڻ  گجراتيءَ ۾ ائين آهي. پر هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ انهيءَ  اون کي او بنائي، بي جان جنس وارن لفظن ۾ مذڪر ڪيو ويو آهي.

ضمير متڪلمل واحد جي حالت اضافت، شاه جي سنڌيءَ ۾ آهي مهجو، پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ حالت اضافت رڳو مـﮣ آهي، جو اصل سنسڪرت مم مان نڪتل آهي. جهونيءَ سنڌيءَ ۾ اصلوڪي پراڪرت حالت اضافت جو حرف جر زياده ڳنڍيو اٿن. موجوده سنڌيءَ ۾ وري مـﮣ کي نون غنو ڏيئي، منهن ڪري اُچار ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير حاضر واحد، جي هاآڻوڪي اضافت، تنهنجو،  شاه جي سنيڌءَ ۾  آهي تهجو، جو پڻ مٿي ڏيکاريل ريت، پراڪرت ۽ اپڀرفش ته مان ورتل آهي.

سنڌيءَ ۾ ضمير موصول آهي، جو، پراڪرت ۾ پڻ ضمير موصول ساڳيوئي آهي، جو اصل سنسڪرت ۾ يو آهي. انهيءَ ضمير موصسول جي پراڪرت ۾ صورتي حالت آهي جس، جو الهنديءَ پنجابڪيءَ ٻولي:ءَ ۾ اڃا تائين استعمال ۾ آهي. پر شاه جي ڏينهن واريءَ سنڌي ۾ س ڦري ه ٿئي ٿي، جنهن ڪري جس بدلجي جه ٿي پيول آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ جه ڦري جنهن ٿي پيو آهي. اهڙيءَ ريت پراڪرت تس، سنسڪرت تسيه، پنجابي تس، سپراڻيءَ سنڌيءَ مٽجي ته ٿيو؛ ۽ هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ تنهن ٿي پيو آهي. هاڻوڪو ضمير استفهام ڪنهن، سو پراڪرت ۾ ڪس سنسڪرت ۾ ڪسيه، پنجابيءَ ۾ ڪس، ۽ شاه جي سنڌيڇءَ ۾ ڪه آهي. اهو ساڳيول لفظ ضشمير مبهم طور به ڪم آيل آيه.

ضميري، نشانين جو اسعتمال، جهونيءَ سنڌيءَ ۾ گهڻي قدر ڪيل آهي. اهي اسمن، حرفن، ظرفن، ۽ فعلن جي آخر ۾ لڳايون ويون آهن. شاه پڻ اهي نشانيون اڪثر هنڌن تي ڪم آنديون آهن، جنهن ڪري بعضي بعضي جملن جي بناوت ۾ قيدري مونجهارو ٿيو پيو، خص ڪري جڏهين اهي نشانيون ظرفن ۽ حرف جرن کي لڳايون ويون آهن. مثلاََ: ڪڻ = کي انهيءَ کي جڏهن ضميري نشانيون لڳائجن ٿيون، تڏهن هيٺيون صورتون وڍي ٿي:

ڪڻم = مون کي. ڪڻس = هن کي. ڪڻن يا ڪيڻان = انهن کي. اهڙيءَ طرح ساڻ:

ساڻم = مون سان، ساڻس = هن سان. ساڻن، يا سيڻان = هن سان. پر جڏهين اهي نشانون اسمن پٺيان اينديون آهن، تڏهين اضافت جي معنيٰ ڏيکارينديون آهن. مثلاََ

نيڻان = هنن جا نيڻ، اوتاران = سندن اوتارا پريم = منهنجا پرين. اهڙيءَ طرح اهي نشانيون جڏهين زمانن جي آخر ۾ اينديون آن، تڏهين انهن مان شخصي ضميرن جي معنيٰ نڪرندي آهي. مثلاََ

پيتوءِ = تو پيتو. ٿيون = هنن کي ٿيو، پڙهيم = مون پڙهيو.

فعل معروف، ۾ اڪثر  ڪري زمان مضارع جي ضمير واحد  غائب جي پڇاڙي اي گهٽجيءِ ٿيو پيو. مثلاََ:

روئي = روءِ، چوي = جوءِ، پوي = پوءِ

اهڙيءَ طرح جمع غائب ۾ مثلاََ:

چون = چونن، روئن = رون نين = نين. ڏين = ڏين.

شاه عبداللطيف، پنهنجي ڪلام  ۾ مرڪب فعل به ڪيترن هنڌ ڪم آندا آهن، جن فعلن جي معنائن کي گهڻي نزاڪت ڏين ٿا. مثلاََ:

آني آڙائڻ، پڙهيو پڙهڻ. نباهي نيڻ.

شاه اسم مرڪب به خوب استعمال ڪيا آهن. نسڪسرت ۽ پراڪرت ۾ چئن قسمن جا مکيه اسم مرڪب استعمال ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ دوندو، تپرش، بهوريـﮣ؛ ۽ اوييڀاو. هاڻ  انهن سڀني جا مثال، شاه جي سنڌيءَ ۾ ملي سگهن ٿا. مثلاََ:

تن طبيت، سنجهه صباح، اوتر واءُ، سور ڌڻي، چوڏهي ماه چنڊ، پاڻا ڌار پريتون، ٿورو ويرمو، واڄي وٽ.

ڪيترا ظرف ۽ حرف جي اصل پراڪرت مان نڪتل آهن، سي شاه جي سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪم آيل آهن، پره اڻ جئن وقت گذرندو پيو وڃي، تئن منجهائن ڪيترا وڃن ٿا متروڪ ٿيندا. مثلاََ:

ظرف؛ آپر = گهڻو، آت = تمام. جيڪس = شايد. ڪر = تحقيق، شايد، گويا. نڪڻي = بلڪل، اصل، جار، جال = مئو، گهڻو. پوڄ = گهڻو. اوڙڪ + نيٺ آخر. پئا = پٺيان. پڄاڻا.، مهدا = اڳيان.

حرف جر: پر= مٿان. سينءَ = تائين. ڪنا = کان، ڳري، ڳر = وٽ، ڪر = لاءِ خاطر، پڄاڻا = بعد سر= تي. ڪارڻ = لاءِ واسطي. ملاءِ = کان. مڻي = ڏانهن.

حرف جملو ۾ په، پي، ڀي = پڻ. توءِ = تنهن هوندي به، جيلا، جيله = جنهن صورت ۾، ڇاڪاڻ ته، جيڏانهن. تيلاه، تيله، تيلان = تنهن صورت ۾، تنهن ڪري، تيڏانهن. تي= تنهن ڪري.

تيلي روءِ = تهڙي طرح. مڇڻ = متان. جه =  جڏهن، جيڪڏهن. ڪه، ڪين = يا مر = ڀل ته. ور = بهتر.

حرف ندا؛ پس، پسو = ڏس! ڏسو! ٻرٻر! = افسوس افسوس!، وارو = فرياد! مدد!، وو وو! = اڙي اڙي

هاءِ هاءِ!. لو! الو! = واه واه!، ڏسو!

شاه جيڪي لفظ ڪم آندا آن، تن مان گهڻن جو تلفظ انهن جي اصلوڪي پراڪرت لفظن جهڙو آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ ڪيترن لفظن ۾ هروڀرو نون غنه يا ه زياده وڌي ويندي آهي. مثلاََ:

هاڻوڪي سنڌي        شاه جي سنڌي       پراڪرت       سنسڪرت

نينهن          نيـﮣ             نيـﮣ             سنيـﮣ

هنيون          هيون           هئون           هرديه

ڪالهه         ڪال           ڪال           ڪليه

ملـﮣ            مل             مل             موليه

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com