سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو 5

فصل 5

شاهه جو شعر۽ شاعري

شعر جي زندگي شاه ۽ ٻيا شاعر شاه جي بزرگي جمال ۽ حق جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي شاعر جي صنعت: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش شاه جن مختلف لياقتون سندس اوج ۽ زندگي

 

سنڌ ڏيهه ۾ شاعرن  جي ڪمي ڪانهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ اڃا تائين به پيا پيدا ٿيندا. جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن؛ تيستائين شعر جو ميدان پڻ گرم رهندو. پر شعر کي به لاها چاڙها آهن. بعضي سندس زمين آباد آهي، ته بعضي غيرآباد ، جڏهين انساني سڀاءُ، روحاني شين کان وڌيڪ، جسماني شين ڏي مائل ٿيندو آهي، تڏهين شعر جي بازار به البت بي رونق ٿي ويندي آهي، پر وري وري نوان نوان  رنگ روپ ڌاري وڃي پنهنجي اصلوڪي اؤج تي رسندو آهي. شعر، نيڪ نيتن، پاڪ خيالن، ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪر هاڻ پڻ ڪو وڏو شاعر فطرت جي ڪک ۾ سمايل هجي، جنهن  جي آجي ٿيڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي.

سچل ۽ ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا هر ڪنهن سئا هوندا. هر هڪ جي ڪلام ۾ پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي. ڪن پڙهندڙن کي هڪڙي مان مزو ايندو، ته ڪن کيد ٻئي مان. پر شاه عبدالطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو. اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل لڀندو،  جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه  هوندي؛ ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو، جتي سندس شعر جو پڙاڏو ڪن نه پوندو. سندس شاعراڻيءَ خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي. شاه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هيءُ آهي، ته جئن جئن اسين سندس شعر تي اونهو غورڪ نداسين، تئن تئن اسان ۾ نئين نئين حيرت اُتپن ٿيندي. ٻين شاعرن جي خيالي قوت پڻ چڱي آهي، مگر شاه جي دز کي به نه رسي سگهندا. شاه جو ڪلام، خواه خلوت ۾ پڙهبو خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون؛ ۽ سندس طبع جي فراوانيءَ جي شاهدي ڏينديون. ۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهدني، جا اڳي اک کان گسي ويئي هئي. اهڙو ڪو ورلي  لڀندو جنهن کي شاه جي مهراڻ مان معنيٰ جا موتي هٿ نه آيا هجن، يا جو سياڻپ ۽ ساڃاه جي سبق پرائڻ کان محروم رهيو هجي.

جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهين.

وڃيو من لائين، پريان سنڌي پار ڏي.

ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي؛ ۽ جيتري قدر مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ اُمنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ طبيعي، جسماني، اخلاقي ۽ روهاني. مگر در حقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي؛ ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ مان ادنيٰ انسان به حسن تي حيران آهي، ۽ ڏانهس رغبت رکي ٿو، مگر اها رغبت اڪثر پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻ جي اڇا اُتپن ڪري ٿي. ڀل ته اها اڇا ڪيترو به اڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان گهڻي تائين  ريجهه رهاڻ ڪرڻ جي قابل نه آهي، ستتئي پنهنجي ڪامنا سڌ ڪرڻ جي ڪوششڪ ري ٿو، جو ئي سندس اصلي ۽  آخرين مقصد آهي. اهوئيس بب آهي جو هو قدرتي توڙي صنعتي حسن جي نظاري مان سگهوئي ڪڪ ٿيو پوي. پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حسن جي مشاهدي ڪري مٿس پيدا ٿئي ٿو، سو آهي سندس وجود جو ورق ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن واريءَ شيءِ جي مشاهدي سان ڀرجيو ٽمٽار ٿيو پوي؛ ۽ پوءِ اها شيءِ خواه ڪو قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ چمن جو چهچٽو، درياه جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر، ڪڪرن جي ڪارونڀار وغيره وغيره؛ خواه انساني حسن جو جلوو هجي، جهڙوڪ سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس، معشوق جو ناز ۽ سندس هار سينگڀار وغيره وغيره. شاعر اهڙي  مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪيو ڇڏي ۽ پنهنجي شخصيت کي وساري خود شيءَ جي آرسي بنجيو  پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پروڙيل حقيقت نس پس اها شيءِ نه آهي، مگر خود سونهن جو سر جنهن مان اها شيءِ ڦٽي نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ ٻئي پنهنجو پاڻ وڃايو ليءَ ٿيو وڃن. يوسف نالي شاعر اها حالت هن ريت نرفوار ڪئي آهي.

محبوب کي صورت مين گم هوکي ويکهه نظارا، آپ سارا.

شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمع مشاهدو نصيب ٿئي ٿو، مگر ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پاڻ سندس دل ۾ هڪ زبردست جنبش جاري ٿئي ٿي.  سيمابي صورتون، جي مشاهدي بعد سندس اڳيان تري رهيون آهيون. تن کي هڪ محڪم ۽ سهڻي شڪل ڏيئي، ٻين انسانن جي دلين ۾ پڻ اهڙن جذبن اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دل ۾ اُتپن ٿيا هئا. هو هاڻ پاڻ کي،گ ويا هڪ پيغمبر يا  داعي ڪري سمجهي ٿو. حق ۽  حسن جو  هوڪو ڏئي ٿو، ۽ انسان ذات جي اُنتيءَ ۽ آسايش جو ڪارڻ بنجي ٿو؛ ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان وٽان حياتيءَ ۽ حياتيءَ جي سچي مقصد جو سبق ڀليِءَ ڀت پرائي سگهن ٿا. سندس پيغام هڪ قسم جو الهام آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو:

شاعري جزويست از پيغمبري جا هلانش کفر دانند از خري

پر شاعر ۾  نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، مگر اُنس ان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنهن کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾، اهڙيءَ سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾، ۽ اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن، ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان پيئي ڦري. ازانسواءِ وزن ۽ قافيي جو پڻ ضررو آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو ڪولام وڌيڪ لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻگ هرجي، جو مانحن جي دلين تي بجليءَ جهڙو  اثر پيدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾ هئڻ واجب آهي، جن جي دوران شعر جو  حسن هيڪاري نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي. اهي خاصيتون آهن؛ فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش.

فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهين ڪڏهين، مگر هميشه شاعر جي ڪلام  ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو. بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا پور ۽ جذبا اُٿن ٿا؛ ڪڏهيدن غم ۽ غصو،  ڪڏهين کل ۽ خوشي، ڪڏهين ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهين مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهين عشق ۽ محبت، ڪڏهين بيتابي ۽ بيقراري وغيره وغيره. شاعر کي اهي سڀيئي حالتون اهڙيءَ صفائيءَ چٽائيءَ ۽ درستيءَ سان مختصر، مگر مائيدار لفظن ۾ ب يان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کُپي وڃي، ۽ سندس سحرنگاريءَ تي موهت ٿي پون.

سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام  ۾ اهڙا لفظ آيل هجن، جي رومره ماڻهو استعمال ڪن؛ ۽ استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن؛ ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر انهيءَ کي چئبو آهي،  جو ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي ته ازخود ائين چوي ته سچ آهي، ۽ ان جي سلاست سادگي ڏسي، دل ۾ اچيس ته اهڙو آءٌ چئي سگهان ٿو؛ مگر جڏهين چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون بطال ٿيو وڃنس. ابن رشيق قيرواني پنهنجي ڪتاب العمدة ۾ اهڙي شعر بابت هئن ٿو چوي؛

فا ذالقيل اطمع الناس طرا واذا ريم اعجز المعجزينا[1]

جدت جي هيءَ مراد آهي، ته شاعر کي گهرجي ته مضمون اهڙا علحدا علحدا اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي؛ يا جيڪڏهن ڪئي هجين، ته نه انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري، جو ائين معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جو نقل  يا تنبع ڪيو اٿس. ازانسواءِ پنهنجو مطلبن اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي وڃڻ ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي، جو پڙهند:ڙ جو ڌيان ٽٽي نه وڃي. ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽ اثر هجي، جو ڀائنجي ته اهي لفظ ۽ جملا اندر مان اُڌما ڏيئي نڪتا آهن.

شاه عبداللطيف ۾ مٿيون ڄاڻايل لياقتون هر طرح هيون.ا رواجي شاعرن جي ڪلام تي غور ڪبو ته ڏسبو ته  ٻسو ئي ٻسو آهي. يا ته رڳو حسن جون هاڪون ۽ عشق جون صدائون آهن. يا ته رڳو تصوف ۽ ويدانت جا متا مڙهيل آهن؛ يا ته فقط وحدانيت جي واکاڻ آهي، يا ته رڳو ڀڳتي مارڳ جي پلٽ آهي. اهو  حال نه فقط سنڌي شاعرن جو آهي، مگر اڪثر ڪري هندستان جي ٻين ڀاڱن جي شاعرن جو پڻ، پر شاه عبداللطيف جو شعر طرح طرح ڀاتين جو آهي؛ نهاجيت رنگين ۽ گوناگون آهي. هر قسم جي شاعريءَ جو استاد هو. سنڌ ڇڏيو، هندستان ۾ به سندس مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. سندس نالو دنيا جي نام ڪٺين شاعرن جي دفتر ۾ داخل ٿيڻ  جو هر وجه لائق آهي. شاه جي شاعراڻي  ڏات اهڙي اعليٰ درجي جي هئي، جو شاعريءَ جو  ڪوبه فن نه آهي، جنهن ۾ سندس دماغ درياءَ جي لهرن وانگر ڇوليون نه ماريون آهن. هر طرح جا مضمون سندس خيالي خزاني ۾ ميسر آهن؛ ۽ هر قسم جون  خوبيون سندس عبارت ۾ موجود. مختلف موقعن لاءِ سندس عبارت مختلف  آهي هر طرف کان سندس ذات باڪمال هئي. جيڪڏهن صرف شاعر ڪري ليکبس ته شاعرن جو شاه هو؛ جيڪڏهن صوفين جي صف ۾ شمار ڪبس ته فاني في الله هو؛ ۽ جيڪڏهن عاشقن جي قطار ۽ ڳڻبس ته عاشقن جو تاج هو. سندس ڪماليت جو دامن نهايت وسيع هو.

ليس علي الله بمستنگر، آن يجمع العالم في واحد.[2]

*


[1]  جڏهن اهڙو شعر چيو وڇي ته سڀ ماڻهو طمع ڪن ته اسين به هوند اهڙو چئي وڃون؛ مگر جڏهن ڪوشش ڪن ته انهن کي عاجز ڪيو وجهي.

[2]  خدا جي لاءِ مشڪل نه آهي جو ساري عالم کي هڪ شخص ۾  سمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com